حمد ۽ نعت
سبحان الله! سبحان الله!
مالڪ ملڪن جو تون آھين، سبحان الله، سڀ جا سائين
سڀ ڪجھھ تنھنجي وس ۾ آھي، جنھن کي ڊاھين، جنھن کي
ٺاھين
ساري جڳ جو، پالڻ وارو، روزي سڀ کي، تون پھچائين
تنھنجي قدرت، سڀ تي قائم، ڏک سڀ جا، لحظي ۾ لاھين
ساري دنيا ۾، تو آ ٺاھي، تون محتاج دنيا ناھين
تون پنھنجي مرضي وارو آن، بخشين بيشڪ جنھن کي
چاھين
سڀ تعريفون، سونھن توکي، مٺڙا مالڪ، مولا سائين
ويھي رھھ، ھڪڙي در تي تون، در در، ڇو ٿو ٺوڪر
کائين؟
ملندو مالڪ جي در تان سڀ، ٻئي پاسي ڇو ٿو
واجھائين؟
ربَ کي روئي ريجھائج تون، ٻانھن آڏو، ڇو ٻاڏائين؟
تو سان ھڪڙو رشتو آھي، مان بَندو، تون سائين،
آھين.
جھـــڙو آھيان تھــــڙو جــوھــر،
تنھنجو ٻانھو آھيان سائين.
*
نھ آھي آسرو، ڪنھن ماسويٰ تي
توڪل آھي منھنجي ھڪ خدا تي
نھ ٻئي ڪنھن جون عطائون مون کي گھرجن
نھ جھڪندس غير آڏو ڪنھن بَھا تي
مليو جو مونکي، آ الحمدلله
رھان راضي ٿو مان رب جي رضا تي
مونکي فخر آھھ، يڪتائي اِنھي تي
گدائي پنھنجي ۽ تنھنجي عطا تي
محمدصھ جي
مھابي بخش مون کي
ٿئي شل ساه پورو ھن دعا تي
تنھنجي در تان گھران ٿو ۽ پنان ٿو
ٿيس نازان اِنھي بخت رسا تي
ثمر ناھي سوا توحيد جي ٻيو
نظر ڪر منھنجي، ھن ھڪڙي ادا تي
سڄي دنيا کي جيڪو پاڻ پالي
رکيو مان آ، انھي رب العليٰ تي
نھ رھندي تنھنجي مشڪل ڪا ھميشھ
ٿيندي آسان، رک مشڪل ڪشا تي
خدا جي مغفرت تي، مون کي ”جوھر
يقين آھي، محمدصھ
جي شفا تي
*
رفعتن ۾ آ رھيو، بِلغ العليٰ، تنھنجو ڪمال
روشني ۾ ڪونھ آ، ڪشف الدجي،تنھنجو مثال
عادتون تنھنجون، سڀئي سھڻيون پسنديده خصال
رحمتن جو آھين مرڪز تون، بمعئھ اصحاب وآل
يا محمد مصطفيٰ محبوبِ ربَ العلمين
ذات تنھنجي آ مڪمل رحمة اللعالمين
عاصين جو آسرو تون آن، شفيع المذنبين
صاحبِ ”من زار قبري“ صادق الوعدالامين
*
خدا جو سنھن، خدا تنھنجو، خدا جو يار تون آھين
محمد مصطفيٰ مدني، مٺو منٺار تون آھين
شفيع المذنبين تون، مان گناھن ۾ ٻڏل آھيان
نماڻي آھيان نوري مان، سمون سردار تون آھين
تون آھين ساقيءِ ڪوثر، تون آھين شافع محشر
خدا جو خاص بَندو، احمد مختار تون آھين
ڪري تنھنجي وسيلي سان، مصيبت معاف ٿو مولا
ضعيفن جو تون ضامن ۽ اڙين آڌار تون آھين
طبيب آھي طبيبن جو، مسيح آھي مسيحن جو
دوا تنھنجي ڪندو دلدار، جي بيمار تون آھين
محمد جي مھابي، معار ڪر مولا گنھھ منھجا
گنھگارن کي بخشڻ وارو، بخشڻھار تون آھين
جھڪايو سر نھ آ ”جوھر“ دنيا جي بادشاھن وٽ
چمان ٿو چاھھ سان چائنٺ، سندم سرڪار تون آھين
*
حياتي سڄي جو آ، حاصل محمد
منھنجون سڀ مرادون ۽ منزل محمد
بظاھر ٿيو خاتِم الانبيا آ
بباطن ازل کان بھ اول محمد
بَشر آھي خلقت ۾ تعظيم وارو
نبين سڀن ۾ آ افضل محمد
فضيلت جي ڇٽ جنھن جو پاڇو ڇپايو
آ عاصين سندو سايو اڪمل محمد
چئي ”سوف يعطيڪ ربُڪ فترضيٰ“
خدا پاڻ آھي، رکي دل محمد
”فقد قابَ قوسين“ مان آھھ ظاھر
خدا جي محبت جي، محفل محمد
ويون مٽِجي تاريڪيون روشني سان
ٿيو دل اندر نور مشعل محمد
مٺو ماءُ پيءُ کان، پيارو پٽن کان
آ ”جوھر“ سندي جان ۽ دل محمد
*
سيد الابرار توتي لک صلواتون لک سلام
مطلع الانوار توتي لک صلاتون لک سلام
باعثِ تخليق عالم تاجدار دوجھان
احمد مختار، توتي لک صلاتون لک سلام
تون آن ختم الانبياءَ، تون آن رسولن جو رسول
اي سچا سردار، توتي لک صلاتون لک سلام
خود خدا ٿو موڪلي توتي صلاتون ۽ سلام
اي خدا جا يار، توتي لک صلاتون لک سلام
سؤ دفعا صدقي ٿيان، لک وار مان قربان ٿيان
گھوريان گھر ٻار، توتي لک صلاتون لک سلام
موڪليان ٿو مان صلاتن جي سدا سوغات پيو
روز شب لک بار، توتي لک صلاتون لک سلام
بيڪسن جا ڀر جھلا، واھر وسيلا واھرو
مونس و غمخوار، توتي لک صلاتون لک سلام
يا شفيع المذنبين! ’جوھر‘ جا اميد ويقين
آسرا آڌار، توتي لک صلاتون لک سلام
*
ساھھ صدقي، سر لڳي تو ساڻ مان، قربان ٿيان
نانءَ تنھنجي تان مون گھوريان پاڻ، مان قربان ٿيان
مان گھريو جو ڪجھھ ملي ويو، تنھنجي پيرن ۾ پڳس
ٻيو کپي مون کي نھ ڪجھھ ڀي ھاڻ، مان قربان ٿيان
زندگي تنھنجي اشارن تي ڪندس قربان مان
آ ڏنو ڏاتر اِھوئي ڏاڻ، مان قربان ٿيان
سونھن تنھنجي جي ثنا حورون ملائڪ خوب ڪن
تنھنجي ورقن ۾ بھ آ واکاڻ، مان قربان ٿيان
تنھنجي در تي حسرتون دل جون سڀئي پوريون ٿيون
در ڇڏي ٻئي در وڃان ڇاڪاڻ، مان قربان ٿيان
روئي روئي پوئتي دريا وھائي مان پڳس
منھنجي ڳوڙھن مان روان مھراڻ، مان قربان ٿيان
چنڊ، تارا، سج، زمين و آسمان تنھنجي ڪري
ھي مڙئي مالڪ منڊيا مانڊاڻ، مان قربان ٿيان
تو گلن کي رنگ بخشيو، چنڊ کي روشن ڪيو
مشڪ عنبر کي ملي سرھاڻ، مان قربان ٿيان
ماءُ پيءُ منھنجا تصدق، ٻار ٻچڙا گھور ٿين
سؤ دفعا صدقي ڪيان مان پاڻ، مان قربان ٿيان
ھن اڃي کي ڪؤثر و تسنيم جا ساقي، سخي!
اڻ ميا، اڻ کٽ، عطا ڪر ماڻ، مان قربان ٿيان
ڪئي ڀلائي تو ڀلارا ڀاڳ بُڇڙي جا ڀلا
ڀاڳيا تنھنجا نھ کٽندا ڀاڻ، مان قربان ٿيان
اڻ ڳڻيا احسان ٿيا مون تي، ڀلايون بي حساب
ويو لڳي ٻيجل سندو آ ٻاڻ، مان قربان ٿيان
اڻ گھريو ايڏو ڏٺئھ، ڀرجي وئي جھولي سڄي
آ ڪريمي جو اِھو اھڃاڻ، مان قربان ٿيان
ھڪ نظر سان ئي وئي، اک ڇِنڀ ۾ ڪايا پلٽجي
دل جي دنيا ٿي وئي چانڊاڻ، مان قربان ٿيان
پت جي رھجي شل اچي، پيرن ۾ پورا ٿين پساھھ
پھر پويون ٿيو آ پورو ڄاڻ، مان قربان ٿيان
تنھنجي پيرن جي مٽي تان، موتي،”جوھر“ لعل لک
گوھرن جي گھوريان، سؤ کاڻ مان قربان ٿيان
*
محمد! تنھنجو مٽ ڪونھي جھان ۾
نــــھ تـــو جھـــــڙو، زمـــين و آسمان ۾
مدد منھنجي ڪئي تو آھھ مولا
ھو سرمايو ندامت جا ٻھ ڳوڙھا
مون کي اميد بخشش جي رھي ٿي
شفيع المذنبين، تنھنجو لقب آ
گھنگارن جو واھر ۽ وسيلو
تنھنجي در تي لتن ۾ پيالتا ڙن
سدائين ذڪر تنھنجو آ زبان تي
ھي سڀ بدر الدجيٰ جـــو نــــور آھي |
|
ھميشھ ابتلاءُ و امتحان ۾
جي ڳاڙيندو مان پھتس آستان ۾
تنھنجي رحمت جي بحربيڪران ۾
آھيان مشھور مان ڀي عاصيان ۾
ٻيو ڪوئي نھ آساري جھان ۾
ڪندس ڇا مان وڃي باغ جنان ۾؟
رکيو ڇاھي، حديث ديگران ۾؟
ثريا، چنـــڊ، تـــارن، ڪھڪشان ۾ |
اچـــي پيرن ۾ تنھنــجي آھـــھ پيڙو
ڇڏي سڀ آسرا، ’جوھر‘ جھان ۾
گنبذ خضرا جي سامھون
قدسيو! ترسو، وضو زمزم جي پاڻي سان ڪيو
عرش کان وڌ، ادب جو آھھ، ھي نازڪ مقام!
ھي مٽي سرمون ڪري، پايو اکين ۾، پو ڏسو!
ھي منارهءِ نور آھي، قابل صد احترام
تنھنجي قدمن ۾ مران
ساه ڀي نڪري ھتي
باب جبرائيل وٽ
۽ جتين جي جاءِ تي
ھن مبارڪ شھر جو
شل مديني شھر ۾
منھنجو محشر ٿئي ھتان
شھر يثرب جي ڳلي
يا شفيع المذنبين!
|
|
مون کي ھي قربت ھجي
۽ ھتي تربت ھجي
آستانو شل ٿئي
تڪيو ۽ آٿت ھجي
مان گداگر ٿي رھان
مون کي ھي عزت ھجي
تنھنجو ٿئي سايو مٿان
منھنجي لئھ جنت ھجي
رحمة للعالمين!
|
حشر ۾ ”جوھر“ مٿان
سايھءِ رحمت ھجي
خيالن ۾ ئي سرڪار جو سوداءُ رھي ٿو
ڳوڙھن جو لڳاتار، ھي درياھھ وھي ٿو
خوابن ۾ ڏسان ٿو ۽ خيالن ۾ پسان ٿو
ڏينھن رات، اھو نقش اکين تان نھ لھي ٿو
عرفات جو، ڪعبي جو ۽ روضي جو تخيل
چائٺ جي چمڻ لاءِ، پريشان ڪري ٿو
قسمت ۽ قضا آھي، ھتِ مون کي رنڊايو
والله! سندم موت، تنھنجي در تي ٺھي ٿو
لبيڪ جي آواز جي دل مان اچڻ سان
”سڀ بخش ٿي بدڪار“ جو آواز اچي ٿو
دنيا جي شھنشاھي کان وڌ، تنھنجي غلامي
جنھن کي بھ نصيب آھي، سو پروان چڙھي ٿو
ڪافي آ جيئڻ لئھ، تنھنجي رحمت جو سھارو
منھنجو نھ ٻيو واسطو، ڪنھن ساڻ رھي ٿو
دلدار دوا پاڻ ڪندو، منھنجي مرض جي
والله! ٻڌو، قرب ڀريو ڪانگ چوي ٿو
ٿيو ورد زبان، صل عليٰ صل عليٰ آ
ٻولي جي ڪيان ٻي، تھ مون تي حرف اچي ٿو
موجود غلامن ۾، سندم نام اچي ٿو
رحمت جو فرشتو اِھو اعلان ڪري ٿو
منزل تي رسيا جيڪي سندن، ڀاڳ ڀلاھا
”جوھر“ تھ ھي رستي ۾ پيو سور سھي ٿو
*
زائر يثرت جڏھن ڪو مون اڳيان پھچي ويو
دل سڄي پھتي اتي، سارو ڌيان پھچي ويو
وائي ناڪامي سندم، افسوس مجبوري سندم
مان ھتي رھجي ويس، ٻيو ڪاروان پھچي ويو
خاڪ آھن لذتون ھتِ، ھيچ سڀ تفريح گاه
جو مديني ۾ پڳو، باغ جنان پھچي ويو
ڇو ٿي گھٻرائين، دل نادان، گناھن جو سڄو
رحمة للعالمين وٽ، داستان پھچي ويو
درد دل جا سڀ دفع ٿيندا نھ رھندو رنج ھاڻ
برسر بالين حکيم دوجھان پھچي ويو
پاڻ بخشيندو ۽ بخشائيندو، منھنجا سڀ گناه
آ گھنگارن جو مالڪ مھربان پھچي ويو
جان و دل شان ڪريمي تان تصدق ۽ نثار
مھر جو مواج بحر بيڪران پھچي ويو
تو اڳيان جوھر، زھي قسمت، شفيع المذنبين!
اڄ گناھن جو کڻي بارگران پھچي ويو
*
تمنا، حسرتون، ارمان دل جا سڀ وٺي آيس
خدا جي گھر کان ٿيندو، تنھنجي در تي، يانبي آيس
ڀري ڇڏ برڪتن ۽ رحمتن سان بادشھ جھولي
تھي دامن، سڃو، سکڻون، ھٿين خالي ھلي آيس
زماني جي شھنشاھن وٽان ٿيو ڪجھھ نھ ھڙ حاصل
اجايو عمر ڀر سکڻن سڃن جا در ڏسي آيس
شفيع المذنبين جو در، ٿيو رحمت جو گھر آھي
گنھگارن جي بخشس عام ھتِ ٿيندي، ٻڌي آيس
مندايون معاف
ڪرمنھنجون، برايون بخش سڀ منھنجون
گناھن جو کڻي ٻيوجھو، گنھگار امتي آيس
طبيبن جا، وڪيلن جا، وزيرن جا، عزيزن جا
ڇڏي سڀ آسرا ’جوھر‘ محمد وٽ لنگھي آيس
*
پر تو حسن ذات صلي الله عليھ وسلم
سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم
صاحب صدصفات صلي الله عليھ وسلم
مالڪ شش جھات صلي الله عليھ وسلم
تنھنجي آئي ٿيا مات صلي الله عليھ وسلم
لات، عزيٰ، منات صلي الله عليھ وسلم
سو ڊٿا سومنات صلي الله عليھ وسلم
صدقي دجلئھ و فرات صلي الله عليھ وسلم
اي وسيلھءِ نجات صلي الله عليھ وسلم
دافع مشڪلات صلي الله عليھ وسلم
صبح سانجھي ۽ رات صلي الله عليھ وسلم
تن ۾ تنھنجي آ تات صلي الله عليھ وسلم
وائي جوھر جي وات صلي الله عليھ وسلم
موڪليان ٿو صلوات صلي الله عليھ وسلم
*
ھي يثرب جي فضا آھي، مديني جي ڳلي آھي
جھڪائي سر، اکين ڀر ھل، اِھو شھر نبي آھي
نھ ھيڏي ڏس، نھ ھوڏي ڏس، وساري پاڻ ھتِ ھلجان
زمين تي، عرش کان نازڪ، ادب جي جاءِ ھي آھي
قدم آھستي رک، ھي بابِ جبريل امين آھي
ھي ڌرتي، عرش اعليٰ کان بھ وڌ عزت ڀري آھي
شفيع المذنبين ۽ رحمة للعالمين جي در
وئي تنھنجي، نظر ھڪ ساڻ، ڪايا پلٽجي آھي
سدا بخشش جي بارش، وڏڦڙي ھتڙي وسي ’جوھر‘
گنھ آلوده گندي دل، سندءِ ڌوپي وئي آھي
*
ھي تبديلي خوشگوار، الله! الله!
مرادن سان مان ھمڪنار، الله! الله!
مقدر مٿاھون ٿيو سبحان الله!
حياتي ۾ آيو بھار، الله! الله!
ڪمال ڪرم، منھنجو محشر، ھتان!
ڪٿي مان، ڪٿي ھي ديار، الله! الله!
اکيون در ۾ آھن لڇي ساه پيو
مرڻ کان ڏکيو انتظار، الله! الله!
جڏو جييءُ ’جوھر‘ جو جانب ڏسي
پرين پاڻ، ڪن ٿا پيار، الله! الله!
*
ڪاش! مان ڀي شھر يثرب جو رھڻ وارو ھجان
مان مديني جي گھٽين ۾ ئي گھمڻ وارو ھجان
ھن چپن سان پاڪ چائٺ کي چمڻ وارو ھجان
پنبڻين سان پاڪ ڄاري کي اگھڻ وارو ھجان
آمنھ جي گودڙي جي لعل جي دربار ۾
پاند پائي، حاضري ھردم، ڀرڻ وارو ھجان
ٿئي حرم جي ٻاھران، ھي مرتبو مون کي نصيب
تنھنجي پانڌين جون جتيون ٺاھي رکڻ وارو ھجان
يا شفيع المذنبين! اِذن حضوري ڪر عطا
تنھنجي در تي ليٿڙيون پائي رئڻ وارو ھجان
ٻيا ڇڏي در، اھڙي داتا جو وٺي در مان ويھان
ھن ھٿن سان پاڻ، ڏيھن کي ڏيڻ وارو ھجان
ٿيس ازل کان جنھن مان آقا جو غلام ابِن غلام
شال! ان در تان سدا ”جوھر“ پنڻ وارو ھجان
*
منھنجا محبوب مٺا،
سھڻا سردار سچا،
بيڪسن جا ڀرجھلا،
دل جي دردن جي دوا!
توکان نھ پِنان ٻيو ڪنھن کان پنان
بادشھ ملڪ سندا،
ٿيا تنھنجي در جا گدا،
تنھنجي در آھيان پيو،
منھنجو ٻيو ڪير رھيو،
تنھنجي پيرن جا نشان،
ساھھ سر صدقي ڪيان،
تون شفيع المذنبين،
صادق الوعد الامين،
تو اڳيان جھولي جھليم،
رت جا ڳوڙھا رنم،
ساقيءِ ڪؤثر بھ تون،
شافع محشر بھ تون،
|
|
پاند ڳل پائي بندا،
تون وڏو بعد خدا
منھنجا محبوب مٺا
تو جيھو ڪونھ ٻيو،
ٻيا سڀ ڇڏي آسرا،
منھنجا محبوب مٺا.
مان ٿو چشمن سان چمان،
تنھنجو مٽ ڪير ڀلا؟
منھنجا محبوب مٺا.
رحمة لللعالمين.
توکي آ اِذن شفا،
منھنجا محبوب مٺا.
۽ پلئھ پاند ڪيم،
معاف ڪر منھنجي خطا.
منھنجا محبوب مٺا.
مالڪ ”جوھر“ بھ تون،
ڪر عنايت ۽ عطا،
منھنجا محبوب مٺا! |
*
نگاه قلب جي آڏو محمد مصطفيٰ آھي
زبان دل تي جاري ناه محبوبِ خدا آھي
مديني جي مٽي منھنجي اکين لئھ توتيا آھي
رسول ھاشمي جو در، مراد ۽ مدعا آھي
ٿيو ورد زبان منھنجو فقط صل عليٰ آھي.
گري، گدلي، ڪني، ڪوجھي، براين ۾ ڀري آھيان
پري آ پنڌ پربت جو، ٻيو ڍولڻ ڍري آھيان
تھ ڀي توڏي اکيون ٻوٽي اچڻ لئھ ٿي چري آھيان
ٻڌو آ، تنھنجي دروازي تي بخشش بَرملا آھي
ٿيو ورد زبان منھنجو فقط صل عليٰ آھي.
گنھگارن جو واھر ۽ وسيلو، ڀرجھلو آھي
گھري امت جي بخشش جنھنکان روبرو آھي
خدا ڄاڻي خدا جي خاص رحمت ھوبھو آھي
جھانن لاءِ رحمت، شافع، روز جزا آھي
ٿيو ورد زبان منھنجو فقط صل عليٰ آھي.
زھي قسمت! اکين آڏو اکين جي ٺار جو قبو
ڏسان سامھون پيو سائو، سچي سردار جو قبو
لڳي ٿو عرش کان اعليٰ گھڻون، سرڪار جو قبو
خدا جو شڪر، راضي مون تي ٿيو ربَ العليٰ آھي
ٿيو ورد زبان منھنجو فقط صل عليٰ آھي.
ھٿن ۾ آھي ڄاري ۽ نظر ۾ آھي پيغمبر
وسي منھنجي
مٿان ٿو مينھن رحمت جو جھجھو جوھر
اِشاري سان عطا ڪئي، دل جي دردن جي دوا دلبر
صلاتن ۽ سلامن سان ڀريل ساري فضا آھي
ملائک ھت، ھتي جنت ھتي عرش خدا آھي.
*
سمان ڄام تنھنجي مان ٻانھي پراڻي
ڪني ڪاري، ڪوجھي، ڪسيرڪ، مھاڻي
سمان ڄام سلطان، سھڻا، سياڻا
پکي تنھنجي پيڙس، مٺا مور راڻا
گري، گولي، گدلي ۽ اڀري اياڻي
ازل کان تماچي سان ٻانھپ جي ٻولي
ٿيس تنھنجي گولين سندي ڄام گولي
ٻڌي ھٿ ڪري عرض نوري نماڻي
جھران ٿي، جھڄان ٿي، رئان ٿي رڙان ٿي
تنھنجي در اچڻ کان، نھ ھرگز مڙان ٿو
پائي پاند ڳل ۾ پڳس پانڌياڻي
ڏسي عيب اوڳڻ نھ منھنڙو مٽائج
پنھنجي در تان ٻانھي، نھ سائين ھٽائج
ٿئي تنھنجي پيرن ۾ ”جوھر“ پڄاڻي
*
ادا يار ويندڙ، او پيارا پيامي!
ڪجان پيش پھچي، تون سائين سلامي
ڳچي پائي ڳارو، ٻڌي يار ٻانھون
رڙي راڻي آڏو ڪجان خوب دانھون
ڪري پٽ تي پئجان، پنھل وٽ پيامي
سگھو وڃ تون سائين سفر تيز ترڪر
چٽي دز نھ تنھنجي سگھي باد صر صر
خدا تنھنجو حافظ، محمد آ حامي
تون چئجانءِ ھڪڙو گنھگار آھي
پري توکان پيڙو ھو بدڪار آھي
مڃي آھھ جنھن، صرف تنھنجي غلامي
تون چئجانءِ ھن وٽ، نھ سھڻو ثمر آ
چڱي چال ڪانھي، نھ ڪوئي ھنر آ
نھ حسان آھي، نھ سعدي، نھ جامي
خدا جي طرف کان تون مامور آھين
جئن تون شفاعت ۾ مشھور آھين
گناھن ۾ ”جوھر“ بھ، نامي گرامي
*
چمان پير تنھنجا، حرم جا ڪبوتر
ڀلا ڀاڳ تنھنجا، ڪيا پاڪ پرور
ھميشھ حرم جون تون مھمان آھين
سڀن پانڌين جو جگرجان آھين
حقيقت ۾ ڪامل تون اِنسان آھين
مڙين عاشقن جو تون سلطان آھين
پڙھين ٿو صلاتون مزي ساڻ ھر ھر
رھين ٿو حرم ۾ سڄو ڏينھن سارو
وري رات ٿئي ٿي، وري تنھنجو وارو
خزانو حوالي ٿي رحمت جو سارو
خدا تنھنجو حافظ، محمد سھارو
نبي جو ڇڏي در، وڃين تون نھ ٻاھر
سدائين تون روضي مٿان پيو اڏين ٿو
تون ڏوٽيون ڏئي ساه صدقي ڪرين ٿو
سٺي سر سان سو سؤ، صلاتون پڙھين ٿو
پري ھڪڙي پل ڀي، نھ پيارا وڃين ٿو
ٿيو زور ماڻھن کان، تنھنجو مقدر
سدا سائو قبو آ، تنھنجي نظر ۾
رھين ٿو نبي جي، تون ديوار و در ۾
جِتي آھھ جبريل ڀي تنھنجي ڀر ۾
محمد وسي تنھنجي دل جي ٿو گھر ۾
ڪري ريس ڪھڙي سگھي توسان ”جوھر“
قومي نغما
سنڌ جي لاءِ دعا
سدا سنڌ سائين تون آباد رکجان
مٺي ملڪ جا مارو دل شاد رکجان
اڇا، آبرو وارا منھنجا اباڻا
سچا صاف دل جا، ۽ سھڻا سياڻا
سڀئي مرد مانجھي سڀئي راڄ راڻا
منھنجاکيت مارو نھ ڪڏھين وڪاڻا
سندن غيب کان جاري امداد رکجان
منھنجي سنڌ سائين، تون آباد رکجان
ٿي عورت جتي مارئي آھھ ھرڪا
آ عزت جي راڻي ۽ عصمت جي ملڪھ
وجھي آه! جنھن جي ٿي ڪوٽن ۾ ڪڙڪا
ڪندا شينھڻين کي ڇا،گدڙن جا دڙڪا
انھن کي تون خطرن کان آزاد رکجان
منھنجي سنڌ سائين، تون آباد رکجان
جِتي خوب فصلن جي سرھاڻ آھي
۽ موجن ڀريو جاٿي مھراڻ آھي
ھي ھر ڳوٺ جنت جو اھڃاڻ آھي
۽ ھر شھر جنھن جو ٿيو چانڊاڻ آھي
ھي وستيون ۽ واھڻ تون آباد رکجان
منھنجي ملڪ جا مارو دلشاد رکجان
منھنجي سنڌ ڪيني ڪنان پاڪ آھي
ھي ڌرتي بڻي رشڪ افلاڪ آھي
ھتي جي سچائي سندي ھاڪ آھي
اسان لاءِ اڪسير ھي خاڪ آھي
ھتي سرنگون ظلم و بيداد رکجان
منھنجي سنڌ سائين تون آباد رکجان
آسر ساه کان وڌ، ھي ڌرتي پياري
ڀٽائي، بلاول جي آھي ڀلاري
سچل، نوح، بيدل ۽ امروٽ واري
ھي پيرن فقيرن جي نگري نياري
سٺي سرزمين کي تون آباد رکجان
مٺي ملڪ جا مارو دل شاد رکجان
بظاھر عدوديس جا زور آھن
مگر ديس جا دوست، شھزور آھن
کڻي سرتري تي اٿيا مور آھن
ھوشو جان ھي ساڻيھھ تان گھور آھن
نمڪ خور دشمن کي برباد رکجان
مٺي ملڪ جا مارو دل شاد رکجان
سنڌ جي سھڻي زمين
ساه سر صدقي ھي توتان، سنڌ جي سھڻي زمين
گھر ڪيان مان گھور توتان، ماءُ مٺڙي مه جبين
تنھنجا منظر دل فريب آھن، فضائون دل نشين
عطربيز آھن ھوائون ۽ گھٽائون عنبرين
حسن ۾ توسان نھ سگھندو ھام ھتِ ڪوئي ھڻين
آ مٽي تنھنجي مقدس، ھر ذرو آ تابدار
تنھنجا گلشن، تنھنجا جھنگل، تنھنجا برپٽ، ڪوھسار
تنھنجا برپٽ، تنھنجا صحرا، تنھنجا بر ٿر، ريگزار
ڪؤثر و تسنيم تنھنجا نار، دريا، آبشار
تنھنجي وچ ۾ ٿو وھي مھراڻ بحر انگبين
تنھنجو سانوڻ ۽ سيارو، يا خزان توڙي بھار
تنھنجي سردي، تنھنجي گرمي، تنھنجي موسم خوشگوار
تنھنجون
بوندون، تنھنجي بارش، ماڪ تنھنجي مشڪبار
تنھنجي ٿڌڙي ھير ۽ تنھنجون ھوائون دل جو ٺار
ھن جھان ۾ تون زمين تي آھين فردوس بَرير
شھر تنھنجا، ڳوٺ تنھنجا، تنھنجا واھڻ، وستيون
ڪڻڪ، چانور، سون، چاندي، ڪن ڪپھھ پيدا ٻنيون
سنڱريون، ڏيلھا ۽ ليسوڙا ۽ پيرون ۽ پسيون
مڙس تنھنجا مور ٿيا، شھز ور آھن سڀ ونيون
منھنجي سھڻي سرزمين! دنيا سڄي کان ٿي وڻين
تنھنجا ماڻھو، ماکي مصري کان گھڻون آھن مٺا
ٿا سڄي ساڻيھھ ۾ سڏجن سچا، سھڻا، سٺا
ملڪ ساري ۾ نھ ڪنھن اھڙا ٻيا ڪاٿي ڏٺا
آسمان کان مينھن رحمت جا سدا جن تي اٺا
سون پيدا ٿي ڪرين تون، ماڻھو موتي ٿي ڄڻين!
تنھنجي مومل، مارئي، سسئي ۽ سھڻي کي سلام
تنھنجي ڄائي بخت آور جھڙي مائي کي سلام
مائي ٻاگھي سومري، نوري نماڻي کي سلام
سينڌ جي لڄ جنھن بچائي، اھڙي ڄائي کي سلام
خاڪ تنھنجي آ شجاعت ۽ شرافت جي امين
ماءُ مٺڙي سنڌ سھڻي! منھنجو توسان سر لڳي
کير جھڙي تنھنجي پاڻي، تنھنجي ٿڃ تي جو تڳي
وار ونگو ڪو ڪندو تنھنجو نھ، ڀل ويري وڳي
ڪجھھ نھ اڳتي
ڪو ڪري سگھندو، نھ ڪنھن ڪيو آ اڳي
تون تھ آن لڄپال، سڀ پنھنجا پرايا پئي ڍڪين
تو ڪيو پيدا ڀٽائي، پيرپاڳارو،
بِلال
تنھنجي سيني ۾ پيا آھن مڻيا موتين مثال
مورڙو، حيدر،
ھوشو ۽ کيت، دودو ديس پال
نوح، امروٽي، سچل، سوڍو، قلندر باڪمال
خاڪ تنھنجي تي فلڪ ’جوھر‘ جھڪائي ٿو جِبين
|