سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :9

 

فلڪ مشتري

 

عظيم روح حلاج غالب ۽ قرة العين طاهره جن

بهشت ۾ جاءِ نه ورتي پر گردش ۾ هميشه مشغول آهن

 

هن دل ديوانه تي آهم فدا

جا ڏئي ويرانه ٻيو مونکي سدا

جي ڪٿي ترسان چئي ٿي اٿ ۽ هل

بحر مردن وٽ آهي چمشي مثل

ڇو ته آيات خدا بي انتها

اي مسافر راه جي آخر نه ڪا

ڪار حڪمت آ ڏسڻ ۽ غور ڪار

ڪار عرفان آ ڏسڻ ديدار يار

هيءَ تارازي هنر سان تورجي

هوءَ تارازي نظر سان تورجي

هيءَ هٿ آڻي ٿي آب ۽ خاڪ کي

هوءَ هٿ آڻي ٿي جان پاڪ کي

هي نگهه کي ٿي تجلي سان ڀري

هو تجلي پاڻ ۾ ٿي گم ڪري

جستجو ۾ جلوه ڪيئي پي به پي

نڙ جيان رئندي ڪريان افلاڪ طي

هي سڄوئي فيض هو ان مرد جو

جان ۾ جنهن سوز مونکي هو ڏنو

قافلو جنهن ۾ ٻه دانا ٿي ويا

مشتري جي هو ڪناري تي ويا

هو جهان آ، خاڪدان نا تمام

چنڊ چوڌاري ڦرن جهنجي مدام

خالي آ شيشو اهو مي کان اڃا

خاڪ انجي آرزو نا آشنا

نيم شب: چنڊن کان انجي نيمروز

نا هوا ۾ انجي سردي ناڪ سرز

آسمان ڏي مون ڪئي جنهن دم نظر

ان جي تارن کي ڏٺم نزديڪ تر

هوش منهنجو هيبت منظر نيو

دور ويجهو سڀ دگرگون ٿي ويو

ات نظر آيا ٿي روح پاڪباز

آگ سيني ۾ سندس گيتي گداز

جسم تي تنجي لباس لاله گون

چهري کي چمڪائيو سوز درون

هو وٽن ساڳي اهو تاب الست

پنهنجي نغمن کان هئا مخمور و مست

هئن چيو رومي نه وڃ خود کان پري

دم هنن جو زنده توکي ٿو ڪري

شوق بي پروا ڏٺو ٿي ڪين: ڏس

جلوهء صهبا ڏٺو ٿي ڪين: ڏس

غالب و حلاج و خاتون عجم

شور جنجي کان ڀري، جان حرم

نغمو تنجو روح کي بخشي حيات

تنجي گرمي آ، درون ڪائنات

نغمـــﮧء حلاج

خاڪ پنهنجي کان طلب او، آگ جا پيدا نه آهه

ٻي تجلي جي تقاضا، ڪجهه دل شيدا نه آهه

پاڻ تي رکيم نظر، هوڏانهن جلوهء يار آهه

عام هرجا، پر ڏسڻ جي مونکي فرصت ڪانه آهه

ملڪ جم سان مٽ نه مصرع، هي نظيري جي ڪيان

جو ڪٺل آ ڪين، انجي پاڻ وٽ ڪا جاءِ نه آهه

گرچه جادو پيشه آهي، عقل لشڪر چاڙهيو

تون نه ٿي، مايوس جو هي عشق بي تنها نه آهه

راز بيخبري جو جيڪو، تون نه ڄاڻين ٿو اهو

نغمو ڪهڙو چؤ درون بربط سلمى نه آهه

ڳالهه ڪر مون ساڻ واڳن جي شڪار ۽ قيد جي

هئن نه چؤ ٻيڙي اسانجي واقف دريا نه آهه

مان مريد انجو جنهين همت سان منزل طي ڪئي

واٽ ۾ جنهن جي جبل، ميدان ۽ دريا نه آهه

حلقهء زندان ۾ شامل ٿي جو هي سڀ باده نوش

پير جي بيعت کان ڀڄ جو صاحب غوغا نه آهه

نغمـــﮧء غالب

(1)بياکه قاعدهء آسمان بگردانيم

قضا بگردش رطل گران بگردانيم

(2)اگر زشحنه بود گير و دار ننديشم

وگر ز شاه بر سدا رمغان بگردانيم

(3)اگر کليم شود همزبان سخن نکنيم

وگر خليل شود مهمان بگردانيم

(4)بجنگ باج ستانان شاخساري را

تهي سبد ز در گلستان بگر دانيم

(5)بصلح بال فشانان صبحگاهي را

ز شاخسار سوئي آشيان بگردانيم

(6)زحيد ريم من و تو زما عجب نبود

گر آفتاب سوئي خاوران بگردانيم

 

نغمـــﮧء طاهره

(1)گر بتو افتدم نظر، چهره بچهره روبرو

شرح دهم غم ترا، نکته به نکته مو بمو

(1)از پي ديدن رخت، همچو صبا فتاده ايم

خانه بخانه دربدر، کوچه بکوچه، کوبکو

(2)مي رود از فراز تو، خون دل از دو ديده ام

دجله بدلجه، يم به يم، چشمه به چشمه، جو بجو

(3)مهر ترا دل خرين، بافته بر قماش جان

رشته برشته، نخ به نخ، تار به تار پو به پو

(4)در دل خويش طاهره، گشت و نديد جز ترا

صحفه به صحفه، لابه لا، پرده به پرده توبه تو

درد وارن عاشقن جي سوز و ساز

جان کي تازو ڏنو رنج و گداز

مشڪلاتن اڳين سر کي کنيو

فڪر منهنجي تي شبخون کي هنيو

فڪر منهنجي جو آ قلزم اضطراب

جنهن جو طوفان کان ڪنارو آ خراب

هئن چيو رومي نه ضايع وقت ڪر

تون جي هر عقدي جو چاهين حل اگر

ڪيستائين فڪر ۾ رهندين اسير

هن قيامت کان پري رکجان ضمير

زنده ورد پنهنجي مشڪلات عظيم روحن جي سامهون رکي ٿو

مومنن کان جاءِ تنهنجي دور ڇو

يعني جنت کان آهين مهجور ڇو؟

حلاج

مرد آزاد ئي ٿو ڄاڻي خوب و زشت

روح انجوڪين ماپي در بهشت

جنت ملا، مي و حُر و غلام

جنت آزادگان سير دوام

جنت ملا خورش، خواب ۽ سرود

جنت عاشق ڏسڻ آهي وجود

حشر ملا، قبر، ڦاٽڻ، بانگ صور

عاشق شوريده خود صبح نشور

علم جو خوف ۽ رجا تي آ، اساس

عاشقن کي نااميد آ، نا هراس

علم لرزائي جلال ڪائنات

عشق غرق اندر جمال ڪائنات

علم کي غائب ۽ حاضر تي نظر

عشق چئي هر شي کي ڏس کولي نظر

علم جو آ پيشوا آئين جبر

واٽ هن وٽ ڪين ٻي ري، جبر و صبر

عشق آزاد و غيورو نا صبور

آهه هستي جي تماشي ۾ جسور

عشق شڪوه کان سندم بيگانه آهه

گرچه ان کي گريهء مستانه آهه

هي دل مجبور ڪجهه مجبور ناهه

هن کي ماريو ڪنهن نگاهه حور ناهه

آگ پنهنجي کي اٿاري ٿو فراق

جان پنهنجي کي سنواري ٿو فراق

بي خلش جيئڻ اجائي آ حيات

زندگي کي آهه پڄرڻ سان ثبات

آ جيڻ ان ريت تقدير خودي

هي ڪري تقدير تعمير خودي

ذرو بيحد شوق کان آ رشڪ مهر

ان جي سيني ۾ ٿا ماپن نو سپهر

شوق عالم تي جڏهن حملو ڪري

فانين کي جاوداني ٿو ڪري

زنده رود

گردش تقدير موت ۽ زندگي

ڪنهن نه ڄاتي گردش تقدير هي

حلاج

جنهن سان ٿي تقدير پنهنجو ساٿ ڏي

موت ۽ ابليس ان کان ٿو ڊڄي

جبر دين آ، صاحب همت سندو

جبر مردن جو نشان قوت سندو

ٿو بڻائي مرد کي مضبوط جبر

جبر مرد خام ليءَ آغوش قبر

جبر خالد کان جهان زير و زبر

جبر پنهنجو خود اسان ليءَ آ تبر

ڪار مردن جي آ تسليم و رضا

هي ضعيفن تي نه پوري ٿي قبا

تون جو ڄاڻين ٿو مقام پير روم

ڇو نه ٿو ڄاڻين ڪلام پير روم؟

گبر هڪ هو در زمان با يزيد

هئن چيو ان کي مسلمان سعيد

آڻ ايمان تا مليئي برتري

هٿ اچي توکي نجات ۽ سروري

ان چيو جي آ، اهو ايمان مريد

جو رکي ٿو شيخ عالم با يزيد

مونکي انجي ناهه طاقت ۽ توان

جي کڻي ڪوشش ڪجي، انجي بجان

-رومي

 

ڪار پنهنجي ري اميد ۽ بيم ناهه

هر ڪنهين کي همت تسليم ناهه

تون چوين ٿو، ٿيڻ وارو هو ٿيو

جنهن جو آئين تي سهارو هو ٿيو

معنيءَ تقدير تو سمجهي نه آهه

تو خدايا ڪي خودي پرجهي نه آهه

مرد مومن جو خدا سان آ نياز

ٺاهه ڪر مون سان ته ٿي توساڻ ساز

عزم انجو بي شبـــﮧ تقدير حق

جنگ جي ڏينهن تير انجو تير حق

زنده ورد

گهٽ نظر وارن ڪيو پيدا فساد

بندهء حق دار تي ٿيو با مراد

آشڪارا توتي اسرار خدا

چؤ ته تنهنجو ڏوهه هو ڪهڙو ڀلا؟

حلاج

منهنجي سيني ۾ هئو آواز صور

مون ڏٺو ملت کي آهي قصد گور

مومنن ۾ خويءِ، بويءِ ڪافري

لااله پڙهندي به خود کان هي بري

’امر حق‘  تن نقش باطل سمجهيو

لاڳ تنجو اصل آب و گل هيو

پاڻ ۾ روشن ڪيم نار حيات

مردي سان اوريم ٿي اسرار حيات

ٿي خودي سان ريت عالم جي کري

گڏ ٿئي جي دلبري سان قاهري

هر جڳهه پيدا ۽ ناپيدا خودي

آ نظر پنهنجي سدائي باخودي

آگ مخفي آهه انجي نور ۾

آ جهان جو جلوو انجي طور ۾

هر زمان هر دل رهي ان ۾ مگهن

ٿي خودي جو پردي ۾ ٻوليو سخن

آگ هي جنهن جي نه قسمت ۾ پئي

زندگي انجي اجائي سڀ وئي

هند و ايران نور انجو رازدار

ڪو سڃاڻي پر هي نار تابدار

مون ٻڌايو هو، اهو ئي نور و نار

ڏوهه منهنجو هي هيو اي رازدار

مون ڪيو هو جو، ڪرين ٿو تون به ڊڄ

مردي تي محشر ڌرين ٿو تون به ڊڄ

طاهره

ٿو گناه بندهء صاحب جنون

نوجهان پيدا ڪري پاڻون منجهون

شوق بيحد ٿو ڪري پردا فگار

ٿي قدامت جو تماشو تار تار

نيٺ آ دار و رسن انجو نصيب

ڪئن ڇڏي جيئري ڀلا ڪوچه حبيب

شهر و ميدان ۾ سندس جلوه نهار

ائين نه ڄاڻج هو جهان کان دورڪار

آ ضمير عصر ۾ موجود او

ڇو لڪيو خلوت ۾ آ مقصود او


 


  پي به پي- هڪ ٻي پوئتان

طي- پورو ڪرڻ.

  حسين بن منصور الحلاج جي ولادت بابت، اڪثر تذڪره نويسن جو اتفاق آهي، ته هو سنه 244 هجري ۾ بيضاءِ (فارس) ۾ پيدا ٿيو. سورهن سترهن ورهين ۾ هو تصوف ڏي رجوع ٿيو. مشهور صوفين، سهل تستري، عمر مڪي ۽ حضرت جنيد جي صحبتن ۾ رهيو. ان بعد پندرهن سورهن سال سير ۽ سفر ۾ رهيو، ۽ جدا جدا صوفين سان ملندو رهيو. حج کان فارغ ٿيڻ بعد سنه 297 هجري ۾ بغداد ۾ وحدت الوجود جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. جنهن ڪري سندس مخالف پيدا ٿيا. سنه 301 هجري ۾ حڪومت کيس گرفتار ڪيو، ۽ اٺن سالن جي قيد ۽ بند کان پوءِ ماريو ويو، ۽ سندس لاش جلايو ويو.

مرزا اسدالله غالب سنه 1797ع ۾ اڪبر آباد ۾ تولد ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي دهلي ۾ آيو. جتي سنه 1869ع ۾ وفات ڪيائين. اردو جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. فارسي شعر ۾ به سندس وڏو درجو آهي

(1)  اچو ته آسمان جي قاعدي کي ڦيرايون. شراب جي ڀريل پيالي جي گردش تي قضا کي ڦيرايون.

(2)  جيڪڏهن ڪوٽوال جي وٺ پڪڙ آهي ته ان جي ڳڻتي نه ڪريون. جيڪڏهن بادشاهه کان سوکڙي ڇو نه اچي ته ان کي به موٽايون.

(3)  جيڪڏهن ڪليم گفتگو ڪرڻ گهري ته ان سان گفتگو نه ڪريون جيڪڏهن خليل مهمان ٿئي ته ان کي به موٽائي ڇڏيون.

(4)  اهي جي ٽارين کان دل وٺڻ وارا جنگ جوٽين ٿا، کين باغ جي دروازي کان گلدسته بغير موٽائي ڇڏيون.

(5)  صلح سان صبح جي وقت پر ڇنڊيندڙن، کي، وڻ جي ٽاري کان آکيري ڏي موٽائي ڇڏيون.

(6)  اسانجو ۽ تنهنجو حيدر سان تعلق آهي، عجب نه آهي، ته اسان سج کي اوڀر جي طرف ڦيرائي ڇڏيون.

  قرة العين طاهره جو اصلي نالو زرين تاج هو، سندس والد جو نالو حاجي ملا محمد صالح هو. هو پنهنجي دور جو وڏو عالم هو. طاهره قزوين (ايران) ۾ پيدا ٿي. ننڍيئي نهايت ذهين ۽ ذڪي هئي. ديني تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪيائين. شعر ۽ خطابت ۾ ڪمال رکندڙ هئي. ان کانسواءِ بيحد حسين هئي. جڏهن جوان ٿي ته سندس والد، پنهنجي ڀائٽي ملا محمد سان شادي ڪرايس. شادي کان ٿورو وقت پوءِ علي محمد شيرازي پنهنجي باب هئڻ جو اعلان ڪيو. زرين تاج ساڻس راهه و رسم پيدا ڪرڻ لاءِ خط ڪ وڪتابت شروع ڪئي، ۽ سندس مذهب اختيار ڪيو. هي حالت ڏسي سندس پيءُ، چاچي ۽ مڙس شديد مخالفت ڪئي، ۽ باب تي ڪفر جي فتوا آندي، ۽ بابين خلاف تحرير ۽ تقرير ۾ ترديد ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو قزوين جي بابين، زرين تاج جي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. هن خون جو الزام زرين تاج تي به هو، انڪري هو قزوين کان ڀڄي خراسان پهتي، ۽ بابين جي گروهه جي سردار بڻجي وئي. سندس ظاهري حسن ۽ تقرير جي حسن ماڻهن کي بيحد متاثر ڪيو. باب کيس قرة العين جو لقب عطا ڪيو، ۽ لکي موڪليو ته شعر ۾ ”طاهره“ تخلص اختيار ڪري. ٿورن ڏينهن کانپوءِ هو باب سان گڏجي مازندران پهتي. ايراني حڪومت سندن سرگرمين کان واقف هئي. خونريزي لڙائي کانپوءِ ٻئي گرفتار ٿي پيا. طاهره کي طهران آندو ويو. شاهه ناصرالدين طاهره جي حسن تي عاشق ٿي پيو. کيس شادي لاءِ مجبور ڪيائين پر هن انڪار ڪيو. اهڙي ريت سنه 1850ع ۾ باب ۽ طاهره ٻئي قتل ٿي ويا. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هيءَ خاتون غير معمولي دل ۽ دماغ واري هئي.

 

(1)  جيڪڏهن منهنجي نظر توتي روبرو ۽ سامهون پئجي وڃي ته مان توکي پنهنجي غم جي سڄي حقيقت ذري پرزي ڏيئي ڇڏيان.

 

(1)  تنهنجي ڏسڻ لاءِ صبا وانگر، خانه بخانه دربدر آهيان، گهٽين، رستن ۽ گهرن ۾ پئي ٿي ڦران.

 

(2) تنهنجي وڇوڙي ۾ دل جو خون ٻن اکين مان ندي، سمنڊ، چشمي ۽ واهه وانگر وهي رهيو آهي.

 

(3) تنهنجي مهر لاءِ ڏکي دل، جان جي ڪپڙي کي اڻي ٿي، تار کي تار سان، ڌاڳي کي ڌاڳي سان، تاڃي کي تاڃي سان، پيٽي کي پيٽي سان.

 

(4) طاهره پنهنجي اندر وڃي ڏٺو ۽ اتي تو کان سواءِ ٻيو نه هو. صفحي کان صفحي تائين، ڪنڊ کان ڪنڊ تائين، پردي کان پردي تائين تون ئي تون آهين.

شبخون- رات جو لڪل حملو

قلزم- سمنڊ

 

  صبح نشور- قيامت جو صبح

اساس- بنياد

جسور- طاقت وارو

سپهر- آسمان

بي خلش- تڪليف کان سواءِ

  حضرت خالد بن وليد رضي الله تعالى عنـــﮧ ڏانهن اشارو.

تسليم- رضا

  امر حق- روح انساني. اشارو آهي آيت- قل الروح من امر ربي... آخر تائين

دارو رسن- ڦاهي ۽ نوڙي

ضمير عصر- زماني جو قلب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org