پبلشر پاران
بابا فريد گنج شڪر جا دوها،
سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ نوان ڪونهن. ورهاڱي کان اڳ،
سنه 1913ع ۾ پهريون ڀيرو اهي ”شيخ فريد جا سلوڪ“
جي عنوان سان گور سنگت، هيرآباد حيدرآباد پاران
ڇپيا. پر هن وقت انهيءَ ڪتاب جو ملڻ ڏکيو آهي.
انهن دوهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان نئين
رنگ ۽ روپ سان ڇاپائي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪندي، مون
کي فخر ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هنن دوهن جي خوبي
اها آهي ته محترم آغا سليم، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو
وڏو ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ شاعر آهي، انهن دوهن تي
محنت ڪري، صاف به ڪيو آهي ته انهن جو سنڌي ترجمو
به ڏنو آهي، جنهن ڪري پڙهندڙن کي دوهن جي معنيٰ ۽
مفهوم سمجهڻ ۾ ڏکيائي درپيش ڪانه ايندي.
مهاڳ ۾ ان ڳالهه کي به صاف ڪيو ويو آهي ته اهي
دوها بابا فريد گنج شڪر جا آهن يا فريد ثانيءَ جا.
بابا فريد جي شاعريءَ جي سنڌي ادب ۾ ڪهڙي اهميت
آهي. انهيءَ تي به قلم کنيو ويو آهي. ٻيو ته نه
رڳو دوهي تي روشني وجهندي، ان جي پسمنظر کي اُجاگر
ڪيو ويو آهي، پر ڀڳتي تحريڪ ۽ ان سان لاڳاپيل ڀڳتن
جي واڻي، جيڪا پڻ دوهن جي صورت ۾ آهي، تنهن سان
سنڌي ادب کي روشناس ڪرايو ويو آهي. ان ريت هن ڪتاب
جي اهميت وڏي وڃي ٿي.
30- ڊسمبر 1990ع
ڊئريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄام شورو سنڌ.
مهاڳ
حضرت بابا فريد گنج شڪر جو اصل نالو فريدالدين
مسعود هو. بابا ۽ گنج شڪر ٻئي سندس لقب هئا.
خانداني لحاظ کان پاڻ فاروقي هئا ۽ يارهين پيڙهيءَ
۾ سندن شجرو حضرت عمر فاروق رضه سان ملي ٿو.
بابا فريد جو پڙڏاڏو شيخ احمد، ڪابل ۾، غزون جي
حملي ۾ شهيد ٿيو. شيخ احمد جو پٽ شيخ شعيب پنهنجي
پيءُ جي وفات کان پوءِ لاهور آيو ته رستي ۾ قصور
شهر ۾ سندس ملاقات شهر جي قاضيءَ سان ٿي، جنهن نه
رڳو دل و جان سان سندن آڌر ڀاءُ ڪيو پر حڪومت کي
سفارش ڪري، ملتان جي ويجهو ڪوٺوال جي علائقي جي
قضا جو عهدو به کين ڏياريو ۽ شيخ شعيب ڪوٺوال ۾ ئي
رهائش اختيار ڪئي.
شيخ شعيب جو پٽ شيخ جمال الدين سليمان علم و فضل ۽
روحانيت ۾ ڪمال جي درجي کي پهتو. شيخ جمال الدين
جي شادي ملتان جي مولانا وجيہ الدين خجندي عباسيءَ
جي نياڻي بي بي قرسم خاتون سان ٿي جنهن مان کيس ٽي
پٽ اعزازالدين محمود، فريدالدين مسعود، نجيب الدين
متوڪل ۽ هڪ نياڻي بي بي هاجره ڄائي. بابا فريد جي
پيدائش 569هجري ۾ ٿي. شروعاتي تعليم ڪوٺوال جي
مدرسي ۾ پرايائون. يارهن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد
حفظ ڪري، پنهنجي والده سان گڏ، حج لاءِ روانا ٿيا.
حج تان واپسيءَ کان پوءِ ملتان جي مدرسي ۾ وڌيڪ
تعليم پرايائون. ان مدرسي ۾ ئي سندن ملاقات حضرت
قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ سان ٿي، جنهن کيس وڌيڪ
تعليم پرائڻ جي نصيحت ڪئي. پاڻ وڌيڪ تعليم پرائڻ
لاءِ قنڌار ويا ۽ قنڌار ۾ سيد احمد بخاريءَ کان
پنجن سالن تائين تعليم پرائيندا رهيا. قنڌار مان
واپسيءَ کان پوءِ پاڻ مجاهدات ۽ سياحت ۾ معروف ٿي
ويا. چيو ويندو آهي ته صوفيءَ لاءِ سياحت نبي ڪريم
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي هجرت جو اتباع آهي.
612هجري ۾ کين پنهنجي مرشد قطب الدين بختيار
ڪاڪيءَ وٽان خلعت عطا ٿي. پنهنجي مرشد جي حڪم سان
سن 612هجري ۾ محمد غنيم شاهه صديقي القريشي
الملتانيءَ جي نياڻي بيبي نجيب النسا سان شادي
ڪيائون ۽ بيبيءَ جي سانگي ڪوٺوال ڇڏي يارنهن سال
هانسيءَ ۾ رهيا. اهو سارو عرصو پاڻ مجاهدات ۽
سياحت ڪندا رهيا. 6 رجب 633هجري سندن ڏاڏي مرشد
خواجه غريب نواز جو وصال ٿيو. 4 ربيع الاول
634هجري تي سندن مرشد قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ جو
وصال ٿيو. مرشد جي وصال جي خبر کين هانسيءَ ۾ پئي.
پاڻ دهليءَ روانا ٿيا جتي کين حضرت حميدالدين
سهرورديءَ مرشد جو جامو، عصا ۽ چوپين نطين ڏنو.
دهليءَ مان پاڻ هانسيءَ موٽي آيا. 634ع ۾ بيبي
هزيره خاتون سان سندن شادي ٿي. جنهن کي تذڪره
نويسن غلطيءَ وچان بلبن بادشاهه جي ڌيءَ به لکيو
آهي. اها سندن ٻي شادي هئي. 635هه ۾ رضيه سلطانه
جي دور حڪومت ۾ سياسي حالتن جي ڪري، هانسيءَ کي
ڇڏي پنهنجي اباڻي وطن ڪوٺوال روانا ٿيا. پر ڪوٺوال
جي بدران اجوڌن ۾ رهيا جتي پنهنجي هڪڙي مريد جي
بيوه ام ڪلثوم سان نڪاح ڪيائون، اتي ئي پنهنجي
ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڪيائون ۽ اسلام جي تبليغ ۽
رشد و هدايت جو سلسلو جاري ڪيائون. اجوڌن ۾ ئي
سندن آخري آرامگاهه آهي.
بابا فريد جي گدڙي پوش ۽ خاڪ نشين درويش هئا پر
وقت جا بادشاهه سندن چائنٺ چمڻ کي سعادت سمجهندا
هئا. عبادتن، رياضتن ۽ مجاهدات سان ولايت ۾ کين
جيڪو رتبو مليو تنهن جو رڳو هڪڙو مثال هي آهي ته
هڪ دفعي جذب جي ڪيفيت ۾ چيائون ته چاليهن سالن
تائين جيڪو الله جلشانہ فرمايو سو مسعود بندي ڪيو.
هاڻي ڪجهه سالن کان بندو مسعود جيڪو عرض ڪندو آهي
سو الله پورو ڪندو آهي. سندن غنا جو حال هي هو جو
هندوستان جو بادشاهه ناصرالدين محمود ملتان ۾ آيو
ته پنهنجي سالار الغ خان کي جيڪو پوءِ غياث الدين
بلبن جي نالي سان تخت تي ويٺو، جاگير جو پروانو
ڏيئي بابا صاحب ڏانهن موڪليو. بابا صاحب پروانو
واپس ڪندي الغ خان کي چيو ته ”پروانو واپس کڻي وڃ.
هن جا ضرورتمند اوهان وٽ ٻيا گهڻيئي آهن.“ بلبن
جڏهن تخت تي ويٺو ته ڪنهن عرضدار بابا صاحب جن کي
پنهنجي درخواست جي سفارش ڪرڻ لاءِ چيو، بابا صاحب
بلبن کي لکيو ته، ”جيڪڏهن هن ماڻهوءَ جو ڪم ڪندين
ته ٿوري جو مستحق ٿيندين، باقي ڪرڻ وارو خدا آهي ۽
جيڪڏڌهن نه ڪندين ته معذور سمجهيو ويندين ڇاڪاڻ ته
ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ وارو به خدا آهي.“
بابا فريد جي لقب ”گنج شڪر“ لاءِ جدا جدا تذڪرن ۾
جدا جدا روايتون ڏنل آهن. انهن مان هڪ روايت هيءَ
آهي، ته پاڻ دهليءَ ۾ غزني دروازي جي هڪڙي حُجري ۾
رهيل هئا ۽ مرشد جي ارشاد تي ”طي“ جو روزو رکيو
هئائون. ٽن ڏينهن تائين افطاريءَ لاءِ وٽن ڪجهه
ڪونه هو. رات جو زمين تي هٿ هنيائون ته ڪجهه پٿر
کين هٿ آيا. پٿر چکي ڏٺائون ته اهي مٺا هئا. ٻئي
ڏينهن مرشد سان ڳالهه ڪيائون، مرشد چيو:
”روح جڏهن نفس کي پنهنجي قبضي ۾ ڪندو آهي ته دائمي
مٺاڻ ملي ويندي آهي. مبارڪ هجيئي جو تون گنج شڪر
آهين.“
6 مئي 1280ع اڱاري جي ڏينهن سندن وصال ٿيو. سندن
آخري آرامگاهه اجوڌن ۾ آهي جنهن جو نالو اڪبر جي
ڏينهن ۾ پاڪ پتڻ پيو.
بابا فريد 98 سال زنده رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪيترائي خوني انقلاب ڏٺا. جنگيون، باهيون، ماڻهن
جو ڪوس، محلاتي سازشون، تخت ۽ تاج لاءِ ڇڪتاڻ ۽
نتيجي طور ماڻهن جو رتوڇاڻ ”تاتارن جو خوني سيلاب“
1193ع ۾ سلطان شهاب الدين غوريءَ، پرٿوي راج کي
شڪست ڏيئي هندوستان ۾ مسلمانن جي مستقل حڪومت جو
پايو وڌو. ان وقت بابا صاحب جن جي عمر پنج سال هئي
۽ پاڻ ڪوٺوال ۾ شروعاتي تعليم پرائڻ ۾ مصروف هئا.
سلطان شهاب الدين غوريءَ کان هندوستان جي حڪومت ٻن
حصن ۾ ورهائجي ويئي، جن کي اسين هند ۽ سنڌ جون
حڪومتون چئي سگهون ٿا. هند جي حڪومت جي گاديءَ جو
هنڌ پهرين لاهور ۽ پوءِ دهلي ٿيو، جتي قطب الدين
ايڪ حڪوت ٿي ڪئي، سنڌ جي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ
اُچ هو، جتي ناصرالدين قباچه حڪومت ٿي ڪئي.
ناصرالدين قباچه جڏهن تخت تي ويٺو تڏهن بابا صاحب
جي عمر 18 سال هئي.
قباچه جي دورِ حڪومت ۾ اُچ علم جو مرڪز ٿيو. قباچه
پاڻ عالم ۽ علم پرور انسان هو. ”طبقات ناصري“ جو
مصنف منهاج الدين السراج سندس درٻاري هو. نورالدين
محمود عوفي بخارا مان اُچ ۾ آيو ۽ قباچه جي درٻار
۾ فارسي شاعرن جو تذڪرو ”لباب الالباب“ ۽ ٻيو ڪتاب
”جامع الحڪايات“ لکيو. مولانا قطب الدين ڪاشانيءَ
جيڪو وقت جو وڏو عالم هو تنهن کي قباچه ملتان ۾
وڏو مدرسو تعمير ڪرائي ڏنو. علي حامد بن ابوبڪر
الڪوفيءَ اروڙ جي هڪ پريشان حال عرب خاندان وٽان
قاضي اسماعيل بن علي بن محمد طائيءَ کان عربيءَ ۾
لکيل قلمي نسخو ”منهاج المسالڪ“ هٿ ڪيو ۽ ”چچ
نامي“ جي نالي سان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري قباچه کي
پيش ڪيو. بابا فريد انهن علمي ادبي محفلن کي ڄمندو
۽ پوءِ التمش جي هٿان، قباچه جي شڪست کان پوءِ،
تباهه ٿيندي ڏٺو. ان وقت سندن عمر 41 سال هئي.
بابا فريد جي ڏينهن ۾ ئي انساني کوپرين جا منارا
اڏيندڙ تاتارن هندوستان جو رخ ڪيو ۽ ملتان تي حملا
ڪيا. تاتارن اسلامي ملڪن جهڙو بغداد، خراسان،
ماورالنهر کي گهوڙن جي سنبن سان لتاڙيو ۽ اٽڪل هڪ
ڪروڙ اٺيتاليهه لک مسلمان شيهد ٿيا.
اهو تاريخي ۽ سياسي پسمنظر آهي جنهن مان بابا فريد
جي شاعري ڦٽي. ان دور جي سياسي حالتن، جنگين ۽
انساني رتوڇاڻ جو نتيجو آهي جو بابا جي شاعريءَ تي
موت، فنا ۽ زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جو احساس گهاٽو
پاڇو ڪيو بيٺو آهي. سندن شاعري پڙهندي لڳي ٿو ته
بابا فريد بنيادي طرح موت ۽ فنا جي احساس جو شاعر
آهي. بابا جي آڏو زندگي ڪنوار آهي، جنهن کي موت جو
گهوٽ پرڻائي وٺي ٿو وڃي. ڪنوار پنهنجي پيڪاڻي گهر
مان وڃڻ نٿي چاهي پر نيکٽيءَ جو ڏينهن مقرر آهي.
هن جا پنهنجا دل گهريا هن کي سينگاري سنواري وداع
ٿا ڪن. هاڻي هوءَ ڪنهن سان ڳر لڳي روئي، ڪٿي ڪٿي
ته موت جو احساس شاعري ۾ پلٽجي، اعليٰ ترين
شاعريءَ جو روپ اختيار ڪري:
اي فريد، مُندَ مٽي، پن ڇڻ جو واءُ گهليو ۽ وڻ
ڏڪڻ لڳا،
مون چارئي ڪنڊون ڳولهي ڏٺيون، ڪنهن کي هتي رهڻو
ناهي.
بابا فريد جن وڏا ولي الله هئا، ايڏا ئي وڏا شاعر
هئا سندن شاعريءَ جو اثر تلسيداس کان وٺي شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين نظر اچي ٿو. ادبي لحاظ
کان بابا فريد جي شاعري ان ڪري به اهم آهي ان مان
ان دور جي لساني مطالعي جو مواد ملي ٿو ۽ وڏي
ڳالهه ته بابا فريد سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي زبانن
جو پهريون شاعر آهي. |