ڪلھوڪي ڀي خبر آھي، سڀاڻي تي ڀي نظر آھي
زبان ھوندي، ٻڌائڻ تي پيل بندش مگر آھي
ڏٺا آھن مان سڀ تاريخ جا اوراق اٿلائي
لڪل ڪو لفظ ڪونھي ٿيو، عيان ھرھڪ اکر آھي.
دل تي پھرو، زبان تي پھرو
آھھ ھرھڪ بيان تي پھرو
خوب شھري حقوق ڀي آھن؟
ٻار، ٻڍڙي، جوان تي پھرو
بربريت جو دؤر دؤرو آ
آدمي ظلم جو شڪار ڏٺم
پاڪ جمھوريت جي نالي ۾
آمريت جو اقتدار ڏٺم
نئين ھمت، نئون جذبو رکون ٿا،
زمين سنڌ تان جند جان صدقي
سڀ آھيون سورما، سرويچ، سوڍا،
اسان جا حوصلا، ايمان صدقي
بلند آھي اسانجو، عزم، ايمان،
وطن جو ننگ ۽ ناموس آھيون
ھوشو آھيون ۽ دودا ديس خاطر،
بنھھ غيرت سندو فانوس آھيون
زمين جو ذرو ذرو آ مقدس،
ھي ڌرتي پاڻ لئھ عرش علا آھي
قسم خاڪ وطن جو، سڀ کڻون ٿا،
خدا جو سنھن اسان لئھ ڪيميا آھي
ذرا جنبش نھ ايندي حوصلن ۾،
سھائي سر ڪفن سر سان ٻڌون ٿا
سوين سھڻيون نڇاور مارئي تان،
اھو نعرو ھڻي، اڳتي وڌون ٿا
ببانگ دھل ھي دعويٰ ڪيون ٿا،
بڻي رشک سما ڌرتي اسان جي
سکندر سو ڪري پيدا ٿي ”جوھر“
سدائين سورما ڌرتي اسان جي
قيادت آ نئين، ھمت نئين آ
نئون انداز حاصل ٿيو وطن کي
دعا آھي اھائي، بلبلن جي
خزان پھچي نھ شل پنھنجي چمن کي
زمين پاڪ تان قربان آھيون
اڄوڪو ڏينھن آ عھد وفا جو
عوام الناس ۽ دؤر حڪومت
مبارڪ فيصلو آھي قضا جو
کمال آھي جھان علم ودانش جي پريشاني
تعجب خيز دنيا ئي ھنر جي چاک داماني
بظاھر ”جوھر“ انسانيت جيئرو پيو ڏسجي
حقيقت ۾ مئل آھي ضميرو فڪر انساني
مان نھ سھي، پر ڳالھھ تھ محفل ۾ ھوندي
ڪجھھ تھ زبان خلق تي، ڪجھھ دل ۾ ھوندي
سرمد و منصور آھھ اڃا، زندهء و خنده
ليڪ شرمساري دل قاتل ۾ ھوندي
تشنھ لبي سقراط، ٻڌائي ٿي ”جوھر“
بي اثري ڪجھھ، زھر ھلاھل ۾ ھوندي
تنھنجي محفل ۾ رونق ڏاڍي رھندي،
مگر افسوس! دلبر مان نھ ھوندس
ھونديون نيرنگيون جاري سدائين،
مگر موجود ”جوھر“ مان نھ ھوندس
مرڻ مھل سرمايو ندامت جا ٻھ ٽي ڳوڙھا
کڻي حاضر مان ٿيندس، ناز سان پنھنجي خدا آڏو
اٿم دلجاءِ بخشڻھار، بخشيندو گنھھ منھنجا!
شرم کان منھن لڪائيندس، محمد مصطفيٰ آڏو
جھان ۾ حق ھيٺاھون ۽ باطل سربلند آھي
شرافت جي زماني ۾ ٿي آ ڪساد بازاري
تعجب آ، حقيقت ھيچ آھي، زور افسانو
خدايان جھان کي ڀي وڻي، شيطان جي ياري
مان محبت جو بکيو آھيان ۽ الفت جو اڃو
زندگي جي شام آ، نيت اٿم افطار تي
ڪعبھءِ دل ۾ رکي تصوير تنھنجي سامھون
سر بھ سجده، روبرو، ڏيان ٿو چمي رخسار تي
زندگي آھھ، حادثات جو نالو
وقت جي چند، واقعات جو نالو
زندگي ھڪ ڪتاب آٿيو ”جوھر“
دل جي دردن ۽ واردات جو نالو
ربائي
اچي ٿو ڪين مون کي ڏانءُ، ٻانھپ جي طريقو
عبادت جو نھ ڪوئي ڍنگ، آھي يا سليقو
حياتي ڪچ ڪمائڻ ۾، سڄي پوري ڪئي مان
ڪسر ڪائي، ڇڏي پٺتي نھ ”جوھر“ ڪو دقيقو
ھوائن جو رخ ڪير موڙي سگھي؟
۽ طوفان جو زور ٽوڙي سگھي؟
ھتي عاجز آ سوزن مصلحت
ٽٽل آسمان ڪير جوڙي سگھي؟
*
سور منھنجو، حضرت يعقوب کان آھي سوايو
مان بھ ھڪ نور نظر لئي، نور پنھنجو آ وڃايو
اصل ۾ آھي جدائي جي سبب ۾ فرق ”جوھر“
ويا وٺي يوسف کي ڀائر، پنھنجو يوسف، مان ڀڄايو
*
درد منھنجو حضرت يعقوب کان ٻيڻو ٿيو،
ھن وڃايو ھڪڙو يوسف، گم ڪيا آھن ٻھ مان
*
دوا منھنجي درد جي، دوست تنھنجو در الا
ولھيءَ جا ور! وارو ڪر، واٽ وھندي ور الا
بنا تنھنجي ڀنڀور جو، شھر ڀانيان بر الا
وئين ھليو پرڏيھھ ۾، دل جو ڊاھي گھر الا
اڱڻ منھنجو تون اچي، جلد آباد ڪر الا
تولئھ ”جوھر“ جاني، جھاڳيو جھنگ جھر الا
سور اڀري ٿو قيامت جو، دل نازڪ ۾ اڄ
ساه جي سھنجي کڻڻ جي لاءِ ٿو ”جوھر“ مري
دل ڏکي ٿي، دم ٿو گھٽجي،ڪا گھڙي آرام ناھھ
رت جا ڳوڙھا ٿا وھن، اکڙين منھنجان اڄ زار زار
الـــٰه العلمين بيشڪ غفور آھي، ڪريم آھي،
محمد مصطفيٰ مدني، رئوف آھي، رحيم آھي
ڪريمن جي نظر سان پلٽجي ڪايا وئي ”جوھر“
اھو ھڪ عبد، ٻئي معبود جو لطف عظيم آھي
سھڻا وڃ نھ سگھو، رھي پئھ راڻل تون رات
ويل ٿيندو تنھنجي وئي، اکيون وسائيندم برسات
ڀلي پره ڦٽي ٿئي پرڀات، پونھ رھجان ”جوھر“ جي جھل
۾
*
سھڻا موٽ نھ سويرو، وڃڻ جي تون ڪر نھ وائي
ملئون، محبت ڪيون، ڪسر نھ ڇڏيون قرب ۾ ڪائي
”جوھر“ جي جدائي ۾ وئي، گذري عمر آھھ اجائي
گھڙي کن تھ ڪر سجائي، ٻيھر متان موت موقعو نھ ڏي
*
سھڻا وڃ نھ سويرو، گذرن ڀلي جان سال
پيار ڪري پاڻ ۾، ڪيون قرب ۾ ڪمال
گھوريان گھر توتان، سر، مڏيون ۽ مال
جيئري ”جوھر“ جي ٿيو، موٽڻ تنھنجو محال
ھاڻ لاءِ لبن سان لعل، وري متان موت موقعو نھ ڏي
*
سھڻا موٽ نھ سويرو، ڀل ٿئي انڌاري رات
تنھنجي وارن ۾ گم رھان، ظاھر ٿيئم نھ ذات
تون ئي ھجين ”جوھر“ جي، قربن ڀري ڪائنات
پکي پره جو لوندا لات، پو ڀلي جانب جدا ٿجان
موٽين تھ موٽ محبوب، نھ تھ پاڻ ٿي پنڌ پوان
پيا پير پٿون ٿين، رندن ۾ رسي رت روان
جڏي جِييءَ سان جبل جاکوڙي، مون واڪا وس ڪيان
جي جيئري ”جوھر“ نھ پڄان، تھ پومڙھھ ئي ملي محبوب
سان
*
پري توکان پيارا، منھنجا نرمل نسورا نور
دردن دل ۾ ديرو ڪيو، سيني اندر سمايم سور
ڏکندي ڏينھن گذري، رات رھان ٿي رنجور
آھن جو وٺان آسرو، دانھون ٿيوم دستور
رئان رڙيون ڪيان، ماٺ نھ اچي ٿي مور
پنھل تنھنجا پور، جيئڻ نھ ڏين ”جوھر“ کي
محب ماکي مصري، کنڊون ۽ کير
جدائي جا دل ۾ ھڻي وئين تون تير
تنھنجي لئھ ھڻايان ڍارا پڇايان پير فقير
ميڙيون منٿون ڪيم ڇڏيم، ڪين مير وزير
تنھنجي ملڻ لئھ مھمير، ”جوھر“ ڇڏيو ڪجھھ نھ جھان ۾
ڪنڌي کي بھ ڪن آھن، ڪيل ڳالھھ وڃي پوي پري
نڪتل ڪان ڪمان مان، وري واپس ڪين وري
’جوھر‘ اڄ اھڙي ڳالھھ ڪري، متان پرينءَ پشيمان
ٿئين.
آھيان پٿر کان زياده سخت جان انسان مان
گل ۽ شيشي کان، نرم نازڪ اٿم دل جو جھان
زندگي ھر حال ۾ پوري ڪبي روئي کلي
ڪو ٻڌائي يار جوھر، ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟
مٺ مان وئي حور شباب آ، ڄڻ تھ واري جان وھي
عمر ڀر ڏانئڻ ڪراڙپ، مون سان گڏ جوھر رھي
*
کڻي سر تري تي، اچي ھيڻين حال سان ٿِيس حاضر
منھن مٽي محبوبن کان، ڪنڌ نھ ڪڍايان ڪنھن پر
حڪيم تي حبيب جي گھوريان، گھڻو ٿورو، ڀري، ڀاڪر
ڪري صدقي ساه سر، ”جوھر“ ناتو ضرور نباھبو.
*
عزيزو! ڪيو دعا مون کي تھ مون ڏي خير ٿئي
جي آٻي رب جي رضا، پو دم نھ ھڪڙو دير ٿئي
بس، رھي جاري زبان تي ڪلمو، توبھ ۽ درود
شال ”جوھر“ عاقبت ۽ آخرت بالخير ٿئي
*
خبر ناھھ دلدار ڇو دير لاتي؟
ڏسڻ لاءِ جنھن جي ٿي دل آھھ آتي
ڪيان سينڌ سرمون ۽ سينگار ڇا لئھ؟
بنا ور جي بيڪار آھي حياتي
*
منھنجي دل جون حسرتون، ارمان، جان آرزو،
ملڪ ساري جي سڀن سھڻن، جي آھين آبرو
ھي ثريا ۽ ستارا، چنڊ ۽ سورج سڀئي،
شرم کان سڀ منھن لڪائن ٿا سڄڻ جي روبرو
*
مٺا مون کي حياتي ۾ وڏو ڏک تو ڏنو آھي،
محبت جو ثمر آھي وفائن جو صلو آھي
گلن سان گڏ اکيون جن لئھ وڇايم راه ۾ ”جوھر“
انھن ئي، منھنجو استقبال ڀترن سان ڪيو آھي
*
ڪالھھ جي آمرجا درباري، ٿي دانشور سڏيا
بارگاه وقت وٽ، منصور کي ماري ويا
جي حضوري اڄ وري، شطرنج جي بازي کٽي
نفس جي عزت ۽ حڪمت جو حليو کاري ويا
*
دکي دردن ڀري جي دل کپئي دلدار حاضر آ
سڙي پئي آھھ سورن ۾ صفا، سرڪار حاضر آ
ملازم در تي ماني ۾ مھانگو جي کپئي ”جوھر“
نڪمو ھيءُ نوڪر نيست ۽ نادار حاضر آ
*
جن جي ”جوھر“ واٽ جا ڪنڊا، اکين سان صاف ڪيا،
تير، تلوارون کڻي، سي ئي پٺيان آھن پيا
*
آ سڄو ”جوھر“ جو گھر، ڪکڙا ڪچا، ٽي چار مس،
واٽ ويندن لاءِ آھي، ايترو سامان بس!
ڇا ٿيو، ڪنھن مسافر، گڏ ڪيا ھت لعل لک؟
تنھنجي لئھ ”جوھر“ گھڻان آھن ٿيا ٽي چار ڪک!
لالچي بيمار کي، لقمان ھي نسخو ڏسيو،
ڪر قناعت جي دوا، حرص وھوس کان رک تون رک
موت ڪنھن جو، تنھنجي ھٿ ناھي زمين جا بادشاه!
آسمان تي ٿيندو آھي، زندگي جو فيصلو
ٽانڊن ساڙي سڀڪا، آنڊن ساڙي آءٌ
ڌاريا تھ ھيائي ڌاريا، پر پنھنجن ساڙيو ھنياءُ
ھاڻي ڪھڙن جا
وٺان نانءَ، مون سان تھ ”جوھر“ ھوتن ڪئي ھيتري!
ھوتن ڪئي ھيتري، جتن ڪھڙو ڏيان مان ڏوھھ؟
پنھنجن پڄاڻي ڪئي، ڊاڙين ڪيو مون سان ڊوھھ
پاڻھئيءِ پڇندن ڪوھھ ”جوھر“ جيئري ھن جھان ۾
تون سمون آءٌ گدلي، تون آھين ولھيءَ جو ور
تون مشک، تون گلاب، تون عطر، تون عنبر
مون ۾ ڌپ مڇيءَ جي، ھٿن پيرن تي چڙھيل مر
ڪانھي لوئي لڱن تي، لٽا ڪپڙا ميرا ويتر
آيس تنھنجي آسري، ڇڏي دنيا سڄيءَ جا در
ڇوري ڇني آھيان، ٻيو ڪونھي وسيلو واھر
جانب پساءِ اھڙو ”جوھر“، جئن راند رسي اچي
جئن راند بھ رسي اچي، ۽ رھي جيڏين منجھھ ڀرم
سرتيون نھ ھڻن طعنا، ماري نھ ماڻھن جو مون کي مرم
نھ لوڪ ئي لکا پوي، نھ ڪائي قطاريم حياءُ شرم
”جوھر“ ھن جڏيءَ سان، جاڙ ڪري کڻي قرب ڀريا قدم
ھڙو ڪر ڪانڌ! ڪرم، جئن دنيا دنگ رھجي وڃي
تون سمون آءٌ گدلي، مان ناھيان ماڻڪ تنھنجو مٽ
ٻيو تھ ٺھيو پر جتيءَ جي، دز چٽڻ کان بھ آھيان چٽ
نالي ۾ نوري ٿيس، آھيان اکين کان بھ انڌي نپٽ
پھتي آھيانءِ پيرن ۾، پائي پاند، ڳچيءَ ۾ ڳٽ
لاھي منھنجي
قلب تان ڪٽ، جرڪاءِ ”جوھر“ کي جھان ۾
تون سمون آءٌ گدلي، تون تھ سھڻو آھين سپوت
تون ٺڪرن کان بھ ٺاھوڪو، آءٌ تھ اڇوتن ۾ بھ اڇوت
تون اڇو اجرو، مان مير مٽيءَ منجھھ ڀڀوت
ھڪ ذات جي بھ ضعيف، ٻيو ڪميڻان اٿم ڪرتوت
”جوھر“ لڏي پھتي آھيانءِ لاھوت، سام تنھنجي سيدا
تون سمون، آءٌ گدلي، مون ۾ عيب آھن سؤ
ڍوليا تون ڍڪڻ ٿي، تھ منھنجي لئھ ٿي پوي ڍئو
منھنجو وار ونگو نھ ٿئي، تتيءَ اچي نھ تؤ
ڪچايون ڏسي نھ ڪاوڙج، پيرن تي رکانءِ ٿي رئو
”جوھر“ سدا رھي ٿو ڀئو، تھ ڇوري ڇڄي نھ وڃان
تون سمون آءٌ گدلي، مون ۾ آھن عيب ھزار
لٽا ليڙون، منھن ميرو، نھ ڪو سرمون نھ سينگار
ڪوڏي نھ ڪمايم ڪار جي، ڪوڙ بدوڙ بي شمار
عيب آھن مون ۾ ايترا، جيترا مٿي ۾ وار
ڪني، ڪاري، ڪوجھي، تھ ڀي آسري تنھنجي آڌار
ور ڇڏيندين نھ ولھي کي، تون سمان ڄام سردار
ٻھڳڻ ٻيو ڪير لھندو، توبن سڃيءَ جي سار
اھي پنھل تنھنجا پار، ڳائي ”جوھر“ ٿو جھان ۾
تون سمون آءٌ گدلي، مون ۾ آھن عيب لک
ھڪ صورت جي سادي، ويتر نھ آھي مک چک
ڪڻين تنھنجي پئي آھيان، لاھھ نھ ڪميڻيءَ تان ڪک
اکين کان انڌي آھيان، ھنيون اٿم توکي ٻک
بڇڙيءَ جو ڀرم رک، ”جوھر“ صدقي پنھنجي سام جي
تون سمون، آءٌ گدلي، مون ۾ آھن عيب ڪروڙ
جوڌا جوان جکرا، مان تھ ناھيان جتيءَ جو جوڙ
مان مھاني، عيبن ھاڻي، توکي مٿي تي آھي موڙ
ڍڪي وٺ ڍولڻ، جئن پاڙي نھ پوري پروڙ
منھنجي توتائين ڊوڙ، ”جوھر“ آھي جھان ۾
تون سمون، آءٌ گدلي، مون ۾ آھي عيبن جو دنگ
مان ڪاري ڪني ڪوجھي، تنھنجو چنڊ کان چٽو رنگ
مان گري آھيان گنجي، تنھنجي وارن ۾ واسينگ وارو
ونگ
مان بري بي سري کي، چريو ڪيو چارڻ تنھنجي چنگ
حوصلو ڪونھي ھلڻ جو، ڍري ۽ ڍليءَ کي ڪو ڍنگ
پير نھ اٿم پختا ”جوھر“ ترڪڻ ڪيو آھي تنگ
نرمل ڪر تون ننگ، تھ سرتين ۾ سرھي ٿيان
تون سمون، آءٌ گدلي، تون مٺو ماکي تون محبوب
آءٌ ڪرڙن کان بھ ڪؤڙي، مھانڊن ۾ بھ معيوب
آءٌ اڀري اوگڻي، تون محب مٺو مصري مرغوب
ڪميڻي ڪمذات سھي، پر نانءَ تنھنجي سان منسوب
دير نھ ڪر تون دلبر، ماندي مران ٿي مور مطلوب
اجھو ٿيو ”جوھر“ يار غروب، سج ھن صدقي ڪئي جو
تون سمون آءٌ گدلي، تون منھنجو تماچي ڄام
سوين سھڻيون سردارڻيون، سينگارجي ڪن توکي سلام
مان ڪوجھي، مڇيري، ڇيڳري، لٽا بھ ليڙون ٿيام
ٻانھي نھ سھان ٻانھين جي، ٿيس گولين جي بھ غلام
جھڙي تھڙي ”جوھر“ نالي چڙھي آھيانءِ نام
ھاڻي سمان ڪر پنھنجي سام، تھ سرتين ۾ سرھي ٿيان
تون سمون آءٌ گدلي، تون سھڻن سڀن جو سردار
سج چنڊ کان وڌ منھن، منور تنھنجو، واليل تنھنجا
وار
مان مھاڻي عيبن ھاڻي، صورت جي بھ صفا بيڪار
تون مور مانجھي مينڌرو، مان نھ ٺھان ٻانھيءَ جو
ٻار
جڏي سڏي ”جوھر“، تنھنجي آسري آھيان آڌار
تون پنھنجو سڃاڻج پار، تھ سرتين ۾ سرھي ٿيان
سوڍي ڌاران سرتيون،ساعت ڪانھ سري
راڻي رييءَ رات ڀر، دل روئي رڙيون ڪري
ماڻڪ بنا مونجھي، مصيبت ۾ پئي مري
اھڙو قادر ڪرم ڪري، جو ”جوھر“ جناب پسان جيئري
پيرن ۾ پني آھيانءِ پيارا، پائي ڳچيءَ ۾ پاند
ڪڍ نھ ڪچايون منھنجون، ھن ڪميڻي جا ڪانڌ
ڍوليا تون ڍڪڻ ٿجان، منھنجو وار ناھي واند
ھاڻي رات ڏينھن ”جوھر“، رئڻ رھي آھي راند
مومل مري ٿي آھي ماند، تون مھر نھ ڇڏجان مينڌرا
رھي پئھ رات ھتڙي، مومل راڻا وڃ نھ رولي
ھٿ ڪيون ھڪ ٻئي کي، سڀئي ڳر ڳنڍيون ڳولھي
داستان ٻڌاوئي درد جا، ”جوھر“ دلبر دل کولي
پيار ونڊيون پاڻ ۾، ٻيھر ٽيھر ٻولي ٻولي
ماريس انھي ڀئو ڀولي، متان موت موقعي نھ ڏئي
متان موت موقعو نھ ڏي، مران تنھنجي اچڻ کان اڳ
پنھنجي موتين ساڻ مٺا، تون ڌوئيندو نھ اچجان دڳ
ٻاھر ٻاڦ نھ نڪري، توتي صادر نھ ٿئي سڳ
”جوھر“ مٿان جڳ، متان کلائين مينڌار
تنھنجي محبت من ۾ مچ، ٻاريا اندر ۾ آڙاھھ
دور توکان دلبر، بدن ساڙيو بره واري باھھ
دل جو دل ۾ ويٺي، ڳاھيان ڳڻتين وارو ڳاھھ
سدا توکي سکيو رکي، بخشي خوشيون سڀ الله
”جوھر، ٿو دل سان دعا ڪري، جيسين سريءَ ۾ ساھھ
مرڻ کان پو بھ والله، دعاگو ھوندس دلبر تنھنجو
سنجھي موڪلايو ساه، آيو اکين ۾ آب تري
ويندي وقت وڌي، ڀورل ڀاڪرن جي تھ ڀري
موڪلائيندي محبوب جي، ويومن منھنجو بھ مري
جيئري نھ ملنديس ”جوھر“ سان، دل انھي ڳڻتي ۾ آھھ
ڳري
چوي ٿي پئي چوت چري، وري موت موقعو نھ ڏيندو
متان موت مھلت نھ ڏي، ھاڻي اچ يار ھلي
اوريان احوال اندر جا، توسان دلدار دلي
ناھي پرواه زماني سندي، ساڙيلو سڙي ڀلي
ائين گذاريون پاڻ ۾ ملي، جو وري ”جوھر“ جدا نھ ٿيو
مون کان مارن کي ماريا، ڇو ڇني ڪيڙءِ ڌار
مان وساري ڪيئن ويھان، پنھنجا مارو مٺا ميھار
او منھنجا اباڻان اوٺي، ڌڻ چارين ڌنار
جيھاجي تيھا ”جوھر“، آھن اکين جا ٺار
مولا جي پوندءِ مار، جي جيئري جدا ڪيئھ
اڄ وري ياد آيا، مون کي مارو ۽ ملھير
سڪي سانگين لئھ سومرا، منھنجو ساه سرير
ڪيستائين رھنديس ڪوٽن ۾، ھوندا زور جا زنجير
اجھو وريو واءُ وصل جو، لڳي تڌڙي ھير
اتر طرف اباڻان، پيو ويٺا آھن پنير
ھي ”جوھر“ کنڊون ۽ کير، زھر ڀانيان ٿي زبان لئھ
ڏسي ڏاڍ تنھنجا سومرا، ڪوڙين ڪنبن ٿا ڪوه
عمر! تو اباڻن سان، ڊوھي ڪيا آھن ڊوه
تپي تندورن ۾ ”جوھر،، ڪندن ٿي پيو لوه
سوچي ڏس سومرا، منھنجي ڏوٿين ڪھڙو ڏوه
ڇڏي مارن مٿان سڀ ڇوه، ماري ڇڏ ڀل ھڪ مارئي
عمر! تون انڌو، منھنجا مارو نرمل نسورو نور
تو ڏيکاري ڏاڍيون، مون کي ڏوٿين کان ڪيڙو ڏور
جيسين ھوندن ساه سرير ۾، مڙندا نھ ”جوھر“ مورئون
مور
او! منھنجا
سانگي ايڏو سور، ھئي ھئي! سھي نھ سگھندا سومرا!
اڄ مارن مون ڏي، نئون نياپو آھھ مڪو
اجھو پھتا پھنوار، پاڻ تي لائيندا نھ ٽڪو
ڪر نھ تڪڙ سومرا، تاب نھ ڏيکار، ٿي نھ تکو
ڇڏ ارھھ زورائي، جھل پاڻ ”جوھر“ ٿي ويھھ جھڪو
ملندم مارو يڪو، ڪيرائي عمر ڪوٽ کي!
*
او عمر! تنھنجي ڪوٽن ۾، مون کي تالن ڪيو آ تنگ
ھت دھشت تنھنجي، ڌنارن تي ڌاريا ٿيڙي دنگ
ڪري ماٺ مڙندا ڪين، منھنجا مارو مست ملنگ
”جوھر“ جن کي جھان ۾، طعنن ڪيو آھي تنگ
ھاڻي نياڻيون ۽ ننگ، مئي ڇڏيندا نھ مينڌرا
مون کي آري تنھنجو آسرو، ٻي ڪانھيم ڪائي واھھ
اوکو پنڌ پھڻن جو، پير پٿون، ڪونھي سنڌن ۾ ساھھ
پائي، الفي
کڻي مالھا، رئندي وتم، رانجھن تنھنجي راھھ
جي پڳس پرين تھ چڱو، جي رستي ۾ پڳا پساھھ
پوءِ تھ ”جوھر“ واھواھھ، ايندم آري پاڻ اڳڀرو
ڪوڏي ملھھ نھ منھنجو، تون تھ آھين لعلن جو لعل
تنھنجو نانءُ ناميارن ۾، ھيڻون منھنجو حال
مھر تنھنجيءَ سان محبوب ملڪ سڄو ٿيو مالا مال
ڪيچ ڌڻي ڪميڻي کي، ڏيکار پنھنجو قرب ڪمال
ڪر بڇڙيءَ سان ڀال، تھ ”جوھر“ آءٌ نھ اگھجي وڃان
سرائڪي نظم
اوميڏي محبوب مٺھڙي مور ماھي
کران گھور تين تون ساري بادشاھي
تون رس سين مين جيوين تيوين منيسان
ٻانھان ٻدھيسان مين پيرين پويسان
جيوين اکيسين مين تيوين کريسان
تيکون کنھين ويلي بھي رسڻ نھ ڏيسان
اوميڏي محبوب مٺھڙي مور ماھي
سارا جڳ چھوڙ ڪي تيري در تي آويسان
اکان نال اڱڻ تيڏا يار ٻھيسان
ڏاڍي چاه دي نال چائٺ تيڏي چميسان
تيڏي ملک دي مٽي مين سرمھ کريسان
اوميڏي محبوب مٺھڙي مور ماھي
جيھي آن تيھي تيڏي دردي آن ٻانھي
ڏونجھا سونھن دي وچ ڪوئي نھين تيڏا ثاني
ميڏي ڳلي وچ ٻانھپ دي آ يار نشاني
ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پال جاني
اوميڏي محبوب مٺھڙي مور ماھي
سھڻا سور دل دي نھ ٻيان نال سليسان
جو مڱڻان اي ’جوھر‘ بس تين کنون ئي منڱيسان
معاف کر ڇڏ مور ميڏي ساري خطائان
شرم وچون کيوين اکان تيڏي اڳون مين چاوان
اوميڏي محبوب مٺھڙي مور ماھي
دوستن، پاڙيسرين، پنھنجن، پراون کي چئو
زندگي ۾ جن سان ’جوھر‘ واسطو آھي رھيو
ڪنھن عمل
منھنجي کان، ڪنھن کي، رنج جي پھتو ھجي
منھن ھجن، جيڪي بھ مون ڏي، سڀ خدارا بخشجو
جي ھيا مضبوط ٻيڙا سير پھرين ۾ ٻڏا
۽ پڳا ساحل تي، مان جھڙا وڃي ”جوھر“ جڏا
ھن اکين ۾ دل جي آ، احساس جو عالم اھو
ڪابھ اک رئندي ڏسي، دل ۽ اکين روئي ڏنو
ڪنھن بھ دل ۾ جي چڀيو ڪنڊو، تھ دل تڙپي اٿي
آ ٻين جي غم ۾ ’جوھر‘، عمر ساري مان رنو
متفرقات
پياري دوست عزيزالله ’مجروح‘ جي شھادت جي موقعي تي
غم جو اظھار
عجب گردش چرخ نيلوفري
ٿي غائب ادب جو ويو مشتري
وفا کيش، مخلص، عزيز الـــٰھ
مروت ۾ جنھن کي ملي برتري
محبت ٿي ماتم ڪري، الامان!
شرافت ڀي لڙڪن سان دامن ڀري
يکايک ڏسي منظر دل گداز!
دل آدميت ۾ آتش ٻري
ھئي جيڪا مجروح ماحول کان
ستم جو نشانو ٿي سا دل وري
وطن جي محبت سان ڀرپور دل
نظر آئي مھراڻ موجن ڀري
ھو ھمدرد مزدور ھاريءَ سندو
ھو مقصد سندس ملڪ جي بھتري
رنو درد فرقت ۾ سڏڪا ڀري
فراست، لياقت، ادب، شاعري
سخن دان، سخن سنج، معجز بيان
ڪئي جنھن سدائين سخن پروري
ڪئي خوب ھن طنز ماحول تي
چئي ڳالھھ ڏيندو ھو بالڪل کري
فصاحت جو حاڪم، بلاغت جو شاه
ھيو سنڌ ۾ ثانئي، انوري
رئن دوست احباب ٿا زار، زار
مھيسر محبن جي دل پئي ڏري
رئي ٿي فضيلت بھ سندرا ٻڌي
متانت زماني مان اڄ وئي مري
اٺين ماه آگسٽ اربع جي رات
اجل جي مٿس ڪا نھ گولي ٽري
شھادت جو سن ”زخم چرخ آستان“
١٩٦٢ع
ٻڌائيندو ’جوھر‘ ويو جوھري
ڪنھن جي ماتم ۾ شريڪ آھن ٿيا مخلص ھزار؟
ٿارئن سڏڪا ڀري پنھنجا پرايا زار زار
گلشن احباب کي رخصت چئي جان بھار
دوستن جي صبر جي دامن ڪري ويو تار تار
غمکده مجروح جو سارو جھان بنجي ويو
آسمان ڀي قبر تي شبنم فشان بنجي ويو
عزيز دوست شمس الدين ابڙو وڪيل جي وفات تي لکيل
صبر جي دامن ٿي آھي فرط غم کان تار تار
ضبط جي خرمن تي برق رنج آھي شعلھ بار
درد کان ڇوليون ھڻي ٿو دل جو بحر بي ڪنار
گلشن قرب ومروت ٿي پيو آ خار زار
ٿيو محبت جو سڄو ماحول آھي اشڪبار
باغ الفت جو ھئين، تون ئي مقدس باغبان
دوست تنھن جا ٿا ڏين، اڄ غم تي غم جو امتحان
توکي جاچن ٿيون اکيون استاد شمس الدين خان
موت تنھنجي تي رئي ڌرتي سان گڏ ٿو آسمان
اشڪ افشان بادوباران، برق ابرو کوھسار
ڀائپي جو بي بدل، فانوس ھو تنھنجو وجود
دوستي جو ننگ ۽ ناموس ھو تنھنجو وجود
ھم نشن واسطي، مانوس ھو تنھنجو وجود
نيڪنامي سان سدا، ملبوس ھو تنھنجو وجود
درد مان اڄ ٿارئن پنھنجا پرايا زار زار
قربدارن جو ڏسان ٿو نوحھ خون، جم غفير
ماتمي تنھنجا بڻيا ڪيئي، محبت جا اسير
تنھنجي پٿر تي اچي ڳوڙھا ٿا ڳاڙن، خود وزير
ٿا اگھاڙي سرھلن تنھنجي جنازي سان امير
قبر، تنھنجي تي ڪٺا آھن، ھزارين سوگوار
حيف! دنيا ئي محبت ۾ گھلي اھڙي ھوا
فصل گل برباد ٿيو، ٿي غمزده ھرھڪ ادا
تنھنجي فرقت ۾ مروت جي مڪدر ٿي فضا
آ فلڪ حيران ۽ عبرت ۾ آ چشم قضا
ٿي خبر آبي خبر، بي اختيار آ اختيار
ڪاروان دھر امن ھسوار ڪيئي ٿا ھلن
ڪي ٿيا، ۽ ڪي سگھو تو ساڻ شامل ٿا ٿين
مه جدائي جو ”جدا“ تاريخ ”ھي ھي“ ٿا چون
٣٠٨
”نوجوان غمخوار“ تنھنجي موت جو سن ٿا لکن
١٩٦٣ع
ياد تنھنجي آھھ ھاڻي قلب ’جوھر‘ جو قرار
سنڌ جي نامور عالم، اديب شاعر ۽ نقاد مولانا غلام محمد گرامي جي وفات تي
لکيل
ناگھان علم وادب جي، سرزمين ٿي اشڪبار
چرخ انشاءِ پروري، روئي رھيو آ زار زار
ٿي وئي تحرير جي رنگين دامن تار تار
ويو لڏي شعر و سخن جي شھر جو ھڪ شھر يار
ٿيو قلم، فرط الم کان، دل شڪستھ، دل فگار
آه! اي جان ادب! تون ئي ادب جو آن ھئين
سچ تھ، مولانا ناگرامي! تون قلم جو شان ھئين
تون بلاغت ۾ بلاشڪ، سنڌ جو سحبان ھئين
يعني پنھنجي مارئي جي ملڪ جو، تون مان ھئين
ملڪ جي دانشورن ۾، پئي ٿيو تنھنجو شمار
غمزده ٿيو ملڪ جو، اھل قلم حضرات آ
صفحئھ قرطاس تي، وئي ڇانئجي ظلمات آ
وادي، مھراڻ ۾، رنج والم جي رات آ
جن پڙھيو، توکي ٻڌو، سڀني چيو ھيھات آ
ھر پڙھيل ۽ اڻ پڙھيل کان، ٿاڳڙن ڳوڙھا
ھزار
خاص اسلوب سخن جي ملڪ جو معمار ھئين
تون ئي انداز بيان جو ھڪ ”بھادر يار“ ھئين
ملڪ جو سھڻي زمين جي تون ڳچيءَ جو ھار ھئين
الغرض، اھل قلم، اھل زبان، فنڪار ھئين
تا بقائي سنڌ، تنھنجو فن، رھندو يادگار
تون فصاحت، بلاغت، جو ھئين عمدو مثال
توئي سھڻا ٿي رکيا، سنڌي زبان جا خط و خال
”شاعر“ و ”مھراڻ“ تنھنجا ”البلاغ“ و ”الھلال“
قول تنھنجو ”قول فيصل“، فڪر تنھنجو باڪمال
تون بدور بازغھ جو ھئين مبلغ نامدار
تو بيان کي زيب بخشيو، ۽ حسين تمھيد ڀي
ڪئي روايات ادب جي، قدر جي تجديد ڀي
تنھنجو خاصو، معتبر تحقيق ۽ تنقيد ڀي
جا معيت ٿي وديعت، ايزدي تائيد ڀي
اي ادب جي، سڀني صنفن جا، مڪمل شاھڪار
قدرت تنھنجو، ڪو زماني ڪونھ ڪيو، افسوس يار
تون رھين ماحول جي، ريشھ دوانين جو شڪار
فاقھ مستي ۾ بھ، خودداري رھيو تنھنجو شعار
تون توڪل جي ئي، ترھي تي، چڙھي، پھتو آن پار
خار زار زيست ۾، رھندو ھئين باغ و بھار
اوچتو حضرت وئين، فاني جھان مان، تون لڏي
جاءِ تنھنجي ڪانھ ڀربي، ٿو چوان واڪي وڏي
ڪيترا شاگرد، ساٿي ۽ پيارا، سڀ ڇڏي
غمزده جوھر، لقب ڪھڙي سان توکي، اڄ سڏي؟
محترم، استاد، سائين، دل گھريو، دلدار، يار؟
اثر مرحوم لاءِ
اوچتو علمي فضا تي، ڇانئجي ظلمات وئي
۽ پکڙجي عالم ادراڪ ۾ ھيھات وئي
علم جي، اخلاق جي، انسانيت جي ذات وئي
سور جو سامان ويو ۽ برھھ جي ھربات وئي
دل جي دنيا ۾ اچي ويو، ھاءِ ھيڏو انقلاب
ذھن جي تنڪن
کي، برق ناگھان ساڙيو شتاب
اي اثر! جان فضيلت، اي شرافت جا بيان
اي ادب جي آبرو، علم و فصاحت جي زبان
ڪائنات آدميت، اي مروت جا جھان
سادگي ۽ انڪساري، تنھنجي عظمت جا نشان
موت تنھنجي تي، محبت جو جھان، ٿيو اشڪبار
تنھنجي ميت تي رئن، پنھنجا، پرايا، زار زار
ياد رھندي عمر تائين، تنھنجي شيرين گفتگو
ھر بيان کي توئي پھرايو، لباس مشڪبو
سڀ ٿيا گرويده، جن توکي ڏنو ھو، روبرو
تنھنجي خلقت، ”احسن تقويم“ مان ٿي خوبرو
حسن اخلاقي جو پورو، پاڻ گلدستو ھئين
حرمت انسانيت جو راز، سربستو ھئين
ڳالھيون اثرائتيون تنھنجون، سڀن کي ٿي وڻيون
بي مزه سڀ مجلسون، توکان، سوا آھن بڻيون
آ نظر جي تنگ دامن، خوبيون تنھنجون گھڻيون
مور، مانجھي! ڪيترا ڳڻ، اڄ ڳڻي تنھنجا ڳڻيون؟
تون ھنر ۽ فڪر جي، دنيا سندو، فانوس ھئين
مخلصانھ دوستي جو، نانءُ ۽ ناموس ھئين
خوب دنيا ئي ادب ۾، تو ڪيو حاصل ڪمال
شعر جي مالھا ۾ پوئتھ، لفظ، موتين جي مثال
توئي جرڪايا، مبارڪ فڪر، پاڪيزه خيال
ٻيو سخنور، ھٿ اچي، دنيا کي تو جھڙو محال
نثر تنھنجي، نظم تنھنجي، ۽ غزل ٿيا شاھڪار
استعاره ۽ ڪنايا، تو بڻايا رازدار
آه! عبدالله، منھن جا دوست، دلبر، دادلا
وقت کان اڳ، ويجھڙا ڪيا، موت جا تو، فاصلا
تنھنجي گلگون لاش تي روئن، ھزارين بلبلا
سچ تھ مون جھڙا سوين، ويٺا وڃائي، حوصلا
حادثھء جانڪاه تي خود ٿيو فلڪ، شبنم فشان
موت تنھنجي تي
رئي،مون سان ٿو گڏجي آسمان
دل، گرامي جي جدائي تي، اڃا ھئي اشڪبار
اڄ وري ٻيو، اوچتو ڪڙڪيو، غمن جو ڪوھسار
ياد تڙپايو نئين سر، ’عبد‘ جي، بي اختيار
ھن جھان فاني تان، منھنجو، اڄ ٽٽي پيو اعتبار
ڪي اکين آڏو ھليا ويا، ڪي وڃڻ لئھ ٿيا
تيار
بسترو، مون
جان ٻڌيو، پيا وقت جو ڪن انتظار
رحمتون، توتي ھجن، الله جا ٻانھا، ’اثر‘!
لھد تنھن جي
تي وسي، رحمت سندو، ھر دم ڪڪر
غمزده ’جوھر‘ جي آھي، ھي دعا شام وسحر
اي مکين دل! پوي شل خواب ۾، توتي نظر
تنھنجي مستانن جي مجلس، آھھ ٿي ماتم ڪده
قرب وارن جي، ڪچھري ٿي، سراسر غم ڪده |