صوفيا
ڪرامَ ۽ عوامي ٻوليون
عربن جي مادري زبان عربي هئي ۽ الله تعاليٰ جي
مادري زبان ۾ ئي قرآن مجيد نازل ڪيو. الله تعاليٰ
قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو:
”۽ جيڪڏهن اسان هن ڪتاب کي عربيءَ کانسواءِ ٻي
ٻوليءَ ۾ نازل ڪيون ها ته هو چون ها ته هن جا
احڪام چڱيءَ طرح ڇو نه سمجهايا ويا. هي نه عربي
ٻولي آهي ۽ نه اسين عرب آهيون.“ (سوره حم السجده،
آيت 44)
”اسان هن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو ته جيئن تون
سمجهين.“ (سوره الزخرف، آيت 2)
الله تعاليٰ عربن جي لساني گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ
قرآن مجيد سندن مادري زبان ۾ نازل فرمايو. پر جڏهن
اسلام جو غير قومن سان واسطو پيو ته غير عرب قومن
جون لساني گهرجون اڀري سامهون آيون ۽ مسلمان مبلغن
کي قران مجيد جو ترجمو ٻين ٻولين ۾ ڪرڻو پيو.
سنڌيءَ زبان ئي اها خوش قسمت زبان آهي جنهن ۾ سڀ
کان پهرين قرآن مجيد جو ترجمو ٿيو.
اسماعيلي داعين به مقامي ريتن رواجن، لساني گهرجن
۽ مقامي ماڻهن جي سڀاءَ کي نظر ۾ رکندي، اسلامي
عقيدن کي مقامي رنگ ڏيئي اسلام جي تبليغ ڪئي. سيد
اسلام شاهه اسماعيليءَ جا گپتي ۽ پرگهٽي مريد
مقامي لباس ۾ مقامي زبان ۾ اسلامي عقيدن جا
موحدانه ڀڄن ڳائيندا هئا.
پهلا سرجڻ هار دکانو، اس ڪون جپنا شڪ نه آئو.
هڪ طرف ته اسماعيلي داعين مقامي ثقافت ۽ مقامي
عقيدن جي حوالي سان، اسلامي عقيدن جي مقامي ٻولين
۾ تبليغ ٿي ڪئي ته ٻئي طرف صوفياءِ ڪرام، گُدڙڻ ۾
مهر ۽ محبت جا لعل لڪائي ماڻهن ۾ ورهائيندا ٿي
رهيا ۽ مقامي ثقافت جي رنگَ ۾ اسلامي عقيدن جي
تبليغ ٿي ڪئي. حضرت معين الدين چشتيءَ ملتان ۾
سرائڪي سکي ۽ سندس محفلن ۾ هندوستاني زبان ۾ چيل
گيت ڳايا ويندا هئا. بابا فريد نه رڳو سرائڪي زبان
۾ دوها چيا پر مقامي عقيدن جي رنگ ۾، مقامي ٻوليءَ
۾ وظيفا پڻ وضع ڪيا. مثال طور ويدانتيءَ آڏو جيو
آتما (روح) تي جڏهن ڪثرت جو فريب ظاهر ٿيندو آهي
تڏهن جيوآتما دانهن ڪندي آهي ته ”تت سوم اسي“ (تون
هو آهين). بابا فريد به ساڳئي مفهوم جو وظيفو وضع
ڪيو.
الله جي باري ۾ ويدانتي چوندو آهي. نيتي نيتي (هو
هي به نه آهي، هو هي به ناهي) بابا فريد به ساڳئي
مفهوم جو وظيفو وضع ڪيو:
اِهو نه تون، اُهو نه تون، اهو به نه تون.
بابا فريد جو سرائڪيءَ ۾ چيل هي دوهو:
ڪاگا ڪرنگهه ڍونڍوليا، سگلا کايا ماس،
اي دو نيڻ نه چوهيو، پر ڏيکڻ دي آس.
هنديءَ ۾ ترجمو ٿي ساري هندوستان جي مندرن ۾ گونجڻ
لڳو:
ڪاگا سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس،
يه دو نين نه کائيون، پيا ملِن ڪي آس.
شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ (1455ع) پنهنجو تخلص ” الک
داس“ رکيو جيڪو عبدالله جو ترجمو هو ۽ موحدانه ڀڄن
لکيائين:
يه جگ ناهي باج پي، بوجهه برهم گيان،
سو پائي، سو بلبلا، سوئي سرور جان.
حضرت شرف الدين بوعلي قلندر (وصال 1323ع)
سجن سکاري جائينگي، نيت مرينگي رو،
بڌنا، ايسي رين ڪَرو، ڀور ڪدي نه هو.
شيخ شرف الدين يحيٰ منيريءَ (1263- 1370ع) نانگ ۽
وڇون لاءِ جيڪو منتر ٺاهيو سو هندو توڻي مسلمانن ۾
مقبول هو:
ڪالا هنسا ناملا، بسي سمندر تير،
پنک پساري، بک هَري، نرمل ڪري سرير.
قاضي محمود دريائي:
ڪاجر ڊارون ڪنڪرا، سرمه سهيو نه جاءِ،
جن نينن ۾ تو بسي، دوجا اور نه سماءِ.
سيد محمد گيسو دراز:
اور معشوق بي مثال، نور نبي پايا،
اور نور نبي رسول ڪا، ميري جيو ۾ آيا،
اينس اپنيس دکاوني، ڪيسي آرسي لايا.
پير حضرت قطب عالم:
محمد پر مين کڙيا، سائين پرم چکائي.
سيد محمد مهدي جونپوري:
هون ٻلهاري سجنا، هون ٻلهار،
هون سرجڻ سهرا، ساجن مجهه گل هار.
شيخ بهاؤالدين باجن (1388ع):
يون باجن باجي ري، اسرار ڇا جي،
صندل من ۾ ڌمڪي، رب رنگ ۾ جهمڪي.
صوفي ان پر ٺمڪي.
روزي ڌر ڌر نماز گزاري، ديني فرض زڪات،
بن فضل تيري ڇوٽڪ ناهين، آگئي مک ۾ بات.
شاهه ميرانجي العشاق (1496ع):
ڪڀي نه رنگي مهدي رگون ڦول باس نه آيا،
رنگ نه رنگا دنتون اس ڪي، ڀيمي نه هارون ڪايا،
ڪهي منجهه پر سهاڳ الله ڪا، ڇٽ رهيا سهاوا،
اب ڪيون سر سهاوي دوجا، تم ڪو ناهي ٺاوا.
سيد شاهه هاشم علي العلوي (1649ع):
هاشم جي جهولان لهر، پيوين وحدت ڪي بحر،
هو دين متوالي سهر، دُني جيو قاتل زهر.
شاهه محمد جيوگام ڌني (1515ع):
ايڪ سمندر سات ڪهاوي، ڌونس بادل ۾ برساوي،
وهي سمندر هو بوند دکالي، نديان نالي هو ڪر چالي،
پيو ملا گل لاگ رهي هي، سک ۾ دک ڪي بات نه ڪيجئي.
هڪ پاسي ته صوفين ۽ درويشن مقامي ثقافت ۽ مقامي
ٻوليءَ ۾ مقامي عقيدن ۾ اسلامي عقيدن کي رڱي اسلام
جي تبليغ ٿي ڪئي ۽ کين عشق ۽ محبت جا ڀڄن،
ڪافيون، وايون ۽ دوها ٿي ٻڌايا ته ٻي طرف درٻاري
ثقافت جي حوالي سان اهڙي زبان ۽ شاعريءَ جي روايت
جي شروعات ٿي جنهن جو عوام سان ڪو تعلق نه هو.
مير، مرزا، حاتم ۽ ناسخ جي اصلاحي تحريڪ، اردوءَ
کي عوامي رنگ کان پاڪ ڪيو ۽ سعدالله دکني شاعر،
قدرت وليءَ کي صلاح ڏني ته:
”شما زبان دکني را ريخته موافق اردو ئي معليٰ شاه
جهان آباد موزون بڪنيد تا موجب شهرت و رواج خاطر
صاحب طبعاني عالي مزاج گردد.“
اسماعيلي داعين ۽ صوفين جي پرچار خود هندن جي ذات
پات جي خلاف احساس جاڳايو جيڪو ڀڳتي تحريڪ جي روپ
۾ اُڀريو. ڀڳتي تحريڪ جي شروعات سوامي رامانج
(1016- 1137ع) ماڌو (1278)، آند تيرٿ، وشنو سوامي
۽ باشوءَ جهڙن بزرگن ڪئي. هندو ۽ مسلمان سڀ کان
پهرين ڏاکڻي هندستان ۾ هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آيا،
۽ هندو اسلامي نظرين کان واقف ٿيا ۽ اهوئي دور آهي
جو اسماعيلي داعي هندستان ۾ آيا ۽ سٿ پنٿ جو بنياد
وڌائون. سيد سبط حسن پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان مين
تهذيب ڪا ارتقا“ ۾ ”آبِ ڪوثر“ (صفحه 35) جي حوالي
سان لکي ٿو ته:
”ڀڳتي تحريڪ جي سٿ پنٿ جو باني سيد امام الدين
اسماعيلي هو.“
هن ڊاڪٽر تاراچند جي ڪتاب ”هندوستاني تهذيب ۾
اسلام کا اثر“ مان هيٺيون اقتباس ڏنو آهي:
”ڀڳتي تحريڪ جي گهڻن جزن جو ڏس جيتوڻيڪ انفرادي
طور اُپشند، مهاڀارت ۽ ڀڳوت پراڻ وغيره مان ملي ٿو
پر گهڻو تڻو اهي جزا ۽ انهن جي جدا جدا رُخن تي
اصرار جو انداز صاف ٻڌائي ٿو ته انهن جو تعلق
اسلامي عقيدن سان آهي ۽ گهڻو ڪري اهي اسلامي نظرين
جي پيداوار آهن“.
ڀڳتي تحريڪ
ڀڳتي تحريڪ جا ٻه روپ آهن: (1) نِر نارائڻ مت ۽
(2) ساتوت مت. نِر نارايڻ مت ۾ بهادري ۽ ڪرم تي
زور ڏنو ويو آهي. هن مت جو نمائندو ڪتاب ” مهاڀارت
”ڀڳوت گيتا سميت)“ آهي ۽ هن جو نمائندو ڀڳت ارجڻ
آهي.“ هن مت جو مرڪز مٿرا ۽ انجي پسگردائي وارا
علائقا آهن.
ساتوت مت محبت جي مت آهي. هن مت جو نمائندو ڪتاب
”شري مد ڀاڳوت“ آهي. هن جو مرڪز چتوڙ جي ويجهو
ماڌيما نگري هو جنهن کي هاڻ رڳو نگري سڏيو ويندو
آهي. هن مت جو نمائندو ڪتاب ”شري مد ڀاڳوت“ آهي
جنهن لاءِ هڪڙي حڪايت مشهور آهي. هندن جي گرنٿن جي
ليکڪ کي وياس سڏيو ويندو آهي. چون ٿا ته هڪڙي وياس
وڏا وڏا ڪتاب لکيا پر هن جي من کي شانتي ڪانه هئي.
هڪ ڏينهن وياس ديو رشي نارد سان پنهنجي من جي
اشانتي جي ڳالهه ڪئي. رشي نارد چيس ته اڄ تائين ته
رڳو عقل ۽ دانش جا ڪتاب لکيا آهن. هاڻي ڪو پريم
گرنٿ لک ته دل کي شانتي مليئي. نارد جي صلاح تي هن
محبت جو ڪتاب، ”شري مد ڀاڳوت“ لکيو.
ڀڳتي ڪنهن به ديويءَ يا ديوتا جي ٿي سگهي ٿي. پر
ڀڳتي تحريڪ جو تعلق وشنو مت سان آهي. هندن جو
عقيدو آهي ته جڏهن به دنيا ۾ ظلم ۽ گناهه وڌي
ويندو تڏهن وشنو مادي جسم ۾ اوتار وٺي، ظلم ۽
گناهه کي ختم ڪرڻ ۽ انسانن جي سڌاري ۽ ڀلائيءَ
لاءِ دنيا ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ طرح وشنو نَو دفعا
اوتار وٺي هن دنيا ۾ اچي چڪو آهي. وشنو مت جو تعلق
رڳو رام ۽ ڪرشن جي اوتاري وجود سان آهي ۽ انهن سان
عشق هن مت جو اصل متو آهي. ڀڳتيءَ جي پنج ڀاوَ
آهن:
(1) شانت ڀاوَءَ هي رشين ۽ سحرانشين درويشن ۾
هوندو آهي. ان ڀاوَ سان هو رام ۽ ڪرشن کي هرهڪ ذري
۾ محسوس ڪندا آهن ۽ ان جي پوڄا ڪندا آهن.
(2) داس ڀاوَ: رام ۽ ڪرشڻ جي ڀڳتي ڪرڻ، هنومان سڀ
کان وڏو ڀڳت آهي.
(3) سکا ڀاوَ: هن ۾ ڀڳت دوست بڻجي ڀڳتي ڪندو آهي.
جيئن ڪرشڻ جا گوالا جيڪي ڪرشڻ سان رانديون کيڏندا
هئا.
(4) واتُسليه ڀاوَ: هن ۾ ٻال رام يا ٻال ڪرشڻ جي
ڀڳتي ڪئي ويندي آهي. دشرت ڪوشليا ۽ شوٻال رام جا
ڀڳت آهن. يشوڌا ۽ ولڀ اچاريه ڪرشڻ جا ڀڳت آهن.
(5) پريم ڀاوَ: هن ۾ رشي ۽ درويش جو شانت ڀاوَ،
هنومان جو داس ڀاوَ، گوالن جو سکا ڀاوَ، يشوڌا جو
واتسليه ڀاوَ ۽ ٻال ليلاؤن سڀ موجود آهن. هن ۾
پريم ڀڳتي جي آتما، پرم آتما سان ملي هڪ ٿي ويندي
آهي. هن ڀڳتيءَ ۾ شرنگ رس ڀريل آهي ۽ جسم ۽ روح کي
ايذاءُ ڏيندڙ رياضتن کان منع ٿيل آهي.
”شري مد ڀاڳوت“ کانپوءِ وشنو تصور، وقت جي
اونداهين ۾ گم رهيو آهي. ڇهين صديءَ ۾ وشنو مت جي
ٻن ڪتابن جو ڏس ملي ٿو. هڪ ”هروش“ (ڪرشڻ جو شجرو)
۽ ٻيو ”وشنو پراڻ“ يعني وشنوءَ جو ڪرشڻ جي روپ ۾
اوتار وٺڻ جو واقعو. انهن ڪتابن مان خبر پئي ٿي ته
اٽڪل ڏيڍ هزار ورهيه وشنومت موجود هو. نائين صديءَ
۾ ”ڀڳوت پراڻ“ جو ڏس ملي ٿو جنهن ۾ ڪرشڻ جي اوتار
وٺڻ جو واقعو وڌيڪ تفصيل سان ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾
ڪرشڻ هڪڙي ڳنوارڻ سان پيار ڪندو نظر اچي ٿو پر ان
ڪتاب ۾ راڌا جو نالو ڪونهي. هن مٿرا ۾ ڪرشڻ جي
پيدائش، گوڪل ۾ گوالن سان سندس پرورش، گوالن سان
پيار ۽ پوءِ ان گوالن کي ڇڏي گوڪل وڃڻ ۽ اتان جي
راجا ٿيڻ جو ذڪر آهي. هن ڪتاب ۾ ڪرشڻ جا ٻه ڪردار
آهن: هڪ وشنوءَ جي پيار ۽ ٻيو وشنوءَ جي طاقت جو
مظهر آهي.
يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ گوالي ڪرشڻ جو ڪردار
مقبول ٿيو ۽ هن جي ڳوالڻ محبوبا راڌا جو نالو به
ورتو ويو. راڌا ۽ ڪرشڻ جو ميلاپ روح ۽ خدا جو
ميلاپ هو.
راڌا ڪرشڻ جي ڪهاڻيءَ جي روماني عنصر کي يارهين
صديءَ جي هڪڙي شاعر جئديو”گيت گوبند“ نالي هڪڙي
تمثيلي نظم ۾ اڀاريو ۽ ڪرشڻ ۽ راڌا کي هيرو ۽
هيروئن جي روپ ۾ پيش ڪيو. راڌا جي ان تصور کي
رامانند ڪاشيءَ ۾ آندو. رامانند رام ڀڳت هو پر هن
جي مت ۾ رام ۽ ڪرشڻ ۾ ڪو تفاوت ڪونه هو. ڪبير ۽
رويداس رامانند جا شاگرد هئا. ڪبير جي آخري ڏينهن
۾ گرونانڪ پئدا ٿيو ۽ ڪبير جو چيلو رويداس ميران
ٻائيءَ (ڄم 1498ع) جو گرو هو. ڪبير جي ڏينهن ۾
بنگال ۾ چيتنيه مها پرڀو پئدا ٿيو ۽ ولڀ آچاريه
(1478- 1530ع) سورداس جو شش هو ۽ ڪرشڻ جي ٻال روپ
کي پوڄيندو هو. ان دور ۾ ٽي مت مقبول ٿيا:
(1) شوڪت مت:- شو ڀڳت. هي گهڻو ڪري برهمڻ هئا. هي
هندوستان جو سڀ کان پراڻو مت آهي.
(2) شاڪت مت:- شڪتيءَ ديويءَ جا پڄاري، جيڪي
ديويءَ تي قربانيون ڏيندا هئا.
هندو سماج بنيادي طرح ذات پات جو سماج هو. مسلمان
صوفين درويشن ۽ اسماعيلي ست پنٿين جي اثر هيٺ،
ڀڳتي تحريڪ انساني هڪجهڙائي ۽ برابريءَ جي تحريڪ
بڻجي اڀري. رامانند کي هن جي گرو اگهونند شنڪر
هدايت ڪئي هئي ته شودرن ۽ عورتن کي پنهنجي حلقي ۾
شامل نه ڪجانءِ. پر هن پنهنجي گروءَ جي ڳالهه نه
مڃي ۽ چيو ته ذات پات ۽ ڇوت ڇات برهمڻ جون گهڙيل
ڳالهيون آهن. ايشور پيار آهي ۽ پيار ايشور آهي.
ڪنهن به شودر، برهمڻ، مسلمان، مرد يا عورت کي پريم
ڀڳتيءَ کان روڪي نه ٿو سگهجي. هندن ۾ ڪوري گهٽ ذات
وارو ۽ برهمڻ اوچي ذات وارو آهي. ڪبير چئي ٿو:-
منهنجي گهر ۾ ته سُٽ جو ڍير اهي،
مان هر وقت ڪپڙو اُڻيندو ٿو رهان،
البت تنهنجي ڳچيءَ ۾ رڳو هڪڙو سُٽ (جڻيو) آهي
تون فقط ويد ۽ گايتري پڙهڻ ڄاڻين،
پر منهنجي من ۾ ڀڳوان ٿو وسي،
هو منهنجي زبان تي آهي،
اکين ۾ آهي،
تون برهمڻ آهين ۽ مان ڪاشيءَ جو ڪوري،
پر منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌ،
تون بادشاهن ۽ اميرن جي در تي خيرات گهرندو آهين،
۽ مان ڀڳوان جو ڌيان ڪندو آهيان،
ٻڌاءِ، اسان مان وڌيڪ سٺو ڪير آهي.
|