سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڳاڙها ڳوڙها

صفحو :4

توکان حسن نرگس و نسترن، کلي توکان رونق ياسمن،
تنھنجا منتظر ٿيا گل و سمن، تون بھار بنجي چمن ۾ آ.

 

سر خم نھ رھھ تون اي محترم، جو وطن بھ آھھ بنيو صنم،
تنھنجو قدر ٿيندو اي جان من، تون حريم دل جي عدن ۾ آ.

 

ھي بھار دھرد جون محفلون، تنھنجي خلوتن تان نثار ٿيون،
تنھنجو ڪم نھ غنچھ و گل سان آ، تون چمن ڇڏي ڏي ۽ بن ۾ آ.

 

ره و رسم عشق تي رک نظر، ٿي جھان نؤ جو پيامبر،
نھ تون عھد ماضي کي ياد ڪر، نھ فريب چرخ ڪھن ۾ آ.

 

رھي بيوطن چوان ڪئن سخن، ھان، سخن لئھ گھرجي ٿو علم و فن،
چيو آھھ ’جوھر‘ کي دوستن، تھ اي يار، بزم سخن ۾ آ.

 

پياري ديس پنھنجي جا پيارا دوستو! جاڳو!
نٿي سونھين اوھان کي ننڊ غفلت جي اٿو، جاڳو!

 

پيو جاڳي آ جڳ سارو، اوھان ئي ننڊ ۾ آھيو
سچا، سادا ۽ سھڻا سيبتا، سڀ ساٿيو، جاڳو!

 

مٿا سج آ چڙھي آيو، سمھڻ ھاڻي نٿو سونھين
اکيون کولي اٿي پئو، منھن مٿي ڪيو ملڪ جو، جاڳو!

 

اديون ڀينر، اوھان اڄ ڀائرن سان، ٻانھن ٻيلي ٿي
سنواريو، مادر گيتي جي زلفن کي، سگھو، جاڳو!

 

اوھان جي ماءُ ڌرتي، اڄ مدد لئھ منتظر آھي
اوھان جي رت ۾ بختاور سندو آھي جزو، جاڳو!

 

گلن جھڙا جوان ڳڀرو، ٻڍا ۽ ٻار جاڳي پئو
اديون، امڙيون نياڻيون، نينگريون سڀ ڀينرون، جاڳو!

 

جھان جي انقلابن جي سڄي تاريخ شاھد آ
گھرڻ سان ڪونھ ملندو حق، زبردستي وٺو، جاڳو!

 

لڳي ٿو ڄڻ تھ مايوسي ۽ محرومي جو آ گھيرو
سڄي آڪاش۾ گويا گھمي راڪاس ويو، جاڳو!

 

مري وئي قومي غيرت، ڇو اوھان جي ليڊرو آھي؟
اڃا تائين، ٿا پنھنجن جو گريبان ڦاڙيو، جاڳو!

 

سنڀاليو پاڻ، اڃا ڀي وقت آ، خود احتسابي جو
ويو ٿي ملڪ سارو ڀينگ، پيرو، مرشدو، جاڳو!

 

اوھان ڀي پاڻ بدلايو زمانو ويو بدلجي آ
وڃي نڪري متان ھٿ مان اوھان جي موقعو، جاڳو!

 

اوھان جي باھمي جھڳڙن ڇڏيو ڇا پوئتي آھي؟
ڇڏي ڏيو اختلافن کي، ٻڌي ڪيو، ھڪ ٿيو، جاڳو!

 

انا، لالچ ۽ خود غرضي، وساري سڀ ڇڏيو ويڇا
حميت جي تقاضا آ اوھان کان رھبرو، جاڳو!


 

زميندارو، غريبو، ھاريو، محنت ڪشو و مزدور!
اوھان کان اڄ گھري ٿو وقت، قرباني ڏيو، جاڳو!

 

اوھان پنھنجي ھٿن سان قوم پنھنجي کي ڪٺو آھي
ھنيئر قتل عمد جي، خود سزا ڀي ڀوڳيو، جاڳو!

 

اوھان کي سوچڻو، سمجھائڻو، جاڳائڻو، آھي
اوھان تي فرض ٽيڻون آ، اديبو، شاعرو، جاڳو!

 

چمن ۾ وڄ جا وسڪارا ۽ ڪانون جو آڪانگيرو
گل و بلبل سان گڏ، گلشن بچايو مالھيو، جاڳو!

 

وڏن گاگھن کي ورجائي چوي ٿو يار اڄ ’جوھر‘
گھڻون کائي چڪا آھيو، ھينئر ھٿ روڪيو، جاڳو!

 

ملڪ جا ڏھھ ڪروڙ انسانو!

جيئرو رھڻو آ، يا تھ آ مرڻو
آ، اوھان کي، ھي فيصلو ڪرڻو
ملڪ جا ڏھ ڪروڙ انسانو!

 

ھر عمل باغبان جو بيداد
دم ٿو گھٽجي، ڪجي نھ ڪيئن فرياد

 

صبر جو ھارجي ٿو پيمانو
ملڪ جا ڏھھ ڪرور انسانو!

 

آ ڇڏيو ڇيڪ ھي سمگلر ڪنھن؟
چوٽ چاڙھيو آ چور تاجر ڪنھن؟

 

راشين کي آ ڪنھنجو پروانو؟
ملڪ جا ڏھھ ڪروڙ انسانو!

 

ساڌ سڏجن سماج جا دشمن
ديس جا دوست، چور ۽ رھزن

 

ھر حقيقت ڏسان ٿو افسانو
ملڪ جا ڏھھ ڪروڙ انسانو!

 

ڪنھن جي دم ساڻ تازو گلشن آ؟
ڪنھن جي محنت سان ملڪ روشن آ؟

 

ڪير ھن شمع جو آ پروانو؟
ملڪ جا ڏھھ ڪروڙ انسانو!

 

دوستو! حق مڃائڻو آھي
ظلم جي بت ڀڃائڻو آھي

 

ھوندو محمود، يا صنم خانو؟
ملڪ جا ڏھھ ڪروڙ انسانو!

 

عام جو حق ٿئي غصب ڪيسين؟
زور جون ڪرسيون، لقب ڪيسين؟

 

تابھ کي راڄ ھي بھيمانو؟
ملڪ جا ڏھھ ڪروڙ انسانو!

 

آ زبان بند، ذڪر تي بندش
ڪلڪ پابند، فڪر تي بندش

 

ماٺ آھيو، خموش طوفانو!
ملڪ جا ڏھھ ڪروڙ انسانو!

 

ميکده جو نظام، بدلايو
ھيءَ بي کيف شام، بدلايو

 

رنگ ھن ۾ کپي نھ ميخانو
ملڪ جا ڏھھ ڪروڙ انسانو!

 

ھي زندگي آھي

ھر روز آ نالان
ھر صبح آ گريان
دل حشر بدامان
سنسار آ سنسان

 

ھي زندگي آھي

آ ھو ئي خرامان
ٿي صورت جانان
گلشن ۾ آ رقصان
ماحول آبي جان

 

ھي زندگي آھي

بيداد جي بستي
ڪا مرڪ نھ مستي
آڪاش جي پستي
رت راک کان سستي

 

ھي زندگي آھي

گلڙا بھ سڙن ٿا
بلبل بھ رڙن ٿا
صياد ڏسن ٿا
ھاڃان بھ ھڻن ٿا

 

ھي زندگي آھي

جيون جو جتي نام
سک، سھنج نھ آرام
آ گردش ايام!
احساس ٿيو عام

 

ھي زندگي

يخ بستھ زبان آ
جذبو بھ جوان آ
موھوم گمان آ
بي منڌ خزان آ

 

ھي زندگي آھي

ھي منھنجو وطن آ
پڙ مردھ چمن آ
دک دل م دفن آ
خوش زاغ وزغن آ

 

ھي زندگي آھي

 

ھي زندگي آھي

ھر شب، شبِ ھجران
ھر شام پريشان
اک شام غريبان
ڄڻ شھر خموشان

 

ھي زندگي آھي

پابند بجو لان
ڄن زلف پريشان
ٿي غول بيابان
آزيست جو فقدان

 

ھي زندگي آھي

موھن سندي وستي
ڪجھھ ھوش نھ ھستي
ڳاري ڇڏيو ڳڻتي
گل رنگ ٿي ڌرتي

 

ھي زندگي آھي

مکڙا بھ مرن ٿا
ڳورھا بھ ڳڙن ٿا
ھمدردي نھ ڪن ٿا
ھيڪاري کلن ٿا

 

ھي زندگي آھي

الزام آ الزام
دک درد ۽ آلام
گردش ۾ نھ آجام
مجروح ۽ ناڪام

 

ھي زندگي آھي

افسرده بيان آ
مھراڻ روان آ
جيئرن جو جھان آ
بي پھچ فغان آ

 

ھي زندگي آھي

گل چاک بدن آ
سيني ۾ جلن آ
بي گورو ڪفن آ
چٻ مست مگن آ

 

ھي زندگي آھي

گلشن بھ جلي ٿو
جو ساھھ کڻي ٿو
سڀ سور سھي ٿو
اندر ۾ لڇي ٿو

 

ھي زندگي آھي

ھر فرد آبي تاب
ھر چشم آ پر آب
دل آتش تيز آب
ماحول آ زھر آب

 

ھي زندگي آھي

جذبات اٿن ٿا
اڳتي نھ وڌن ٿا
’جوھر‘ جان جھرن ٿا
چپڙڻ ۾ چون ٿا

 

ھي زندگي آھي

 

جھولو بھ لڳي ٿو
محسوس ڪري ٿو
پر ڪجھھ نھ پڇي ٿو
ڪو وس نھ ھلي ٿو

 

ھي زندگي آھي

ھر فڪر آ سيماب
تسڪين آ ناياب
ھر قلب آ خون ناياب
ٿيا مضمحل اعصاب

 

ھي زندگي آھي

مئو ساه کڻن ٿا
دل ۾ ئي رھن ٿا
بي موت، مرن ٿا
ياشعر لکن ٿا

 

ھي زندگي آھي

 

اي ڀٽائي سنڌ جي تو وٽ سڌي فرياد آ

اي امين ”شاعري جزوي است از پيغمبري“
اي دليل عالمي، الھامي، قومي شاعري.
گوھر گنج ھدايت، اي خزينھ رھبري
شعر ۾ دنيا مڃي تنھنجي ڀٽائي برتري
ثانيءِ حسان سان ڇا شيڪسپير جي مجال؟
شعر ۾ ٽيگور جو ڪھرو ڏجي توسان مثال؟

 

سور پنھنجا تو ڪيا پٿر پرائي تي پڌر
شعر ۾ ميٺاج ڏاڍو، شعر ۾ ذوق اثر
شعر ۾ تشبيھھ سھڻي ۽ حقيقت تي نظر
لفظ پيارا، استعارا ۽ ڪنايا خوب تر
ملڪ پنھنجي جي محبت ۾ ٻڏل ھرھڪ اکر
ديس جون ريتون ۽ رسمون، ھر روايت معتبر

 

بند بيتن ۾ ڪيا آھن ڀٽائي سڀ بيان
پنھنجي ڌرتي جون ئي روماني ڪھاڻيون داستان
ملڪ جي مٽي سان الفت ھن ڪئي آھي عيان
ديس وارن سان جڙي جنھن آھھ پنھنجي جند جان
ترجمو قرآن جو آھي رسالو شاھھ جو
مشرق و مغرب وڃي پھتو آ نالو شاه جو

 

اي ڀٽائي! سنڌ جي تو وٽ سڌي فرياد آ
ھت سياسي، اقتصادي طور تي بيداد آ
چور ھت ڌاڙيل ھت، اخلاق جي افتاھھ آ
تاڙ ھڪ ٻئي جي ۾ ويٺو ھتڙي ھر صياد آ
امن واري تنھنجي ڌرتي باه وانگر ٿي ٻري
جھاتي پائي ڏس تھ ڇا ٿو ھت وھي ۽ واپري؟

 

آھھ تنھنجي سنڌ ۾ سائين! ھوا اھڙي گھلي
قرب ڪاڏي ويو ۽ ھمدردي وئي ڪاڏي ھلي
پنھنجا پنھنجن کي ٿا مارن ڳالھھ پئي آھي کلي
تنھنجي سھڻي سنڌ پنھنجن جي ھٿان وئي آ رلي
نانءِ تنھنجي جي وٺڻ وارن کي ڪو احساس ناھھ
ڪنھن بھ سوداگر کي تنھنجي سنڌ تي ڪجھھ قياس ناھھ

 

تنھنجي جيئي سنڌ، پاڪستان جيئي، سڀ جئن
ديس ۽ پرديس جا ماڻھو سدائين خوش ھجن
جوءِ تنھنجي جون ڀٽون ڀاڻان، وليون واڙا وسن
ڳوٺ، واھڻ، وستيون، برٿر سدا وسندا رھن
نانءُ تنھنجي سنڌ جو جيڪي ٿا استعمال ڪن
درحقيقت سنڌ جو سي ئي ٿا استحصال ڪن

 

سنڌ تنھنجي ساڻ پنھنجن ۽ پراون رھبرن
عالمن، پيرن، اميرن ۽ غريبن، رھزنن
اڻ پڙھين، پڙھيل، اديبن، شاعرن، دانشورن
علم دشمن نوجوانن، رشوتي آفيسرن
آه ارمان، شاه سائين! ڪنھن چڱائي ڪانھ ڪئي
سچ تھ ’جوھر‘ سنڌ سان پنھنجن ڀلائي ڪانھ ڪئي

 

سنڌ جا ليڊر سمورا سنڌ سان مخلص ٿين
چور سڀ چوري ڇڏن، ڌاڙيل سڀ ڌاڙا ڇڏن
نوجوان بندوق اڇلائي ڪتابن کي کڻن
ھاري ۽ مزدور ڪم ڪن، ڪارخانا سڀ ھلن
گھر دعا تون، سنڌ جي حالت ھينئر سڌري وڃي
ھي تباھي جو زمانو، خير سان گذري وڃي.

 

غزل

متان ڪو پاڻ ڏي سمجھي، سخن منھنجي جو منھن، ظالم
وتو مون واٽ ويندي، واقعاتي جائزو آھي

 

بقولي ”گندم از گندم برويد جوز جو“ جوھر!
”نوشتھ ازمکافات عمل، غافل مشو“ آھي

 

قلم پابند يخ بستھ زبان، ھي موت جو منظر!
اوھان لئھ نڪتھ دان يارو، صلائي گفتگو آھي

 

حديث ديگران ۾، مون ڪيو مقصد بيان پنھنجو
اوھان جي نڪتھ داني. مون کي بخشيو، حوصلو آھي

 

اديبو، شاعرو، دانشورو، کولي ٻڌايو اڄ
ضرورت وقت جي ڇاھي، اوھان ڪجھھ سوچيو آھي؟

 

اوھان جي بيحسي بڻبي، اوھان لئھ ننگ جو باعث!
اوھان پنھنجي زبان وڪلڪ تي تالو ھنيو آھي

 

خموشي موت جھڙي، خيرخواھي ملڪ سان ناھي
ٻڌايو خود، اوھان پنھنجي اکين سان جو ڏٺو آھي

 

جگر، دل ريش ريش آھن، اکيون ڀي رت رئن ٿيون پيون
نئين سج، نت نئون نئون سور دل ۾ سنڀريو آھي

 

محبت ۾ نھ ھوندو ڪو ٻيو، مجبور مان جھڙو
ڏئي دلدار کي دلڙي، نھ سھندو سور مان جھڙو

 

اشاري يار جي تي جو لڳائي جان جي بازي
زماني کي نھ ملندو ٻيو ڪڏھن منصور مان جھڙو

 

ملي آ عشق ۾ پاکر، ڪيم حاصل ڪمال اھڙو
ھوندو مجنون ويچارو، وڌ ۾ وڌ مشھور مان جھڙو

 

وڃائي ھوش ۽ ھستي، مٽائي موج ۽ مستي
ره الفت ۾ کائي ٺوڪرون، مغرور مان جھڙو

 

حوادث جي تسلسل کان شکستھ پر ٻيو ڪونھي
شکستھ دل، شکستھ جسم، چڪنا چور، مان جھڙو

 

نصيبن جو کٽل، قسمت ڦٽل، شايد ھجي ڪوئي
ڦتيل دل جو، ڏڌل ڏک کان، سراسر سور، مان جھڙو

 

وفا جو مان وڌو ’جوھر‘ ڏکيو ڏاڍو رواج آھي
نباھي عشق جو سگھندو نھ ڪو دستور، مان جھڙو

 

”مون ٿي ڀانيو درد وارن جو ڪندين ڪو داد نيٺ“
ظلم ۽ بيداد کان پو، داد ايندءِ ياد نيٺ

 

پر ھي منھنجو حسن ظن ٿيو، منھنجي لئھ برق فريب
جنھن ڪيو، منھنجو جھان آرزو برباد نيٺ

 

گلستان عشق جي ويران ٿيڻ جي خوف کان
منھنجي آزادي جو ضامن، خود پيو صياد نيٺ

 

ويو وڪوڙي تنھنجو دام زلف اڄ احرار کي
تو ڪيو پابند الفت، ھر دل آزاد نيٺ

 

مان سياڻو ڏاڍو سمجھو پاڻ کي، پر الامان!
تو بھ سيکاري ڇڏي تنھنجي نئين ايجاد نيٺ

 

تنھنجو منھنجو دفتر اعمال، آخر کولبو
ڀيٽبا فرياد منھنجي سان، سندءِ بيداد نيٺ

 

رھھ حسينن کان پري، زاھد گھڻي تلقين ڪئي
وقت تي وسري ويو، واعظ سندو ارشاد نيٺ

 

چشم وابرو، خال و خط جو، گرچھ دلدادو نھ ھو
حسن پر لوڏي وڌو، ’جوھر‘ جو اڄ بنياد نيٺ

 

زندگي جو سخت ھو ڏاڍو سفر
شڪر آھي، ٿي ويو پورو مگر

 

موت برحق چئي، ڪيم آخر قبول
ٻيو نھ چارو ھو، نھ ئي ڪو چاره گر

 

ٻارڙائپ کان، ٻڍاپي تائين يار!
سور ھئي ساري حياتي سر بَسر

 

ڪين ھو تقدير تي ڪجھھ اختيار
آسمان تي ڀي، نھ ھو پنجو اثر

 

مان تھ بيوس ڀي ھيس، پابند ڀي
ڇا ڪيو مان پاڻ، مون تي ڇو ڏمر؟

 

پنھنجي سورن جي سوانح، ڇا لکان؟
نرڙ تي ڪاتب لکيا آھن اکر!

آسرو بخشش جو آ، الله ۾
ٿي شفاعت لئھ محمد صلعم ڏي نظر

يار کان قاصد نھ آيو، ڪو اڃا
شايد عزرائيل ايندو، نامھ بَر

آھ نازڪ ’جوھر‘، ھي گھڙي
خير سان پورو ٿئي، شل پويون پھر

 

اڱڻ منھنجي گھمائي وڃ تون پيارا پيرڙا
ڀلائي ڪر ڀڃي ڀورل نھ ڇڏ تون ڀيرڙا

تون سھڻو شاھزادو ۽ گلابي آھين گل
مگر محبوبَ منھنجا حال آھن ميرڙا

بنا تنھنجي پيا ويران آھن سڀ وٿاڻ
اچي آباد ڪر دلدار دل جا ديرڙا

پرين تنھنجي پسڻ لئھ وس ڪيان ٿو مان وڏا
گھمان ٿو گس سندءِ، پايان پيو ٿو ڦيرڙا

اچي ٿو ھٿ نھ ٻيو ڪو دڳ، سوا تنھنجي سڄڻ
نھ وسرنديون ڪڏھن تنھنجون گھٽيون ۽ گھيرڙا

پري تو کان پيارا اڌ مئو آھيان عجيب!
جدائي ۾ نھ ’جوھر‘ جا جلائج جيرڙا.

 

منھنجو پيار تون آن منھنجي زندگي
تون منھنجي محبت، تون منھنجي خوشي

سڪون دل جو تون، روح جو تون قرار
اکين جي ٺنڍڪ، نور جي روشني

سوا تنھنجي گلشن ۾ رنگت نھ آ
لڳي دل جي دنيا ٿي دلبر ٻسي

زمانو رسي ويو تھ ڇا ٿي پيو
وڃي شال مون کان نھ راڻو رسي

وئين تون جڏھن پير نڪري ويا
وڏو زلزلو آيو، ڌرتي ڌڏي

اچي نڪر جلدي، اچڻ کان اڳي
متان تنھنجي ’جوھر‘ جي پئي دل ٽٽي

 

جڏھن کان مٺا منھن تو موڙي ڇڏيو
سڳو ساه جو ڄڻ تو ٽوڙي ڇڏيو

ڏسان نانگ ڪارا ٿا رخ تي نچن
لڳي ٿو تو چوٽو آ ڇوڙي ڇڏيو

ڇڏي زھر سان درد ويندو، طبيبَ!
دوا تنھنجي دل کي آلوڙھي ڇڏيو

پنھنجي چاه وارن کي چريو ڪري
محبت جو ٻيڙو تو ٻوڙي ڇڏيو

سکن جو کڻي ساه تون کير پيءُ
اسان ڏڌ ڏکن جو ولوڙي ڇڏيو

ڇِني سک ويا ساٿ، ساجھر سوير
ڏکن ناتو ’جوھر‘ سان جوڙي ڇڏيو.

 

دل ڏئي مان دل وتي آ
ڪانھ ڪنھن اوڌر ڪئي آ

دوستي لئھ سر ڏنو مان
منھنجي قرباني وڏي آ

پيار بدلي پيار سان مان
پيار جي بازي کٽي آ

سر ڏئي مان سر ڪيو ھٿ
ڪئي نھ ڪنھن سان ملي ٺڳي آ

چشم تر آھن وضو سان
پردو پو، بي واجبي آ!

جان جانان، جان ’جوھر‘
جان دل توسان لڳي آ

 

درد مان دانھون ڪيان ٿو دلربا، توکان سوا
رت وھائن ٿيون اکيون سھڻا سدا، توکان سوا

حال ھيڻون، درد ٻيڻون ۽ سڙي سينو ويو
دل بڻي نمرود جو آڙاھھ آ، توکان سوا

موت جي مان وٽ اچي، ڀلجان اچي، ھاڻي اچي
زندگيءَ ۾ ڪجھھ رھيا ناھن مزا، توکان سوا

پاڻ کي تنھا ٿو سمجھان، مان سڄي سنسار ۾
ٿو خيالن ۾ رھان، جڳ کان جدا توکان سوا

ڇا ڪندس برسات جي موسم، بھارون ڇا ڪندس؟
ڇا ڪندس مان ڇا ڪندس، ٿڌڙي ھوا،توکان سوا؟

جي نھ ھوندو تنھنجو جلوو، ڇا ڪندس حوران حسين
ڇا ڪندس سکڻي سڃي جنت ڀلا، توکان سوا

پئي جدائي ۾ جھري ماڙي محبت جي اڏيل
دل جي دنيا ۾ ٿيو محشر بپا، توکان سوا

تنھنجي ڳولھا، رشڪ ليليٰ، ٿو ڪري مجنون مثال
پيو ڦري آواره ’جوھر‘ جابجا، توکان سوا

 

*

غم دوران کي سيني ۾ لڪايم
جگر جا جھير ڇاتي ۾ ڇپايم

منھنجي تردامني ظاھر نھ ٿيندي
مان دريا نيل جو نيڻين وھايم

ڳلن تي يار جي ڳوڙھا ڪريا جي
انھن کي ماڪ چئي مان جند ڇڏايم

ڏکن جو مان ڪيو خمخانو خالي
لڳي ٿو جام کي ھٿ ئي نھ لاتم

نھائين جان نھ نڪتي ٻاڦ ٻاھر
پنھنجي آھن کي اندر ۾ سمايم

ڪمند اڇلائي ’جوھر‘ آسمان تي
زمين تي بخت پنھنجو آزمايم

 

اڙھا جي اشڪ اکڙين مان تھ پو واھي خدا آھي
لڙھي ويندا زمين و آسمان، ڳڻتي اِھا آھي

اندر جي آه جو گولو پيو ڦاٽي تھ ڇا ٿيندو؟
جلي ويندو جھان سارو، حقيقر برملا آھي

دل معصوم پئي ڪسجي ھٿان ھن حسن وارن جي
سدائين عشق وارن کي ملندي ھي سزا آھي

گل و بلبل ويا ڪاڏي؟ خوشي جا وڻ ۽ واھيرا!
گھلي گلشن اندر اڄڪلھھ، ڏکي ڏاڍي ھوا آھي

وفا جو نانءُ ڪونھي ڪو، نھ ياري دوستي آھي
زماني کي شڪايت آ، زمانو، بيوفا آھي!

طبيبن جون دوائون سڀ ھينئر بيڪار بڻجي پيون
ذري ھڪ زھر جي ’جوھر‘ جي لئھ ھڪ ٽِڪ دوا آھي

 

ملاقات محبوبَ سان ئي گھران ٿو
نھ توکان مان تنھنجي، خدائي گھران ٿو

ھجي شل اکين آڏو، محبوب منھنجو
دعا دل سان دمدم، اِھائي گھران ٿو

سوا يار پنھنجي جي، گھرجي نھ ٻيو ڪجھھ
نھ ڪنھن کان مان ڪا شئي، پرائي گھران ٿو

پنھل پنھنجو پيارو، مان توکان پِنان ٿو
نھ دولت، نھ پئسو نھ پائي گھران ٿو

بَغل ۾ ھجي سھڻو، سائين ھميشھ
ڀريل پنھنجو ڀاڪر، سدائي گھران ٿو

ھجي وس تھ ’جوھر‘ مري جِند ڇڏايان
جدائي جي غم کان، رھائي گھران ٿو

 

آفرينش جي زماني کان وٺي
آسمان مون سان ٿيو ناساز آھھ

ڪيئن ٻڌائي درد دل بستھ زبان
رت جوھر ڳوڙھو دلي آواز آھھ

ڪجھھ نھ ڪمزورن جو آھي قدر ڪٿ
جو مجاھد آھھ سو ممتاز آھھ

ڪيئن رھي مون کي ڀلا پروائي غير
ڇو تھ پنھنجو يار محرم راز آھھ

ڇا شھادت سان ٿيو شان حسين
سر ڏيڻ ئي عشق جو انداز آھھ

ظلم جو خنجر ڀليجان آزماءِ
زير خنجر گردن جانباز آھھ

ٿيو جھان آھمنوا مظلوم جو
ظالما! تنھنجو نھ ڪٿِ اعزاز آھھ

ھر نفس منھنجو صدائي احتجاج
ظلم تنھنجي جي خلاف آواز آھھ

فتنھ بازي جو ڪندس مان خاتمو
امن عالم زندگي جو راز آھھ

ظلم سان ’جوھر‘پيو ڪر تون جھاد
جيسين انداز جھان ناساز آھھ

*

فريب  جلوهء رنگين ۾ مبتلا آھيان
حدود شوق جي دنيا جي انتھا آھيان

 

ھزار رنگ حقيقت کان آشنا آھيان
مگر ھي علم نھ آھي، تھ ڇا ۽ ڇا آھيان

 

زمانو جنھن کي ٻڌي ڪين، سا صدا آھيان
اثر نصيب نھ آ جنھن کي، سا دعا آھيان

 

ٻڌائي ٿو پيو انداز وعده فردا
جا ھر قدم تي ٿئي زائل، سا مدعا آھيان

 

فريب زيست، نھ ڏي اعتبار زيست مون کي
طلسم عالم ھستي کان آشنا آھيان

 

قريب عالم وحدت جا ويا، نقوش اچي
خيال و وھم کان ئي محو ماسوي آھيان

 

تو ھمات جو ڪھڙو بيان ڪيان ’جوھر‘
خدا ٿيان ھا، مگر بندهء خدا آھيان

 

ثريا ڪھڪشان چنڊ ۽ ستارا
رخ زيبا مٿان قربان سارا

 

لڙھيون موتين جون آھن ڏند تنھنجا
ٻئي رخسار تنھنجا ماه پارا

 

دل بي تاب ٿي دلبر اڌو اڌ
ٿيون ابرو تنھنجون آھن ٻھ آرا

 

غضب آھي جڏھن ڇوڙي ڇڏين ٿو
اھي واسينگ جھڙا وار ڪارا

 

خدا ڄاڻي جيئڻ مشڪل ٿو سمجھان
پري تو کان پلڪ ھڪڙي پيارا

 

شراب ديده تون جلدي پيارج
پياسي سخت مان آھيان پيارا

 

قدم تنھنجا رکان دل تي، اکين تي
اکين جا ٺار، او، دل جا سھارا

 

ڪندي تو سان محبت غائبانھ
اڇا آھن ٿيا سڀ وار ڪارا

 

سگھو اچ دوست دلبر تون خدارا
سڀن کان، ساه کان، سر کان پيارا

 

مران ٿو درد فرقت ۾ مان ’جوھر‘
ھلي اچ ھاڻي جلدي تون دلارا

 

جنون مون سان رفيق آھي ٿي وحشت ھم قدم آھي
دل برباد جو احوال غم، ٿي ويو ر قم آھي

 

بھار آلوده گلشن ۾، جڏھن باد سموم آئي
چمن آزرده خاطر ٿيو ۽ بلبل کي الم آھي

 

ذخيرو دل ۾ دردن جو، ۽ سورن جو آسرمايو
ھجوم ياس وحرمان کان وفور رنج وغم آھي

 

فلڪ شبنم فشان آھي ۽ دامن تر آ ڌرتيءَ جي
جڏھن کان چنڊ جو ٽڪرو ويو سوئي، عدم آھي

 

قمر ۾ روشني ناھي، نھ آتارن ۾ تباني
ڏسان ٿو شمس و پروين جي ضياپاشي ٿي ڪم آھي

 

جدائي جي سبب آھي، ھي ساري ڪيفيت دل جي
ستائي ياد ٿي جنھن جي، اڳيان سو محترم آھي

 

تقاضا آ جنون جي چاڪ ڪردامن، مگر ’جوھر‘
قضا جي فيصلي آڏو، سر تسليم خم آھي

 

*

اڄ فضا سازگار، ٿي ڏسجي
ضامن صد بھار، ٿي ڏسجي

 

ھر تمنائي زيست ٿي پوري
غم الم، رنج، سڀ ٿيا ڪافور
باغ دل ۾، نسيم پھچي وئي
ڪجھھ تھ گھٽجي وئي پريشاني
دل جي داغن تي پيو عجب پرتو
اک قبوليو، نئون اثر آھي
قيصريت، چميا قدم آھن
اڄ حريفن جا تاڪ، نڪري ويا
ڪو تعلق تھ آھھ، ھن سان ڀي!
آ اثر صرف تير، مڙگان جو
آسمان چاره ساز بنجي پيو

 

 

زندگي، خوشگوار ٿي ڏسجي
ھڪ خوشي ڇا، ھزار، ٿي ڏسجي
ھر ڪلي، مشڪبار، ٿي ڏسجي
دوستي، غمگسار ٿي ڏسجي
دل ڦٽيل، تا بدار ٿي ڏسجي
ھر نظر، ڪا مگار ٿي ڏسجي
ڪاميابي، بڪار ٿي ڏسجي
چشم بد، اشڪبار ٿي ڏسجي
دل جو بي اختيار ٿي ڏسجي
تنھن ڪري دل فگار، ٿي ڏسجي
خود قضا، پاسدار، ٿي ڏسجي

 

شان قدرت مٿان نھ ھڪ ’جوھر‘
ساري دنيا، نثار ٿي ڏسجي

 

 

محب مون سان جي ھمڪنار ٿئي
گلشن زيست، پربھار ٿئي

 

لعل لب تنھنجا ۽ غضب نظرون
جي ڏسي شيخ، حسن ھوش ربا
اچ تھ دل کي بھ ڪجھھ، قرار اچي
ھي ستارا ۽ مان ۽ تنھائي
دل جي ڌڙڪڻ سان، دوست ٿو دل ۾
وصل جي وقت منھنجي گستاخي
حسرتون دل جون سڀ ڪجن پوريون
مرده دل کي جيار، ٺوڪر سان
ڪجھھ نھ باقي رھي، غم دوران

 

 

ساه سر، جان من نثار ٿئي
ھن جي دامن بھ تار تار ٿئي
تو بنا ڏاڍي بي قرار ٿئي
ڪوتھ منھنجو بھ راز دار ٿئي
تنھنجي آمد جو انتظار ٿئي
طبع نازڪ مٿان، نھ بار ٿئي
جي شب وصل پائدار ٿئي!
معجزو تنھنجو، آشڪار ٿئي
وقت مون سان جي سازگار ٿئي

 

شال منھنجي دعا، ٿئي منظور
ڪاش، ’جوھر‘ نصيب يار ٿئي

 

آھي ڪو وڃي يار کي پيغام پڄائي
آزار جو احوال، وڃي سارو ٻڌائي

 

فرقت ۾ سندءِ يار، مان شب روز رڙان ٿو
ڳوڙھن جو ڇڏيو آھي، مون درياھھ وھائي

 

مجبور رھان يار، جدا تو کان پيو ٿو
منھنجي تھ جدائي، آ، ڇڏي جان جلائي

 

فرقت ۾ سندءِ يار، سھان سور پيو ٿو
ڪوئي نھ علاج آھي، وڃان ڪا ڏي گسائي

 

تنھنجو تھ چپن تان نھ مٺو نام لھي ٿو
تنھنجي ٿي مٺي ياد، سدا مون کي ستائي

 

دل آھھ ڦٽي توئي ھڻي تير نظر جا
ماري تو وڌو آھھ سيھ مار بڇائي

 

’جوھر‘ کي ڏئين دل ٿو ورائي، نھ دلاسو
ڌاڙيل کسي دل تون وئين ديده ملائي
 

*

مان پري تو کان پرين، ويندس مري
يا تھ ٿيندي دلربا، دلڙي چري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org