حرفِ جر جون
نشانيون
سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهڙا جملا آهن جن ۾ ڪن اسمن پٺيان
ڪوبه حرف جر نٿو لڳي ۽ اسمن پٺيان حرفِ جر جون
نشانيون يا پڇاڙيون ڳنڍي انهن مان حرفِ جر جو
مفهوم ورتو ٿو وڃي. سنڌيءَ ۾ حرفِ جر جون نشانيون
هي آهن:
(1) آن ۽ اون (گهران + گهرون)
(2) اِ (ڳوٺ ويو)
(3) اي (ڏهاڙي)
(4) اين (پيڪين)
بابا جي ڪلام مان مثال:-
1- آن ۽ اون
=
جنهان کاڌي چوپڙي: جنهه + آن
=
جنهان
2- ا
=
بارِ پرائي بيسڻا: بار + اِ
=
بار
دل ڪاتي ڳڙُ وات: وات + اِ
=
واتِ
3- اي
=
جنهن ڏهاڙي ڌڻ وري: ڏهاڙ+اي=ڏهاڙي
4- اين=
ڳلئين چڪڙ: ڳلي + اين
=
ڳلئين
اهڙا ڪيترائي مثال بابا جي ڪلام ۾ ملندا. بابا جي
ڪلام ۾ جيڪڏهن اعرابن کي ختم ڪيو وڃي ته لفظن جي
ترڪيبن جي معنيٰ ئي بدلجي ويندي. مثال:- ڪنڌِ
ڪهاڙا، سَر گهڙا، معنيٰ ته ڪنڌ تي ڪهاڙو ۽ سِر تي
گهڙو پر جيڪڏهن ڪنڌ ۽ سر جون آخري اعرابون ڪڍي
ڇڏجن ته ڪنڌ ڪهاڙا جي معنيٰ ٿيندي ڪنڌ ڪهاڙو آهي
اهڙي قسم جي ترڪيب بابا استعمال ڪئي آهي. مثال:
جند ووهڻي، مرڻ، وَرُ.
سنڌيءَ ۾ فعلي مادي يا ڌاتوءَ جي آخر ۾ زمان جي
نشاني ۽ ان کان پوءِ ضميري نشاني لڳائبي آهي، يعني
ته سنڌيءَ فعل ٽن جزن تي مشتمل هوندو آهي:
(1) فعل جو ڌاتو + زمان جي نشاني + ضميري نشاني
لک + يو + م
لک + يو + ءِ
بابا فريد جي ڪلام مان مثال:
اِنهين نِڪي ڄنگهئين، ٿل ڏونگر پوئيوم،
اڄ فريدي ڪوچڙا، سي ڪوهان ٿئوم.
(2) فعل جو مادو + زمان جي نشاني + ضميري نشاني
پوءِ + يو + م
ٿي + يو + م
حاضر واحد جي نشاني
والئون نِڪي پُرسلات، ڪَنين نه سڻياءِ،
ڪڙي پَوند، کڙا نه آپ مهاءِ.
(3) فعل جو مادو + زمان جي نشاني + ضميري نشاني
سڻ + يا + ءِ
پَوَ + ند +
ءِ
مُهه + ا +
ءِ
فعل مادي يا ڌاتو مان مصدر جوڙڻ:
حافظ محمود شيراني پنهنجي ڪتاب ”پنجاب مين
اردو“ ۾ پنجابي ۽ اردوءَ جي هڪجهڙائي
ڏيکاريندي لکيو آهي ته پنجابي ۽ اردوءَ جي امر
مان مصدر جوڙڻ جو طريقو ٻنهي زبانن ۾ ساڳيو
آهي يعني ”تا“ پڇاڙي هڻي امر مان مصدر ٺاهيو
آهي. پر بابا جي ڪلام مان خبر پوي ٿي ته
پنجابي ۽ سرائڪي ۾ به مصدر جوڙڻ جو طريقو
ساڳيو سنڌيءَ وارو هو يعني امر سان ”اڻ“ پڇاڙي
لڳائي ويندي هئي. مثال:
چٻڻ، چلڻ رتڻ
چٻ +اڻ=مصدر،
چل + اڻ
=
مصدر
نِوَڻ سو اکر، کِوڻ ڳڻ
نو +اڻ=
مصدر، کواڻ=
مصدر
چارئي ڪُنڊان ڍونڍيان، رهڻ ڪٿان ناءِ.
آکين شيخا بندگي چلڻ اڄ ڪِ ڪَلِ.
پري ڏيکڻ دي آس
وهڻ تداؤ گو ڪري
مصدر مان امر جوڙڻ
سنڌيءَ ۾ مصدر جي پڇاڙي ”اڻ“ ڪڍي، فعل جي
ڌاتوءَ تي زبر، زير يا پيش ڏيئي امر ٺاهيندا
آهيون جيئن ”هلڻ“ مصدر مان هَلُ ۽ ڪرڻ مان
ڪَرِ. جمع ٺهڻ مهل امر جي آخري اُچار ”اُ“ کي
ڊگهو ڪري ”او“ ڪندا آهيون جيئن ”هَلُ“ مان
هلو. پر جيڪڏهن امر جي آخري اکر جو اُچار ”اِ“
هوندو آهي جيئن ”ڪر“ ته پوءِ ”اِ“ جو اُچار ۽
جمع وارو ”او“ جو اچار پاڻ ۾ ملي ”يو“ جو
اُچار ٿي پوندو آهي. جيئن ”مارِ“ جو ماريو.
بابا جي ڪلام ۾ اهو ساڳيو اصول موجود آهي:
”اِ“ جو مثال
ڦاڙ پٽولي، ڦاڙ + اِ
=
ڦاڙِ
”اُ“ جو مثال
ٺنڊا پاڻي پيءُ، پي+اُ=پيءُ
امر جي آخري آواز ”اِ“ ۽ جمع جي ”او“ جي گڏجڻ
سان ”يو“ ٺهڻ جو مثال:
ڪنبلڙي پهريو
=
پهر + او
=
پهريو
سوئي ويس ڪريو
=
ڪر + او
=
ڪريو
اسم مفعول جا مثال
سنڌيءَ ۾ فعل جي ڌاتوءَ پٺيان او- يو- ايو
پڇاڙيون ڳنڍڻ سان اسم مفعول ٺهندو آهي جيئن
هَل يو=
هليو، ماريو=
ماريو، ڦاٽ + او
=
ڦاٽو. سرائڪي ۾ آ-ايا-يا، پڇاڙيون ڳنڍڻ سان
اسم مفعول ٺهندا آهن. جيئن ماريا، چليا، ڦٽيا.
اهڙي اسم مفعول کي باقاعدي اسم مفعول چئبو
آهي. پر سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ بي قاعدي اسم
مفعول پڻ ٺهندا آهن. جن جا مثال بابا جي ڪلام
۾ به ملن ٿا.
فعل ڌاتوءَ سان ”ٿ“ پڇاڙي ڳنڍي اسم مفعول
ٺاهڻ.
مصدر لهه – امر لُهه اسم مفعول لٿو
اُلٿي هنج.... سنڌيءَ وانگر امر لُهه يا اُلهه
جي آخري ”هه“ ”ٿ“ ۾ مٽجي وئي ۽ اُلٿي اسم ٺهي
پيو.
”هه“ جو ”ڀ“ ۾ مٽجڻ
مصدر لهڻ، امر لُهه، اسم مفعول لڀيو
سوئي سرور ڍونڍ لَهُه، جئي لڀي وَٿ
”س“ جو ”ٺ“ ۾ مٽجڻ
مصدر ڏسڻ، امر ڏس، اسم مفعول ڏٺو.
سي لوئڻ مين ڏِٺِ
درِ دروازي جاءِ ڪي، ڪيون ڏٺو گهڙيال
اسم حاليه:
سنڌيءَ ۾ اسم حاليه ٺاهڻ لاءِ فعل جو ڌاتوءَ
سان ”اندر“ ايندو“ ڳنڍيندا آهيون. سرائڪيءَ ۾
”دا“ پڇاڙي ڳنڍيندا آهن. مثال:
ڪوڪينديان، چانگينديان، ڏينديان،
ڍونڍيندي، جهرندي، اُساريندي.
زمان ماضي
مطلق جا مثال:
سنڌيءَ ۾ زمان ماضي مطلق ٺاهڻ لاءِ واحد متڪلم
جي صورت ۾ اسم مفعول جي پٺيان ”س“ جي پڇاڙي
ڳنڍبي آهي. جيئن ”وڃڻ“ جو ماضي ”ويس“. بابا جي
ڪلام مان مثال:
وڏي ٿي مياس، پرينءَ سان نه ملياس.
صفت تفصيل:
صفت تفصيل کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ ”رو“ يا
”رڙو“ جون پڇاڙيون ڳنڍبيون آهن. جيئن چڱو،
چڱيرو، چڱيرڙو، بابا جي ڪلام مان مثال:
اِتي ڏک گهڻيري، اڳي ٺور نه ٺاؤن
ضمير استهفام:
سنڌيءَ ۾ انداز ڏيکارڻ لاءِ ڪيترو يا ڪيترا ۽
قسم ڏيکارڻ لاءِ ڪهڙو يا ڪهڙا ضمير استهفام
استعمال ٿيندا آهن.
ڪوٺي ڊڪن ڪيتڙا،
تون آيون ڪهڙي ڪمِ.
|