دوها
1 – 10
راڳ سوهي
۽
راڳسوهي اللت
1
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
تپ تپ لُهِه لُهِه هاٿ مروڙوء،
باول هوئي سو سُہ لوڙوء.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
تپ تپ لُهِه لُهِه هاٿ مروڙون،
بادل هوئي، سو شوه لوڙهون.
سنڌي ترجمو:
لنءَ لنءَ لهس آ، هَٿ مروڙيان،
پاڳل بڻجي پريتم ڳولهيان.
2
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
تي سهه من مهه ڪيا روسُ،
مُجهه اوَگڻ سهه ناهي دوس.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
تين شوه مون منهه ڪا روس،
مجهه اوگڻ، شوه ناهي دوس.
سنڌي ترجمو:
مون سان ڪهڙو يار رسامو،
اوڳڻ ڏاڍا، عيبن هاڻو.
3
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
تي صاحب دي مي سار نہ جاڻي،
جوبن کوءِ پاڇي پڇتاڻي.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
تين صاحب دي مين سار نه ڄاڻي،
جوڀن کوءِ پاڇي پڇتائي.
سنڌي ترجمو:
تو صاحب جي سار نه ڪيڙم.
جوڀن ويڙو پو پڇتايم.
4
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
ڪالي ڪوئل تُو ڪِت گُن ڪالي،
اپني پريتم ڪي هو برها جالي.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
ڪالي ڪوئل تُو ڪِتِ گُنِ ڪالي،
اپني پريتم ڪي هون برهي جالي.
سنڌي ترجمو:
ڪوئل ڙي، تون ڇو آن ڪاري،
پريتم جي مان ورهَ جي ماري.
5
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
برهي بِهُون ڪٿ سک پائي،
جا هوءِ ڪرپال تا پرڀو ملائي.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
برهي بهون، ڪٿ سک پائي،
جان هوءِ ڪرپا تان، پرڀو ملائي.
سنڌي ترجمو:
ورهَ ستائي، ڪيئن سک پائي،
ڪرم ئي تنهنجو پرين ملائي.
6
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
وڌَن کُرهِي مُنڌ اڪيلي،
نا ڪو ساٿي نا ڪو ٻيلي.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
وِڌَن کوهي مُنڌَ اڪيلي،
نه ڪوئي ساٿي نه ڪوئي ٻيلي.
سنڌي ترجمو:
کوهَ انڌي ۾ مُنڌَ اڪيلي،
ڪوئي نه ساٿي ڪوئي نه ٻيلي.
7
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
ڪر ڪرپا پرڀ ساڌ سنگ بيلي،
جا ڦر ديکا تا ميرا الهه ٻيلي.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
ڪچر ڪرپا پرڀ ساڌسنگ ميلي،
جا ڦر ڏيکان تان ميرا الله بيلي.
سنڌي ترجمو:
ساڌوءَ تي ٿي ڪرم جي تنهنجو،
الله ٻيلي آهي منهنجو.
8
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
واٽ هماري کري اُڏيڻي،
کنياه تکي بهت پتيڻي.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
واٽ هماري کري اڏيڻي،
کڻيون تکي بهت بئيڻي.
سنڌي ترجمو:
واٽ اسان جي کري اڻانگي،
تيغ کان تکڙي جنهن جي ڌار.
9
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
اس اوپر هي مارگ ميرا،
شيخ فريدا پنٿ سمهار سويرا.
دوهي جي امڪاني پڙهڻي:
اس اوپر هي مارڳ ميرا،
فريدا پنٿ سنڀار سويرا.
سنڌي ترجمو:
ان تي آهي مارڳ منهنجو،
واٽ وٺي هل پار سويرو.
10
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:
ٻيڙا باند نه سڪيو، بنڌن ڪي ويلا،
پر سرور جب اُڇلي، تب ترهڻ ڏهيلا،
هٿ نه لاءِ کسنبڙي جل جاسي ڍولا،
اڪ آپڻي پتلي شوه ڪي ري بولا،
ڏڌا ٿڻي نه آوئي، ڦر هوئي نه ميلا،
ڪهي فريد سهيليو، سوه الانيسي،
هنس چل سي ڏهلا، ايهن تن ڍير تيسي.
سنڌي ترجمو:
ٻڌڻ جو هو وقت ٻڌي نه، ٻيڙي ڪپ سان تو،
جڏهن چاڙه ڪري ٿو درياه، ترڻ پوءِ آ ڏکيو،
ويندو گل ڪومائجي، هٿڙو لاءِ نه ڍول،
پنهنجي موملڙيءَ سان، ٻوليا پرينءَ ٻول،
ڏڌو پوي نه ٿڻن ۾، وڇڙي ٿئي نه ميلو،
چئي فريدڻ اديون، ساجن ڳالهه ڪندو،
هنج ته اڏري ويندو ۽ پو، هي تن ڍيري ٿيندو.
|