سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :5

ڀروسو ميثاق يزدان گمرهي

انجي مطلب سان رهڻ آ ابلهي

زهر انجي بادهء گلفام ۾

ڪرٽ، ڪنيئان ۽ صليب انعام ۾

نوح وٽ تدبير تنها هئي دعا

حرف انجو هو اثر کان بينوا

شهر ڇڏ ۽ غار اندر ٿي مڪين

نورين سان ٿي وڃي صحبت گزين

ڪيميا تون ڪر نظر سان خاڪ کي

ڏي دعائن ساڻ سوز افلاڪ کي

وڃ ڪهستان ۾ ڪليم الله جان

آڳ جي منظر کان وٺ سوز نهان

پر سندس پيغمبري کان ڀڄ پري

هن عجب ملاگري کان ڀڄ پري

ناڪسن ۾ مرد بي ناڪس ٿئي

جيڪڏهن شعلو هجي بي خس ٿئي

جي نبوت آ ولايت کان ڪثر

عشق ليء پيغمبري آ درد سر

اٿ وڃي ڪاشانهء  وحدت ۾ ويهه

ترڪ ڪر جلوت کي ۽ خلوت ۾ ويهه

 

زردشت

نو دريا آهه ۽ ظلمت ڪنار

مون جيان سيلاب ڪو آيو نه پار

منهنجي اندر موج هر ڪا بيقرار

غارت ساحل، اٿل جي آهه ڪار

نقش بيرنگي نه ڪنهن ان کي ڏٺو

اهرمن جي خون مان ڏسجي چٽو

پاڻ کي ظاهر بنائڻ زندگي

ضرب پنهنجي آزمائڻ زندگي

ٿي بلا کان پخته تر بڻجي خودي

تان خدا ليء پرده تر بڻجي خودي

مرد حق بين، حق سوا ڪجهه نا ڏسي

لااله چوندي ۽ رت ۾ ٿو ٽپي

عشق جي رت ۾ ٽپڻ آ برو

ڪرٽ، لٺ، رسي آ، انجي آرزو

راهه حق ۾ جو ملي ٿو آ خوشي

مرحبا، نا مهرباني يار جي

جلوهء حق منهنجو تنها نالقا

انجمن ري، حسن جي ديد آ خطا

ڇاهه خلوت؟ درد سوز ۽ آرزو

انجمن ديد آهه خلوت جستجو

عشق خلوت ۾ ڪليم الله آهه

جي وڃي جلوت ۾ رنگ شاهه آهه

خلوت و جلوت ڪمال سوز و ساز

ٻيئي حالات و مقامات نياز

ڇاهه او؟ ٽوڙي ڇڏڻ دير و ڪنشت

ڇاهه هي؟ تنها نه ديدار بهشت

گرچه آ خلوت  ۽ جلوت ۾ خدا

ابتدا جلوت ۽ خلوت انتها

ٿو چوين پيغمبري آ درد سر

عشق ڪامل ٿي، ٿئي انسان گر

راهه حق جي ميڙ سان ويندي خوشي

جان سان اندر جهان ويندي خوشي


 

طاسين مسيح

حڪيم ٽالسٽائي جي رويا

درميان ڪوهسار هفت مرگ

آهه وادي جت پکي نا شاخ و برگ

چنڊ انجي دونهين کان تاريڪ تر

سج انجي هو فضا ۾ بي اثر

ات نهرپاري جي هئي هڪڙي روان

ڄڻ نميل تارن سان روشن ڪهڪشان

هيٺ مٿ انجي اڳيان هو راه هيچ

تند سير ۽ موج موج ۽ پيچ پيچ

مرد ات پاري ۾ ڦاٿل تا ڪمر

محو هو اندر فغان بي اثر

انجي قسمت ۾ نه ابر و باد و آب

هو اڃايل پر وٽس سيماب تاب

مون ڏٺي ساحل تي عورت سيمتن

رهزن صد ڪاروان، چشم فتن

ڪافري ان کان سکي پيران دير

بد وٽس بهتر ۽ بهتر چيز غير

مون چيس تون ڪير آهين، نانءُ ڇا؟

ناله ۽ فرياد آهي ڇا ڀلا؟

چيائين اک ۾ آهه سحر سامري

نانءُ افرنگين آ، ڪم ساحري

اوچتو اونهر ٻڌجي برف ٿي

ان جوان جا پيا هڏا سڀيئي ڀڄي

رڙ ڪيائين هاءِ هن تقدير تي

حيف آ فرياد بي تاثير تي

هئنءَ افرنگين چيس اي بي خبر

ڪجهه ته ڪر اعمال پنهنجي تي نظر

پور مريم  هو چراغ ڪائنات

نور جنهن جو آ جهات ۽ بي جهات

روئي زرد ۽ هو فلاطوس ۽ صليب

ان ڪيو ڇا، تنهنجو حاصل ڇا نصيب

اي جو توتي لذت ايمان حرام

اي پرستار بتان سيم، خام

قيمت روح القدس تو ڪٿ ڏٺي

تن وٺي تو، نقد جان ان تي ڏني

جلوهء مست ان نازنين جي ڇينڀ کان

نوجوان محسوس ڪئي نشتر نهان

دانهن ڪيائين اي منافق پر خروش

توکان شيخ ۽ برهمن ملت فروش

ڪافري کان تنهنجو عقل و دين خوار

عشق سودي کان سندءِ رسوائي ڪار

مهرباني تنهنجي آ آزار جان

دشمني آ، تنهنجي مرگ ناگهان

تنهنجي صحبت آ ب و گل سان آ سدا

تو ڪيو خالق کي بندي کان جدا

تنهنجي حڪمت جا شين جي انتها

فڪر چنگيزي جي آهي رهنما

صاحب جوهر ئي ڄاڻي تنهنجي ڪار

مونکان وڌ آ جرم تنهنجي جو شمار

اهل دل کان ٿو ملي پاڪيزه تن

قبر بڻجي جان جي توکان بدن

هت ڪيوسين جو سندس ناسوت سان

وڌ ڪيو ملت سندس لاهوت سان

موت تنهنجو آ جهان ليءَ زندگي

ترس ڏس پنهنجي عمل سان خودڪشي

 

طاسين محمد

ڪعبي جي حرم ۾ ابوجهل(1) جي روح جو ماتم

 

آ محمد کان هي سينو داغ داغ

گل ويو ٿي ان کان ڪعبي جو چراغ

قيصر و ڪسرا ٿيا ان کان هلاڪ

نوجوانن کي ڇڪيو ان دست پاڪ

آهه ساحر ۽ ڪلام آ ساحري

لااله جا حرف خود هي ڪافري

دين آبا جي بساط ان کان ڦٽي

هن خدائن سان ڪيو ڇا سڌ اٿي

ٿي ويو ان کان ٽڪر لات و منات

انتقام ان کان به وٺ اي ڪائنات

دل ڏئي غائب کي حاضر کان ڇٽو

نقش حاضر انجي جادو کان ٽٽو

اک غائب تي رکڻ بلڪل خطا

جو نه ڏسجي اک سان سو نا روا

سجدو غائب کي ڏئي ٿو بي بصر

”دين نو“ انڌو ۽ سچ کان دور تر

هي جهڪڻ اڳيان خدائي بي جهات

ڪين بندي کي ڏئي ذوق صلوات

ان جو مذهب قاطع ملڪ و نسب

منڪر قرش آهه ۽ فضل عرب

آ نظر ۾ انجي هڪ بالا و پست

ٿي غلامن سان سندس يڪجا نشست

قدر احرار عرب کان ٿي پري

بد اصل حبشي سان صحبت ٿو ڪري

هي مساوات ۽ مواخات  اعجمي

خوب ٿو ڄاڻان  سليمان فارسي

ابن عبدالله نه سمجهي هي فريب

جنگ جهيڙو ٿيو عرب کي آ نصيب

پاڻ کان ٿي عترت هاشم پري

خود کي انڌو ٻن رڪعتن سان ڪري

اعجمي جو اصل عدناني ڪٿي

گنگ کي گفتار سحباني ڪٿي

اک روسائي عرب ۾ آهه مير

قبر کي ڇڏ اچ هلي ٻاهر زهير

تون اسانجي آهين صحرا جو دليل

ٽوڙ افسون نوائي جبرئيل

چو وري اي سنگ اسود چو وري

جو ڪيو آهي محمد چو وري

اي هبل ڪر عرض منهنجي کي قبول

پنهنجو گهر بيدينين کان ڪر وصول

ڌڻ سندس بگهڙن کي ڏيئي ٿي ڪفيل

تلخ ڪر تن لاءِ هر ثمر نخيل

آڻ صر صر سان هوائي باديه

انهم اعجاز نخل خاويه

اي منات اي لات هي منزل نه ڇڏ

جي وڃين منزل کان ٿو هي دل نه ڇڏ

اي جو ٻن اکين ۾ تنهنجي آ  اطاق

مهلتي ان کنت از معت الفراق

 

 

فلڪ عطارد

 

زيارت ارواح جمال الدين افغاني

۽

سعيد حليم پاشا

 

خاڪ جي مٺ ڪار پنهنجي کي نيو

ان تجلي پاڻ، خود کي پرکيو

يا پيو گردن ۾ دام هست و بود

يا پيو آ دام ۾ منهنجي وجود

مون کان نيري پردي ۾ سؤ چاڪ آ

اڀ کان مان، يا مونکان افلاڪ آ

آسمان ورتو اٿم منهنجو ضمير

يا ڪيم قابو وٺي انجو ضمير

ڪين اندر آهه ٻاهر ڇاهه هي؟

جو نظر جي آهه اندر ڇاهه هي؟

آسمان ڪنهن ٻي تي هن پر کي هڻان

سامهون پنهنجي جهان ٻيو ڪو ڏسان

او جهان جنهن ۾ جبل ۽ بحر و بر

جو اسانجي خاڪ کان ديرينه تر

جنهن ۾ ڪڪرن جي نه ڪا نشو و نما

آدمي جي غلبي کان نا آشنا

نقش انجي کان پري لوح وجود

دور ان کان آهه فطرت جي نمود

مون چيو رومي کي هي صحرا عجيب

انجي اندر شورش دريا عجيب

هت حياتي جو نه ڪوئي آ نشان

هي ڪٿان ٻڌجي ٿو آواز آذان

”هي“ چيو رومي مقام اوليا

خاڪدان هي پنهنجو آهي آشنا

بوالبشر  جنت کان نڪتو هو جڏهن

ترسيو هو هت اچي حضرت تڏهن

هن فضا انجو ڏٺو هو سوز و آه

هي سندس ڄاڻي ٿو نالهء صبحگاه

زائرن جي لاءِ هي عالي مقام

هت سدائي پاڪ مردن جو قيام

پاڪ هستيون جئن فضيل(1) و با يزيد(2)

جئن ڀلا عارف جنيد(3) و با سعيد(4)

اٿ اسان کي ات ٿئي حاصل نماز

هٿ اچي جئن هڪ ٻه دم سوزو گداز“

ات نظر آيا ٻه مرد اندر قيام

مقتدي تاتار افغاني امام

پير رومي هر گهڙي اندر حضور

انجي چهري تي بکيو ذوق و سرور

هئن چيائين خوب مشرق هي ڄڻيا

حل عقدا جن کان پنهنجا سڀ ٿيا

سيد السادات مولانا جمال

گفتگو کان جنهن جي پٿر کي ڪمال

ترڪ شهزادو حليم آ دردمند

فڪر جنهن جي جو مقام آهي بلند

آ سچي طاعت انهن سان گڏ نماز

ٿو کپي جنت جي ليء هي سوز و ساز

بي مثل قرات پڙهي ان حق نيوش

سورهء والنجم ۽ ميدان خموش

ان جي قرات کان خليل آ وجد ۾

روح پاڪ جبرئيل آ وجد ۾

دل ٿئي سيني ۾ ان کان ناصبور

شور الاالله پئي اندر قبور

شعلي جي بخشي تپش ٿو دود کي

سوز ۽ مستي ڏئي دائود کي

انجي قرات کان هو ظاهر هر حجاب

انجي قرات ۾ نهان ”ام الڪتاب“

جاءِ تان پنهنجي اٿي بعد از نماز

هٿ وٺي انجا چميم باصد نياز

ذرڙو هي رومي چيو گردون نورد

هن جي دل ۾ آ جهان سوز و درد

پاڻ ري ٻي تي نه هنجي آ نظر

هي ڪري آزاد دنيا ۾ بسر

سير هنجو آ سدا اندر وجود

مان چوان شوخي کان هنکي ’زنده رود‘

افغاني

زنده رود ان خاڪدان جي ڪر خبر

جنهن مان آئين ان جهان جي ڪر خبر

خاڪي ۽ پاڪن جيان روشن بصر

هان مسلمانن جي ڏي ڪائي خبر

زنده رود

مان ضمير، او ملت گيتي شڪن

جو رکي آويزش دين و وطن

روح مرده ڪيو سندس ضعف يقين

هي نه ڄاڻي قوت دين مبين

ترڪ ايران و عرب مست فرنگ

بند هر ڪنهن کي ڪيو دست فرنگ

حڪم مغرب جي ڪيو مشرق خراب

دين وملت جو رهيو نا جوش و تاب

افغاني

دين ۽ وطن

 

مير مغرب ان سراپا مڪرو فن

آ ڏني مسلم کي تعليم وطن

هو سراپا فڪر مرڪز، تون نفاق

ڇڏ کڻي شام ۽ فلسطين ۽ عراق

تون رکين ٿو جي تميز نيڪ و بد

سمجهه هي پٿر، ٺڪر، مردود رد

دين جو مطلب آ مٽي جو جيڻ

پنهنجي جان پاڪ کان گهه ٿيڻ

هو نه ماپي جو چوي الله هو

گهٽ انهيءَ ليءَ هي حدود چارسو

ڪک مٽي مان ٿو نڪري، آهه خاڪ

حيف مٽي ۾ مري جي جان پاڪ

گرچه آدم جو اصل آ، آب و گل

پر سندس گل کان امل آ آب و گل

حيف پر ليٽي ٿو مٽي ۾ مدام

ٿو وٺي اڏري نه برتر ڪو مقام

جسم هي مٽي جو آهي رهه گذر

جان عالم ۾ نه ماپي ٿي مگر

جان طرفن ۾ نه ماپي هوشمند

مرد حر ڄاڻي نه هرگز قيد و بند

خاڪ ۾ بي مرد حر اندر خروش

ڇو ته ڪار باز ناهي ڪار موش

مٺ مٽي جي جنهن کي تون سمجهين وطن

ٿو سڏين، او، مصر، ايران و يمن

آ وطن جي حب سان اهل وطن

ان کان روشن آهه ملت جو چمن

جي رکين نسبت تي انجي تون نظر

وار کان نڪتو ڏسين باريڪ تر

گرچه مشرق کان ٿو اڀري آفتاب

ٿو ڏئي پنهنجي تجلي بي حجاب

پر سندس گرمي آهي سوز درون

قيد شرق و غرب کان آهي برون

پنهنجي مشرق کان ٿئي ٿو جلوه گر

پر رکي آفاق تي يڪسان نظر

مشرق و مغرب کان هو آهي بري

گرچه نسبت انجي آهي خاوري


 

اشتراڪ ۽ ملوڪيت

صاحب سرمايه هو نسل خليل(1)

يعني پيغمبر مگر بي جبرئيل

انجي باطل ۾ آ، حق جي داوري

قلب مومن ۽ دماغ ڪافري

مغربين آگم ڪيو افلاڪ کي

پيٽ ۾ ڳولهين ٿا روح پاڪ کي

رنگ و بو تن کان وٺي ڪئن جان پاڪ

تن بنا جن جو نه آهي اشتراڪ

دين هي آهي سڄو ناحق شناس

پيٽ جي يڪسانيت انجو اساس

دل ۾ آهي جي اخوت جو مقام

آب و گل کان ٿي مٿي انجو قيام

آ ملوڪيت بدن ليءَ فربهي سينهء

بي نور اندر دل تهي

گل مٿان ماکي جي مک جان ٿي رهي

جا وٺي ماکي پنن کي ٿي ڇڏي

پن، ٽاري، رنگ وبو گل هڪ سمان

حسن تي يڪسان آ بلبل جي فعان

رنگ و بو جي ڪر طلسم کان ڪنار

ترڪ صورت ڪر ۽ معنى ڏي نهار

موت باطن جو ڏسڻ مشڪل  اَٿي

گل  ڏسين جنهن کي ٿو باطن گل اَٿي

هي ٻئي ٿي ناصبور و ناشڪيب

ٿي خدا نا آشنا آدم فريب

زندگي هڪ آ خروج ۽ ٻي خراج

ٻن پڙن ۾ آهه آدم جئن زجاج

هي وڃائي علم دين ان ساڻ فن

هو کسي ٿو، نان، جان، ان ساڻ تن

هي ٻئي ٿي غرق اندر آ ب گل

جسم روشن، پر سندس تاريڪ دل

زندگي آهي جلڻ“ ٻيهر جڙڻ

تخم دل جو خاڪ جي اندر ڇٽڻ


 


  ڪاشانه- جاءِ، گهر

خس- ڪک

خلوت- اڪيلائي

  دير- مجوسين جي مڙهي کي سڏجي ٿو

جان- وانگر

جلوت- ظاهر حاضر رهڻ

ڪنشت- يهودين جي عبادتگاهه

  ڪائونٽ ليوٽالسٽائي سنه 1828ع ۾ روس جي هڪ دولتمند خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ وڏو جاگيردار ۽ زار جي دوستن مان هو. نون سالن جي عمر ۾ سندس پيءُ گذاري ويو. ابتدائي تعليم هن هڪ فرينچ استاد کان گهر ۾ حاصل ڪئي. سنه 1843ع ۾ قازان يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو ۽ ڊگري، ورتائين ۽ وطن اچي عيش ۽ عشرت جي زندگي گذارڻ لڳو. سنه 1851ع ۾ ڪريميا جي مشهور لڙائي ۾ شريڪ ٿيو، جا جنگ ترڪن ۽ انگريزن جي خلاف روس وڙهي هئي. گولين جي بارش ۾، هن ان لڙائي جا چشمديد واقعا قلمبند ڪيا هئا، جو ڪتاب بيحد پسند پيو. هيءَ سندس پهرين تصنيف هئي. جنگ جي خاتمي کانپوءِ، هو سينٽ پيٽرسبرگ ۾ رهيو، جتي سندس بيحد عزت ٿي. 1862ع ۾، هن صوفيھ ائنڊري يونيا سان شادي ڪئي، جا حسين ۽ رنگين مزاج عورت هئي. شادي کانپوءِ فوجي ملازمت ڇڏي، تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول ٿي ويو. ”اينا ڪرينا“ سندس پهريون شاهڪار آهي. ان بعد ”وار ائنڊ پيس“ لکيائين. سنه 1880ع ۾ مٿس مذهبي رنگ غالب اچي ويو، ۽ ”عهد جديد“ ۽ ”اعترافات“ ان زماني جون تصنيفون اٿس. سنه 1910ع ۾ وفات ڪري ويو. پاڪيزه زندگي، روحانيت ۽ ايثار جي باعث، هو حضرت مسيح جو پورو شاگرد هو.

  پور مريم- حضرت عيسى عليـﮧ السلام.

روئي زرد کان به مطلب آهي حضرت عيسى عليـﮧ السلام

فلاطوس- شام جو رومي گورنر، جنهن حضرت عيسى کي صليب تي چاڙهيو.

(1) اشارو حضرت عيسى ڏانهن

ناسوت- دنيا جي حياتي        

لاهوت- دنيا کان خدا وٽ وڃي پهچڻ وارو درجو

(1)  ابوجهل جو اصلي نالو عمرو بن هشام بن مغيره هو. ”ابوالحڪم“ سندس ڪنيت هئي. قوم کيس عقلمند سمجهي، اها ڪنيت ڏني هئي. جڏهن حضور نبوت جي دعوى ڪئي ته هو اسلام جو سخت دشمن بڻجي ويو. بدر جي جنگ ۾ هو ٻن انصاري نوجوانن جناب معاذ ۽ جناب معوذ جي هٿن کان قتل ٿي ويو. اسلامي تعليم تي سندس وڏو اعتراض اهو هو، ته ان آقا ۽ غلام جو امتياز مٽائي ڇڏيو آهي.

لات و منات- مڪي جا ٻه بت

قاطع- وڍيندڙ

بي جهات- جنهن کي طرف نه هجي

قرش- قريش جو مخفف

  مواخوات- ڀائپي جو لاڳاپو

سلمان فارسي- حضور جو پيارو اصحابي، جو ايران جو ويٺل هو، (متوفي سنه 36 هجري .)

عدنان- قريش جو وڏو ڏاڏو. حضرت اسماعيل عليھ السلام جي اولاد مان هو.

گنگ- گنگو، عرب وارا پاڻ کانسواءِ ٻين کي اعجمي يعني گونگا ڪري سڏيندا هئا.

سحبان بن زفر الوائلي، وڏو عرب خطيب ٿي گذريو آهي. مڪي شريف جي فتح کانپوءِ مسلمان ٿيو. امير معاويه جي درٻارين مان هو. هڪ ڀيري خراسان جي وفد جي سامهون ايڏي ته فصيح تقرير ڪئي هئائين، جو امير معاويه حيران ٿي چيو ته، ”تون عرب جو وڏو تقرير ڪندڙ آهين.“ سحبان جواب ڏنو، ”عجم، جن ۽ انسانن جو.“ سنه 54 هجري ۾ وفات ڪيائين.

زهير بن ابي سلمى، جاهليت جي شاعرن ۾ وڏو درجو رکندڙ هو. سندس قصيدو سبعه معلقه ۾ شامل آهي. سندس فرزند ڪعب بن زهير حضور جي تعريف ۾ پنهنجو مشهور قصيدو بانت سعاد لکيو هو. زهير سنه 631 هه يعني حضور جي بعثت کان هڪ سال اڳ وفات ڪئي.

 

  انهم اعجاز نخل خاويه- اهي کجي جي وڻ جا خالي ٿڙ آهن، جي ڪري پيا آهن.

مهلتي... الفراق- اميرالقيس جي مشهور شهر ڏانهن اشارو:

افاطلم مهلا بعض هذا التدلل

وان کنت ازمعت صرمي فاجمل

”اي فاطمھ جيڪڏهن تو پنهنجي ناز ۽ انداز ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، ۽ جيڪڏهن تو مون کان جدا ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته انهيءَ ڪم کي شريفانه طرح پورو ڪر.“ امرء القيس عرب جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. جو جاهليت جي شاعرن جو سرتاج هو. پنهنجي سوٽ غنيزه سان محبت ڪندو هو، جنهن جي تعريف پنهنجي قصيدي ۾ ڪئي اٿس. هو سنه 566ع ۾ زهر جي وگهي مري ويو.

  بوالبشر- حضرت آدم عليـــﮧ السلام

(1)  فضيل بن عياض- پهرين طبقي جي صوفين مان هو. سندس ولادت سمرقند ۾ ٿي. ڪي کيس بخاري به لکن ٿا. سندس حياتي جو وڏو عرصو بغداد ۾ گذريو. سنه 196 هجري ۾ وفات ڪيائين.

(2)  بايزيد بسطامي- سندس سڄو نالو آهي، طيفور بن عيسى بن آدم بن سروشان. سندس وڏا بت پرست هئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا. حضرت بايزيد بسطامي، پنهنجي علم ۽ فضل جي باعث، پهرئين درجي جي صوفين ۾ ممتاز درجو رکي ٿو. محبت الاهي جي شوق سان هو سدائين مخمور هو. سندس وفات سنه 261 هجري ۾ ٿي.

(3)  سيد الطائفه جنيد بغدادي- ٻي طبقي جي صوفين جو سرتاج آهي. بغداد ۾ ڄائو. امام شافعي جي شاگردن مان آهي. سندس ارادت مندن ۾ شبلي ۽ ٻيا اچي ٿا وڃن. سندس وفات جو سال 299 هجري آهي.

(4)  شيخ ابو سعيد ابوالخير- نيڪين جو سلطان سڏيو وڃي ٿو. سندس رباعيات فارسي زبان ۾ تصوف جو خزانو آهن. سندس وفات 440 هجري ۾ ٿي.

  زنده رود- علامه اقبال پاڻ کي زنده رود جي نالي سان ٿو سڏي.

گيتي شڪن- جهان ٽوڙيندڙ

آويزش- لڙائي، جنگ

  جمال الدين افغاني- سيد صاحب سنه 1838ع  ۾ سعد آباد (افغانستان) ۾ پيدا ٿيو. سندس ننڍپڻ جو زمانو ڪابل ۾ گذريو، جتي سندس والد امير دوست محمد جو خاص مشير هو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد، هندستان کان ٿيندو حج جي  سعادت کان مشرف ٿيو. سندس علمي قابليت جي سبب ڪابل جي امير کيس سرڪاري ملازمت ۾ ورتو. پر سندس حق گوئي سندس ڏوهه شمار ڪئي وئي، ۽ کيس جلاوطن ڪيو ويو. سيد صاحب ڪابل کان هندستان ۾ آيو، مگر انگريز، سندس ”ملوڪيت“ جي خلاف جهاد کي ڏسي مخالف بڻجي ويا، جنهن ڪري هو مصر روانو ٿيو. جامع ازهرجي شاگردن ۽ استادن تي تعليم جو وڏو اثر پيو. انهن مان محمد عبده سندس شاگردن ۾ داخل ٿي ۽ سندس جانشين بڻيو. مصر ۾ ٿوري وقت رهڻ کانپوءِ، سيد صاحب قسطنطنيه روانو ٿيو. پر مصر وارن جي عرض تي قاهري وري موٽي آيو، جتي پنهجي تحرير ۽ تقرير سان وڏو نالو پيدا ڪيائين. ان وقت جي خديو اسماعيل پاشا، سندس وڌندڙ اثر کي ڏسي کيس مصر مان نيڪالي ڏني. ان بعد هو حيدرآباد دکن ۾ آيو، جتي کيس نظربند ڪيو ويو. سنه 1885ع ۾  انگريزن کيس هن شرط تي آزاد ڪيو ته يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي رهي. هو پئرس ۾ وڃي رهيو، جتي شيخ محمد عبده به اچي ساڻس مليو. يورپ ۾ اسلامي تبليغ لاءِ هن ”عروة الوثقى“ نالي اخبار جاري ڪئي جا عربي ۽ فرينچ ۾ نڪرڻ لڳي. حڪومت ان کي جلد بند ڪري ڇڏيو ، پئرس کان ايران ۽ ايران کان لنڊن ۽ لنڊن کان سينٽ پيٽرسبرگ ويو. سلطان عبدالحميد جي دعوت تي قسطنطنيه آيو، جتي کيس زهر سان شهيد ڪيو ويو. سيد صاحب مسلمانن ۾ جا بيداري آندي، اها ڪڏهن به وسري نه سگهندي.

  موش- ڪئو

خاور- اوڀر

(1) ”نسل خليل“ اشارو آهي ڪارل مارڪس ڏانهن. هي يهودي بنياد جو عيسائي، جرمني جي ٽريويز شهر ۾ سنه 1818ع ۾ پيدا ٿيو. سنه 1841ع ۾ پي. ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، پنهنجي تعليم فلسفه ۾ ختم ڪيائين. تعليم جي وقت ۾ ئي مٿس جرمني جي مشهور فلسفي هيگل جو اثر پيو، جنهن جو نظريو هو ته، ”انساني فڪر ۾ هميشه تضاد موجود آهي، ڪائنات جي ترقي انهيءَ تضاد جي وسيلي پئي ٿي ٿئي، جنهن ڪري ڪائنات بذات خود ڪا چيز نه آهي.“ تعليم جي دوران ۾ مارڪس جي مٿان فيور باخ هڪ ملحد فلسفي جو به اثر پيو، جنهن ڪري هن عيسائي مذهب کان هميشه لاءِ موڪلايو. فيور باخ حضرت مسيح تي تنقيد ڪندي، خدا جو انڪار ڪري ڇڏيو. نه فقط خدا جو مگر، روح، ذهن، عقل ۽ ادراڪ جي وجود جو به منڪر بڻجي ويو. مارڪس پنهنجي نئين فلسفي جي جوڙ جڪ جو بنياد ”تضاد“ ۽ ”ماديت“ تي رکيو. سنه 1843ع ۾ مارڪس وطن ڇڏي پئرس ۾ وڃي رهيو، جتي سندس دوستي فريڊرڪ اينگلز سان ٿي، جنهن کيس هڪ فرينچ سوشلسٽ پيروڊان سان واقفيت ڪرائي، جنهن مارڪس کي سمجهايو ته اصل مسئلو نه علم الاهي آهي نه سياسي، بلڪ هي خالص معاشي (Economics) آهي. مارڪس هن نظريه کي قبول ڪيو ۽ سندس مارڪسيت جو فلسفو جڙي تيار ٿيو، جو هيٺين شين جو مرڪب آهي: (1) هيگل جو تضاد، (2) فيور باخ جي لامذهبيت (3) پيرو ڊان وارو پيٽ جو مسئلو. هن کانپوءِ مارڪس ۽ اينگلز، پنهنجي نئين تحريڪ جي پروپئگنڊا شروع ڪئي. انڪري پئرس کان کين جلاوطن ٿي بروسيلز وڃڻو پيو. سنه 1847ع ۾ هنن ”ڪميونسٽ مينيفيسٽو“ ترتيب ڏنو. ان بعد فرينچ حڪومت جي دٻاءَ سبب هو آخري دم تائين لنڊن ۾ رهيو، جتي سنه 1883ع ۾ مري ويو. سندس ڪتاب ”ڪئپيٽل“ اشتراڪي مذهب جي بائبل آهي، جنهن جو ترجمو علامه اقبال ”سرمايه“ ڪيو آهي.

  اشتراڪ- ڪميونزم

اساس- بنياد

علامه اقبال اشتراڪيت تي بحث ڪيو آهي، ۽ ان کي ”پيٽ جي تحريڪ“ سڏي ٿو. مارڪسي فلسفه جو وڏو نظريه هي آهي ته، انسان روح ۽ ماده جو مجموعو نه آهي، بلڪ مادي جي سالم هجڻ جي اتفاقي ترتيب آهي. اهڙي حالت ۾، سندس پوري  زندگي  پيٽ، جي مرڪز جي چوڌاري ڦرندي ٿي رهي. علامه اقبال انجو رد ”اسلامي اخوت“ جي نظريه ۾ ٿو ڏيکاري، جنهن موجب سڀ ڪنهن حالت  ۾ نه عجمي کي عربي تي فوقيت آهي، نه عربي کي عجمي تي فوقيت آهي. اهڙي حالت ۾ اشتراڪيت به شهنشاهيت جي ڀيڻ آهي. اشتراڪيت خروج (پيٽ) لاءِ جدوجهد ڪري ٿي، ۽ شهنشاهيت خراج (ڍل) لاءِ.

زجاج- شيشو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org