سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڳاڙها ڳوڙها

صفحو :11

منھنجا يار دلدار سھڻا سچا
سڏي ڪير توکي سڄڻ بيوفا؟

 

مان تنھنجي سچاين تان صدقي وڃان
مان تنھنجي وفائن تان سرگھور ڪيان
 

محبت جي دنيا سندا بادشا
 

ڪري قرب مون سان ۽ ڏاڍا پيار
وڌائي سڄڻ دوستي جو وقار

 

ڪيو تو محبت جو آ حق ادا

 

مڃان ٿو مٺا مھربان وڏي
خدا توکي ڏي زندگاني وڏي

 

اھا دل مان نڪري ٿي دلبر دعا

 

ڏئي قرب ڏاڍا ۽ قربانيون
تون مون تي ڪيون يار مھربانيون

 

نھ ٿيندو ڪڏھن توکان ’جوھر‘ جدا
 

مکڻ ماکي مصري کنڊون کير سائين
مٺا مور محبوب مھمير سائين

 

نھ ڪو سونھن ۾ تنھنجو ثاني سجھي ٿو
ٻيو حسن ۾ مٽ نھ شاني ٻجھي ٿو

 

پنھنجي پرت وارن سندا پير سائين

 

مون توکي وساريو مٺا مور ناھي
رکيو دل ۾ توکي سدا آھھ ٺاھي

 

اکين آڏو تنھنجي آ تصوير سائين

 

خبر ناھي مان وٽ، خوشي ڪڏھن ايندي
جڏھن ايندين دلبر، تڏھن عيد ٿيندي

 

ھڻان ويٺي ڍارا، پڇان پير سائين

 

جدائي جا ڪارا ڪڪر ڪين رھندا
وٿي جن وڌي آھ جلدي سي ڊھندا

 

اجھو ختم ٿيا زور زنجير سائين

 

جدائي جي تيرن ڪئي ڇيھھ ڇاتي
سڙي ساھھ، دل ۾ برھھ باھھ لاتي

 

ٿيو ’جوھر‘ جو جيرو سڄو جھير سائين

ڏکن جي ڏڌل، ساڻ مون سان ھلي
سکن جي پليل، پاڻ پنھنجو پلي

 

ڏکيو پنڌ، پربت جو ڏاڍو پري
سفر سڃ، جو ڪائي، متان اڃ مري

 

کڻي سر تان ھٿ، سائي رڻ ۾ رلي

 

جبل جھاڳڻون، ھونئن تھ آھي ڏکيو
دونھون درد جو، جنھن جي دل ۾ دکيو

 

پڄي ويندي سا، جنھن جو جيرو جلي

 

اجايو نھ ڳالھيون، ڪامون سان ڪري
سڃي سور کان جا، ڀڄي ٿئي پري

 

اندر اڌ ھجي، سور، سائي سلي

 

ڏکيو پيچر و پٻ جو، پٿرن منجھان
سکي واٽ سھنجي نھ ڪا ڪھڪشان

 

پٿون پير ٿيا پنھنجا، رت سان رلي

 

اديون، مھرباني ڪري سڀ مڙو
پنھل جي نھ پيرن پٺيان، پئي رڙو

 

ٻڌي ھٿ ’جوھر‘ سڀن کي جھلي

 

 

مکڻ ماکي مصري مٺن کان مٺا
سڏي ڪير توکي سگھي بي وفا؟

 

مروت ۾ محبوب مشھور آن
محبت جي دنيا جو منصور آن

 

تنھنجي در جي ٻانھي ٿي سڏ جي وفا

 

عجب تنھنجا نازو ادا دلبري
وفا مھرو الفت، ڪرم گستري

 

تون ناتي نباھڻ ۾ آن واھوا

 

جگر بند، دلبند، تون ساه آن
تون ملک وفا جو شھنشاه آن

 

وساريندا توکي نھ اھل وفا

 

مان تنھنجو، تون منھنجو وفادار آن
مٺو يار منٺار، دلدار آن

 

تون ’جوھر‘ جو دلبند آن دلربا
 

اسان کي پکي ڀي تھ آھن سياڻا
ڇڏي ڪجھھ نھ پٺتي، وڃن ٿا اڏاڻا

 

ٻھ ٽي ڪک ٻھاري، اچي گھر اڏن ٿا
سدائين ٿا سمجھن تھ ھاڻي لڏن ٿا

 

ھميشھ ٽڪڻ لئھ نھ ٺاھن ٽڪاڻا

 

نھ ڪي محل ماڙيون، نھ ٺاھن پڪا گھر
ھلڻ ھارڪا، ويٺا سوئن سدا پر

 

مٺي ٻولي ٻولن، سٺا سر سھاڻا

 

رکن ڪانھ لالچ، نھ گڏ ڪن ڪا دولت
اچي جيڪي ھٿ، کائي پي ڪن ٿا پورت

 

ڪيا معاف مولا، پکين، کان پڇاڻا

 

ھميشھ تھ رھڻو، ھتي ناھھ ’جوھر‘
گھڙي پھر لئھ، مال دولت نھ گڏ ڪر

 

ڏيندءِ ساٿ ڪوئي نھ پنھنجي پڄاڻا

 

پنھل پيار پنھنجا، ڀلائي ڇڏيا ٿي
بڪيون جان جيرا، جلائي ڇڏيا ٿي

 

اڳين ڳالھيون ساريون وساري ڇڏيون ٿي
ويچاريون ڪيئي مور، ماري ڇڏيون ٿي

 

ڇوري جا تھ ڇڪا ڇڏائي ڇڏيا ٿي

 

منھنجو نالو دل تان وساري تون ويٺين
اڳين دل جي پٽي ميساري تون ويٺين

 

نوان نانءَ دل تي لکائي ڇڏيا ٿي

 

ھڻي تير دل کي جدائي جا ظالم
ڏنئھ سور سو بي وفائي جا ظالم

 

اسان جا تھ کنڌا کڻائي ڇڏيا ٿي

 

اڳيان قرب تنھنجا نٿا يار وسرن
اڳيان ناز نخرا، نٿا پيار وسرن

 

اھڙا پيچ پختا ڪي پائي ڇڏيا ٿي

 

تنھنجي عشق ۾ کوڙ مستان آھن
ھزارين پريشان، حيران آھن

 

سوين راڄ راڻا رلائي ڇڏيا ٿي

 

پري توکان پيارا، برو حال آھي
محبت جو مٺڙا، وڏو ڪال آھي

 

مزا ملڪ مان ئي لڏائي ڇڏيا ٿي

 

ھڻي تير نظرن جا دلدار دلبر
ڪري تو ڇڏيا ڪيئي بيڪار ’جوھر‘

 

سوين سينا ڇاڻي بڻائي ڇڏيا ٿي

ڪافي

 

منھن محبوب ڏانھن نا موڙينديس
ھاڙھو ھوت پنھل لئھ ووڙينديس

 

آزيون نيازيون ڪندس اوٺين کي
ٻانھون ٻئي تھ جتن کي جوڙينديس

 

ويندس ڪيچ جبل تي ڪاھي مان
ناتو شھر ڀنڀور سان ٽوڙينديس

 

ابتا پنڌ اٺن جا آزار ٿيا
مھرين مٺن جون مھارون موڙينديس

 

وھائي رت، رندن تي روئينديس
’جوھر‘ جان جتن تان گھورينديس
 

 

اديون مان ڪيئن پرچايان مون کان راڻو رٺو آھي
ڏسيو ڪيئن سوڍو سرچايان مون کان راڻو رٺو آھي

 

ڪري آزيون نيازيون پنھنجي راڻي کي مان پرچايان
ڳچيءَ ۾ پاند ڀي پايان مون کان راڻو رٺو آھي

 

رڙي روئي ڪري دانھون، وسايان مينھن ڳوڙھن جو
پئي پٽ تي مان ٻاڏايان مون کان راڻو رٺو آھي

 

سھيلين جا ڏسيل حيلا وسيلا ڪم نھ آيا ڪجھھ
ٻڌايو، ڇا ڪيان ٻيو مان؟ مون کان راڻو رٺو آھي

 

ڇڏيم سڀ آسرا سرتين جا، مومل آھيان نالي ۾
ڪميڻي اصل کان آھيان مون کان راڻو رٺو آھي

 

زليخائن سندا يوسف، ۽ ليلائن سندا مجنون
مان ڪنھن کي ڪجھھ نٿي ڀانيان مون کان راڻو رٺو آھي

 

ٻڌايو ڪو تھ، حيلو ۽ وسيلو جيڏيون مون کي
ڪيان ڇا مان چري آھيان مون کان راڻو رٺو آھي

 

ڪرم پنھنجو ڪري ايندو اڱڻ ڏک سڀ لھي ويندا
مان ويٺي واٽ واجھايان مون کان راڻو رٺو آھي

 

اوس راڻي کي رحم ايندو ٿيندو ’جوھر‘ تي خود راضي
نھ ڪڏھن آس ٿي لاھيان مون کان راڻو رٺو آھي

 

رسي رت نھ راڻا رڻا رئاري وڃين ھا
ڪري مور ماڻا، نھ ماري وڃين ھا

 

جي وڃڻون ھيئھ، موڪلائي وڃين ھا
ڳھيلي نھ ڳڻتين ۾ ڳاري وڃين ھا

 

ڏئي دل کي آٿت ۽ دلبر دلاسو
اٿيل سور صدما سمھاري وڃين ھا

 

ڪري قرب ڪامل ولھيءَ سان ڪري وڙ
جڏو جيئي جانب جياري وڃين ھا

 

جدائي جا صدما، سھڻ جھڙي ناھيان
گھڙي کن تھ مان وٽ گذاري وڃين ھا

 

اڃايل ٿي سڏڙا ڪيان توکي ’جوھر‘
سپي سڪ جي سھڻا پياري وڃين ھا.

 

عمر! ڪين ڪنھن سان ڪجي ظلم زوري
ڪئي تو ٿرين سان ٿرا ناھي ٿوري

 

منھنجا کيت مارو، ڏنگي وارا ڏاڍا
اجھو ڦوڳ لاھي وڌئون، تنھنجي ڦوري

 

ننگن ۽ حقن کي وسارڻ ڏکيو آ
اھا ڳالھھ ڳڀرن جي لئي آھي ڳوري

 

جيئن شال جڳ ۾ عمر، مون اباڻان
نڌڻڪي مان ناھيان، ڇني ناھيان ڇوري

 

ڏسي مارئي بند، مارو نھ مڙندا
جنين جيئي ۾ ’جوھر‘ لڳي پئي آ جھوري

 

 

عمر! اڄ اباڻن، ڪيا ويس ڪارا
وجھان کڏ ۾ تنھنجا، ھي سينگار سارا

 

مان تنھنجي ھٿن ۾ ڪڏھن ڪانھ ايندس
ڀلي زور ڏس آزمائي، ھچارا

 

پڄي پاڻ پھنوار، تو ساڻ ايندا
ڏٺي ڏينھن توکي، ڏيکاريندا تارا

 

تنھنجو ظلم، ظالم! ھميشھ نھ ھلندو
پڙھي ڏس تون تاريخ جا ورق سارا

 

مان مارن جي آھيان، نھ ڌاريا سڃاڻان
مون کي ساه کان وڌ، ٿيا پنھنجا پيارا

 

ڪريا ڪوٽ، واري سندا ڄاڻ ’جوھر‘
مٺا مارو مون ساڻ ملندا موچارا

 

 

اجھو ڏينھن پورا ٿيا ڄاڻ ھاڻي
تنھنجا ڪوٽ ڪرندا، عمر اڄ سڀاڻي

 

تنھنجي ظلم، ظالم! ڪيو دنگ آھي
اباڻن لئي ڌرتي سڄي تنگ آھي

 

وڃن مارو مسڪين ڪاڏي ڪڄاڻي؟

 

منھنجا مارو مون لاءِ قربان آھن
لڳا تن کي سامھون سڌا ڪان آھن

 

ويا پيڙ جي ڪيترا گھوٽ گھاڻي

 

رسي کي چمي جن ڳلي ساڻ لاتو
نباھيو آ مردن، ننگن ساڻ ناتو

 

وڃي ڄاڻ پھتس مان پنھنجي اباڻي

 

ڪيئھ بادشھ، بي گنھھ بند باندي
سڪي ساھھ مارن لئي آھيان ماندي

 

آجن سان اباڻن ڪيو سنڱ سڃاڻي

 

وڃان شال ’جوھر‘، مان ڀائن جي ڀاڻي
پڄان جلد پنھنجي، پکين مان پراڻي

 

ھتي قيد قسمت ڪيو آب داڻي

 

 

اباڻن کان مون کي، ڇني ڇڏ نھ ڇورا
وساريا ٿرا ڇو، ٿرين جا تو ٿورا؟

 

ڏکن ڏور ڏو ٿين ڪنان ڏيل ڏاريو
ھنجھئون ويٺي ھاريان سنگھارن کي ساريو

 

ڏکيون راتيون ڏاڍيون، ٿيا ڏينھن ڳورا
 

ڪڍي آه، اھڙي مون آھي اندر مان
ٽپيو آ ٻسٽ تير دل ۽ جگر مان

 

اجھو ڪوٽ تنھنجا، ڀڄي ٿيندا ڀورا

 

اچي لعل لڄ کي، لھي نيٺ لھندا
ويھي ويڻ ويرين سندا، ڪيسين سھندا

 

سچا سانگي سھڻا، کرا کيت کھرا
 

اباڻن جي آئي اڏي ويندا آخر
بچائي نھ سگھندا ڪڏھن ڦوڳ، ’جوھر‘

 

ڪچا ڪوٽ تنھنجا پراڻان ۽ پورا
 

ادا ڪانگل، اچي مون ساڻ ڪر احوال مارن جو
ڏٺو جو ڪجھھ اکين سان تو، ٻڌائج حال مارن جو

 

ڏکيا ڏاڍا مٺا مارو، پريشان حال ٿيا ھوندا
ٻڌان ٿي پئي پري کان، سخت آھي سال مارن جو

 

مصيبت جا جبل آھن ڪريا مسڪين مارن تي
پوي ڪاٿي نھ اھڙو شال، ھئي، ھئي ڪال مارن جو

 

آ بوتو بند ڪوٽن ۾، سنگھارين ساه آ سارو
ھي ڪرندا ڪوٽ ڏسنديس مان وڃي منھن شال مارن جو

 

نھ سگھندا سور پي ايڏو، ڪندا سي ھڪ ھڪاڻي اڄ
جھان ۾ ٿي پيو ’جوھر‘ جئڻ جنجال مارن جو

 

 

اچن مارو مون ڏي ٿا سرڙو سھائي
ٿو قربن ڀريو ڪانگ، ھر ھر ٻڌائي

 

عمر! مھرباني نھ تنھنجي ڪا گھرجي
ويندا مون کي پھنوار پاڻھئي ڇڏائي

 

اٿيا مرد مانجھي، کڙا کيت ’جوھر‘
ڇڏيندا عمر، ڪوٽ تنھنجا اڏائي

 

عمر ڪوٽ تنھنجا ڪڏھن نيٺ ڪرندا
منھنجا مارو مٺڙا مون سان شال ملندا

 

کڻي کوه تان آئين زوري تون مون کي
مگر ماڻھو مون لئي آلائي ڇا چوندا

 

ڪيون بند جن جون، تو ناحق نياڻيون
اھي توسان اصلي، اباڻا نھ ٺھندا

 

سگھو تون ستي کي سنگھارن ڏي موٽاءِ
تڏھن توکي سڀ لوڪ سھڻو سڏيندا

 

عمر! ڏاڍ ڪنھن جو، گھڻون ڪونھ ھلندو
نھ اڳ ۾ رھيا ھا، نھ اڳتي ئي رھندا

 

سنگھارن سچارن ۽ دل جي اڇن سان
ڳولھيا ڪين لڀندا، کوٽا جيڪي کھندا

 

اباڻن جي عزت جي لوئي نھ لاھيان
تنھنجا پٽ پٽيھر، اسان کي نھ ٺھندا

 

اسان ٿر جا ماڻھو، پسيون پيرون کائون
سٺا طعام تنھنجا، نڙي کان نھ لھندا

 

پسند مون کي پنھنجن پھنوارن جا پکڙا
تنھنجا محل ماڙيون مون کي ڪيئن وڻندا

 

عمر! ڀيڻ تنھنجي مان آھيان برابر
ڳڻي ڳالھھ ڏس، توکي پڻ پار لڳندا

 

مران جي ھتي بند ۾ باندياڻي
منھنجو مڙھھ مرڻ مھل مارن ڏي منجندا

 

ڪيا وس ھوندا ملڻ لاءِ مارن
مرڻ کان بھ مانجھي ڊنا ڪين ھوندا

 

ڪڏھن کيت مارو ڇڏيندا نھ غيرت
ايڏو سور سانگي، سھي ڪاٿي سمھندا

 

جدا جھانگي مون کان نھ رھندا سدائين
ڏکيا ڏاڍا جا ڏينھن آخر تھ لھندا

 

ڪھڙا ڪوٽ ٽوڙي ڀي ’جوھر‘، اباڻان
مئي مارئي پنھنجي ڳولھي ئي لھندا

 

 

عمر! اڄ مون پنھنجا سڄڻ ساريا
اکين ھت وڏا مينھن وسڪاريا

 

وساري نھ سگھندس اباڻا ڪڏھن
مٺا مور محبوب راڻا ڪڏھن

 

سٺا وقت جن سان مون گڏ گھاريا
 

منھنجا مارو مون کي مٺن کان مٺا
ٻيا ڪئوڙا آھن ڏٺا وائٺا

 

ٿين ڪين پنھنجا، ڌريان ڌاريا

 

عمر مارو پنھنجا پيارا اٿم
منھنجا ساه دل جا سھارا اٿم

 

تو ٻارڻ انھن لاءِ ڇو باريا
 

ڪنديس ساه صدقي سنگھارن مٿان
سٺا سور سختيون جنين تو ھٿان

 

وچن مون سان مارن پڪا پاڙيا

 

ھتي بند ۾ ساھھ نڪتو وڃي
ھتي مارو ھڪڙو نھ توکي مڃي

 

تنھنجي ڏاڍ، ڏونگر وڏا ڏاريا
 

مان تنھنجي ڪڏھن ڪانھ ٿينديس عمر
ٻڌي ڇڏ تون ’جوھر‘ جو ھڪ ھڪ اکر

 

نھ کھھ مارئي سان مئا ماريا
 

منھنجا مارو موٽي ايندا
پنھنجا ننگ پاڻھئي پاليندا

 

سورن جون راتيون رھيون ناھن
ڏينھن ڏک جا ڀي گذري ويندا

 

مايوسي جا بادل ڪارا
ھٽي ويندا اڏري ويندا

 

ايندي موسم مٺڙي موٽي
گلشن جا گل ساوا ٿيندا

 

مارو ويڇا پنھنجا وساري
وائي وحدت جي ڳائيندا

 

ساڃھھ ڏيندو سڀ کي، سائين
پنھنجا آخر، پنھنجا ٿيندا

 

سچ ’جوھر‘ ٿيندو سوڀارو
ڪوڙا بازي ھارائيندا

 

ڏبيون ڪين مارن کي ھاڻي ميارون
وٺي باغ ۾ آيا واپس بھارون

 

رکيو ڏور ڏاگھن کي، ڏيرن ھو ڏاڍو
پڳا مڙس مھرين جون، موڙي مھارون

 

ھئي مارئي وات مارن جي وائي
پھنوارين کي پنھنجي، پرين جون پچارون

 

اٿي کيت مارو کنڀين جان کڙا ٿيا
ڪري آيون ڪوھياريون، ڪونجن قطارون

 

عمر! ڪوٽ ڪمزور تنھنجا ڪري پيا
مليا مارئي ساڻ مھمير مارون

 

وريو وقت ۽ بخت، جنھن لاءِ جھانگين
ھڻايا ٿي ڍارا، وڌئون ويٺي ڦارون

 

وري آنجھاني ڪو غاصب نھ ايندو
ويون آ مريت سنديون پٽجي پاڙيون

 

سڃيون ٿيون سڙيل راک جون سڀ سماڌيون
شھيدن جون آباد آھن مزارون

 

ڪئي عيد جھنگ جھر ۾ ’جوھر‘ اباڻن
لڳي ويون ٿرن ۽ برن ۾ بزارون

 

خبردار، سڌڙيو، متان پير پائي
اچي سوھتي، جيڪو سر کي سھائي

 

ڏکيو ھي محبت جو ميدان آھي
ھتي پير پائڻ نھ آسان آھي

 

ويا ڪيترا ڪنڌ ڪونڌر ڪٽائي
 

نظر جو تکو تير گھائي ڇڏي ٿو
سڄو ھوش ھڪدم اڏائي ڇڏي ٿو

 

نئين سج، نوان نينھن، نانگا نچائي
 

اٿو عشق، دنيا جي سڀ کان اڻانگو
ڀڄي ٿئي پري، جو ڪري سر جو سانگو

 

کڻي سر تريءَ تي اچي نينھن لائي
 

ادا عشق ڏاڍي وڏي باھھ آھي
خطرناڪ اھڙو تھ آڙاھھ آھي

 

سڪا توڙي ساوا ڇڏي ٿو جلائي

 

ھلي ٿي نھ حجت، نھ ڪا تا جداري
ھتي آھھ ھر ڪنھن جي، توبھ ۽ زاري

 

ڇڏيان ٿو مان ’جوھر‘ سڀن کي چتائي

 

بيت ۽ قطعا

 

ٿيو اکين ۽ دل جو آ عالم اھو ڪابھ اک، رئندي ڏسي، دل ۽ اکين روئي ڏنو
ڪنھن بھ دل ۾، چڀيو ڪنڊو، تھ دل تڙپي اٿي
عمر ڀر، ساري جھان جي. غم ۾ آ ’جوھر‘ رنو

 

قوم جي نونھالن ڏانھن

اي عزيز قوم، اي نور البصر اھل وطن!
جان فزائي نگھت گل، موجب ناز بھار
تند طوفان، بادوباران، برق، ابرو ڪوھسار
نوجوان تنھنجي ارادن تان جھان سارو نثار

 

آءٌ تھ اصلئون اھڙي آھيان، تون پنھنجو شان سڃاڻ
مان تھ ڄمندي ڄٽي آھيان، تنھنجي ورقن ۾ بھ واکاڻ
سڃي، سکڻي، عاجز، اڀري، ڏاڍي ڏٻري، ثمر ڪونھيم ساڻ
تنھنجا اکٽ خزانا خالي نھ ٿيندا، ڀريل رھندا، ڀاڳيا ڀاڻ
ليکي ڪندي نھ لھنديس ڏئي ڇڏ، ڏاڍو ڏاتر تون ڏاڻ
”جوھر“ لڳي ٻيجل وارو ٻاڻ، تھ جئن ھلڻ ھارڪي ٿيان

 

تون سمون آءٌ گندري، مون ۾ آھن عيبن جا انبار
تون سھڻو، سلڇڻن، مان ڪاري، ڪني، بيحد بيڪار
مان شڪل ۾ شيدياڻي، ٻيو ڪميڻين واري منھنجي ڪار
مان ڪني، ڪوجھي، ٽڪي، تون سوڍو سٽڪو، سھڻن جو سردار
 تون تھ پراين لئھ بھ پارس، آھين ننگي، نرمل، ننگدار
”جوھر“ کي تون ٽپائج پار، جھڙي تھڙي آھيانءِ تنھنجي آسري

 

مصر جي سيد عالمن جي قتل عام جي موقعي تي لکيل

 

الجزائر، ڪوريا، ڪشمير، ڪانگو، ويتنام
سرزمين مصر جي فرعون کي ڪن ٿا سلام
جس کٽي سوري تي چاڙھي، ڪنھن وري آل رسول؟
ڪنھن ڪيو روشن، وري آھي يزيديت جو نام

 

نھ لالچ داد ۽ تحسين جي آ
اسان ھر حال ۾، خدمت ڪنداسون
جو ٿيندو اڄ اسان سان ٻانھن ٻيلي
سچي دل سان سندس عزت ڪنداسون

 

اسان وٽ ھيچ آھي مال، دولت
اسان آھيون مريدان قلندر
اسان کي ڇا ڪندي ڪا ڪج ڪلاھي؟
اسان آھن ڏٺا، ڪيئي سڪندر!

 

ڀلي ڪنھن وٽ ھجن شاھي خزانا
اسان وٽ قدر آ، انسانيت جو
مروت جي اڳيان ٻانھون ٻڌون ٿا
مروڙيون ڪنڌ ٿا فرعونيت جو

 

سڀن کان نااميد آھيون ٿيا اڄ
توڪل ٿا رکون ھڪڙي خدا تي
جھان وارو! اوھان جو ڇا اسان سان؟
رھون ھرحال ٿا راضي رضا تي

 

توڪل بر خدا آھي ٻڌي ڇڏ
چوان ٿو لااِله، الله اڪبر
اوس فرعون! غرق نيل ٿيندين
ويا ڪاڏي ھليا ڪسرا ۽ قيصر؟

 

سدا نيبھھ نھ ھوندو تخت توکي
لھي ھڪ ڏينھن تون ايندين اسان وٽ
اٽل آ، انقلاب چرخ گردان
سڄو ليکو اچي ڏيندين اسان وٽ

*

ڏکيو گذريو ڏينھن، ’جوھر‘ رئندي گذري رات
سک سنجھي ڇڏي ويا ساٿ، صبح تائين پئي سورن نباھيو

 

مرڻ کان پوءِ ورثي ۾، ھي ھوندو ترڪو ’جوھر‘ جو
ھوشو جي ذڪر جا ڪاغذ ٻھ ٽي ۽ نوجوان ٿورا

 

اوچتي مون کان جڏھن دلدار منھنجا ڌار ٿيا
ڄڻ تھ ٿي قائم قيامت، حشر جا آثار ٿيا
ظلم ٿيو، ناحق ٿيو، ۽ ويل ٿيو بغداد ٿيو
اھڙو طوفان ٿيو بَپا، اوندھھ ٿي انڌو ڪار ٿيا

 

زندگي ۾ ڪشش ڪا رھي ناھي
تو بنا زندگي زندگي ناھي
عيد ايندي، جڏھن يار، تون ايندين
ورنھ ’جوھر‘ سندي عيد ئي ناھي.

 

ويو شرم کان، ڪوڙو قيصر لنڊ، اجايو اڳ مري!
اڄ تھ ڪوڙ آھي ھنر ٿيو، ڪوڙ ٿيو ڪاريگري!
ڪوڙ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي پاس آھي ليڊرن
ملڪ جي نيرولين جي ڪن آ ’جوھر‘ کري

 

جو ڪري لايعني ڳالھيون، وار گنڊڙائي وڌيڪ
ملڪ ۾ سمجھيو وڃي ٿو، سوئي دانشور وڏو
جو ڄمائي سرنھن، ماڻھن جي ھٿن تي منٽ ۾
اھڙو جادگر ھتي آ ليکبو ليڊر وڏو

 

سائين! سدائين سنڌ تي، سھنجو اڀارج سج
بي مندي برسات نھ پوي ٻيھر ٻڏي نھ ٻج
”جوھر“ وڃي بيٺو آھي نج، ھاڻي ذرو ضايع نھ ڪجان

 

ڏاتر ڏيھھ تان ڏور ڪر، ڏڪر ۽ ڏکيا ڏينھن
شيطان ڪن نھ شرارت، شغال بڻجن نھ شينھن
”جوھر“ جييءُ رھي جھانگين سان، نت نئون لڳيم نينھن
مولا! اھڙا وسائج مينھن، جئن وري ماڪڙ نھ اچي ملڪ تي
 

آ اجرڪ ۽ ٽوپي سڃاڻپ اھان جي
نھ پھرايو، تھذيب جي دشمنن کي
تقاضا ھي غيرت جي آھي اوھان کان
ٻڌائي ڇڏيان ٿو سڀن دوستن کي
 

سنڌ جا ڳڀرو، گلن جھڙا، ڪنوارا بي شمار
سر بھ ڪف آھن سوين، ڦاھي چڙھڻ لئھ لک تيار
ديس جا دودا، دريا خان، ھوشو، ھيمون ھزار
مارو نھ کڻندا ميار، جان ڏئي ٿيندا جکرا

 

آ مارئي جو ملڪ ھي، بختاور جو ديس
ھتي کٿي کنڀيل آ، راڄ راڻين جو ويس
ھتي نھ ڪا سھڻي نھ ڪا ليليٰ نھ ڪوئي قيس
عمر! ھي ڪوڙو ڪيس، آھي عوام جي عدالت ۾

 

عمر! عدالت تنھنجي ناھي مارئي کي مورئون منظور
مارئي جي من ۾، ناحق جي نيزن سان ڪيئھ ناسور
قصورين جا، بي قصورن، ڪھڙا ڪيا ھا قصور؟
ڏينھن ناھن ڏور، اڇا ڪارا پاڻھئي ٿيندا پڌرا

 

اوھان اھل قلم ۽ صاحب فڪر و نظر آھيو
فلڪ جي فتنھ پردازين کان، بلڪل باخبر آھيو
نھ آھي قول ڪنھن جو، مستند اھل جھان آڏو
اوھان جو قول فيصل آ، اوھان ئي معتبر آھيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org