مان ’جوھر‘ زھر پيتي سقراط جان
مٺي مصلحت جي دوا ڪانھ ڪئي
ٿيو جڏھن کان پيار آ پيارا
منھنجي دل بي قرار آ پيارا
موسم گل ۾، زندگي منھنجي
صور اسرافيل ڇا آھي؟
منتظر تنھنجي لئھ، نظر آھي
|
|
تو بِنا، بي بھار آ پيارا
سور جي ھڪ پڪار آ پيارا
چشم دل، اشڪبار آ پيارا
|
حسن آڏو نھ آھھ ڪجھھ ’جوھر‘
عشق خدمت گذار آ پيارا
غزل
حريم ناز سندو آستان، نھ آ معلوم،
نھ آھھ نقش ڪف پانشان، نھ آ معلوم.
لنگھي ويو آ ڪڏھن ڪاروان نھ آ معلوم
ٻڌان ٿو بانگ جرس ڪاروان، نھ آ معلوم.
اگرچھ ھستي گيتي کان مان مٿي لنگيس،
وليڪ شمس و قمر، ڪھڪشان، نھ آ معلوم.
مان تنھنجو دست حنائي ڏسي ٿيس حيران،
شفق جو رنگ، گل بوستان، نھ آمعلوم.
مون ماورائي غم و عيش آ لڌو مسڪن،
بھار عيش ڪجا ۽ خزان، نھ آ معلوم
ھي آھھ ڪھڙو پس پرده، صاحب طناز،
نھان ڪڏھن آ، ڪڏھن آعيان، نھ آ معلوم.
تميز ظلمت وضو جي وئي آ ضايع ٿي،
ڇاگل، ڇا خار مغيلان، ميان نھ آ معلوم.
غنودگيءَ ۾ لب گوش جو پيو آواز،
نديم! ھاءِ اھو داستان، نھ آ معلوم.
شگفتگي دل ويران ۾ جنھن کان پيدا ٿئي،
اھو ڪلام، ڪليمي بيان، نھ آ معلوم.
سڙي ويا جتي شھباز فڪر جا ’جوھر‘
اھو الاھي، زمان و مڪان، نھ آ معلوم.
فضائي دھر کي ناسازگار سمجھان ٿو،
خصومتِ فلڪ فتنھ بار سمجھان ٿو.
عجيب ڪشمڪش زيست ھر نفس ۾ آھھ،
ھياتي، موت سان ڄڻ ھمڪنار سمجھان ٿو.
مه و نجوم ڇا، ارض و سما ٿيا ناساز،
عجب مخالفتِ روزگار سمجھان ٿو.
ذرا معاف ڪيو، سچ چوڻ ڏيو، يارو،
دماغ جي بھ رکڻ، دل ۾ بار سمجھان ٿو.
دل و دماغ، نظر، خواه فڪر آ پابند،
قدم قدم تي بندش ھزار سمجھان ٿو.
وڃان وٺي مان ڪٿي، ھي دل پراگنده؟
دماغ ۾ بھ تھ چڪر ھزار سمجھان ٿو.
کڻي ٻڌاءِ، تون راه نجات، اي ھمدم!
سفر ھي پنھنجو ڏکيو ڏاڍو يار سمجھان ٿو.
ڏسان خزان کي ٿو بابادين جي فڪر ۾ آ،
۽ اشڪبار اکين مان بھار سمجھان ٿو.
سدائين وقت نھ ڪنھن ساڻ ساٿ ڏيندو آھھ،
ھميشھ وقت کي بي اعتبار سمجھان ٿو.
فريد فرد نھ آھيان، مان ’جوھر‘ خستھ،
ھتي تھ بزم سڄي، دلفگار سمجھان ٿو.
ڏوھھ تنھننجو يار ناھي، منھن مڙئي مون ڏي ٿيا
فيصلو دل جو ھي آھي، منھن مڙئي مون ڏي ٿيا
بيوفا، ظالم، چوڻ محبوب کي آھي غلط
سڀ سڏن مون کي تھ ڇاھي، منھن مڙئي مون ڏي ٿيا
ٿيندو، حسن و عشق جو جھيڙو، جڏھن آھي ڪٿي
عشق چڙھندو آھي ڦاھي، منھن مڙئي مون ڏي ٿيا
بيوفائيون منھنجون آھن، يار آھي بي قصور
ھوٿو مون سان پيو نباھي، منھن مڙئي مون ڏي ٿيا
سڀ خطائون ڏوھھ ڏنڊ منھنجي بلي ’جوھر‘ ٿيا
ڪيئن سگھان سينو مان سباھي، منھن مڙئي
مون ڏي ٿيا
ھلي پيو منزل مقصد طرف آ ڪاروان پنھنجو
ڏسون ٿا ڪاٿي پھچي ٿو؟ نھ آ انجام جي پروا
سلام آھي انھن تي جي صليبن کي چمي آيا
نھ جن کي نام جي لالچ نھ ڪا انعام جي پروا
ڪتاب زندگي جن جو عبارت آھھ سورن سان
نھ ٿيندي تن کي وقتي رنج ۾ آلام جي پروا
فلڪ جي ڪج روي ۽ شمس گردي تو ڏٺي آھي
نھ ڪر مرد قلندر، گردش ايام جي پروا
دليل بي ثباتي گردش ليل ونھار آھي
اميد صبح روشن رک نھ ڪر تون شام جي پروا
اسان منصور آھيون وقت جا، ناھيون ڪي درباري
ھڻون ٿا حق جو نعرو، نھ آ الزام جي پروا
اسان جو خسروان وقت سان آ واسطو ڪھڙو؟
زمانھ عام ۾ آھيون، اسان کي عام جي پروا
ڪنھين خواھش تي پنھنجو دم، ڪڏھن نڪتو نھ آ يارو!
ڪئي ناھي ڪڏھن ڀي حسرت ناڪام جي پروا
سموريون شھھ رڳون دل جون اڳي ئي پيون ڪٽيون آھن
نھ آ ڪنھن شوخ جي شمشير يا قتلام جي پروا
نھ رھندو آھميشھ وقت ڪنھن سان ھڪ ڪرو ’جوھر‘
”نھ ڪر مرد قلندر گردش ايام جي پروا“
زندگي جو سخت ھوڏاڍو سفر
شڪر آھي، ٿي ويو پورو مگر
موت برحق چئي، ڪيم آخر قبول
ٻيو نھ چارو ھو، نھ ئي ڪو چاره گر
ٻارڙائپ کان، ٻڍاپي تائين يار!
سور ھئي ساري حياتي سر بسر
ڪين ھو تقدير تي ڪجھھ اختيار
آسمان تي ڀي، نھ ھو پنھنجو اثر
مان تھ بيوس ڀي ھيس، پابند ڀي
ڇا ڪيو مان پاڻ، مون تي ڇو ڏمر؟
پنھنجي سورن جي سوانح، ڇا لکان؟
نرڙ تي قدرت لکيا آھن اکر!
آسرو بخشش جو آ، الله ۾
ٿي شفاعت ئي محمد ' ڏي نظر
يار کان قاصد نھ آيو، ڪو اڃا
شايد عزرائيل ايندو، اڄ نامھ بر
آھھ نازڪ ڏاڍي ’جوھر‘ ھي گھڙي
خير سان پورو ٿئي، شل پويون پھر
ڪافيون
مٺو محب منھنجي اڱڻ آھ آيو
ڪيو جھٽ خوشي مان مٺايون ورھايو
لکين لطف لائق ڪروڙين ڪرم ٿيا
ويٺي ھنڌ والي آ وار و ورايو
خوشيءَ جا ٿا دل ۾ وڄن دھل ھاڻي
ھڻو خوب جھمروين ۽ تاڙيون وڄايو
نچو ۽ ٽپو ڳايو سھرا ۽ لاڏا
سھيليون ۽ سرتيون سموريون سڏايو
حياتي وڇوڙي ۾ گذاري آ ’جوھر‘
مرڻ مھل ٿيو آھ لايو سجايو
وڃي پيغام پھچائج پياري يار کي پانڌي
پري توکان مڍا منٺار مونجھي پئي مري ماندي
وڃي محبوب کا چئجان، جڏھن مھمان ٿي ايندين
وڇائي وار تو ھيٺان، مان ڏينديس ٻانھن سيراندي
ڀڳو دل جو بڻائينديس، جگر جا ڪوفتا ٺاھي
ھڻي سڀ ھنڌ
ڪنديس، ٿينديس جڏھن مان ھوت ھيڪاندي
دل ناچيز ڇا، سر ساه سؤ ڀيرا ڪري صدقي
چمي تنھنجا قدم دل تي رکي، ويھان ٿي پيراندي
ڪيئھ آزيون نيازيون يار کي ڏاڍيون، مگر ’جوھر‘
ڀڙايو ڪين ڀاڳن، يار تنھنجو ڪونھ ٿيو ڪانڌي
ڪافي
وڇوڙو ٿو تنھنجو، مٺا محب ماري
جدائيءَ ۾ ڳڻتين ڇڏيو ساھھ ڳاري.
وئي وسري مون کان سڄن ھي خدائي،
سوا تنھنجي ساجن، نھ ٻيو حالڀائي،
قسم تنھنجي سر جو لڳس تنھنجي لاري،
گھڙي ھڪ نھ غافل ٿي توکان گذاريان،
پنھل يار توکي ئي پلپل پڪاريان،
سدا توکي سھڻا، سندم ساھھ ساري.
ڪري ياد توکي، مان جانب جيان ٿي،
ڀري زھر جا ڍڪ، مان ڍولڻ پيان ٿي،
نھ آ منھنجي وس ۾ تھ ويھان وساري.
اٿم پڪ جنازي تي ’جوھر‘ جي ايندين،
ڏسي منھن، ڪري
دانھن، سڏڪا ڀريندين،
وسائيندين بارش، مٿان لڙڪ ھاري.
او يار منھنجا دلدار
تون ساه جو آن سينگار
منھنجي محبت توسان دل جي آ، الفت توسان
ويندس مري توکان ڌار
سر جون سٽون توسان دل جو وري ڇا ٻئي سان
من جو تون آھين منٺار
سر ڏي سلامي تنھنجي دل ڏي غلامي تنھنجي
سر ساه جي تون سرڪار
دل جي دعا آ سائين من جون مرادون پائين
تون خوش ھجين ھردم يار
دل آھھ ڏاڍي مجبور گھٽجي ٿو دم توکان دور
مون کي نھ مٺڙا تون مار
سھڻا سدائين ’جوھر‘ تنھنجو ٿي رھندو نوڪر
تن ۾ لڳي جنھن کي تار
او سھڻا سائين تو تان صدقي وڃان
سر سوڌو گھر ڀي پنھنجو گھور ڪيان
تون منھنجو دلبر جاني محب مٺو
تنھنجي قربن مون کي آ يار ڪٺو
ملڪن ۾ تنھنجو ٻيو ڪو مٽ نھ مڃان
مان سونھن جي توکان ٿو خيرات گھران
تنھنجي در تان ٿو دلبر، دان پنان
ٻيجل وانگر ٿو سر جي سين ھڻان
سھڻا سامھون اچن سو سينگار ڪري
ڀلجان ڀيٽا ڪن، جن جي ڪو ڏي ڦري
ھارائي ويندا بازي تنھنجي ھٿان
ميندي رتڙا تنھنجا ھي ھٿڙا چمان
گلڙن جھڙا تنھنجا مان ڳلڙا چمان
تنھنجون سھڻيون اکڙيون ۽ پير چمان
سڀني سھڻن جو تون سلطان آھين
پنھنجي ’جوھر‘ جي جانب جان آھين
تنھنجي قدمن تان مان قربان ٿيان
وجھي دل کي وارن سندا ونگ سڄڻ
ھنيون دل تي ڌاڙو تو اڙ ٻنگ سڄڻ
ڪيئھ وار دل تي نظر جا نھاري
مڍا مور مرڪي ڇڏيئھ محب ماري
کٽي عشق جي تو آھي جنگ سڄڻ
ڪيئي پيار سان پنھنجا عاشق بڻايئھ
ڪيئي ناز نخري سان سرڪش نوايئھ
عجب دل کسڻ جا اٿئي ڍنگ سڄڻ
اڳيان تنھنجي سھڻا چٽو چنڊ ڇا ھي
مٺي تو جيھي ماکي مصري نھ آھي
تون آن سونھن ۾ دلربا دنگ سڄڻ
بري يا ڀلي آھيان تنھنجي پناري
ڪني توڙي ڪو جھي سمان تو سھاري
تون نوري نڌڻڪي جو آن ننگ سڄڻ
تو تير نظر ساڻ ماري ڇڏيو
ڪري سينو ڇاڻي، تو ڳاري ڇڏيو
حياتي کان ’جوھر‘ ٿيو تنگ سڄڻ
اسان جي اکين جو سڄڻ نور آ
ڪوئي مٽ نھ محبوب جو مور آ
ثريا ھجي، چنڊ تارا ھجن
نٿا حسن ۾ دلربا سان لڳن
اڳيان جنھن جي ٻانھي، بڻي خور آ
محبت ۾ جنھن جو نھ آھي مثال
ٿيو قرب ۾ جنھن کي حاصل ڪمال
وفا ۽ مروت ۾ مشھور آ
جواني ديواني جو ناھي جواب
ميندي رتڙا ھٿڙا ٿيا رشڪ گلاب
شرابي اکين ساڻ مخمور آ
نظر سان نھاري ٿو ماري ڇڏي
ڪري ناز انداز ڳاري ڇڏي
ڇڏيو گھائي دل کي، سندس گھور آ
کلڻ ساڻ وڄ جا ٿا وسڪار ٿين
ڏسڻ سان ھليا ھوش سڀ جا وڃن
سندس در اسان لئھ جبل طور آ |