دل جي ڌڙڪڻ تون ۽ منھنجو ساه تون
توبنا بوتو بدن، ويندو ٺري
ٿيو قيامت، جھڙو دل ۾ درد آ
دم کڻڻ ڀي، ڳالھھ ٿي آھي ڳري
ڀل سوين سھڻا اڏامندا اچن
حسن ۾ ڪنھن جي نھ توسان ھمسري
بنجي ڳوڙھا. تو رھين اکڙين اندر
عمر ڀر سھڻا تون سگھندين ڪيئن تري؟
مرڪ تنھنجي، گھور گھائي، دل ڇڏي
ٿي قيامت، ھر ادائي دلبري
ڪان ڀرون جا، دو ناليون ديده جون
ڏنگ وارن سان ھنيئھ، ويتر وري
ٿيو جيئڻ منھنجو، ھينئر ڏاڍو ڏکيو
پھر ھڪڙو ڀي پري، توکان پري
سنگدل سان دل لڳي وئي، الامان!
عشق کان ’جوھر‘، ڪئي توبھ وري
منھنجو توسان ئي پيار آ، سائين!
توبنا دل بيقرار آ، سائين!
دل پريشان ٿي، دماغ آ بيڪار
تو اچڻ جو واعدو ڪيو آھي
تون جڏھن ايندين، تڏھن قرار ايندو
|
|
ڪجھھ نھ دل تي اختيار آ، سائين!
مون کي توتي، اعتبار آ، سائين!
دل کي ھر دم انتظار آ، سائين!
|
دور توکان آھھ، موت تي، ’جوھر‘
درد دل ۾ بي شمار آ، سائين!
دلربا سان دل لڳائي، پاڻ کي برباد ڪيم
پنھنجي ھٿ سان دل ڦرائي، پاڻ کي برباد ڪيم
دل لڳي جي ڪا خبر، دلبر کي اصلي ڪانھ ھئي
اشڪ اکڙين مان وھائي، پاڻ کي برباد ڪيم
يار جي نالي مٿان، سر ساه زر صدقي ڪري
ٿي سخي سڀ ڪجھھ لٽائي، پاڻ کي بوباد ڪيم
دل جي ناداني سبب، پرپيچ راه عشق ۾
خود قدم تڪڙو وڌائي، پاڻ کي برباد ڪيم
عشق کان ’جوھر‘ ڪئي، توبھ ۽ زاري مان ھئي
واٽ ويندي اک اڙائي، پاڻ کي برباد ڪيم
بي وفا سان وفا ڪري ويٺس
دل لڳائي خطا ڪري ويٺس
وقت ڏاڍو سٺو پئي گذريو
ڪيئن خانو خراب ٿيو دل جو
دل جي دنيا ۾ انقلاب آڻي
ساھھ سھڻي مٿان ڪري صدقي
|
|
دل لڳي خواه مخواه ڪري ويٺس
اڄ وري، ڇامان، ڇا ڪري ويٺس
دل ۾ محشر بپا ڪري ويٺس
عشق جو حق ادا ڪري ويٺس
|
سادگي جو ڪمال آ ’جوھر‘
دشمنن کي، دعا ڪري ويٺس
زندگي زھر نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
خاڪ دل جو گھر نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
ساھھ ھڪ سڪون سان ڪونھ ٿو گذري
زيست، دم گذر نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
اضطراب وياس، ارمان جو نالو
مردگي اگر، نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
درد منددل ٿي سيني ۾ سرمايو
مال چشم تر، نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
غم نصيب جو مقدر، خدا ڄاڻي
سور، سربسر نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
بيقرار جان ٿي جسم ۾ گھٽجي
ساھھ دربدر نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
نامراد دل شکستھ سندي ھر ھڪ
آه بي اثر نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
ذھن، سوچ، فڪر، احساس واطمينان
سارو منتشر نھ آھي تھ ٻِيو ڇاھي؟
بي وفا جھان ٿي ڀروسو، ’جوھر‘
غير معتبر نھ آھي تھ ٻيو ڇاھي؟
مه لقا ماه مبين محبوب منھنجا مه جبين
دوست دلجا دلربا، دلدار دلبر دل نشين
تنھنجي سونھري ڳلن جي سامھون، رشڪ گلاب!
گل ٿو شرمائي، ڦڪو ڏسجي پيو چنڊ چوڏھين
سونھن جا ميلا سوين، ماري ويٺين محبوب تون
تون سڀن سھڻن ۾ آن سھڻو، حسينن کان حسين
دل اکيون ۽ وار پنھنجا، مان وڇايان واٽ تي
پنبڻين سان دڳ ٻھاريان، ڄام آري جي اچين
چوٽ جبلن تي چڙھي، ھاريان ھنجئون مان ھوت ٿي
پنھنجي سسئي جا سھارا، سور جا سڏڙا سڻين
منھنجا سھڻا، شال مکڙين جا کڙين، گل جان ٽڙين
آ دل جي اھا، سھڻن ۾ سھڻو تون رھين
سؤ دفعا سرساه صدقي، لک دفعا مان گھور ٿيان
جان ’جوھر‘ ساه منھنجي جا ثمر پيارا پرين
تون تقاضا، تون طلب، تون مدعا، او دلربا!
منھنجون اميدون، ۽ منھنجا آسرا، او دلربا!
ساھھ منھنجو تون آن سھڻا، روح راڻا آھين تون
جان من، جانان من، جان وفا، او دلربا!
مان چڪور آھيان چريو، محبوب تون آن ماه رو
توتان صدقي ساه سر، سئو سئو دفعا، او دلربا!
آھھ سوداسر ۾ تنھنجو، درد ڀي دل ۾ اٿم
سر جي سودا، دل ڄي دردن جي دوا، او دلربا!
ڳل گلابي، زلف ريشم ۽ ھرڻ جھڙيون اکيون
ھٿ حنائي، لعل لب، لالي سوا، او دلربا!
تنھنجا لک لائق، ڪروڙين قرب، ٿورا ڀي گھڻان
ٿو مڃان ماکي ۽ مصري کان مٺا، او دلربا!
ميڙي چونڊي، منھنجي من جي ملڪيت مال و متاع
دل جي دولت، دوست دلبر دادلا، او دلربا!
تو نھاريو ناز مان، مرڪي جڏھن، مون ڏي مٺا
زندگي جا ڏک، سڀئي وسري ويا، او دلربا!
ڪير سھندو سور سختيون ، عشق ۾ ’جوھر‘ جيان؟
ڪونھ ملندءِ ٻيو چريو، مون کان سواءِ، او دلربا!
مان صدقي، سر لڳي تو ساڻ، منھنجا يار، مان صدقي
منھنجا محبوب موچارا، مٺا منٺار، مان صدقي
تون منھنجي سر جو سائين آن، ۽ منھنجو ساه آ تو ۾
رھي جيئرو نھ سگھندس، يار توکان ڌار، مان صدقي
نھ واريندس مان سر تو کان، ٿيون سر جون سٽون توسان
ڀليجان ڌڙ ٿئي منھنجو، سسي کان ڌار، مان صدقي
رقيبن روسيا ھن جا، انھي دم تاڪ نڪري ويا
چيو مون کي جڏھن سھڻي صنم، سرڪار، مان صدقي
خريدي دل ڇڏي ’جوھر‘ جي، تو آپيار پنھنجي سان
پيارا يار، تنھنجي پيار تان لک وار، مان صدقي
وڃي ڪوئي ھن کي خدارا ٻڌائي
شرارت جو ھٿ جو ڊگھيري اسان ڏي
اسان سر تري تي کڻي آھيون نڪتا
ويو وقت برداشت جو آھھ گذري
سڀن سر ڪشن، کي ھي چئلينج آھي
اسان کان ھي غيرت جي آھي تقاضا
|
اسان کي نھ ظالم، ھينئر آزمائي
اھو ويندو ھٿ پنھنجو مورئون مڇائي
اچي سامھون، سر جي جو بازي لڳائي
نھ ڪمزور سمجھي ڪو ھاڻي ستائي
ايندو جيڪو آڏو، ويندو ڪنڌ ڪٽائي
وٺون حق پنھنجا سڀن کان ڀرائي
|
ٿي ’جوھر‘ آھي ظلم سان جنگ واجب
اسان کي حسينءِ آ سبق ويو پڙھائي
دنيا ۾ دوستن جي لاءِ ديوانا اسان آھيون
نباھڻ ۽ وفاداري جا افسانا اسان آھيون
ڇڏي خالي ويا عاشق، شھادت گاه الفت جو
سڄي ميدان ۾ منصور مردانا اسان آھيون
ٻڌي ڇڏي رشڪ ليليٰ، عشق ۾ آھيون گھڻون اڳتي
ڇڏي پٺتي ويا مجنون کي مستانا اسان آھيون
اکيون آباد آھن، دل بتن سان پئي ڀري آھي
محبت مھرو الفت جا صنمخانا اسان آھيون
زمانو آھھ ظالم، يا ڦٽل تقدير آ پنھنجي
ڪر سرساه صدقي، سڏبا بيگانا اسان آھيون
محبت جون فقط ڳالھيون ڪري ڪيئي ويا اڏجي
نباھي نينھن جو ناتو ٿيا ويرانا اسان آھيون
جھان ۾ عشق جي ’جوھر‘ جلائي جوت جن آھي
سي قرباني ڏيڻ وارا تھ پروانا اسان آھيون
شعر منھنجو وقت جو آواز آھي، دوستو!
فڪر وفن تقدير جو ھمراز آھي، دوستو!
چپ چرن ٿا ھت، فلک آواز ٿو ھتڙي ڪڍي
ربط باھم جو اھو، انداز آھي، دوستو!
ٿي جھان بيني سندم، روشن ضميري جو ثبوت
جم کان وڌ، مون کي مليو اعزاز آھي، دوستو!
ھي قلم، ويھي لکي، لوح وقلم جون ڳالھيون!
ھي خدائي ڏات، ۽ اعجاز آھي، دوستو!
علم آفاقي ٿيو، طبع رسا جو آ ڪمال
ھن فراست، فھم تي ٿيو ناز آھي، دوستو!
ھر نفس منھنجو بڻيو، خاموش آھي احتجاج
”زندگي جو ساز، بي آواز آھي، دوستو!“
آ زبان تي، احتياط و ضبط جو تالو لڳل
چپ سبي ظاھر ڪيو مان، راز آھي، دوستو!
ٿو وڄايان بينسري، بي درد دنيا جي اڳيان
درد افزا، غم نوا، ھي ساز آھي، دوستو!
فيصلو تاريخ ۾ صادر ڪيو آھي حسين
سر ڏيڻ وارو سدا ممتاز آھي، دوستو!
آتش نمرود، توڙي نيل جو دريا ھجي
ڌو اندر، ٿيڻ، عاشقي انداز آھي، دوستو!
ظلم جو خنجر وري ڪو، آزمائي اڄ ڏسي
زير خنجر گردن جانباز آھي، دوستو!
استعارن ۽ ڪناين جي مون ورتي ڍال آ
جو ٿيو ماحول، محرم راز آھي، دوستو!
جاري رھندو ’جوھر‘ دانائي حڪمت جو جھاد
ٿي اڃا، طبع جھان، ناساز آھي، دوستو!
تنھنجي فرقت ۾ اکين جا ٺار، مان روئي ڏنو
مون سان گڏ، ڌرتي رني ۽ آسمان روئي ڏنو
حسن جي گلشن جي عزت جا سبب، جان بھار
گل رنا، بلبل رني، خود باغبان روئي ڏنو
دل لڳي ۽ دلبري، عشق و وفا جي ڪائنات
دل جي دنيا، مھرو الفت جي جھان روئي ڏنو
تنھنجي بي وقتي وڃڻ تي، وقت خود ماتم ڪري
چنڊ، تارن ۽ قطين ۽ ڪھڪشان روئي ڏنو
ساه سر، سھڻي تان گھورڻ آتقاضائي، وفا
ڇا ٿيو ’جوھر‘ جيڪڏھن سکڻون اوھان روئي ڏنو؟
سينڌ تنھنجي مان چورائي، ڪھڪشان آھي چمڪ
نگھت گل، تنھنجي، پگھر کان پني ورتي مھڪ
رات ڪاري، تنھنجي وارن مان ئي ڪارھن ھٿ ڪئي
چيلھھ سنھڙي، سروقد جي ۾ لڪڻ واري لچڪ
آ وفا جي واٽ ۾، مان، راند کيڏي جان جي
موٽ ۾ ملندم مٺو ڦر، پوکيا ناھن مان اڪ
زندگي بي سود آھي ۽ جئڻ جنجال آ
اي پري چھره، پري تو کان پيارا ھڪ پلڪ
مسڪرائي موتي ھاري، ڄڻ کنڊ يرين کنڊ ٿو
ملڪ ماري ٿو ڇڏين، جڏھن ڏئين ٿو تو ٽھڪ
رات جون تاريڪيون، چيري اچين ٿو چنڊ جان
ٽڪ ٻڌي تو ڏي ڏسان ٿو، ڪين ڇنڀيان ٿو پلڪ
ٿو اڏامي ھوش سھڻن جو وڃي، اک ڇنڀ ۾
لاجواب آھي، جمال يار جي، ’جوھر‘ جھلڪ
مکڻ، ماکي، مصري، مٺن کان مٺا
سڌا سرو کان ڀي سنھا ۽ سٺا
ھي ميندي رتا ھٿڙا، رشڪ گلاب
تنھنجا ڳل ٿيا چنڊ کان ڀي چٽا
تنھنجي سونھن سامھون نھ سھڻا اچن
شرم کان لڪن ٿا ڏٺا وائٺا
ھتي ھٿ وڍيا، مصر جي مھوشن
جھلڪ ھڪ سان ’جوھر‘، تو ڪونڌر ڪٺا
تون منھنجو سھڻو، تون منھنجو ساھھ
تون منھنجي چاھت، تون منھنجو چاھھ
ٻيو دلبر ڪونھي، دل وارو يار!
دل جو آھي ٺاڪر، توسان ٺاھھ
بن تنھنجي مان، ڪنھن ڏي ويندس ڪونھ
ڏک سک ۾ تون ھمدم، تون ھمراھھ
تون ڪاٿي ھوندين، ڪھڙو ھوندءِ حال؟
ڳالھيان ٿي دل ۾ ڳڻتين جو ڳاھھ
دل ۾ ڌڪ ڌڪ آ، پڪ ايندم يار
منھنجي پوين پھرن جو، پويون پساھھ
سج چنڊ ساراھي ’جوھر‘ ڇا لاءِ؟
تون منھنجو محبوب آھين مھر و ماھھ
اچي ھڪ نظر سان نھاري وڃين ھا
مئل دل کي دلبر جياري وڃين ھا
عجب چڻنگ چوري وئين دل دکائي
برھھ جي ٻريل باھھ ٺاري وڃين ھا
چري چاھھ ۾ چور، ماندي مران ٿي
دلاسي سان دلڙي ڌتاري وڃين ھا
پنھل يار تنھنجي ٿي ٻانھي سڏايان
اچي خواب ۾ منھن، ڏيکاري وڃين ھا
ڏکن جي ڪڍي ڪن منجھان دوست دلبر
بڏل ٻيڙي ٻھڳڻ، تون تاري وڃين ھا
جدائي ۾ ’جوھر‘ سندو حال ھيڻون
اچي يار سھڻل سڌاري وڃين ھا
ڏٺم خواب ۾ رات دلدار آيو
اچي ساٿي سک ٿيا ڏکن موڪلايو
اجھو ٿو اچي مور محبوب منھنجو
ڪيو جھٽ، اجايو متان دير لايو
وڃو، پھر ھڪڙو وھي سڀ سھيليون
سٺي سيج سھڻي لئھ سھسين سجايو
نچو ۽ ڪڏو، ڳايو سھرا ۽ لاڏا
ھڻون خوب جھمريون ۽ تاڙيون وڄايو
ڇٽيو واٽ تي مشڪ، عنبر ۽ موتيو
گلن ساڻ گڏ، وار پنھنجا وڇايو
ڪري مھر محبوب ايندو اڱڻ تي
سڀئي ساز سڪ جا سريلا وڄايو
ڀني ڀيڄ تائين، ويٺو واٽ تي آ
پنھنجي خون جي، جوت ’جوھر‘ جلايو
ڪاش! اڄ مون ساڻ ڪوئي ڏک ونڊڻ وارو ھجي
ڪو تھ ھمدردي ڪري، ڳوڙھن اگھڻ وارو ھجي
ھن ڀري دنيا اندر، دردن ڀري دل کي اچي
ڪو دلاسو، پيار ۽ آٿت ڏيڻ وارو ھجي
زندگي جي ھن سڃي سکڻين سفر ۾ ھاءِ ھاءِ!
ھم سفر ھمراز، ڪو گڏجي ھلڻ وارو ھجي
ڪورسي، پرچي پيو مون ساڻ، ھرھر، ھرگھڙي
ڪو ھجي جو پيار سان، پرچي پوڻ وارو ھجي
عيد آئي آھھ جڳ ۾، مان نٿو سنڀران اڃا
ڪو تھ پائي پيار مان ڀاڪر، ملڻ وارو ھجي
مان محبت ۾ نھ ٿيندس، پير ھڪڙو پوئتي
سو اڏي تي آ رکيل، ڪوئي ڪھڻ وارو ھجي
ساه سر صدقي ڪيم، ناتو نباھي نينھن جو
ڪو تھ مون سان ڀي وفا جي، وک کڻن وارو ھجي
زندگي ساري زماني سان، ڏکن ۾ گڏ رنم
ڪو تھ مون سان گڏ، گھڙي غم ۾، رئڻ وارو ھجي
ھن سڄي ساڻيھھ ۾، سياڻو سجھي ٿو ڪونھ ڪو
ڏيھھ کي ڏاھو کپي، جو ڏس ڏيڻ وارو ھجي
رھنما سڀ پنھنجي پنھنجي غم ۾ آھن مبتلا
ڪو تھ قومي درد ڀي، دل ۾ رکڻ وارو ھجي
بادشاھت ڪو چوي، يا ناني ويڙھو، ڪو سڏي
نانءَ جي جمھوريت ڪوئي چوڻ وارو ھجي
آ ضرورت، ملڪ ۾، ڪوئي جوان اھڙو اچي
جو بچائي ملڪ کي، خود ڀي بچڻ وارو ھجي
سرمد ومنصور کي، سوري سڏي ٿي ھر گھڙي
سچ چوڻ ورو ھجي، ڦاھي چڙھڻ وارو ھجي
ھن سڄي سنسار ۾ ’جوھر‘ جيان حساس ڪو
ٻئي جي ڏک ۾، ڪو ٻيو، شايد مرڻ وارو ھجي!
درد جون تو سان ملي دلدار، ڪجھھ ڳالھيون ڪبيون
محب مٺڙا ماه رو منٺار، ڪجھھ ڳالھيون ڪبيون
زندگي جي رات ڪاري آھھ پوري ڄاڻ ٿي
رات جي پوئين پھر ۾ يار ڪجھھ ڳالھيون ڪبيون
چڱڀلائي ۾ نھ آئين، جي جياپا جان جا
سور جون سڪرات ۾ سرڪار، ڪجھھ ڳالھيون ڪبيون
جي جنازي تي نھ پھچين، قبر تي اچجان ضرور
ھٿ کڻي تون بخشجان قل چار، ڪجھھ ڳالھيون ڪبيون
جيئري ’جوھر‘إ کي جاني، پڳ ٻڌائي ڪانھ تو
آڻ ميت لئھ گلن جا ھار، ڪجھھ ڳالھيون ڪبيون
چپن تي ساھھ آيو آ، تون لھھ سڌ سار، اي ساقي!
سگھو ڏي پرت جو پيالو، ڪري ٽمٽاري، اي ساقي!
ھٿن سان دل ڏئي ھڪڙي، سوين غم درد مون ورتا
حياتي ۾ ڪيم ھڪڙو، اھو واپار، اي ساقي!
پيارج ڪو چڪو اھڙو،وڃن مٽجي مزي سان جئن
الم ۽ سور سڀ دل تان، غمن جا بار، اي ساقي!
قيامت تائين مئخانو، سلامت شل رھي تنھنجو
صراحي، جام ومينا، بادهء و مئخوار، اي ساقي!
دردلبر جي دز جو مٽ نھ ڀانيان، باغ جنت جو
گھٽي تنھنجي ٿو سمجھان غيرت گلزار، اي ساقي!
اڱڻ پنھنجي مٺا سائين گھرايو پنھنجي ’جوھر‘إ کي
پري توکان ٿو سڃ سمجھان سڄو سنسار، اي ساقي!
ڀلي آئين، سدا آئين پيارا يار، بسم الله
ڏسي توکي ٺريون اکڙيون، اکين جا ٺار، بسم الله
محل ماڙيون نھ مان وٽ، بسترا بخمل سندا آھن،
اکين سان گڏ اڱڻ تي ھي وڇايم وار، بسم الله
چمي چھرو مبارڪ تنھنجو، سيني ساڻ مان لايان،
ڳلي ۾ وار پارايان، ڪري مان ھار، بسم الله
نزع جي وقت ٿيون مايوس دل جون، حسرتون پوريون
ڀري آئين قدم جيڪي، چمان صدبار، بسم الله
زمان کان گلا مون کي جي ڪا آھي، اھا آھي
گھڻون تون دير سان، آيو آھين دلدار، بسم الله
ھڻي ٿو بخت منھنجو اڄ سڪندر سان ڪلھو دلبر
خوشي جا دھل ٿا دل ۾ وڄن سرڪار، بسم الله
نگاه ناز سان ’جوھر‘إ ڪٺو پيو آھھ تو آڏو
نھ ڪر تڪليف خنجر جي، نھ کڻ تلوار، بسم الله
تون تھ منھنجي ساه جو ڀي، ساه آن
دل جي دنيا جو تون شاھنشاه آن
چنڊ تارا، آسمان تي ٿا ٻڌون
تو چيو، تنھنجو ٿي رھندس يار مان
نينھن توسان مان نباھيندس سدا
سھڻا سائين، سر لڳي تو ساڻ، بس!
تون ئي منھنجو پيار آن، دلدار آن
سوڳنڍيون توسان ڳنڍيل سرساه جون
ڪير ٻيو، تنھنجي جتي ۾ پائي پير؟
تنھنجو ملڪن ۾ نھ مٽ، محبوب يار!
ڄاڻ ٿا پورا ٿين منھنجا پساه
تون آن منھنجي ساه جو پويون پساه
|
|
ھت زمين تي تون ئي مھرون ماه آن
پت اٿم توتي، تون ئي، ويساه آن
زندگي جو ھم سفر، ھمراه آن
تون ئي دل جي دوستي، تون ٺاه آن
مھرو الفت جي تون رسم و راه آن
منھنجي الفت، منھنجي چاھت، چاه آن
سڀني سھڻن جي سڄڻ ساراه آن
تون ئي ٺاھو ڪو ٺڪر، وھواه آن
درد دل کان دلربا آگاه آن
آس دل جي يار تون، اتساه آن
|
منھنجي من ۾ مچ محبت جو متل
عشق جو ’جوھر‘إ وڏو آڙاه آن
کلڻ ساڻ سھڻي جي مکڙا کڙي پيا
کنوڻ، چنڊ، تارا، ۽ ٽيڙو ٽڙي پيا
مٺيون ڳالھيون محبوب مون سان شروع ڪيون
کنڊون کير ماکي ۽ مصري مڙي پيا |