اکين اڄ وسايا وڏا مينھن آھن
جدائي جا ڏاڍا ڏکيا ڏينھن آھن
سڄي رات سورن جي رئندي گذاريم
لڳا نازنين سان نوان نينھن آھن
بلا عشق جي من کي مستي آبخشي
محبت جا دل ۾ اٿيا شينھن آھن
خبر ناھھ ’جوھر‘ تھ ڇاھي حياتي؟
ملڻ جا اھي ئي ٻھ ٽي ڏينھن آھن
مٺا محبوب اڄ توسان سڌو سنئون فيصلو آھي
سڌو ٿي ويھھ ڪن کولي، ڀڄڻ ۾ ڇا رکيو آھي
ڪيون ڳالھيون ٻھ ٽي دل جون، اڪيلا پاڻ ۾ ويھي
ٻين جو ڇا وڃي وچ ۾، ھي پنھنجو مسئلو آھي
شروع ۾ جي ھٿان تنھنجي مون ھارايو شرم ناھي
کٽڻ ۾ گھٽ ۽ ھارائڻ ۾ وڌ، مون کي مزو آھي
سڏي مجنون ھڻن مون کي ڀتر ڀل ٻار پاڙي جا
سياڻو قيس جھڙو ڀي، نھ ماڻھن کان بچيو آھي
جدا دلبر نھ ٿينداسون، سدا گڏ پاڻ رھنداسون
نباھڻ جو قسم آھي، وفا جو واعدو آھي
ڇڏينداسون نھ ھڪ ٻئي کي مرڻ تائين مٺا سائين
زماني کي ٻڌايون، فيصلو دل جو اھو آھي
مڃان ٿو اڄ ڀي ماري وئين، کٽي وئين پيار جي بازي
مٺا ’جوھر‘، تھ تو آڏو، اڳي ئي مئو پيو آھي
اکين وڏ ڦڙا مينھن آھن وسايا
ڪري ياد محبوب محشر مچايا
ڏسي عيد جو چنڊ ڇٽڪي پيون ڄڻ
چرين آھي سمجھو تھ عاشورا آيا
جدائي ۾ دانھون ڪيون دل بھ ڏاڍيون
پري يار کان نير نيڻن وھايا
مڃين ڪين ڪنھن جي چوڻ کي چريون ٿيون
ڪري وس ويا سڀئي پنھنجا پرايا
مڙيون ڪين ’جوھر‘ رئڻ کان سدوريون
اکين کي مڃائڻ جا حيلا ھلايا
ڀلا يار ڀورل تون ڀيرو نھ ڀڃجان
سٺا سائين سھڻا سگھيرو تون اچجان
جي منھنجي اکين مان، ڏسين مينھن وسندو
تھ واپس نھ وڃجان، ھتي رات رھجان
سڙيو ساڙ ۾ پيو زمانو آ سارو
ٻين جي چوڻ تي تون لعلڻ نھ لڳجان
ٻڌين جڏھن ’جوھر‘ ھٿن مان وڃي ٿو
مرڻ مھل سڌ سار سھڻا تون لھجان
ڏينھن منھنجا ڀي ملن توکي سدا مان خوش ڏسان
آ دعا دل جي اھا مان ٻي دعا ڪھڙي گھران
زندگي منھنجي آن تون ۽ منھنجي ھرھڪ آرزو
مون سنڀاليو ساھھ کان وڌ، توکي آھي جان جان
روح جي سوغات آھين، دل جي دولت ۽ پيار
منھنجي خواھش،
منھنجي چاھت، منھنجي جذبن جي زبان
ھر ادا معصوم تنھنجي، باغ ۾ مکڙين مثال
شل ٽڙي، آھي سلامت جيستائين آسمان
تون جياپو آھين منھنجو، منھنجي منزل ۽ مراد
ڌار توکان آ قيامت، آھي توبھ، الامان!
توبنا جيئڻ جو دنيا ۾، نھ ڪو مقصد اٿم
تون جواني ماڻ جاني، مان ڀلي ھلندي ھلان
تون اکين جو نور آن، دل جو سھارو ۽ سرور
آھھ روشن توسان گڏ، منھنجي اميدن جو جھان
ساه صدقي، جان ’جوھر‘ مون ڪيان ھڪڙو تھ ڇا؟
گھور ڏسجن ٿا ثريا، چنڊ، تارا ڪھڪشان
ھاڻي ھتڙي ڇاھي سائين؟
توبنا ڪجھھ ناھي سائين!
زندگي جا ويٺو آھيان
آسرا سڀ لاھي سائين!
پنڌ پربت جا پري آھن
ڪيچ ويندس ڪاھي سائين!
ھوش ڀي ھليو ويو آھي
ويو جڏھن کان آھي سائين!
مان زھر پي. جند ڇڏائيندس
ڏس ڏنو ڪنھن ڏاھي سائين!
ھجر جو طوفان ويو ’جوھر‘
گھر خوشي جو ڊاھي سائين!
گلابي ڳلن وارا رابيل گل
چنبيلي ٿي شرمائي توکان ڪنول
تنھنجا ريشمي زلف سنبل کان وڌ
اکيون نرگسي ڏند موتين مثل
سنھا يار سھڻا سڌا سروقد
ڏسان ڪونھ ڪاٿي ٿو تنھنجو بدل
کڻي حوران حيلا ھزارين ڀي ڪن
تھ ڀي تنھنجو
سگھنديون نھ ٿي ھم شڪل
محبت ۽ مستي، جواني جو مٽ
ڏٺو ڪونھ ڪاٿي مون آھي اصل
تنھنجو جسم رشڪ بتان حرم
بدن تنھنجو آھ غيرت تاج محل
چريو تنھنجي نازن، ادائن ڪيو
پري توکان ’جوھر‘ جي گذري نھ پل
اڳيان تنھنجي، ٻيو ڪير سھڻو سڏائي؟
ڀڳا حسن وارا، سڀئي تنھنجي آئي
تنھنجي پير جو مٽ نھ بڻجي سگھي ڪا
ڪري ھار سينگار، سو سرمان پائي
مٿان اڏري ڀلجان اچن سو سھڻيون
نھ تنھنجي جتي ۾ سگھن پير پائي
چٽي دز نھ تنھنجي سگھي سونھن ۾ ڪو
ٿڪا حسن وارا تھ گھوڙا ڀڄائي
خدا توکي بخشي جواني ديواني
سدا سونھن ۽ عمر، عزت وڌائي
ڏسي تنھنجون دلبر ادائون پياريون
سوين سھڻيون
ويٺيون ستت منھن لڪائي
ھتي عشق جي ڳالھھ، ھلندي ئي رھندي
ويو پنھنجو ’جوھر‘ بھ وارو وڄائي
اکين کان پري ٿيو اکين ٺار آ
حياتي ٿي مون لاءِ آزار آ
زمين جيڏو سيني مٿان ٻوجھھ ٿيو
فلڪ جيترو دل مٿان بار آ
جدائي سبب سينو سوراخ ٿيو
ٿي دل جي ھي دامن سڄي تار آ
سڄو ڏينھن سورن ۾ تڙپان پيو
سڄي رات نيڻين چڙھيو نار آ
ويو يار، وئي موڪلائي خوشي
سڃو دل جو سارو ٿيو سنسار آ
پري مون کان محبوب، تقدير ڪيو
جگر بند، دلبند، دلدار آ
سگھو ايندو ’جوھر‘ چڱا سڀ چون
اچي ويجھو ٿيو، وصل جو وار آ
دل چوي ٿي اڄ تھ ھت دلبر، رھي پئھ راتڙي
مون تي مٺڙا مھرباني ڪر، رھي پئھ راتڙي
ساه سان سيني ۾ توکي، سھڻا سائين سانڍيان
مينھن ڏاڍو ٿو وسي ٻاھر، رھي پئھ راتڙي
ھن ڏکي ڏٻري کي راڻا، ڏئي نھ وڃ ايڏو ڏھاڳ
مھر مون تي ڪر، مئي جا ور، رھي پئھ راتڙي
حال دل جو اوريان، جند جان توتان گھوريان
پيار جي توکي ڏيان پاکر، رھي پئھ راتڙي
لاءِ سيني پاڻ ساڻ سھڻا، ساه آ سڪرات ۾
موت مھلت ڏي ڪٿي ٻيھر، رھي پئھ راتڙي
ماڙيون مون وٽ نھ آھن، آ غريباڻو گذر
ھن ڪچن ڪکڙن، پکن اندر، رھي پئھ راتڙي
وار پنھنجا مان وڇائي، ٻانھن سيراندي ڏئي
حال جو ھوندو ڪنديس حاضر، رھي پئھ راتڙي
پاند پائي، ھٿ ٻڌي، پيرين پئي، آزيون ڪري
عرض ’جوھر‘ ٿو ڪري ھر ھر، رھي پئھ راتڙي
جدائي جو جگر ۾ ڦٽ، ھميشھ تازو تر رھندو
دکي ٿو درد دل ۾ سور سيني جي اندر رھندو
جدائي ۾ بالاخر، ڦٿڪي ڦٿڪي ساه مان ڏيندس
ٻيو چارو نھ رھندو ڪو، نھ ڪوئي چاره گو رھندو
مٺا موٽي نھ اينديس جيستائين دل جي دنيا ۾
خوشين کان
تيستائين خالي اجڙيل دل جو گھر رھندو
خدا ڄاڻي درد دلدار مقصود سفر آھي
حياتي ڀر، جمال يار معراج نظر رھندو
ڇڏي ويا ساٿ سک منھنجو، نباھيو نيھن ڏک آھي
ڀڃي ويا سک
سنگت مون سان، اھو ڏک عمر ڀر رھندو
حياتي ۾ حبيبن سان ملڻ مشڪل ٿيو ڏاڍو
سون سالن سندو ’جوھر‘ ھنيئر جاري سفر رھندو
غير کي ھم کنار ڪرڻو پيو
دوستن ۾ شمار ڪرڻو پيو
دوست ڇوبدگمان ٿيندا جي
دشمنن کي پيار ڪرڻو پيو
ٿا کڻون ساڻ ساھھ جا دشمن
مصلحت کي شعار ڪرڻو پيو
قحط ھرچيز جو ٿيو آ تڏھن
بي ھنر تاجدار ڪرڻو پيو
وقت ھرگز نھ ھڪ ڪرو رھندو
چرخ تي اعتبار ڪرڻو پيو
ڪنھن چڱي انقلاب جي خاطر
وقت جو انتظار ڪرڻو پيو
مشعل طور پاڻ ئي ٻاري
آسمان شعلھ بار ڪرڻو پيو
رھبر لئھ خضر بھ ڪين لڌو
چور تي انحصار ڪرڻو پيو
زندگي جي جڏھن ٽٽي اميد
موت کي اختيار ڪرڻو پيو |