سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڳاڙها ڳوڙها

صفحو :6

کليا ڀاڳ منھنجا جڏھن زلف تنھنجا
ھٿن ساڻ پاسي ۾ پاڻھئي ڇڙي پيا

 

ڏکيو عشق جو دڳ آ ڏاڍو اڻانگو
ھتي شيخ ۽ برھمڻ با ھڙي پيا

 

ڪئي ور جڏھن وائي، ’جوھر‘إ وڃڻ جي
تڏھن، ڳاڙھا ڳوڙھا، اکين مان ڳڙي پيا

 

عشق ۾ آھھ مليو اھو انعام
رات جو ننڊ، نھ ڏينھن جو آرام

 

ويو ڇڏي ساھھ، بدن ٿيو بيڪار
زندگي مون تي ٿيو، وڏو الزام

 

صبح، سانجھي نھ قرار دل کي آھھ
خواب ڀي خام، خيال ڀي ٿيو خام

 

ذڪر تنھنجو ٿو ھلي پيو مون ساڻ
ملڪ ۾ منھنجي مقال آھي عام

 

ھڪ ڪرو وقت رھي نٿو ڪنھن ساڻ
معتبر ناھھ، ھي چرخ نيلي فام

 

ٿي ويو ميڪدهء دل ائين برباد
ڄڻ تھ تقدير ٿي زير گردش جام

 

ڪشمڪش زيست، عجيب آ ’جوھر‘إ
زندگي، موت، ٻئي ٿيا ناڪام

 

دلربا دلدار ان ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ
محب مٺڙي يار سان ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

عشق آھي راڄ رعيت، حسن آھي بادشاھھ
سونھن جي سرڪار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

ٿي نھ دل ڇاڻي وڃي، نظرن جي سامھون ٿي نھ تون
ھن تکي تلوار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

عشق ۾ ڦاسي، زليخا خود چيو، ھن زر خريد
يوسف بازار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

ھوش ڪر نوري مھاڻي، ڄام سان سينو نھ ساھھ
ھن سمي سردار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

سير ۾ سر کي سٽي، سھڻي چيو صدقي ٿيان
من گھري ميھار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

ھوت سان حجت ڇڏي، سسئي جتن کي خود چيو
ھن پنھل جي پار سان ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

رنج راڻي کي ڏسي، مومل چيو منٿون ڪري
تو ننگي ننگدار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

گل بدن، غنچھ دھن، رخسار صد رشڪ گلاب!
غيرت گلزار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

سنڌ ۾ سھڻو نھ ھن جھڙو، نھ مٽ ملتان ۾
سونھن جي سنسار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

دل جو جذبو، جان ’جوھر‘إ روح جي آھي رھاڻ
يار دل جي پيار سان، ٻانھن ٻڌڻ جي واٽ آ

 

جڏھن کان آ جيئري جدا يار ٿيو
ڪائي ڳالھھ ڪنھن سان ڪيان ڀي نٿو
الم درد دل ۾، سوين سور ٿيا
دوا درد جي ڪا، وٺان ڀي نٿو
مڃان ٿو مرڻ آھھ مورئون مٺو
ٻنھي کي پسند مان ڪيان ڀي نٿو
آ سورن سندي زندگي ڀي عجيب
انھي کي حياتي سڏيان، ڀي نٿو
ٿي ڇولين جي ڇڪتاڻ ۾ پئي ڇلي
ٻڏان ڀي نٿو مان تران ڀي نٿو
نٿي رات سورن جي سولي کٽي
پيو ڦتڪان سٿڪان، سمھان ڀي نٿو

 

پيو سور سيني ۾ آزار ٿيو
مران ڀي نٿو مان، جيان ڀي نٿو
چڪيا چاڪ، جيري ۾ ناسور ٿيا
مران ڀي نٿو مان جيان ڀي نٿو
جدائي جو جيئڻ بھ ناھي سٺو
مران ڀي نٿو مان جيان ڀي نٿو
خوشي جنھن ۾ ڪائي نھ آھي نصيب
مران ڀي نٿو مان جيان ڀي نٿو
نھ ٻيڙي ٻڏي ٿي نھ ساحل ملي
مران ڀي نٿو مان جيان ڀي نٿو
نھ ڪا جلد ’جوھر‘ ٿي جندڙي ڇٽي
مران ڀي نٿو مان، جيان ڀي نٿو

 

جڏھن رشڪ قمر، اڄ رات جو مون وٽ اچي ويو
شرم کان چوڏھين جو چنڊ، ڪڪرن م ڇپي ويو

 

سوين سينگار جي سھڻا ھيا محفل ۾ آيا
پڳو محبوب مجلس ۾، تھ ھڪ ھڪ تي ڀڄي ويو

 

سگھيون بيھي نھ سامھون، حسن جون شھزاديون ڀي
ڏسي راڻي کي خود، مومل جو طلسم ڀي ٽٽي ويو

 

وڍي ھٿ ويٺيون اڄ جون زليخائون سموريون
جھلڪ ھڪ جان يوسف جي ڏسڻ سان ھوش اڏي ويو

 

لکن جو مٽ مليو محبوب ’جوھر‘إ کي آ جاني
لکين ٿورا خدا جا، روح رانجھن سان رچي ويو

 

اکين جو ڀي عجب عالم رھيو آ
سمندر رات ساري ڄن اڙھو آ

 

ويو صبر و قرار آ موڪلائي
لڇين ٿي رات ڀر ڇا لئھ، سمھي پئھ
ڪري چپ چاپ، سيني تي رکي ھٿ
رڙين ٿي رات ساري، تون اجايو!
ھي ڪان، ڪان، ڪانو جي ڪوڙي نھ آھي
سڄڻ جي آ، اچڻ جي ڦار نڪتي
محبت جي ڪرامت آ ٻڌايو
نگاھن جو ٻسٽ دل مان ٽپي پيو
نظر تنھنجي، ڇڏيو گھائي آ دل کي
الو سانوڻ آ، يا سيلاب آيو؟
ملائڪ موت جو آيو، تھ سمجھيم

 

لڳي ٿو يار سان گڏجي ويو آ
دل نادان! چڱن توکي چيو آ
اکيون ٻوٽي، اھو تو لئھ چڱو آ
ڦري ٿي اک، پرين خود پنڌ پيو آ
اجھو پھتو، ھتان ھاڻي ھليو آ
ھي جوڳي ڀي ھڻي ڍارو ڏٺو آ
اچي ٿو يار، اکڙين خود ڏٺو آ
تکيروتير سيني ۾ لڳو آ
تو ڀرون جي ئي خنجر سان ڪٺو آ
اکين ويچارين ڏاڍو رنو آ
 مٺي محبوب ڪو، ماڻھو مڪو آ

 

ڪمال عشق جي، ’جوھر‘إ اھائي
ڪشش چئبي، جنازي تي پڳو آ

 

ٿو ٻڌايان درد دل جو، ڪو ٻڌڻ وارو ھجي
ٿيا اندر ۾ گھاو گھرا، ڪو ڏسڻ وارو ھجي

 

ھي دل مرحوم، منھنجي آ ھٿن مان وئي ھلي
ھن کي تو جھڙو سڄڻ، آٿت ڏيڻ وارو ھجي

 

پاڻ ڏاڍن ساڻ اکڙين، آ وڃي اٽڪايو پاڻ
ھن چرين کي ڪاش! ڪوئي ڪجھھ چوڻ وارو ھجي

 

جي ڪرين کي ڪن ھجن ھا، پو ٻڌن ھا، ڪجھھ اکيون
ڪيئن ڪيان، ڪنھن کي چوان، ڪوئي سڻڻ وارو ھجي

 

بي مروت، بي وفا دلدار، اي دل! ڇا ڪندينءَ
پيار سان ماري، وري جيڪو پڇڻ وارو ھجي

 

يار بي قدرو نھ گھرجي، دل ڪري جو جھاٽڪو!
قرب جي ڪاتي سان آھستي ڪھڻ وارو ھجي

 

عشق ۾ اڳتي وڌڻ، لنڊي تي رکڻون پير آ
ڀل رکي، جيڪو بھ مان جھڙو، مرڻ وارو ھجي

 

ٿو ڦري ھٿ تي رکي، بيڪار دل ’جوھر‘إ غريب
ڪو ٻڌائي ڪائي قيمت، دل وٺڻ وارو ھجي

 

اسان وارو پنھنجو، وڄايون وڃون ٿا
ڏکيو وقت ڏاڍو، ٽپايون وڃون ٿا

 

سکي سھڻي دنيا مبارڪ اوھان کي
سڀئي آسرا سک جا، لاھيون وڃون ٿا

 

ڏنا ڏک زماني، يا اھل زمانھ
ڪندا دل سان تن کي دعائون وڃون ٿا

 

ٻيو ناز سھڻن سندا ڪير سھندو؟
ويچارن کي رڻ ۾ رلايون وڃون ٿا

 

اسر تائين ڪن سور، ڪھڙي ھان حالت
سنجھي ساڻ جندڙي، ڇڏايون وڃون ٿا

 

ڪيو قدر پنھنجن، نھ احساس ڌارين
اھو سور، سيني ۾ سانڍيون وڃون ٿا

 

ڪندا حشر محرو وفا جا پوڄاري
محبت جي مارين کي، ماريون وڃون ٿا

 

جھان ۾ جيئڻ جو، ھنر ھٿ نھ آيو
مري پاڻ ٻئي ھنڌ، کڻايون وڃون ٿا

 

وري ڀي شرم ھو، اسان کي اکين ۾
ڪفن ۾ تڏھن منھن لڪايون وڃون ٿا

 

ھي، ھر دل غزيزي جو عالم ئي چئبو!
جو پنھنجا پرايا، رئاريون وڃون ٿا

 

ھجوم جنازي کان، ھٿڙا کڻائي
دعا مغفرت جي گھرايون وڃون ٿا

 

ھيا آس جا چار ڪکڙا اثاثو
ھٿن ساڻ ’جوھر‘
إ جلايون وڃون ٿا

 

تون وڃي قاصد، ٻڌائج حال منھنجو يار کي
گھرج آحي، وصل جي شربت سندي، بيمار کي

 

سور سيني ۾ اٿم، سڪرات ۾ آھيان پيو
جلد اچ جانب جيارج، جڏي لاچار کي

 

ھوش ڀي ھليو ويو، ھٿ پير ويا آھن ٺري
دل جي بيھڻ جي خبر ڪري، دل گھرئي دلدار کي

 

ھٿ اکين تي ٿا رکن، سھڻا سگھو منھڙو پساءِ
وڃ اڏامي، آڻ جلدي تون اکين جي ٺار کي

 

منھن ڏسڻ جي مھل ٿي، محبوب مٺڙا ماه رو
ناز مان نرمل نھارج، ناتوان، نادار کي

 

چئھ جدائي جي سبب آھي، جھريل ’جوھر‘ غريب
من پوي ڪو رحم دل ۾، حسن جي سرڪار کي

 

منھنجي ھر خواب جو تعبير، تون آن
چڱي اميد جي تصوير، تون آن

 

منھنجي قسمت ٻڌل توساڻ آھي
غرض بڻجي چڪي تقدير، تون آن

 

ڏکن جي باه پئي دل ۾ ٻري ٿي
انھي جي لاءِ، ٿڌڙي ھير تون آن

 

تلخ ڪئي زندگي آھي زماني
ٿيو مون لئھ کنڊون ۽ کير تون آن

 

حياتي منھنجي توسان آ عبارت
متن مان آھيان، تفسير تون آن

 

بنا ھڪ ٻئي رھي جيئرو نھ سگھبو
مان رانجھن تنھنجو، منھنجي ھير، تون آن

 

پر ستش حسن تنھنجي جي ڪيان ٿو
خدا ڄاڻي، صنم بي پير تون آن

 

جھري پئي دل آ ”جوھر“ جي غمن ۾
ڊٿل دل جي سڄڻ تعمير تون آن

 

پري توکان پرين پيارا، ھي اکڙيون رت رئن ٿيون پيون
پسائي پاند پنبڻين جا، سڄڻ توکي سڏن ٿيون پيون

 

وسن برسات جا بادل ٿا سانوڻ جو مھينو کن
ھي ويچاريون تھ ورھن کان وٺي، دلبر وسن ٿيون پيون

 

چرين کي پھر پاچو، ننڊ يا آرام ڪونھي ڪو
سدا ڏينھن رات جاڳن ٿيون، سدوريون ڪٿ سمجھن ٿيون پيون

 

جڏھن کان يار ٿيو تنھنجي اچڻ جو آھھ، ھانواڻون
مٺيون ڪاٿي مڙن ٿيون، نانگ وانگر ھي نچن ٿيون پيون

 

ڪئي تو دير جي دلبر، ڇڏينديون. دل کي ھت ڪاٿي؟
اکيون آئي وئي کان، پنڌ پربت جا، پڇن ٿيون پيون

 

چيم ڏاڍو چرين کي، پرنھ سمجھيون حرف ھڪ ’جوھر‘
نھ ڪجھھ بي عقل دل سمجھو، نھ ڪجھھ اکڙيون ٻڌن ٿيون پيون

 

پري توکان پرين پيارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري
مٺا محبوب موچارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري

 

اچي پنھنجي اکين سان ڏس، تھ ڇاھي حال اکڙين جو؟
ويچاريون ڪن ٿيون وسڪارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري

 

ٻھاري واٽ وارن سان، ڪري ڇٽڪار ڳوڙھن جو
آڏيم اکڙين ۾ اوطارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري

 

سنجھي سان سور ٿا سنبرن، اسر جو ٿا ڏين اڌما
تڪيان ٿي ڏينھن جو تارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري

 

مٽايان ڪيئن ماڻڪ مان، انھي دڳ تي بيٺي آھيان
ويا جا واٽ وڻجارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري

 

پڇايان پير ٿي پيارا، اڏايان ڪانگ ٿي تولئي
وجھان ڦارون، ھڻان ڍارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري

 

زمانو، سور آ سارو، گھڙي واندي نھ آ غم کان
ڏکيرا ڏينھن ٿيا سارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري

 

ڏکن ۾ ڏينھن پورو ٿئي، ڪري دانھون ٿي دل ’جوھر‘
رڳو آھون ۽ اوسارا، رئڻ ۾ رات ٿي گذري

 

ڏسي منھنجي وفائن کي چيو، دلدار، مان صدقي
ڀلا ٿيا ڀاڳ اڄ منھنجا، چيو منٺار، مان صدقي

 

انھي محبوب مٺڙي تان، مڃي جنھن جي غلامي مون
ٿيان مان سؤ دفعا صدقي، ٿيان لک وار مان صدقي

 

ٻڌي سورن سنديون ڳالھيون، جڏھن سھڻي نوازش ڪئي
اگھي اکڙيون، ڏئي آٿت، چيو غمخوار، مان صدقي

 

مان جنھن کي زندگي سمجھي، محبت پيار، پئي ڄاتو
محبت مان وڌي مون ڏي، چيائين، پيار مان صدقي

 

ڏکن جي بحر ۾ ٻڏندو، ڏٺو مون کي جڏھن ’جوھر‘
ٽپو ڏئي سير ۾ سھڻي چيو، ميھار، مان صدقي

 

 جي لاتي دير تو دلبر، تھ پو دلدار، مان ايندس
اڃا ڀي ڪين آئين تون، تھ تو وٽ يار، مان ايندس

 

سڏين يا نا سڏين سھڻا، تون منھنجي سر جو آن سائين
ٺھي توسان نھ حجت، اڻ سڏيو سرڪار، مان ايندس

 

ڪچي ڌاڳي سان دلبر، مان ٻڌو حاضر، اچي ٿيندس
سڳو سڪ جو تون سوريندين تھ الفت ڪار، مان ايندس

 

ڀلي وچ ۾ ھجي آڙاھھ، يا درياه، يا طوفان
ٽپو ڏيئي الا توھر، مٺا منٺار، مان ايندس

 

تون پنھنجا پرت وارا سڀ، ڀليجان آزمائي ڏس
اڳي پو، ڪم تھ توکي يار، آخرڪار، مان ايندس

 

پرين ڀر آھھ جي ’جوھر‘ مٺو ميھر، تھ ڇا ٿي پيو؟
دلو دريا ۾، سھڻي جان سٽي، ڌوپار، مان ايندس

 

ڌيان ڪر تون دلربا، مون کان رسي راڻا نھ وڃ
بي سبب ۽ بي خطا، مون کان رسي راڻا نھ وڃ

 

پنھنجي دل تي ھٿ رکي انصاف ڪر، مون کي نھ ڏي
بي گناھي جي سزا، مون کي رسي راڻا نھ وڃ

 

ساھھ سر ۽ جان دل، توتان ڪيم صدقي سدا
دوست دلبر دادلا، مون کان رسي راڻا نھ وڃ

 

رنج ڪاوڙ، تلخي ترشي، تنھنجي منھن تي ڪانھ پئي
ماکي مصري کان مٺا، مون کان رسي راڻا نھ وڃ

 

بدگماني يا غلط فھمي ڇڏي ڏي، يار تون
ڳالھھ ٻڌ ٿوري ڀلا، مون کان رسي راڻا نھ وڃ

 

ھٿ ٻڌان، پيرين پوان، منٿون ڪيان، ڊوھيون وجھان
توکي تنھنجا واسطا، مون کان رسي راڻا نھ وڃ

 

تون جياپو آھين ”جوھر“ جو، سھارو ساھھ جو
زندگي جا آسرا، مون کان رسي نھ وڃ

 

ھر اشاري ۽ ادا تان يار، مان صدقي ٿيان
دلربائي داؤ تان دلدار، مان صدقي ٿيان

 

گھور سان گھائي وري تو مرڪ سان ماري ڇڏيو
تنھنجي مٺڙي مرڪ تان منٺار، مان صدقي ٿيان

 

واٽ وارن سان ٻھاري، نيڻ رستي تي رکان
ھڪ دفعو اچ تون ھلي، سؤ وار، مان صدقي ٿيان

 

ٻانھن سيراندي ڏئي مان، پير پياري جا چمان
سرجا سائين، ساھھ جي سرڪار، مان صدقي ٿيان

 

دل جي زخمن تي رکي، مھرو وفا جي تو ملم
منھنجا محسن، مھربان، غمخوار، مان صدقي ٿيان

 

دل ۾ دردن جو آ ديرو، سور سيني ۾ سوين
لاھھ ’جوھر‘ تان ڏکن جا بار، مان صدقي ٿيان

 

اچن مون وٽ سگھو موٽي مڍا منٺار موچارا
اڱڻ منھنجا ٿين اجرا وري آباد اوطارا

 

ڇڏي آباد دنيا مون، وسائي آھھ ويراني
وٺي سا ويٺڙي آھيان، ويا جا واٽ وڻجارا

 

جدائي جي سبب ڳڻتين ڇڏيو ڳاري صفا آھي
متو من ۾ اٿم ماتم، اندر ۾ يار اوسارا

 

خوشي دل ۾ رھي ڪاٿي، جڏھن دل ئي رھي ناھي
خدا ڄاڻي دل اڙھا آھن اکين مان ڄڻ تھ نيسارا

 

اچي سانوڻ ويو، جوھر، اڃا ڪئي دير آ دلبر
منجھي ٿو ساھھ ھر ھر، نيڻ ڪن ٿا واه، وسڪارا

 

ڀلا يار ڀورل، ڀڃي ڇڏ نھ ڀيرو
سٺا سائين سھڻا، اچي وڃ سگھيرو

 

پري توکان پيارا پريشان آھيان
جدائي ۾ جانب جليو آھھ جيرو

 

برو مون کي ڀلجان زمانو سڏي پيو
آھيان دوست تنھنجو، مندو توڙي ميرو

 

آھيان تنھنجو مجنون، تون منھنجي آن ليليٰ
منھنجي عشق ۾ ڪڏھن ايندو نھ ڦيرو

 

ڌڪاريندين در تان تھ ھٽندو نھ ھرگز
پيو ايندو ’جوھر‘ اويرو سويرو

 

اڄ اکين محشر مچايا ملڪ ۾ عيدان ڏسي
مان ملھايان عيد ڪھڙي، دل جو گھر ويران ڏسي

 

منھنجي مرڪڻ تي نھ ڀل، دک، درد، ارمان، حسرتون
ڳڻتيون منھنجون ڳڻي وٺ نرڙ تي ليڪان ڏسي

 

دل ڏڪي وئي، رت سڪي وئي، ساه ئي نڪري ويو
نانگ ڪاري جان نچندڙ، يار جون ڀروان ڏسي

 

ڪنھن اگھيا ڳوڙھا، نھ پرچايو، پڇاڀي ڪنھن نھ ڪئي
بي حسي جو ھي زمانو، مان ٿيس حيران ڏسي

 

رت رئي ٿي منھنجي دل، مقصد جي موتين جي بجاءِ
ھن اکين جي لعل لڙڪن سان ڀريل دامان ڏسي

 

ٽڪ ٻڌي لاٽون جيان، بيٺو جڏھن منھنجو نصيب
محو حيرت آسمان ٿيو، گردش دوران ڏسي

 

منھنجي قسمت جو ستارو، نيٺ ويندو بدلجي،
عيد ٿيندي منھنجي آخر، دوست جون ديدان ڏسي

 

دوستي ڌرتي ملھائي، ڪئي نھ ھمدردي فلڪ
سڀني ٻرڪيو لوڻ، ’جوھر‘ جو جگر جھيران ڏسي

 

ٿيو پري اکڙين کان پيارو يار دلبر، عيد ڏينھن
ٿيا اسان جي لاءِ عاشورا سراسر، عيد ڏينھن

 

دور ڪنھن کان شل نھ ٿئي دلبند، دلبر، دادلو
زندگي اھڙي کان آھي موت بھتر، عيد ڏينھن

 

دور دل کان، ڪين مان، ھڪڙي گھڙي توکي ڪيو
رت رئاري ٿو مٺا، تنھنجو تصور، عيد ڏينھن

 

ٿيو ھلال عيد، دنيا لاءِ پيغام خوشي
بڻجي منھنجي لاءِ آيو نوڪ خنجر، عيد ڏينھن

 

آھھ اڀريو، سج اڄوڪو، سور جو سامان کڻي
اڄ ڏکن مون کي ورايو آھھ ويتر، عيد ڏينھن

 

عيد جي سڀ، ڳالھھ ڇيڙي، اي عزيزو! دوستو!
اڄ نھ مون کان رت جاوھرايو سمندر، عيد ڏينھن

 

اي ملڻ وارو! مبارڪ عيد جي، مون کي بھ ڏيو
منھنجي دل کي اڄ ڏکايو ڪين ھر ھر، عيد ڏينھن

 

ڪير ڏيندو، اڄ کلي ’جوھر‘ مبارڪ عيد جي؟
ڪير، نوڙي نياز سان پائيندو ڀاڪر عيد ڏينھن؟

 

زماني ۾ نظر آيو نھ سھڻو يار تو جھڙو
ڏٺم ڏاڍو گھمي، ڪونھي ڪٿي دلدار تو جھڙو

 

دوناليون ديده جون، سامھون کڻي سھڻا سوين آيا
سڌو اھڙو، ڪيو ٻئي ڪنھن نھ دل تي وار تو جھڙو

 

بنا خوشبو جي گل آھن، گلابي گل، نھ آ موتيو
بڻايان پيار مان جنھن کي، ڳچي جو ھار تو جھڙو

 

مان تنھنجي ناز تان صدقي، مان تنھنجي پيار تان قربان
پيرين پيارا، اچي ٿو ڪونھ ڪنھن کي پيار تو جھڙو

 

پٽن تي ٽوھھ جان سھڻا، پيا آھن سوين ’جوھر‘
مگر ڪونھي، مٺو ماکي، مکڻ، منٺار تو جھڙو

 

عيد مان تڏھن ڪندس دلدار، ھت ايندو جڏھن
محب ماکي کان مٺو منٺار، ھت ايندو جڏھن

 

سوڍي آئي سينڌ سرمون، لائبا ميندي مساڳ
سونھن مان سھڻو ڪري سينگار، ھت ايندو جڏھن

 

مان مٽيندس ويس ڪارو، ليڙون لاھيندس لباس
پھرين پٽ پنھنجو پيارو، يار، ھت ايندو جڏھن

 

پيئبا شربت بھ گڏجي، کائبا زردا پلاءَ
حلوه لب، شيرين شڪر گفتار ھت ايندو جڏھن

 

گل بھ گڏجي پائبا، ورکا گلن جي ڀي ڪبي
گلبدن، گلرو ۽ گل رخسار ھت ايندو جڏھن

 

پنبڻين جا تير تاڻي ۽ بڇي ڀروان ڪمان
ٿي سراپا جنگ، لئھ تيار ھت ايندو جڏھن

 

نيم بسمل ٿي مان نچندس، قرب جو ’جوھر‘ ڪٺل
صدقي ٿيندس سؤ دفعا، ھڪوار ھت ايندو جڏھن
 

 

مٺا محب توسان جڏھن يار ملبو
سڄي رات ويھي سڄڻ سور سلبو

 

ڪبيون دل جون ڳالھيون سڀئي کولي کولي
ڪوئي حال احوال پٺتي نھ ڇڏبو

 

ڪبيون حسرتون دل جون پوريون سڀيئي
اجائي تڪلف ۾ ھرگز نھ رھبو

 

ھٿن سان ھٽائي حجابن جا پردا
ٻين جا ڇڏي آسرا، پاڻ وڌبو

 

زماني ڇڏيو آھھ سڀ ڪجھھ سيکاري
پراڻي چوڻ تي ڪڏھن ڪين ھلبو

 

ھڻي ھنڌ ڪبو، ھاڻي ھرگز نھ ھٽبو
محبت جي ميدان ۾ سر کي سٽبو

 

ڪبو ساھھ قربان قدمن ۾ ’جوھر‘
مرڻ تائين محبوب کان منھن نھ مٽبو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org