سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڳاڙها ڳوڙها

صفحو :3

تون سھڻي ڌرتي، تون منھنجي مومل مٺڙي ماءُ
ساه سڄي ساڻيھھ جو تون، تو مان اچي سڀ کي ساءُ

 

تنھنجي ويرين وڙھي ڪيو،
سچ تھ سنڌو! ڪونھي توتي،
رمت تنھنجي ريلا ڪيو،
ڀل پيو ڀونڪي ڪوئي ڏاڍيان،
صدقي توتان، سر لڳي توسان،
ٿڌڙيون ھيرون ھوئن تو ۾،
پنھنجن ڦوڳن ڦري ڇڏيو،
ٻيڙيائتن ٻيڙي ٻوڙي آھي،
نعرا ھڻي نانگا نڪتا آھن،
تنھنجو وار ونگو ٿيڻ نھ ڏيندا،
تنھنجي اولاد جو سر اڏي تي آ،
مري ڀي منھن مٿي ڪندا،
جيرو ’جوھر‘ جو جلي ويو،

 

 

تنھنجي گھوٽن کي گھرو گھاءُ
ڪنھن جي پاڻيءَ جو پاءُ
آئي وئي جو ڪري آدر ڀاءُ
تاري کي ڏيئي تاءُ
ڪنھن جو ناھي ڊپ ڊاءُ
توکي ڪانھ لڳي ڪوسي واءُ
ڪونھي ڪميڻن کي ڪھڪاءُ
نا خدائن ناءُ
آھي پورب ۾ پڙلاءُ
جوڌا جوان جيجل ماءُ
داسن رکيو آھي داءُ
جِن ۾ آھھ غيرت، شرم حياءُ
اندر ۾ آھي ايڏو ايذاءُ

 

 

زبان شمع آھي مان پروانو آھيان
زبان جي محبت ۾ ديوانو آھيان
شرابِ زبان پي ٿيو مستانو آھيان
فروغ زبان لاءِ فرزانو آھيان
ڪندس ساه صدقي مان سنڌي زبان تان
وڃان گھور اھڙي مون عزم جوان تان

 

زبان آھھ ايمان، نھ ايمان ڏيندس
وڃائڻ نھ پنھنجو ڪڏھن شان ڏيندس
بوقت ضرورت، جگر جان ڏيندس
مري ڀي زبان کي، وڏو مان ڏيندس
ڪندس ساه صدقي مان سنڌي زبان تان
وڃان گھور اھڙي مون عزم جوان تان

 

سلامت زبان آ، تھ آھي وطن ڀي
آ ڪوئل جي ڪوڪو سان، زنده چمن ڀي
رھي شمع روشن تھ آ انجمن ڀي
جي شيرين مري وئي تھ ويو ڪوھڪن ڀي
ڪندس ساه صدقي مان سنڌي زبان تان
وڃان گھور اھڙي مون عزم جوان تان

 

مٺي منھنجي دنيا جي ٻولين ۾ ٻولي
ڏني ماءُ پينگھي اندر جنھن ۾ لولي
خدا جو قسم جنھن بھ رڻ ۾ آ رولي
انھيءَ سان وڙھي رت جي کيڏان مان ھولي
کنيون ھٿ اٿم ھن فنا جي جھان تان

ڪندس ساه صدقي مان سنڌي زبان تان

 

اٿو سڀ، جھان سارو بيدار آھي
ھي اھل وطن لاءِ للڪار آھي
زبان کان سوا جسم بيڪار آھي
حياتي جي عزت جي درڪار آھي
تھ لکنگھڻو ئي پوندو وڏي امتحان تان
ڪندس ساه صدقي مان سنڌي زبان تان

 

زبان منھنجي آھي سڀ کان پياري
زبان محّمد کان پو آ ڀلاري
عنايت، سچل، نوح، امروٽ واري
ڀٽائي ۽ دائود پوٽي اجاري
وڃان صديق تنھنجي مان نام و نشان تان
انھن جي وطن جي مان خوردو ڪلان تان

 

مري ملڪ مان ڇو وئي ليڊري آ؟
وئي قومي غيرت سندس ڇو مري آ؟
گھرڻ حق جو ڳالھھ ڪھڙي ڳري آ؟
”نھ چھٽو زبان کي چيو ھڪ چري آ“
صد افسوس مون کي آ اھڙي بيان تان
ڪندس ساه صدقي سنڌي زبان تان

 

زبان پنھنجي وڪڻي نھ وٺ تون وزارت
زبان لئھ مري پيئيءُ جام شھادت
انھيءَ ۾ سمايل آ عزت ۽ عظمت
زبان جي ڏيڻ سان ملئي جي صدارت
تھ قربان ڪر پنھنجي مادر نشان تان
ڪيان ساه صدقي مان منھنجي زبان تان

 

ڇڏي باھمي رنج، ھڪ ٿي تھ ھاڻي
ڪيو اڄ اوھان سڀ، نھ ٿيندي سڀاڻي
ٿيو مرد ميدان، وڌو سينو تاڻي
ھلو لاڙڪاڻي، ھلو لاڙڪاڻي
ڪيو پاڻ سڀ، ھٿ کڻون آسمان تان
ڪيو جان قربان، پنھنجي زبان تان

 

ڪيو عھد گڏجي، سڀئي دوست دلبر
ٻڍا ۽ جوان، ھاري، مزدور، ليڊر
ملازم ۽ استاد، شاگرد، تاجر
پِيئو جيڪي پاڻي ٿا، سنڌو جو ’جوھر‘
حياتي ڏبي مادر مھربان تان
ڪبو ساه قدقي تھ مادر زبان تان

*

ملڪ وفاجي مارن کي منھنجا سلام پھچايو سانگين سمن، سنگھارن کي منھنجا سلام پھچايو
ڪيچين ۽ قربدارن کي منھنجا سلام پھچايو
آديسين اباڻن کي منھنجا سلام پھچايو
سؤ سؤ سلام پھچايو، منھنجا سلام پھچايو

 

سؤ سؤ سلام يارن کي منھنجا سلام پھچايو
’جوھر‘ جي جيئي جيارن کي منھنجا سلام پھچايو
پِيڙي جي سھارن کي منھنجا سلام پھچايو
۽ آخري مرادن کي منھنجا سلام پھچايو
سؤ سؤ سلام پھچايو، منھنجا سلام پھچايو

 

مومل جي راڄ راڻن کي منھنجا سلام پھچايو
سھڻي سندي ميھارن کي منھنجا سلام پھچايو
نوريءَ جي، تماچين کي منھنجا سلام پھچايو
سسئي سندي سھاڳن کي منھنجا سلام پھچايو
سؤ سؤ سلام پھچايو، منھنجا سلام پھچايو

 

سوري کي سيج جن سمجھيو تن کي سلام پھچايو
جنت کان جيل کي سھنجو، تن کي سلام پھچايو
سرصدقي، جن ڪيو پنھنجو تن کي سلام پھچايو
جنت جي شاھزادن کي منھنجا سلام پھچايو
ھوشو شھيد پارن کي منھنجا سلام پھچايو
سؤ سؤ سلام پھچايو، منھنجا سلام پھچايو

 

اي وطن وارا! ڀري محفل ۾ اڄ اعلان ڪر
پنھنجي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ ڪو سامان ڪر
مال زر، گھر، عيش، راحت کي اٿي قربان ڪر

 

پنھنجي مقصد تان فدا تون جسم ڪر ۽ جان ڪر
پاڻ تي ڀاڙي اٿي پئو، ڀرو سورک پاڻ ۾
”تنھنجو دم ئي موج آڻي ٿو سگھي مھراڻ ۾“

 

جي ڪرين ھمت، بلاشڪ ٿي سگھين ٿو ڪوھڪن
سر ڏيڻ چاھين تھ تون ئي آھين مرد صف شڪن
ڪين ڊيڄاريندا توکي ظلم جا دارورسن

 

سھھ سڀئي رنج و محن، اچ تون ٻڌي سرسان ڪفن
ڪاميابي جي ڪليد آھي، سندءِ رت ڇاڻ ۾
خون تنھنجو ماپبو آھي، مھانگي ماڻ ۾

 

ڇو خموش آھي اسان جي ليڊرن جي ليڊري؟
ڇا زبان جي مسئلي ۾ سڀ ويا آھن مري؟
يا وزارت جي ھوس، ڪئي چيلھھ آتن جي ڍري!
اڄ سڀاڻ ووٽن وٺڻ لئي ڪھڙي منھن ايندا وري؟
آوڌو جنجي سياست ملڪ کي مانڌاڻ ۾
شرم کان تھ بھ منھن لڪائڻ ڪين ٿا پھراڻ ۾

 

منھنجو ڏوراپو بھ گستاخي آ تن جي شان ۾
پاڻ سان گڏ ملڪ وڪڻي ٿا ڇڏن ھڪ آن ۾
ڄن کلي ٻڪرا پڙي آھي پئي ايوان ۾
ڪن خلافت جي ٿا دعويٰ، ڪير پاڪستان ۾؟
منھنجي اميدن جو گلشن آ خزان جي ٻاڻ ۾
ويندو اجڙي اک پٽيندس مان نھ جي، ھن ڄاڻ ۾

 

آسمان جي چال ۾ ھڪ انقلاب ايندو ضرور
ملڪ جو مزدرو، ھاري ھو شور ٿيندو ضرور
ظلم، زوري جو تصور ختم ٿي ويندو ضرور
حق ھر حقدار کي پنھنجو ملي ويندو ضرور
’جوھر‘ فطرت جي گھرج آ رھبر اھڃاڻ ۾
”تنھنجو دم ئي موج آڻي ٿو سگھي مھراڻ ۾“

 

ٻولي منھنجي اِھا ٻولي
اديون پنھنجي ابَاڻن جي
ويسھھ ڪيو مون ويرين تي
ڏيرن ڏڦيڙ وڌو ڏاڍو
ڌرتي سڪون واري سنڌ
ساڻيھھ سائو رک سائين
سوري کي سيج سمجھي ھتِ

 

 

ٻنڌڻين ٻڌم جيڪا لولي
آھيان ازل کان مون گولي
ڀينر ڙي آءٌ ھيس ڀولي
سائين اسان جي ڪر سولي
رولاڪ ڪنھن اچي رولي
’جوھر‘ جھلي آھي جھولي
ڳڀرن اچي آھي ڳولھي

 

 

نغمھءِ وطن

سر ڪيان صدقي مان توتان ساه کان پيارا وطن
راحتِ قلب و نظر، اکڙين سنڌدا تارا وطن
اي مٺا محبوب منھنجا، دوست دل ورا وطن
ڇو نشان ڏسجن ٿا تو ۾، ظلم جا ڪرا وطن؟
بادهء احساس پي اڄ جان ھي آندي آ مان
دولتِ افڪار تنھنجي نذر لئھ آندي آ مان

 

ھڪڙي ڌرتي تي رھڻ وارا ھي انسان اڄ سڀئي
بي سبب ٿيا پاڻ ۾ دست و گريبان اڄ سڀئي
جيڪي شيرازا ھيا، آھن پريشان اڄ سڀئي
ننگ مذھب، ننگ دين آھن مسلمان اڄ سڀئي
خون سان ساڙي ڇڏي، جن منھنجي سائي سرزمين
سي، ھلاڪو خان جي اولاد آھن باليقين

 

ڪنھن ڪيا پيدا ھتي ايڏا وڏا ويڇا ۽ وير؟
پاڻ ۾ پاڙيسرين کي آ ويڙھائڻ وارو ڪير؟
ديو نفرت جي ڄمايا ھت جڏھن ھا، پنھنجا پير
ويا لڳي ھن ملڪ ۾، ماڻھن جي لاشن جا ھا ڍير
ھن مقدس ملڪ جي تاريخ ئي مٽجي وئي
آشتي ۽ امن جي، تھذيب ئي گھٽجي وئي

 

ڇوٿي آ آيام گل ۾، بي پرو بالي سندءِ
آ گل اميد کان، دامان اڃا خالي سندءِ؟
مون کان اڄ ڏسجي نھ ٿي والله! پامالي سندءِ
۽ نھ آ منظور مون کي، ھي زبُون حالي سندءِ
ٿي نھ مايوس اي وطن، تنھنجي دوا آندي آ مان
نعرو چپ تي، سر تري تي ۽ دعا آندي آ مان

 

آھيان شاعر، منھنجي قبضي ۾ آ عالم جو نظام
مون کي آ، اندازهء رفتار نبض صبح و شام
دشمنن کان تنھنجو، عبرت خيز وٺندس انتقام
آ زبان شاعر جي سيف الله، ’جوھر‘ بي نيام
طاقتِ بيداد سڀ لرزي ٿي، منھنجي ئي اڳيان
وقت جي رفتار ڀي ٿئي بنڌ منھنجي ئي اڳيان

ھي، درنده اشرف المخلوق آھي آدمي؟
آدميت سان عداوت، بغض و نفرت دشمني
ظلم جي آغوش ۾ انسانيت جي خودڪشي
حاصل مذھب اِھو جي آ، مان لامذھب سھي
حيف تنھن مذھب تي، جو خون ريزو خون آ شام آ
جنھن جي باعث، عورتن ٻارن جو قتل عام آ

 

وطن جِسم آھي وطن جان آھي
وطن دين آھي ۽ ايمان آھي


 

اسان جي وطن جي وڏي ھاڪ آھي
وطن جي زمين رشڪ افلاڪ آھي
ڏنگي سون کان وڌ سندس خاڪ آھي
ھي فرمان شھنشاه لولاڪ آھي

 

وطن جي محبت ئي ايمان آھي

اسان کي وطن، ساه کان وڌ آ پيارو
دعاگو آ جنھن جو ڀٽائي ڀلارو
جِتي خواب فرما آ، امروٽ وارو
قلندر، ڪريم آھھ سرور، سچارو

 

وطن مرڪز علم و عرفان آھي

وطن جو رھاڪو آ، ھر ھڪ سپاھي
رکي سر تري تي، وطن جو ٿيو واھي
ڏٺي جنھن سوين ڀيرا، چاڙھي ۽ لاھي
ڪندي ڇا انھي کي ڪائي ڪج ڪلاھي؟

 

خدا خود، وطن جو نگھبان آھي

اچو گڏجي پنھنجي وطن کي بَچايون
پنھنجي ملڪ جي، پاڻ عزت وڌايون
ڪري خوب محنت، وطن کي بَڻايون
ڀلي پاڻ کي پوءِ، سورھھ سڏايون

 

وطن سان ئي ’جوھر‘ وڏو شان آھي


 

*

اي وطن جا پاسبانو، جان نثارو، السلام
ديندارو، دردمندو، دل فگارو، السلام

 

آسمان فتح جا روشن ستارو السلام
سوڀ واري سرزمين جا ماه پارو، السلام
سر بلندو، سرفرازو، شھسوارو، السلام

 

عزتِ ارض مقدس، سرفدايان وطن
نازش عرش معليٰ، جانبازان وطن
غيرتِ ملت، وطن جا پسدارو، السلام

 

سر ڏئي اِسلام لئھ، الله سان ٿي سرخرو
پي، اوھان جام شھادت، آ وڌائي آبرو
جنت الفردوس جا دلبر دلارو السلام

 

خالد و طارق، حسينءَ ابن عليءَ جا رازدار
فتح خود آھي، قدمبوسي جي خاطر بي قرار
جنگ جي ميدان جا، سورھھ سوارو السلام

 

اڄ وري زنده ڪيا آھن، اوھان بدر و حنين
اڄ وري آھي اوھان دھرائي، تاريخِ حسينءَ
قرن اوليٰ جا مثالي يادگارو، السلام

 

خوش اوھان کان ٿي زمين آسمان جي انجمن
زندهء جاويد آھيو، اي شھيدان وطن
”لا تقولو“ جو اوھان لئھ، آ اشارو، السلام

 

حسن ابدالي جو آھيو، شان غوري جو اوھان
آھھ پاڻي پٽ جو تازو ڪيو اوھان اڄ داستان
’غزنوي‘ جي جِان، ’بابر‘ جا پيارو، السلام

 

پنھنجي دم سان آھي ’جوھر‘ جن ڪئي جنت خِريد
درد ۾ تن سان شريڪ آھيان، ٿيا جن جا شھيد
اي عزيزو، خوش نصيبو، اشڪبارو، السلام

 


 

*

اڃا جاري فلڪ جي کجروي جو سلسلو آھي
تھ منزل تي پڄڻ ھمراھھ مشڪل مسئلو آھي

 

چمن جي مالڪن ۾ جي وڌيو احساس محرومي
پو گلشن جو، بذاتِ خود، بچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي

 

شھنشه تخت طائوسي ڇڏي ڪاڏي ويو يارو؟
اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندو، وڃي ڪاٿي مئو آھي!

 

نھ رھندو تخت تابع ٿي، سدائين ڪنھن سڪندر جو
ھميشھ وقت ڪنھن جو، ڪونھ گذريو ھڪ ڪرو آھي

 

نظام گردش دوران ئي عبرت جو مقام آھي
ڏسو پنھنجي اکين آڏو، تھ ھتِ ڇا ڇا نھ ٿيو آھي؟

 

پڇو ڇو ٿا؟ دوباره آزمائش ۾، وجھو ڇو ٿا؟
اوھان کي ياد ھوندو، اڳ اسان ڇا، ڇا، چيو آھي

 

لسان الغيب ئي سمجھو، يا نقارهء خدا سمجھو
اسان جئن، جئن، چيو آھي بِنھھ تئن، تئن، ٿيو آھي

 

ڪڏھن سردي، ڪڏھن گرمي، ڪڏھن ڏک آ ڪڏھن سک آ
ڪڏھن آگگھھ اوندھھ ۽ ڪڏھن ٿيو سوجھرو آھي

 

اجائي بدگماني، يا غلط فھمي نھ ٿئي ڪنھن کي
حقيقت کي وڏي واڪي، ٻڌائي مون ڇڏيو آھي

 

مالڪ ساري ۾ سياست جي ستيا ٿي ناس آ
ڄڻ گھمي ھاڻي ويو شايد نئون راڪاس آ

 

پنھنجي پنھنجي رنگ ۾ بدمست پوري قوم آ
ملڪ جو ڪنھن کي نھ ذره ڀر رھيو احساس آ
فڪر، دانش، آدميت خودکشي ۾ مبتلا
ھر عمل اميد جي برعڪس، محو ياس آ

 

جيستائين، قوم ۾ ھوندي ريا ڪاري، نفاق
فرد، قومي امتحان ۾ ٿي نھ سگھندو پاس آ

 

مختلف جادوگرن جي شعبده بازي عجيب!
سڀ اجايا آسرا آھن، اجائي آس آ

 

زيست، روشن طبع وارن لاءِ آ ’جوھر‘ غذاب
دردمندن لئھ زمانو، ٿيو تھ ڪڏھن راس آ

 

نظم

قوم

مست مئي پندرا آ جنھن قوم جو ھر فرد،
سر گشتھءِ ادبار آ جنھن قوم جو ھر فرد،
تصوير بديوار آ جنھن قوم جو ھر فرد

 

سا قوم، سزا وار بقا ٿي نھ سگھي ٿي.

جا بادهء اخلاص کان سرشار نھ آھي،
جا وحدتِ قوميءَ جي پرستارنھ آھي،
جنھن قوم ۾ يڪجھتيءَ افڪار نھ آھي:

 

سا قيد غلامي مان رھا ٿي نھ سگھي ٿي.

 

حق ڳالھھ جي اظھار جي، جنھن ۾ نھ آ قوت،
بيباڪيءِ گفتار جي، جنھن ۾ نھ آ ھمت،
ھڪ آه شرربار جي جنھن ۾ نھ حرارت:

 

سا ناشر فرمان خدا ٿي نھ سگھي ٿي.

دلدادهء ھر رند طلسمات جا قوم آھھ،
زندانيء اربابِ خرافات جا قوم آھھ،
وابستھءِ پِيران خرابان جا قوم آھھ:

 

سو درد آ، ھت جنھن جي دوا ٿي نھ سگھي ٿي

باقي نھ جنھن قوم ۾ اسلاف جا ’جوھر‘
ھر فرد آ جنھن قوم جو خود ساختھ رھبر،
جنھن قوم جو ھر فرد گناھن سندو پيڪر:

 

ميراثِ شرف ان کي عطا ٿي نھ سگھي ٿي

 

مٺي ملڪ جا مور سھڻا سپاھي
ھميشھ رھي تنھنجو الله واھي
ھجي شل مقدر تنھنجو ڪامراني
ملئي شال عزت ڀري زندگاني

 

فلڪ تي تون چمڪين سدا مور ماھي

وڄي جڳ ۾ تنھنجي شجاعت جو ڏوڪو
ھلي تنھنجي ھمت جو ھر ھنڌ ھوڪو

 

چڙھين چوٽ تي تون، ڏسين ڪانھ لاھي

پنھنجي ديس جي تون، آن عزت ۽ عظمت
تنھنجي جان نثاري جو جذبو ۽ غيرت

 

ڪندا چنڊ تي شان سان بادشاھي

عدو جي صفن ۾ وجھي ڇڏ تون ڀاڄڙ
وڃي دشمنن جي لھي ساري آڪڙ

 

چمي پير تنھنجا، اچي ڪج ڪلاھي

ابابيل بڻبا اچي تنھنجا ساٿي
مري دشمنن جا ويندا سارا ھاٿي

 

ٿيندي توسان ھمراه، نصرت الاھي

ڪفن ٻڌ مٿي سن، تري تي رکي سر
وڌائج قدم چئي تون الله اڪبر

 

محمد مددگار الله واھي

وڌي فتح تنھنجي قدمبوس ٿيندي
سري پاڻ منزل بھ پيرن ۾ ايندي

 

رضا تنھنجي ’جوھر‘ رضائي اِلاھي

 

جو سوري تي چڙھي ٿو سچ سڻائي
انھي کي حق آ. سورھھ سڏائي

 

نتيجي جو، ڪنھين تي ناھي ذمو
ادا ڪيو، فرض پنھنجو حق ٻڌائي

 

ڀڄي باطل جا بُت پرزائي ٿيندا
ڏسو ويٺا، خليل الله آئي

 

اوس، فرعون، غرق نيل ٿيندو
نھ سگھندو کيس، ڪو لشڪر بچائي

 

وري فرعونيت واپس نھ ايندي
نھ سگھندو ڪوئي ڪوشش سان ورائي

 

ٿيو ايٽم بم قلم آھي اوھان جو
ڇڏيو طاغوتي طاقت کي اڏائي

 

اوھان شاعر، لسان الغيب آھيو
ڇڏيو اڳواٽ، ھر ڪنھن کي چتائي

 

ڏٺو، جيڪي اکين سان، اڄ ٻڌايو
وري موقعو ملي ٻيھر، الائي

 

زبان شاعر جي سيف الله آھي
قصيدا ڪوڙ جا، ’جوھر‘ نھ ڳائي

 

ختم ٿيندو جلد ڏسجي ٿو انڌيرو
ھئي رات ڪنھن جي، آ پنھنجو سويرو

 

اٿي پيو آ لشڪر ھي جمھوريت جو
ٿيو آمريت جو آ تنگ گھيرو

 

سدا ھڪ ڪرو وقت، ڪنھن جو نھ رھندو
ھينئر وقت ۽ بخت کاڌو آ ڦيرو

 

ڏيکا ڏينھن ڏاڍا، ويا نيٺ گذري
ڇڏيو ساڙي سورن ھو، ’جوھر‘ جو جيرو

 

اي واقفان قوم سزا وار ڪير ٿيا؟
راه جفا طلب ۾، طلبگار ڪير ٿيا؟

 

گيسوئي فن کي ڪنھن جي ٿي مشاطگي نصيب
جوش ۽ جنون ۽ جذب ۾ سرشار ڪير ٿيا؟

 

سقراط وارو پيالو ڀري، پي ويا سي ڪير؟
مونکيءَ جي پي وٽي، سر بازار ڪير ٿيا؟

 

ڪنھن راز ھاءِ ديرو حرم، فاش اڄ ڪيا؟
منصور وار، کلندي سردار ڪير ٿيا؟

 

ڪنھن جي بيان کان لرزه بھ اندام آ عدو؟
سوريءَ کي چوندي سيج، سزا وار ڪير ٿيا؟

 

ديرو حرم کي رمز محبت، ڪٿان ملي؟
فتويٰ فروش! محرم اسرار ڪير ٿيا؟

 

ڪھڙا لقائي يار جي خاطر ويا طور تي؟
چئو، تشنھ گان جلوه گه اسرار ڪير ٿيا؟

 

ڪھڙا، رھين ذوق نگھھ ٿيا، الم نصيب؟
ڏس! ڪشتگان حسرت ديدار ڪير ٿيا؟

 

اربابِ ذوق و عزم کي ڪنھن ولولا ڏنا؟
۽ رھروان وادي پرخار ڪير ٿيا؟

 

اي، حافظان شھر جمال! آھھ ڪجھھ خبر؟
سارق، نقب زنان، پس ديوار ڪير ٿيا؟

 

ڪنھن علم و فن جا ڪيئي حقائق ڪيا ٿي فاش؟
افسانھ گوئي مڪر، فسون ڪار ڪير ٿيا؟

 

ڪنھنجو ٿيو حرف حرف، در معنوي فڪر؟
اي شاعران دھر، گھر بار ڪير ٿيا؟

 

ڪھڙا حرم نشين ٿي چڪا، اڄ شھيد فن
سبحھ بدوش، صاحب زنار ڪير ٿيا؟

 

ڪنھن ڪنھن سٺا ٿي، چشم تمنا ۾ زخم يار
اجڙيل چمن ۾، ديده خونبار ڪير ٿيا؟

 

ڪنھن ڪنھن جي خون، لالھ کي بخشيو جمال يار
باغ خران رسيده ۾ خونبار ڪير ٿيا؟

 

ڪھڙا ويا ٿي گوشھ نشين ۽ وطن فروش
ڪھڙا وڍيا، ۽ رونق بازار ڪير ٿيا؟

 

ڪھڙا رھيا شکار جنون، اي خرد فروز!
ميدان ڪارزار ۾، لاچار ڪير ٿيا؟

 

اڄ جنبش قلم تب زندگي ڪٿي؟
يخ بستھ ٿيا ڪير؟ گھربار ڪير ٿيا؟

 

ھمت بلند، عزم بلند ۽ نظر بلند
چئو، صاحبان دولت بيدار ڪير ٿيا؟

 

باطل سان پنجھھ آزما، شاھين مزاج ڪير؟
روبھ مزاج، بَستئھ گفتار ڪير ٿيا؟

 

خاڪ وطن ٻڌاءِ، سندءِ جانفروش ڪير؟
غدار ڪير ٿيا ۽ وفادار ڪير ٿيا؟

 

راه وفا ۾ سر ڏئي، ’جوھر‘ ٿيو جان نثار
بُزدل، بھانھ ساز، گيدي، مڪار ڪير ٿيا؟

 

نھ فرات و دجلھ تي ناز ڪر، نھ فريب گنگ و جمن ۾ آ،
آ جھان تنھنجو سڄو وطن، سگھو بيوطن تون وطن ۾ آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org