سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :3

 

گرنٿ جي ٻولي

 

گرنٿ جي ٻوليءَ کي عام طرح ”سنت ڀاشا“ سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ پنجابي سان گڏ هنديءَ جا لفظ به آهن يا وري هنديءَ جي لفظن کي پنجابي اُچار ۾ ڦيرايو ويو آهي. لساني لحاظ کان گرو نانڪ جو ڪلام ان سلسلي جي ڪڙي آهي جيڪو نامديو ۽ ڪبير کان شروع ٿئي ٿو. يعني فارسي ۽ عربي لفظن جو استعمال ۽ دهليءَ مان ڦٽندڙ ٻوليءَ جو اثر گرو نانڪ جو گهڻو تڻو ڪلام سندس مادري ٻولي يعني پنجابيءَ ۾ آهي. ڪجهه ڪلام ان دور جي شاعريءَ جي روايتي ٻوليءَ برج ڀاشا ۾ به آهي. ڪٿي ڪٿي دهليءَ جي ٻوليءَ جو اثر به آهي ۽ دا، دي، ديَ سان گڏوگڏ ڪا، ڪي ڪَي به ملن ٿا. جيڪي کڙي ٻوليءَ جا اکر آهن. جي پنجابيءَ جو ”لک“ آهي ته کڙي ٻوليءَ جو ”لاک“ به آهي. ساڳيءَ طرح ”پڇي“ سان گڏ ”پاڇي“ ۽ ”اپر“ سان گڏ ”اوپر“ به آهي.

آوت ڪو جاتا ڪهين، جاوت ڪو آيا، پرڪي ڪو اپني ڪهين، اپنو نهين ڀايا، ميٺي ڪو ڪڙوا ڪهين، ڪڙوي ڪو ميٺا، راني ڪو نندا ڪرهين، ايسا ڪل مانهين ڏيٿا.

گرو نانڪ جي ڀيٽ ۾ بابا فريد جي ٻولي سرائڪي هئي. سندن گهر ۾ به سرائڪي ڳالهائي ويندي هئي. حضرت علاؤالدين چشتي دولت آباديءَ جي احوال ۾ آيل آهي ته هڪ دفعي حضرت برهان الدين غريب (وفات 1337ع) دولت آباد ۾ قيام جي دوران بابا فريد جي نياڻي بيبي عائشه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اُتي بيبي صاحبه جي عابده ۽ زاهده نياڻي به موجود هئي. حضرت برهان الدين بيبي عائشه جي نياڻيءَ کي ڏسي مشڪيو ته بيبي عائشه سرائڪيءَ ۾ کيس چيو:

اي برهان الدين، ساڏي ڌي ڪون ڪيا هسندا اين.

مسعود حسين شهاب لکيو آهي ته حضرت بهاؤالدين زڪريا هر سال بابا جن ڏانهن گجرون موڪليندا هئا ۽ بابا پاڪ پتڻ مان ٻير موڪليندا هئا. هڪ سال مخدوم صاحب بابا جن ڏانهن گجرون نه موڪليون ته بابا به کين ٻير نه موڪليا. مخدوم صاحب جن شڪايت ڪئي ته بابا جن هيٺيون دوهو کين چوائي موڪليو:

هٿڙون وٽون هٿڙي،  پيران  وٽون  پير،

تسان نه متيان گجران، اسان نه متي ٻير.

بابا صاحب جيڪو وظيفو وضع ڪيوهو سو به سرائڪي ۾ هو ۽ جنهن جا جدا جدا اکر جدا جدا ڪتابن ۾ ڏنل آهن.

(1) اوهان تون، اهين تون، ايهان تون، هون هون اوهان تون

        اوهي ايهي، ايهي[1]

(2) ايهو تون، اوهو تون، ايهي تون[2]

(3) اُهو تون، اِهو تون، ايهين ڀي تون[3]

(4) ايهه نه تون، اُهو نه تون، اهو نه تون، ايهي ڀي نه تون. [4]

گرنٿ ۾ ڏنل بابا جي دوهن جو اُچار ٿوريءَ ڦيرگهير سان سنڌي آهي، جنهن تي مقامي رنگ (سرائڪي) چڙهيل آهي. مثال:

سرور پنڇي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس،
تن لوهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس.
تَنِ تپي تنور جيو، ٻالڻ هڏ ٻرن،
پيرين ٿڪان، سر ڄلان، جي مون پرين ملن.
پهرين پهرين ڦلڙا، ڦل نه پڇان رات،
جو جاڳن لهن سي، سائين ڪنون ڏات.
انهن مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بابا جي ٻولي سرائڪي هئي جيڪا سنڌيءَ جي تمام گهڻو ويجهو هئي. پر گرنٿ تائين پڄندي پڄندي ان ٻوليءَ ۾ ڦيرگهير اچي وئي.

گريئرسن جو چوڻ آهي ته ڪنهن زماني ۾، پوري پنجاب ۾ لهندا جي ڪانه ڪا شڪل پکڙيل هئي جنهن کي اندروني زبان شايد هندوستاني زبان جي ڪنهن قديم شڪل پٺتي ڌڪڻ شروع ڪيو ۽ رچنا دوآبي تائين ڌڪي ڇڏيو. ان اندروني زبان جو اثر سنڌ ساگر دوآبي تائين ملي ٿو[5].

ائين ٿو لڳي ته ڪنهن زماني ۾ پوري پنجاب ۾ سرائڪي جي ڪا نه ڪا شڪل مروج هئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪنهن اندروني زبان سرائڪيءَ کي ڌڪڻ شروع ڪيو. سرائڪيءَ تي جڏهن اندروني زبان جو گهڻو اثر پيو تڏهن ان اثر هيٺ پنجابي وجود ۾ آئي ۽ خود سرائڪي به ان اندروني زبان کان ايتري متاثر ٿي جو پنهنجي اصل حالت ۾ نه رهي. منهنجي خيال ۾ سرائڪيءَ جي اها شڪل جيڪا پوري پنجاب ۾ مروج هئي انجي سنڌيءَ سان ايتري ته هڪجهڙائي هئي جو ٻنهي ۾ تفاوت ڪرڻ مشڪل هو. ڪنهن زماني ۾ ملتان جي ڪيڪيه پشاچيءَ ۽ سنڌ جي وراچڊ پشاچيءَ ۾ به ايتري ته هڪجهڙائي هئي جو پراڪرت جي وياڪرڻي مارڪنڊيه سنڌ جي پشاچيءَ لاءِ چيو ته اها ڪيڪيه پشاچيءَ جهڙي آهي. عرب سياح به سنڌ ۽ ملتان جي ٻوليءَ ۾ تفاوت ڪري نٿي سگهيا ۽ مسعودي، اصطخري ۽ ابن حوقل سنڌ ۽ ملتان جي ٻولين کي هڪ ئي ٻولي لکيو آهي. آهستي آهستي اندروني زبان جي اثر هيٺ سرائڪي سنڌيءَ کان ڇڄي هڪ جدا صورت اختيار ڪري بيٺي. بابا فريد جي دوهن مان خبر پوي ٿي ته ان دور تائين به سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون هيون.

 

بابا فريد جي ڪلام ۽ سنڌي جون ڪي نحوي هڪجهڙايون

 

سرائڪي الف تي ۽ سنڌي واءَ تي ختم ٿيڻ واري زبان آهي، جيئن چاچا، چاچو، بابا جي ڪلام مان خبرپوي ٿي ته ڪنهن زماني ۾ سرائڪي به واءُ تي ختم ٿيندي هئي. مثال بابا هي اکر استعمال ڪيا آهن:

ڀڄو، سڄو، ورسو، ڄڻيو، پتيڻيو، پهريو، ڪريو.

اعراب: لک پڙهه ۾ آ، اِ اُ جي بدران جيڪي نشانيون يعني زير، زبر ۽ پيش ڪم ايندا آهن انهن کي اعراب يا ماترائون چئبو آهي. ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين مان سنڌي ئي اهڙي ٻولي آهي جنهن ۾ اعرابن ۽ ماترائن جو نظام پوريءَ طرح موجود آهي. سنڌي ۾ اعرابن سان ئي مذڪر، مونث، حالت جري ۽ حالت اضافت وغيره جو پتو پوندو آهي. مثال طور سنڌيءَ ۾ مذڪر لاءِ آخري اکر اُ، اُو ۽ او جون پڇاڙيون لڳنديون آهن. بابا جي ڪلام ۾ مونث ۽ مذڪر سنڌيءَ جي ساڳي اصول مطابق ٺهن ٿا. مثال:

پڳ نه ميلي هوءِ      پڳ    + اَ = مونث

پيڍي پائين ڳنڍ               ڳنڍِ    + ا    = مونث

ڳهلا روح نه ڄاڻئي    روح    + اُ = مذڪر

ڪون سو ويسو هو ڪري ويس + و = مذڪر

سنڌيءَ ۾ حالت جري يا حالت اضافيءَ ۾ اسم مذڪر جو پيش زبر ۾ مٽجي ويندو آهي. جيئن اسم: گهر، حالت اضافيءَ گهر جو مالڪ، حالت جري: گهر ۾.

بابا جي ڪلام مان مثال:-

اسم صبر: صبر منجهه ڪمان، صبر ڪانئيڙو.

حالت جري: صبرَ اندر صابري، صبرَ سندا ٻاڻ.

 

[1] شمالي بهار ڪا پنڌروين صدي ڪا ايک شطاري.

[2] رضيه سلطانه، اردو نثر ڪا ارتقا.

[3] جواهر خمسہ.

[4] جواهر خمسہ.

[5] ڊاڪٽر مسعود حسين، تاريخ زبانِ اردو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org