سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڳاڙها ڳوڙها

صفحو :1

ڳاڙها ڳوڙها

محمد علي جوهر

ناشر جي طرفان

محمد علي جناح باصلاحيت سياسي ليڊر جي حيثيت سان، مولانا محمد علي جوھر آزادي جي بيباڪ رھبر جي حيثيت سان، محمد علي بي خوف ۽ برق رفتار باڪسر جي حيثيت سان ۽ ھن ڪتاب ”ڳاڙھا ڳوڙھا“ جو مالڪ محمد علي جوھر ھڪ سرگرم صحافي اديب ۽ شاعر جي حيثيت سان آئون سڃاڻان! ھي نالي جو تاثير آھي يا منھنجي سوچ جو تجزيو تھ، جيڪي ”محمد علي“ جي نالي سان دنيا ۾ ماڻھو رھيا انھن مان اڪثر، متحرڪ، بي آرام، بيقرار، جاندار، جانثار ۽ نامدار رھيا آھن. علم، ادب ۽ شعر جي آسمان تي محمد علي جوھر چمڪندڙ ستارو آھي.

”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ سنڌ جي واحد باوقار، بااعتماد نمائينده تنظيم ھئي، جنھن جي سڄي سنڌ ۾ ھاڪ ۽ ڌاڪ ھئي: ”جمعيت الشعريٰ سنڌ“ سڄي سنڌ جي سڀني شاعرن جي تنظيم ھئي. ٻين نندين نندين علمي، ادبي تنظيمن بزمن جو وجود نھ ھئڻ جي برابر ھو. ”جمعيت الشعراء سنڌ“ ۾ سنڌ جا نامور عالم اديب ۽ شاعر شامل ھئا، جيڪي يادگار زمانھ آھن. انھن سڀني عظيم ھستين جي وچ ۾ ھڪ وڏي ۾ وڏي تنظيم جو گھڻي ۾ گھڻو وقت سيڪريٽري رھڻ، ڪنھن عام، ماڻھو جي وس جي ڳالھھ نھ ھئي! ھتي ڪو جنون، جوش، جذبي ۽ جولان وارو جاندار جوان گھربو ھو. ”جمعيت الشعراء سنڌ“ لاءِ محمد علي جوھر جون خدمتون ناقابل فراموش آھن جمعيت الشعريٰ ۽ محمد علي جوھر ٻئي نالا لازم و ملزوم رھيا آھن. شاعر جي حيثيت سان جوھر صاحب پختھ گو، قادر الڪلام شاعر آھي، ھن جي شاعري علم بديع ۽ بيان جي لحاظ کان پڪي ۽ پختي آھي، سندس غزلن ۾ عربي فارسي ترڪيبون ۽ الفاظ گھڻا آھن جيڪي غزل جو شان ۽ مضمونجي جان ھوندا آھن. جوھر ھڪ علمي ادبي دور جو زنده يادگار آھي. جمعيت الشعراءَ سنڌ جھڙي غير متنازع تنظيم جو غير متنازع ۽ ھر دل عزيز سيڪريٽري ٿي رھيو آھي.

سنڌي ادبي بورڊ جي ٻين ڪتابن وانگر ”ڳاڙھا ڳوڙھا“ بھ بورڊ جي فخريھ پيشڪش آھي. سنڌي ادبي بورڊ ھميشھ پيش پيش رھيو آھي. ”ڳاڙھا ڳوڙھا“ بھ ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي اميد تھ سنڌ جي مانوارن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ڪاوش کي سنڌي ادبي بورڊ منظر عام تي آڻيندو رھندو. علم و ادب جي خدمت لاءِ اسان جون ھي مثبت انداز سان ڪوششون يقينا سوچ جي مالڪن، معياري عالمن، اديبن ۽ شاعرن وٽ قبول پونديون.

محبوب سروري

١ ڊسمبر ١٩٩١ع                                  سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

پنھنجي متعلق

جيئن تھ منھنجي پيدائش ۽ پرورش علمي ۽ ادبي خاندان ۾ ٿي. انڪري ابتدائي تعليم قرآن شريف ۽ فارسي تعليم پنھنجي ڏاڏي مرحوم مولوي (آخوند) نصرالله لاشاري ۽ مولوي محمد ابراھيم ’اثيم‘ جن وٽ گھرو ماحول ۽ سندن مدرسھ ۾ ٿي. مولوي صاحب جي والد منھنجي ماسڙ استاد العلماءِ مولوي دين محمد چانڊيو (بٺوي) جي شاگردن مان جيد عالمن ۽ مجاھدن کان علاوه وقت جا برک اديب ۽ شاعر بھ پيدا ٿيا جن ۾ حاجي محمود ’خادم‘ جو نالو ھن حوالي سان خصوصي اھميت جو حامل آھي. ننڍپڻ ۾ ئي اھڙي ماحول سان متعلق ھڪ مثالي ۽ مشفق دوست مولوي عبدالله ’اثر‘ ملي ويو عمر ۽ علم ۾ مون کان گھڻو وڏي ھئڻ جي باوجود اثر صاحب پنھنجي اعليٰ اخلاقي اقدار سان گڏ منھنجي خاندان سان تعلق ۽ عقيدت سبب مون کي بيحد عزت ۽ پيار سان ڀانئيندو ھيو. ان وقت استاد مولوي محمد ابراھيم ’اثيم‘ ۽ پھريان ’اثم‘ بعد ۾ ’اثر‘ صاحب جن کي شاعري ڪندي ۽ ٻڌندي ڏسي منھنجي دل ۾ بھ شاعر بنجڻ جو شوق پيدا ٿيو.

١٢ سالن جي ڄمار ۾ فارسي تعليم ختم ڪري صرف ۽ نحو جو سٺو ۽ ذھين طالب العلم سڏجڻ لڳس ۽ شاعري جي قافيھ رديف ۽ مصرعن کي ملائڻ ۾ شروع ٿي ويس. جلد ئي پنھنجي بزرگن جي حڪم تي شھداد ڪوٽ جي ھڪ نامور عالم ۽ ڀلاري بزرگ حضرت مولانا قمرالدين ’قمر‘ مھيسر رحمة الله عليه جن وٽ عربي پڙھڻ شروع ڪيم. مولانا صاحب پنھنجي تقويٰ ۽ توڪل، ظاھري ۽ باطني علم ۽ عرفان جي ڄاتل سڃاتل عالم دين ھئڻ سان گڏ شآعر ھيا، ڪجھھ وقت سنڌيءَ ۾ ”المھيسر“ ماھنامو جاري ڪيائون مان بھ ننڍڙا ننڍڙا مضمون لکڻ ۽ شعر (تڪ بندي) جي شروعات ڪئي. مولانا صاحب جن منھنجي معصوم ڪاوشن کي پسنديدگي جي نظر سان ڏٺو ۽ حوصلھ افزائي ڪئي. مان جڏھن عربيءَ جي منتھي طالب جي حيثيت تي پھتس، تڏھن مولوي صاحب جي ھدايت موجب عربي ادب ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لءِ جامعھ عربيھ حيدرآباد ۾ آيس، جتي آسمان ادب جا درخشنده مھرو ماه، يا آفتاب عالم تاب مولانا مخدوم امير احمد صاحب ۽ مولانا غلام محمد گرامي جن بحيثيت استاد جي موجود ھئا ۽ جامعھ عربيھ جي دروازي جي سامھون اٽڪل اٺن وکن جي وٿي تي (ان وقت جامعھ عربيھ صدر بزار جي ھڪ بلڊنگ ۾ ھئي) ڊاڪٽر محمد ابراھيم ’خليل‘ جي خانگي اسپتال (ادبي بيٺڪ) ۾ ساڻس ملاقات سوني تي سھاڳي جو ڪم ڪيو.

ساڳئي وقت حيدرآباد مان نڪرندڙ روزانھ سنڌي اخبار ”ھلال پاڪستان“ جي مدير شھير سنڌ جي نامور مؤرخ ۽ محقق رحيمداد خان مولائي شيدائي ۽ اخبار جي خاص شاعر حافظ ”بسمل“ ٽکڙائي جن سان بھ ملاقات ٿيندي رھي ۽ اخبار لاءِ ڪجھھ ڪچو پڪو ڪلام ۽ مواد ڏيندو رھيس. ان وقت آزادي جي تحريڪ ڪاميابي جي آخري مرحلن ۾ ھئي، آزادي جي لاءِ جذباتي انداز ۾ لکڻ ٿيندو ھيو.

عين انھن ئي ڏينھن ۾ حيدرآباد جي نورمحمد ھاءِ اسڪول ۽ ٻئي ڪنھن ھال ۾ سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي پرڪشش ۽ جاذب دل و نظر شخصيت تي نظر پئي ۽ سندسن ڪلام ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ منھنجي دل ۾ شاعري جو ذوق ھيڪاري وڌيو، جامعھ عربيھ ۾ ھڪ طرف مولانا مخدوم امير احمد جن وٽان عربي ادب ۽ علم اصول جي حصول ۽ مولانا غلام محمد ”گرامي“ جن کان شعر و شاعري بابت ھدايت جو سلسلو جاري رھيو.

بھرحال جھڙي تھڙي شاعري بنڄڻ لاءِ ذڪر ڪيل ماحول ۽ موقعا ڪافي قدر مددگار ثابت ٿيا. ٻن سالن کان پوءِ لاڙ ڪاڻي شھر ۾ جوھر پريس قائم ڪري پنھنجي ادبي ذوق جي تڪميل لاءِ ھفتيوار اخبارون ”پيام نؤ“ اڳتي ھلي ”آواز“ پوءِ ”پيغام“ جاري ڪيم، ”انسانيت“ ۽ ”پورھيت“ اخبارون بھ ڇپيم.

سنڌي شعر ۽ ادب جي ناتي سان سنڌ جي شيراز لاڙڪاڻي کي اعليٰ مقام حاصل ھيو، ماھوار مشاعره، ادبي نشستون ۽ ڪچھريون، آل سنڌ ادبي ڪانفرنسون بام عروج تي پھتل ھيون، جتي استادن سخن ۽ ادب دوست حضرات حاجي محمود ’خادم‘ عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي، مولوي عبدالله ’اثر‘ نواز علي ’نياز‘ نظام الدين ’نظام‘ مولوي، محمد عظيم ’شيدا‘ مولوي حبيب الله ’حبيب‘ شھداد ڪوٽي، غلام ’سرور‘ مغل مولوي نورالدين ’نور‘ ھري ’دلگير‘، حافظ ضياءَالحق ’اسلم‘، مولوي ثنائي، مولوي عبدالله چانڊيو ڍونڪائي، مولوي ’نذير‘ حسين جتوئي، عبدالحق ’زيب‘ عاقلي، ميان غلام عباس، جمال ابڙو، عزيز ڏوڪري وارو، لقمان حڪيم، فقير علي بخش جمالي، مولوي عبدالرشيد جمالي، ماستر غلام دستگير، سيد الھڏنو شاھھ راشدي، عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، غلام مصطفيٰ مشتاق، عبدالغفور ڀرڳڙي، علي گوھر خان کھڙو، قاضي عبدالمنان، عبدالمنان چانڊيو، تاج محمد ابڙو، عبدالفتاح ميمڻ، نظام الدين ميمڻ، عبدالرزاق سومرو، دوست محمد ابڙو، عبدالحق سولنگي، فقير عبدالوھاب ناظم، شيخ واحد بخش، مولوي محمد اسماعيل قريشي، دادن فقير، عاشق واحد بخش، اختر علي قاضي، خادم حسين شاھھ، ديوان امبرت راءِ ’سام‘، الله بخش ’انيس‘ انصاري، حاجي واحد بخش شيخ شھداد ڪوٽي، سيد وريل شاھھ، علي اڪبر شاھاڻي، علي حيدر منگي، محمد خان شيخ، مولوي غلام يحيٰ، حڪيم محمد عالم، ڊاڪٽر شمس الدين چان:و، قاضي عبدالحئي قائل، حاجي محمد پيرزادو، مھر الله شيخ، گدا علي منگي، خدا بخش ’مسڪين‘ سومرو، محمد ڇتل فدا، عبدالله عتيق، صوفي ڌڻي بخش، سرور عاقلي، قلندر بخش بدوي، قلندر لاڙڪاڻوي، مولا بخش سانگي، ڪشنچند گرناڻي، چاچو الاھي بخش سومرو، خير محمد ’سوز‘ مولانا ابوالخير فيض محمد سيال، غلام حسين منگي ۽ ڪي ٻيا دوست ادب جي خدمت جي عمل ۾ مشغول ھيا، بزم ادب ۽ انجمن ترقي اردو وارن مان سيد صمد رضوي ’ساز‘، حڪيم شاھد علي شھيد، شاھھ مسعود، مسلم شميم، شفيق، شاھھ محمد ’عزمي‘ مسعود فاروقي، ’عرشي‘ ۽ ٻيا ڪيترا دوست بھ نمايان طور تھ ادب جي خدمت ۾ مصروف ھيا. اھڙي حوصلھ افزا ادبي ماحول ۾ معاصرين سان نؤعمري ۾ مان بھ گڏجي پيس ۽ علم و ادب جي حلقن ۾ ھڪ نؤجوان اديب“ صحافي ۽ شاعر جي حيثيت سان سنڌ ۾ سڃاپڻ لڳس، لارڪاڻي جي ڪيترن ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۾ چند ممتاز عھدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.

خاص ڪري آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي انعقاد ۽ ڪاميابن کي مون سان لازم و ملزوم ۽ مشروط سمجھيو ويندو ھيو، سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي واحد نمائنده جماعت ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ جو مسلسل ٢٣ سال جنرل سيڪريٽري ٿي رھيس (جناب مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن جمعيت جا صدر ھيا).

محترم مخدوم صاحب جن جي سرپرستي ۽ ان وقت جي وزير اعظم جناب ذوالفقار علي خان ڀٽي جي خاص دلچسپي سان لاڙڪاڻي شھر ۾ جمعيت الشعراءِ سنڌ جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي شھر م ”شاھنواز ڀٽو“ لائبرري جھڙو مثالي ۽ منفرد اداره قائم ڪري منھنجي خواب جو تعبير آرزوئن جي تڪميل ۽ بارآور ڪوششن جو ثمر آھي.

ڪيترن سالن لاءِ ٧٧ع جي مارشل لا لڳڻ تائين سنڌي ادبي بورڊ جي گورننگ باڊي جو ميمبر بھ رھيس.

جيئن تھ مان مختلف وقتن تي مختلف زبانن ۾ مختلف حالتن جي تناظر ۾ شاعري ڪئي آھي، جنھن مان ڪجھھ سنڌي ڪلام گڏ ڪري ھن ڪتاب ”ڳاڙھا ڳوڙھا“ ۾ ترتيب ڏيئي ناظرين ڪرام جي نظرن ۽ ھٿن تائين پھچائڻ جو شرف حاصل ڪري رھيو آھيان.

مان پنھنجي شاعري م فڪر جي خوشبو، فن جي خوبصورتي، حسين خيالن، لطيف جذبن، سھڻن لفظن جي سجاوٽ يا جڙاوت، باڪمال محاورن ۽ مثالن، استعارن ۽ ڪناين، بيان جي خوش اسلوبي، تلميحات، فصاحت ۽ بلاغت يا زبان تي دسترس جي نھ دعويٰ ڪئي آھي، نھ وري ’شاعري منھنجي زندگي آھي يا منھنجي زندگي شاعري جي لاءِ وقف‘. جھڙي ھام ھڻي سگھان ٿو. البت ھيئن چوڻ ۾ حق بجانب آھيان تھ شاعري منھنجي طبيعت ۾ رچيل آھي، شاعري ۽ منھنجي مزاج جو پاڻ ۾ ازلي عشق ۽ تعلق آھي. شاعري لاءِ جيڪا حساس دل گھرجي قدرت جي طرفان اھڙي درد آشنا دل عطا ڪري مون کي شاعري جي بنيادي تقاضائن جي تڪميل جو رھين بنايو ويو آھي.

پنھنجي گردوپيش جي زندگي جي مشاھده ڪرڻ وقت منھنجا حساس جذبا متاثر ٿيندا رھيا آھن، واقعن ۽ حادثن جو مشاھدو ڪرب درون بنجي وارداتِ قلب جو روپ اختيار ڪرڻ کانپوءِ شاعري جي موجن ۾ تبديل ٿيندو اھي. شاعري منھنجي پناه گاه آھي. جتي مان گردش روزگار ۽ ان جي تلخين کان ڪناره ڪش ٿيڻ جي خاطر پاڻ کي ان ۾ گم سم رکندو آھيان. پنھنجي گردوپيش ماحول ۽ معاشري ۾ ملڪ ۽ مٽي جي ماڻھن يا سندن سياسي، سماجي ۽ معاشرتي حق تلفين، زبان يا ٻولي تي مختلف وقتن يا شڪيلن ۾ ٿيندڙ حملا ۽ ھاڃان، ڪاھون ۽ ڪڙديون، ظلم ۽ ڏاڍ، استحصالي قوتن جي ڦرلٽ، غير موزون معاشره ۽ نظام جي غلط تشڪيل، اخلاقي انحطاط، تعصب ۽ نفرت جي نھايت، فريب، تملق، غلط بياني، چاپلوسي، رھبري جي دعويدارن جي منافقانھ روش، دھشت گردي ۽ بربريت، محسوس ڪرڻ کان علاوه سنڌي شعر ۽ ادب جي روايات ڀي منھنجي رھنمائي ۽ ذھني تربيت ڪرڻ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿيون. مون کي جيڪو پيدائش کان علمي ۽ ادبي ماحول مليو آھي، انھيءَ جو ذڪر مٿي ڪري آيو آھيان، دراصل دکي انسانيت جي دکن جو احساس ۽ ان جو معاشرتي طور تي اظھار ڪرڻ اديب ۽ شاعر جو بنيادي فرض بڻجي ٿو.

”شاعري جزوي است از پيغمبري“

يا

”جي توبيت ڀانئيا، سي آيتون آھين“

شاعري کي ھيءُ عظيم منصب انھي حوالي سان مليو آھي تھ شاعر انساني معاشري کي سنوارڻ سينگارڻ ۽ سندس بدصورتين کي دور ڪرڻ ۾ پنھنجي قلم جا جوھر ڏيکاري. جنھن جي جيئري جاڳندي تصوير، مڪمل ۽ مثالي صورت سنڌي شاعري جو ابو ۽ بادشاھھ، شاعر افاق و انسانيت ۽ نقاش فطرت حضرت شاھھ ڀٽائي رحمة الله عليه سنڌي شاعري جي تمام تر بلند روايتن ۽ روين جو موجد ۽ پاسدار تا ابدالاآباد موجود ۽ امر آھي. منھنجي نزديڪ بھ ادب ۽ زندگي جي رشتي جي نوعيت اھائي آھي تھ جيڪو ادب زندگي کان ماوريٰ ۽ زندگي جي مسئلن ۾ مشڪلين، تلخين ۽ صعوبتن کان عاري ھجي ۽ زندگي جو ترجمان نھ ھجي، اھڙو ادب سواءِ ادب چوائڻ جي ٻيو سڀ ڪجھھ چوائڻ جو مستحق آھي. زندگي کان بي نياز ۽ بيگانو ادب، ادب جي سماجي منصب ۽ ڪردار جي نفي ڪري ٿو، ادب ۾ سماجي شعور جو اظھار نھ ھجي تھ گويا اديب پنھنجي سماجي منصب ۽ سماجي جي حوالي سان پنھنجي فرائض ۽ ذمھ دارين کان روگرداني ڪري پنھنجي سماجي وجود جو انڪار ڪري ٿو.

منھنجي خيال ۾ سماجي زندگي جي عڪاسي ۽ سماجي شعور جو فنڪارانھ اظھار ئي عظيم ادب لاءِ اولين شرط آھي.

جيئن تھ مان پنھنجي شاعري ۾ سماج ۽ زندگي سان پنھنجي وابسگي وچن (ڪمٽمينٽ) کي ھميشھ سامھون رکيو آھي ۽ ھيئت تي مواد کي ترجيح ڏني آھي مان جيتري قدر لکيو آھي. ان ۾ گھڻو سماج جي لاءِ لکيو آھي ۽ پنھنجي شعري تخليقات جي ذريعي سماج جي مثبت قدرن ۽ صحت مند روايتن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

مان پنھنجي مادر وطن (جنم ڀومي) جي عظيم روايتن کي ساه کان گھڻو پيارو سمجھان ٿو ۽ سندس خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ جيڪي خواب ڏٺا آھن. انھن کي ئي شعر جي قلب ۾ ڍالڻ جي مختلف انداز ۾ ڪوشش ڪئي آھي. جيئن تھ سنڌ تھذيب ۽ تعمدن جو قديم ترين گھوارو آھي. سندس روايات ڀي عظيم ۽ اڻ مٽ آھن ۽ انھن روايتن جي پٺيان جيڪي اقدار آھن اھي ڀي وڏو قيمتي سرمايو آھن.

منھنجي پڙھندڙن کي منھنجي شعري تخليقات ۾ سنڌ جي سرزمين جي سڳنڌ ضرور ملندي. سر زمين سنڌ ۽ اھل زمين سان ٿيندڙ زيادتين ۽ استحصال جي خلاف ڪنھن نھ ڪنھن انداز ۾ صداءِ احتجاج ضرور نظر ايندي. منھنجي شاعري ۾ توحيد ۽ توڪل جي روشن جھلڪ ۽ سرور ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم جن سان والھانھ محبت ۽ غلامانھ عقيدت، اذن حضوري، شفاعت خواھي ۽ مدعا طلبي لاءِ ليلائڻ ۽ ٻاڏائڻ جو ٻاجھاري ٻولي ۽ عرض ۽ اظھار ڀرپور انداز ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، جنھن کي مان پنھنجي دنيا ۽ آخرت جي فلاح ۽ نجات لاءِ واحد وسيلو ۽ ذريعو سمجھان ٿو. منھنجي شاعري ۾ منھنجي جمالياتي حسن جو عنصر بھ شامل آھي.

منھنجي شاعري فن جي معيار تي ڪيتري قدر پوري آھي، انھيءَ جو فيصلو قارئين ڪرام تي ڇڏجي ٿو.

البت ايتري چوڻ ۾ مون کي ڪنھن بھ قسم جي ھٻڪ يا جھجھڪ محسوس نھ ٿي ٿئي تھ مان پنھنجي ھمعصر سچائين کي سادگي سان، سواءِ ڪنھن تصنع ۽ بناوٽ جي پيش ڪيو آھي ۽ پنھنجي دل جي ڳالھين کان بنا ڪنھن ابھام جي چوڻ جي روش اختيار ڪري پنھنجي پڙھندڙن کي شعرن جي ذريعي ڳجھارتن ڀڃڻ جي ھرگز زحمت ڏيڻ نھ گھري آھي، مون ڪوشش ڪئي آھي تھ دل مان جيڪا ڳالھھ نڪري دل تائين پھچي وڃي. مان وٽ روايات جي پاسداري کي وڏي اھميت حاصل آھي، باوجوديڪ شعر و ادب ۾ نون تجربن جو مخالف نھ آھيان خواه اھي تجربا شاعري ۾ ھيئت جي حوالي سان ھجن يا اظھار جي حوالي سان.

بھرحال مان ھن راءِ جو آھيان تھ ابلاغ کان محروم ڪا نھ شعري تخليق ۽ بي معنيٰ آھي، فڪري اعتبار سان سماجي زندگي ۾ ارتقا جي قانون کان انڪار دراصل انساني شعور جي نفي جي برابر آھي. مان سماجي زندگي جي ھر شعبي ۾ تغير و تبدل (مٽ سٽ) کي قدرت جو قانون سمجھان ٿو، جنھنڪري ادب ۽ فن جي تجربن ۾ بھ ھر قسم جي تبدل، جدت ۽ نواڻ جو قائل آھيان. زندگيءَ جو سفر منھنجي نظريئھ حيات جي مطابق ارتقا جي قانون جو تابع آھي ۽ اھو سفر مراجعت (واپسي) جو سفر نھ بلڪ ھر لمحي ۽ ھر گھڙي پيش رفت جو سفر آھي، جھڙي طرح منھنجي شاعري ۾ زندگي جي مثبت قدرن جو اظھار انھيءَ طرز فڪر ۽ احساس جو مظھر آھي.

مان انسان جي عظمت جو قائل آھيان ۽ ان جي روشن مستقبل تي منھنجو پختو يقين آھي. منھنجي شاعري جي شمع اھڙي يقين جي روشني سان ٻرندي ۽ روشن رھندي آئي آھي، خدا ڪري اھا روشني اوھان سڀني جي نگاھن کي چڱي لڳي.

محمد علي جوھر

ڪراچي ١٠ آڪٽوبر ١٩٩١

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org