سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :13

 

 

 

زنده رود

ڪيف درويشي ڪري حاصل دما دم هڻ اهو

پختگي وٺ، ملڪ جم کي پيچ ۽ خم هڻ اهو

ٿا پڇن پنهنجو جهان هي ساز ۾ توساڻ آهه

ناهه مون سان ٺاهه ۾ چيم، چيائون برهم هڻ اهو

مان ڏسان ڪو ميڪده ۾، ڪين شايسته حريف

رستم دستان کي هڻ ۽ ٻي کي هٿ ڪم هڻ اهو

لالهء صحرا نه تنها، توکي گهرجي ٿو جلڻ

سينهء آدم تي داغ جگر جو غم هڻ اهو

انجي دل جو سوز تون ۽ جوش انجي خون جو

جي نه ان کي ٿو مڃين، عالم تي پيهم هڻ اهو

عقل آ ڏيئو سندءِ جي؟ رهگذر تي رک اهو

عشق تنهنجو جام، صاحبدل تي محرم هڻ اهو

رت ڀريل هي لخت دل، اکين مان هاريان ٿو سدا

لعل وٺ منهنجي بدخشان مان ۽ سالم هڻ اهو

 

هند جي شاعر ڀرتري  هري سان صحبت

 

حورين کي ماڙين ۾ آ مدام

دعوت ناله سندم سوز تمام

هڪ تنبو مان سر ڪڍي ٻاهر ڏٺئون

ٻي، دري مان منهن ڪڍي هر هر ڏٺئون

مون ڏنو اندر بهشت جاودان

در غم هر دل کي، جئن هت خاڪدان

زير لب کليو هو پير پاڪزاد

هئن چيائين ساحر هندي نزاد

ڪر نوا پرداز هندي تي نظر

ماڪ جنهنجي آ نگاهن کان گهر

نڪته آرا نانءُ جنهنجو ڀرتري

هن چمن مان مکڙي نئي نئي آ چڻي

ان جي فطرت جئن ڪڪر تي آ ذري

آهه آيو تنهنجي نغمي کي سڻي

بادشهه کي آ نوائي ارجمند

فقر ۾ انجو مقام آهي بلند

فڪر انجو نقش خوبي سان چٽي

حرف ۾ معني جهان جي ٿو لکي

ڪار گاه زندگي جو راز دار

جام جم آ شعر، جم خود نامدار

ان جي تعظيم هنر ليءَ ٿيس شتاب

پوءِ صحبت کان سندس ٿيس فيضياب

 

زنده رود

 

تو چيا ٿي نڪته ڪيڏا دلنواز

جن کان مشرق آ بڻيو دانايءِ راز

شعر ۾ ٿو سوز پيدا ٿي ڪٿان

ٿي خودي ڏي يا خدا هي نڪته دان

ڀرتري هري

ڪنهن نه ڄاتو آهه هي شاعر ڪٿان

آ نوا جي زير و  بم ۾ هي نهان

انجي دل گرمي رکي جا درڪنار

پيش يزدان بي نه ان کي آ قرار

ساز کي لذت آ، اندر جستجو

شعر کي ڏي سوز، خانهء آرزو

تون شراب سخن کان مست مدام

جي ملي توکي اهو عالي مقام

هڪ ٻه بيتن ساڻ ئي اندر جهان

حور جنت کان کسين دل بيگمان

زنده رود

هندين ۾ مون ڏٺو آ پيچ تاب

سر حق چؤ، وقت هي آ بي حجاب

ڀرتري هري

تنگ مايه هي خدا، آ اصل جنجو سنگ و خشت

پر اهو برتر، نه پهچي، جنهن کي ٿو ديرو و ڪنشت

سجده بي ذوق عمل آ، خشڪ منزل کان پري

زندگي ڪردار آ، زيبا کڻي جي آهه زشت

حرف ظاهر ٿو چوان، ڄاڻي نه هرڪو ٿو اهو

آ چڱو، جنهن لوح دل تي هي رکي منهنجي نوشت

هن جهان کي جئن ڏسين ٿو، هت نه يزدان جو اثر

آهه چرخو، سٽ، اڻڻ، هي پنهنجي هٿ جي ڪار ڪشت

اٿ ۽ آئين مڪافات عمل تي سجدو ڏي

ٿو عمل کان ئي ٺهي، اعراف، دوزخ ۽ بهشت

 

 

سلاطين مشرق جي ماڙي ڏانهن حرڪت

نادر ابدالي سلطان ٽيپو

 

منهنجي جان ۾  وئي صدائي ڀرتري

مست ڪيو مونکي نوائي ڀرتري

هئن چيو رومي ته دل بيدار رک

دور پاڻان حلقهء افڪار رک

بزم درويشن کان ڪيو آ تو گذر

هاڻ کڻ ڪاخ سلاطين ڏي نظر

مشرقي شاهن جي آهي انجمن

شوڪت ايران و افغان و دکن

آهه هو نادر جنهن رمز اتحاد

ٿي مسلمان کي سيکاري بامراد

مرد ابدالي جو آيت هو وجود

جنهن ڏني افغان کي ملت جي نمود

هو شهيد ان محبت جو امام

جنهن کان روشن، هند، چين ۽ روم شام

چنڊ سج کان نانءُ هي تابنده تر

خاڪ انجي قبر جي پائنده تر

عشق ڳجهه جو جنهن کي ان ظاهر ڪيو

ڪئن نه مشتاقانه سر هٿ تي رکيو

هي نگاهه خواجهء بدر و حنين

قصر سلطان وارث جذب حسين (رضه)

هن سرا مان ويو هلي، سلطان، مگر

آ دکن ۾ انجي نوبت جو اثر

حرف آواز منهنجو، فڪر خام

ڪئن ٻڌايان مان ته او ڇا آ مقام

انجي جلوي کان ٿيا نوري بصير

زنده ۽ دانا ۽ گويا ۽ خبير

قصر، فيروزه جون ديوارون ۽ در

آسمان نيرو به ان کان مفتخر

انجي رفعت برتري آ بيچگون

ٿي ڪري انديشه کي خوار و زبون

هو گل ۽ سرو ۽ سمن ۽ شاخسار

جئن لطافت ۾ آ تصوير بهار

هر گهڙي هي ورق گل، برگ شجر

رنگ بدلائن پيا شام و سحر

ايتري باد صبا افسون گر

اک ڇنڀڻ سان زرد بڻجي سرخ تر

هر طرف فواره موتي ٿا ڏين

باغ جنت جا پکي لاتون لنوين

بارگهه ۾ آهه هڪ ماڙي بلند

ان جي ذري ۾ آ، سج اندر ڪمند

ڇت، در، ديوار، ٿنڀا سڀ عقيق

فرش يشبي،  انجا پردا سڀ عقيق

انجي کاٻي، انجي ساڄي جلوه گر

آهه صف حورن جي، جي زرين ڪمر

تنجي وچ ۾ آهه هڪ اورنگ زر

جنهن تي ويٺل شاهه سڀ بهرام فر

رومي او آئينهء حسن ادب

دلبري سان کوليا شيرين لب

هي چيائين، مرد شاعر خاوري

آهه شاعر ياڪ ساحر خاوري

فڪر نازڪ سان رکي جان دردمند

شعر انجي کان آ مشرق سوز بند

نادر  

مرحبا اي نڪته سنج خاوري

ٿي ٺهي توکي سخن جي برتري

مان محرم راز، مونکي راز چؤ

جو به ايران لاءِ ڄاڻين باز چؤ

زنده رود

بعد مدت پاڻ تي هن اک پٽي

دام ۾ ڦاسي وري عزت مٽي

آ ڪٺل ناز بتان شوخ و شنگ

خالق تهذيب و تقليد فرنگ

ڪم سندس باقي ٿيو ملڪ و نسب

ذڪر شاپور آ ۽ تحقير عرب

وقت ۾ انجي نه ڪائي واردات

ٿو قبور ڪهن ۾ ڳولهي حيات

گم وطن ۾ ٿي اهو پاڻان ويو

نقش باطل کي رٿي جئن ڏي فرنگ

پنهنجي حالت کي وٺي، جئن ڏي فرنگ

دل ڏئي رستم کي حيدر کان ويو

پيرسن ايران ۽ دور يزد جرد

ان جو چهرو هو ڪوماڻيل خون سرد

دين، آئين ۽ نظام انجو قديم

نور، اوندهه، صبح شام انجو قديم

شيشه ۾ مي جو نه هو ڪوئي وجود

ڪجهه نه مٽي ۾ شرر جي هئي نمود

اوچتو صحرا کان محشر ٿيو پديد

جنهن ڏني ان کي حيات آڻي پديد

حشر هي سچ پچ عنايات خدا

پارس باقي رومة الڪبرى فنا

ان جي پيڪر مان وئي جا جان پاڪ

تا قيامت ڪين آڻي هاڻ خاڪ

مرد صحرائي ڏئي ايران کي جان

خود وڃي واري ۾ پنهنجي ٿيو نهان

سڀ پراڻو، هن پٽيءَ تان مهٽيو

عصر  نو کان هي وٺي، سامان ويو

آه! احسان عرب اڄ وسريو

آگ افرنگين ۾ خود آهي ڳريو

روح ناصر  خسرو علوي جو ظاهر ٿو ٿئي

۽ غزل مستانه ڳائي غائب ٿي وڃي ٿو

 

(1)دست را چون مرکب تيغ و قلم کردي مدار

هيچ غم گر مرکب تن لنگ باشد يا عرن

(2)از سر شمشير و از نوک قلم زايد هنر

اي برادر همچو نور از نار و نار از نارون

(3)بي هنر دان نزد بي دين هم قلم هم تيغ را

چون نباشد دين نباشد کلک و آهن راثمن

(1)دين گرامي شد بدانا و بنادان خوار گشت

پيش نادان دين چو پيش گاو باشد ياسمن

(2)همچو کرپا سي که از يک نيمه زو الياس را

کرته آيد و ز دگر نيمه يهودي را کفن

 

ابدالي

 

هو جوان جنهن سلطنت خلقيو

پوءِ پنهنجي ڪوهه و ميدان ڏي ويو

باهه انجي ڪوهسارن کان اٿي

رٿ انهيءَ عيار(1) جي مقبول ٿي؟

زنده رود

 

امتون دعوا اخوت جي رکن

هت نه ڀائر پاڻ ۾ سڀئي وڙهن

آ حياتي هي حيات خاوري؟

ٻار بي هت جو ڪري لشڪر گري

بيخبر آ پاڻ کان ڄاڻي نه ٿو

پنهنجي هستي کان ٿيو غافل اهو

دل رکي ٿو پر نه دل ڏي ٿو وري

تن جدا آ تن کان، دل دل کان پري

راهرو کي ڪابه منزل راهه ناهه

جان جي مقصد کان هي آگاهه ناهه

آ چڱو چيو شاعر افغان شناس(1)

جو ڏٺائين، سو چيائين بي هراس

هو حڪيم ملت افغان هو

هو طبيب علت افغان هو

راز قومي کي ڏسي هن سچ چيو

جو به راندانه چيائين حق هيو

”اٺ کڻي اهڙو لهي افغان حر

ساز سان جنهن تي هجي انبار در

موتين جي بار کان وڌ بي خبر

خوش ٿئي اٺ جي ٻڌي گهنٽي مگر“

ابدالي

 

جسم کي دل کان ملي ٿو تب و تاب

دل ڏئي مٽي کي بيداري ۽ خواب

جسم دل جي موت کان افتاده حال

خون نبضن ۾ سندس پگهر مثال

شر کان دل جي بدن ڪجهه بي نه آهه

دل تي رک اک، دل بنا وٺ ڪين راهه

ايشيا هڪ ڄاڻ صورت آب و گل

ملت افغان ان ۾ آهه دل

آ فساد ان جو فساد ايشيا

ملڪ هي بست و ڪشاد ايشيا

آهه دل آزاد جي، آزاد تن

ورنه ڪک جئن آهه بي بنياد دل

بت جئن پابند آ، آئين دل

ٿو ڪري مرده کي زنده دين دل

قوت دين آهه وحدت جو ظهور

آهه وحدت کان ئي ملت جو ظهور

شرق کي پاڻون نيو تقليد غرب

ٿي کپي اقوام کي تنقيد غرب

قوت مغرب نه آ چنگ و رباب

نينگرين جو يا ته رقص بي حجاب

سرخ رو جادوگرن جي ناهه واٽ

ناهه عريان سينه يا وارن جي ڪاٽ

محڪمي انجي ته لاديني اٿي

نا ترقي خط لاطيني اَٿي

قوت مغرب سڄي آ علم و فن

باهه هن سان چمڪي ٿي هي انجمن

علم و فن کي اي جوان شوخ و شنگ

مغز گهرجي ٿو نه ملبوس فرنگ

راهه هن ۾ ڪين گهرجي ري نگاهه

آهه ٽوپي سر مٿي يا ڪي ڪلاه

فڪر جي چالاڪ تنهنجو آهه بس

ساز جي دراڪ تنهنجو آهه بس

راتين جو، جو جهلي دود چراغ

ٿو وٺي او علم و حڪمت جو سراغ

ملڪ معني جي نه حد آ ڪنهن لڌي

جهد ساندهه ري نه هي شي ڪنهن ملي

ترڪ خود رفته آ ۽ مست فرنگ

زهر ان کي آ ڏني دست فرنگ

ڇو ته ترياق  عراق ان کان ويو

ري خدا انجو نه ڪو ياور ٿيو

بندهء مغرب کي آ ذوق نمود

مغربين کان ٿو وٺي رقص و سرود

جان جو سودو ڪري ٿو راند ۾

علم مشڪل آ مري ٿو راند ۾

ٿو وٺي آسان شي آرام سان

ان جي فطرت آهه آسان سان روان

هن جهان ۾ سهل ڳولهڻ نا روا

هي دليل آ، جان تن کان ٿي جدا

 

زنده رود

 

ٿو سڃاڻي تهذيب فرنگ

آ جهان ۾ ڪيتري فردوس رنگ

جلوه انجي خاندانن کي لٽيو

وڻ، پنن ۽ آشيانن کي لٽيو

ظاهري او قابض و تابنده آهه

دل جو هيڻو ۽ نگهه جو بنده آهي

اک ڏسي ٿي، دل ڏڪي ٿي اندرون

هو ڪري بتخاني ۾ ٿي سرنگون

ڪنهن نه ڄاتو شرق جي تقدير ڇا!

بندهء طاهر جي ٿي تدبير ڇا؟

 

ابدالي

 

هي اٿي تقدير مشرق تي قوي

عزم و حرم نادري  ۽ پهلوي

پهلوي آ، وارث تخت قباد

عقل انجي آ ڪيو ايران شاد

نادر آ سرمايهء دران جو

آ نظام ملت افغان جو

غم هيو ان کي وطن ۽ دين جو

انجو لشڪر ڪوهسارن کان لٿو

هو سپاهي، هو سپهگر ۽ امير

دشمنن ليءَ لوهه يارن ليءَ حرير

خوش اهو، جو پاڻ سان اوري سدا

عصر حاضر کي ڏسي توري سدا

ڪار مغرب جي سموري ساحري

پاڻ ري پيو آسرو آ ڪافري

سلطان شهيد

 

ڪر خبر ڪئن ٿو هلي هندستان

جنهن جي ڪک جو مٽ نه آهي بوستان

جنهن جي مسجد ۾ هنگامو ويو مري

آگ مندر ۾ وئي جنهن جي ٺري

جنهن جي خاطر خون پنهنجي دل ڪيم

ياد جنهن جي جان سان سانڍي رکيم

منهنجي غم کان ڪر سندس غم جو قياس

آه، هو معشوق عاشق نا شناس

 

زنده رود

هندين کان دور قانون فرنگ

بي اثر آ سحر و افسون فرنگ

روح ليءَ بار گران آئين غير

گرچه ڏي جي آسمان آئين غير

سلطان شهيد

خاڪ مان آدم جڏهن پيدا ٿئي

آرزويءَ دل سان رهه پيما ٿئي

لذت عصيان سان هو دو چار ٿي

پاڻ ريءَ ٻيءَ کي نه هرگز ٿو ڏسي

ڇو ته بي عصيان خودي کان دور دست

جي خودي هٿ ڪين آئي آ شڪست

منهنجي شهر ۽ ملڪ کي تو آ ڏٺو

قبر منهنجي کي ڏٺو تو پڻ چٽو

اي جو تون ڄاڻين حدود ڪائنات

ڪو دکن ۾ آهه آثار حيات

زنده رود

تختم لڙڪن جو وڌم اندر دکن

گل ڏئي من لاله جا خاڪ چمن

آهه ڪاويري مدام اندر سفر

مون ڏٺو آ شور ان ۾ سر بسر

سلطان شهيد

اي مليو توکي آ حرف دل فروز

تنهنجي لڙڪن جو اڃا آ درد سوز

تيز نهن کي جي هڻن مردان راز

رت جي ندي ڏي انهن کي تار ساز

او نوا جا تون ڏئين ٿو اندرون

ٿي ڏئي هر سيني کي سوز درون

آ ميسر صحبت مولائي  ڪل

طي ڪري رستو ڏکيو جنهن جي هڪل

گرچه ات ڪجهه جرات گفتار ناهه

روح کي ٻي ڪار ري ديدار ناهه

تيز تنهنجي گرميءَ اشعار کان

فڪر تنهنجي کي رکيم ورد زبان

هئن چيائون ”بيت هي ڪنهنجو پڙهين

جنهن کان شور زندگي آ خوشه چين“

سوز ان سان جنهن جو حاصل آهه جان

ڪجهه ته ڪا ويري جو ڪر مون سان بيان

تو جهان ۾ زندهه رود او زندهه رود

ٿو وڻي ڪيڏو سرود اندر سرود

ڪاويري  ندي کي سلطان شهيد جو پيغام

(حيات، موت ۽ شهادت جي حقيقت)

اي ندي ڪاويري اي نازڪ خرام

آ ٿڪايو توکي هن سير دوام

عمر ساري تو ڪهستان ۾ رئين

پنبڻن پاڻي ڀگريل سان ٿي چرين

تنهنجي سامهن ڪجهه نه جيحون و فرات

تون دکن جي واسطي آب حيات

شهر هو جو تنهنجي ڀاڪر ۾ هيو

جلوه انجي حسن جو توکان وڌيو

تون پراڻي ٿئين، شباب آهي اهو

پيچ و تاب ۽ رنگ و آب آهي اهو

موج تنهنجي ٿي ڄڻي موتي سدا

تا ابد شوريدگي توتي فدا

اي جو تنهنجو ساز، سوز زندگي

ڪنهن جو هي پيغام آ معلوم ٿي

جنهن جي سطوت جو ڪيو ٿي تو طواف

جنهن جي دولت جو ڪيو تو اعتراف

تنهنجي صحرا کي بڻايو جنهن بهشت

نقش جنهنجو خون سان آ خود نوشت

قبر ۾ جنهن جي لڪل سؤ آرزو

موج تنهنجي کي انهيءَ کان رنگ ويو

گفتگو انجو سڄو ڪردار آهه

ننڊ ۾ مشرق ۽ هو بيدار آهه

موج تون ۽ مان جي هڪ رود حيات

هر گهڙي هي ٿي بدلجي ڪائنات

زندگاني هر گهڙي جو انقلاب

انجي اندر آ جهان جو آب و تاب

تارپيٽو ڪشمڪش جو هي وجود

ڪشمڪش سان هي سڄو ذوق نمود

راهرو وانگر هي واٽون در سفر

جت سفر پنهان اتي پيدا حضر

ڪاروان، اٺ ياڪ ميدان و نخيل

جو ڏسين ٿو ان کي آ درد  رحيل

باغ ۾ گل؟ آهه مهمان هڪ گهڙي

رنگ و بو جو آهه سامان هڪ گهڙي

مون چيو لاله کي کڻ ٻيهر نظر

هن چيو هن راز کان تون بي خبر

آ خس  و خاشاڪ تعمير و جود

ري نه حسرت آهه انعام نمود

تون سرائي هست و بود ايندين؟ نه اچ

ڇا عدم کان تون وجود ايندين؟ نه اچ

جي اچين ٿو چڻنگ وانگر جل سدا

جستجو ۾ ٻار جي تون هل سدا

سج وانگر جي رکين ٿو تب و تاب

پير رک آباد دنيا ۾ شتاب

ڪوه و مرغ و گلشن و صحرا جلاءِ

مڇين کي پڻ درون دريا جلاءِ

جي رکين سينو ٿو اندر، تير خور

جيءُ شاهين ٿي ۽ ٿي شاهين مر

ڇو ته هي عرض حيات آهي ثبات

مان خدا کان ڪٿ گهري طول حيات

زندگي جو ڇاهه، رسم و دين و ڪيش؟

هڪ گهڙي ٿي شير، ڇڏ سؤ سال ميش

زندگي جي پر آ تسليم و رضا

موت نيرنگ و طلسم و سيميا

بندهء حق شير، موت آهي هرڻ

سؤ مقامن مان سندس هڪ آ مرڻ

ٿو ڪري او موت تي مردم تمام

جئن ڪبوتر تي ڪري شاهين مدام

موت جي ڀؤ کان مري هردم غلام

موت جي ڀؤ کان حيات انجي حرام

بندهء آزاد جي آ، آن ٻي

موت ان کي ڏي ٿو برحق جان ٻي

فڪر خود آ، موت انجو فڪر ناهه

موت، آ جن، جو ٻيو ڪو ذڪر ناهه

موت ان کان ڀڄ جو ٺاهي ٿو لحد

ڇو ته هي آ موت، مرگ دام  و دد

مرد مومن هي خدا کان ٿو گهري

موت مٽي جي ۾ هرگز نا مري

موت هي آهي نهايت راهه شوق

آخري تڪبير منجهه جنگاه شوق

گرچه هر ڪو موت مومن ليءِ مٺاڻ

موت پور مرتضى جو ڳالهه ڄاڻ

جنگ شاهن جي جهان غارتگري

جنگ مومن سنت پيغمبري

جنگ مومن ڇاهه هجرت سويءِ دوست

ترڪ عالم، اختيار ڪويءِ دوست

شوق جو جنهن حرف چيو اقوام کي

جنگ چئي رهبانيءَ اسلام کي

ڪونه ڄاڻي ري شهيدن هي ڪلام

رت ڏئي پر جو وٺي عالي مقام


 


  ڀرتري، راجا گنڌرسين اجين جي حاڪم جو پٽ هو. ننڍي هوندي سندس ماءُ مري وئي، ته راجا ٻي شادي ڪئي، جنهن مان وڪرم پيدا ٿيو. پيءُ جي انتقال کان پوءِ تخت تي ويٺو. ڀرتري پنهنجي ڀاءُ وڪرم کي سپـــﮧ سالار مقرر ڪيو. جئن ته ننڍي کان ئي هو شاعريءَ، مصوريءَ ۽ موسيقيءَ جو دلداده هو، ان ڪري آهستي آهستي سلطنت جو سڄو بار وڪرم کي سونپي ڇڏيائين. سدائين عورتن جي صحبت ۾ رهڻ لڳو، جنهن جو  نتيجو اهو نڪتو، جو بلڪل عيش ۽ عيشرت ۾ گم ٿي ويو. وڪرم کيس ڪيئي ڀيرا سمجهايو، مگر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هي حالت ڏسي، وڪرم اجين ڇڏي بنگال هليو ويو.

اتفاقاً سندس هڪ راڻي ساڻس بيوفا ٿي پئي. اگرچه ان راڻي زهر کائي پاڻ کي ماريو، مگر هن غم ڀرتري جي دل ۽ دماغ تي وڏو اثر ڪيو. هن دنيا کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. راڄ ڀاڳ وڪرم جي حوالي ڪري، پاڻ سيلاني بڻجي پيو. جو راهه ۾ کيس مليو سو کاڌائين، جتي رات پئي اتي آرام ڪيائين. ڪنهن جي ڏس تي هو نيپال جي ترائي ۾ هڪ جوڳي گورکناٿ جي خدمت ۾ پهتو، جتي کيس يوگ جي تعليم حاصل ٿي، ۽ مڪمل سنياس حاصل ٿيو. ڀرتري جون ڪيتريون ئي تصنيفون مشهور آهن، جن مان نيتي اشٽڪ، شرنگار، ۽ ويراڳ اشٽڪ مشهور آهن. سندس ڪتابن جو يورپ جي ڪيترن زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي ’ويراڳ اشٽڪ‘ جو ترجمو انگريزي ۾ پروفيسر ٽاني(Tawney)    ڪيو آهي. هي ڪتاب سعدي جي گلستان جهڙو آهي. پروفيسر اي- اي ميڪڊونل پنهنجي تصنيف ’ادبيات سنسڪرت‘ ۾ لکي ٿو ته، ”ڀرتري کان وڌيڪ ڪنهن ٻي هندي شاعر ويراڳ جي  تلقين نه ڪئي آهي. هن روح جي مسئلن تي جنهن آساني سان لکيو آهي، اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“

  زير و بم- هيٺ مٿاهين

نواپرداز- نغمه پيدا ڪندڙ

آذري- بهار جو

  عقيق- ڳاڙهي رنگ جو پٿر

يشب- قيمتي پٿر

اورنگ- تخت

خاور- مشرق

 

  نادر شاهه جو اصلي نالو- نادر قلي بيگ هو ۽ سندس پيءُ جو نالو امام قلي بيگ هو، جو اصل ترڪ هو. سندس ولادت سنه 1688ع جي آخر ۾ ٿي. پنهنجي خدا داد ذهانت جي باعث، سپاهي مان ترقي ڪري سنه 1736ع ۾ ايران جي تخت تي ويٺو. ايران ۾ پوري ريت قبضي حاصل ڪرڻ بعد هو هندستان جي فتح لاءِ روانو ٿيو. افغانستان جي فتح کان پوءِ سنه 1738ع ۾ هندستان جي حدن ۾ داخل ٿيو. ان وقت محمد شاهه دهلي جي تخت تي هو. افغانستان جي نواب ناصر خان نادر شاهه جي حملي جو اطلاع دهلي موڪليو، مگر وزيراعظم خان دوران کيس جواب ئي نه ڏنو. نواب ذڪريا خان پنجاب جي گورنرنادر شاهه جو مقابلو ڪيو، پر هو سٽ جهلي نه سگهيو. جنوري سنه 1739ع ۾ فاتح لاهور ۾ داخل ٿيو. ان بعد هن سرهند جو رخ ڪيو. ڪرنال ۾ مغل فوجن ۽ نادر شاهه جو مقابلو ٿيو. سخت لڙائي کان پوءِ، مغل فوجن کي شڪست ملي ۽ نادر شاهه دهلي جي سامهون پهچي ويو. (باقي  فوٽ نوٽ صفحي ٻئي تي)

  (بقايا فوٽ نوٽ) محمد شاهه ٻيو چارو نه ڏسي، سندس پيش پيو. دهلي ۾ مغل سپاهين ڪن ايراني سپاهين کي ماري وڌو. نادر شاهه هن توهين جي بدلي ۾ عام ڪوس جو حڪم ڏنو. 23 مارچ سنه 1739ع ۾ قتل عام شوع ٿيو. جنهن ۾ 30 هزار بيگناهه انسان مارجي ويا. آخر محمد شاهه جي عاجزي تي قتل عام بند ٿيو. ان بعد هو دهلي کي لٽي ۽ اجاڙي، لاهور کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو. جتي نورمحمد ڪلهوڙي کي شڪست ڏئي، ان کان هڪ ڪروڙ نقد وصول ڪري ايران روانو ٿيو. ان بعد سندس عثماني سلطنت سان مقابلا ٿيا، جنهن ۾ هن کي فتوحات حاصل ٿيون. مگر ايران ۾ سندس خلاف بغاوت ٿي، ۽ سنه 1848ع جي رات جو، جڏهن هو ننڊ ۾ هو، باغين کيس قتل ڪري ڇڏيو.

يزد جرد، ايران جو آخري ساساني بادشاهه. اميرالمؤمنين حضرت عمر فاروق جي زماني، ۾، اسلامي فوجون ايران تي حمله آور ٿيون. حضرت سعد بن وقاص جي سرداري هيٺ، آخر ايران فتح ٿي ويو. يزد جرد ملڪ وڃائي ڀٽڪندو رهيو، ۽ آخر پنهنجي ئي ماڻهن جي هٿان قتل ٿي ويو.

رومة الڪبرى- رومن شهنشاهيت.

2- شاپور، ايران جي ساساني بادشاهن مان هو. روم جي شهنشاهن سان سندس لڙايون ٿينديون رهيون. جن ۾ کيس وڏي ڪاميابي حاصل ٿي.

  ناصر ابو معين بن خسرو، سنه 1002ع ڌاري بلخ جي پسگردائي ۾ قباديان جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ننڍيئي ذهين هو. بلخ، بخارا، نيشاپور ۽ بغداد ۾ رهي علم حاصل ڪيائين ۽ خاص ڪري منطق ۽ فلسفه ۾ مٿاهين جاءِ ورتائين. ان وقت مصر ۾ بنو فاطمين جي حڪومت هئي، جن کيس ان وقت جي مبلغين ۾ جاءِ ڏني. خليفي سان ملاقات ڪري وڏي عزت حاصل ڪيائين. هو خراسان ۽ بدخشان جو داعي مقرر ٿيو. آخر حجت جي درجي تي پهتو، جو اسماعيلين ۾ روحاني طرح وڏو درجو ليکجي ٿو. سندس عمر جو گهڻو حصو سفر ۾ گذريو، ۽ سندس سفرنامه مشهور آهي. ٻي تصنيف ”زاد المسافرين“ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن ۾ فلسفيانه بحث آهن. هنن کانسواءِ ’وجه دين‘ ۽ ’روشنائي نامه‘ سندس مشهور تصنيفون آهن. ناصر خسرو وڏو شاعر به هو. سندس ديوان موجود آهي. سنه 1087ع ڌاري هن وفات ڪئي. نزاريه اسماعيلي جماعت ۾ سندس بيحد عزت ڪئي وڃي ٿي.

(1)  هٿ کي جڏهن تيغ ۽ قلم جو گهوڙو بنائي، ان تي مدار ٿو رکين، پوءِ غم ڇا جو، جي گهوڙي جو جسم منڊو آهي يا تيز رفتار.

                                                                    

(2)  تلوار ۽ قلم، ٻنهي جي نوڪن کان هنر پيدا ٿو ٿئي، اي ڀاءُ جئن باهه کان روشني ۽ ڏاڙهون جي وڻ مان ڏاڙهون.

 

(3) بي دين جي نزديڪ قلم ۽ تيغ ٻئي هنر آهن. جڏهن دين ئي نه رهيو ته ڪلڪ ۽ لوهه جي قيمت ڪهڙي رهي.

(1)  دين دانا وٽ عزت وارو ٿيو ۽ نادان وٽ خوار. نادان وٽ دين ائين آهي، جئن ڍڳي وٽ چنبيلي.

(2) ان جو مثال ان باريڪ چادر وانگر آهي، جنهن جو اڌ الياس (نيڪ مرد) جو ڪڙتو بڻجي (محترم ٿي)، ۽ ٻيو اڌ ايڏو حقير ٿئي جو ان مان يهودي کي ڪفن ملي.

  احمد شاهه ابدالي، سدوزئي قبيلي سان تعلق ٿي رکيو. احمد شاهه جو والد زمان خان ڪن سياسي ڳالهين جي سبب ترڪ وطن ڪري، ملتان ۾ اچي رهيو، جتي هي اولي العزم شخص پيدا ٿيو. سنه 1735ع ۾ سندس والد هرات موٽي ويو. جتي احمد شاهه نادر شاهه جي فوج ۾ ملازم ٿيو. هن اتي پنهنجي ڪارگذارين کان نادر شاهه کي راضي ڪيو. سنه 1748ع ۾ نادر شاهه جي قتل بعد، افغانين کيس پنهنجو بادشاهه بڻايو، ۽ سندس مرشد صابر شاهه کيس دراني جو لقب ڏنو. هي پهريون بادشاهه هو، جنهن افغانستان ۾ پهرين قومي حڪومت قائم ڪئي. هرات جي فتح کان پوءِ، سندس حڪومت پڪي پايه تي پهچي وئي. احمد شاهه ان بعد هندستان تي لشڪر ڪشيءَ جو سامان ڪيو. هندستان تي هن جمله ست حملا ڪيا. جن مان پنجون حملو گهڻو مشهور آهي. مرهٽا ان وقت سڄي هندستان تي ڇائنجي ويا هئا. هو طاقت جي زور تي لاهور تي چڙهي آيا، جو احمد شاهه جي تابعداري ۾ هو. احمد شاهه مرهٽن کي سزا ڏيڻ لاءِ هندستان تي چڙهي آيو. مرهٽا به پنهنجي سڄي طاقت سان سندس مقابلي ۾ آيا. پاڻي پٽ جي ميدان تي، سنه 1761ع ۾، هي مشهور لڙائي لڳي. جنهن ۾ ٻنهي ڌرين خوب دل کولي مقابلو ڪيو. ابدالي کي هن لڙائي ۾ فتح حاصل ٿي ۽  مرهٽن کي ايڏي ته شڪست آئي، جو هو وري اسري نه سگهيا. هندستان ۾ جي لڙايون وڙهيون ويون آهن، انهن سڀني مان هن کي امتياز حاصل آهي. ابدالي پوءِ به هندستان ۾ آيو ۽ ويو ٿي. سکن جي هن بنياد کي پٽي ڇڏيو، مگر افسوس جو هندستان جا مسلمان، تنزل جي مقام کان اڀري نه سگهيا. سنه 1772ع ۾ هن اقبالمند بادشاهه وفات ڪئي.

(1) عيار کان مطلب آهي بچه سقه، جنهن سنه 1929ع ۾ امير امان الله جي دور ۾ بغاوت ڪئي. هن بغاوت تي نادر خان قبضو ڪري افغانن کي خانه جنگي کان بچائي ورتو ۽ پوءِ حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ورتيون.

(1) شاعر افغان شناس کان مطلب آهي، پشتو شاعر خوشحال خان خٽڪ. هي مشهور شاعر سنه 1613ع ۾ اڪوڙه خٽڪ ضلع پشاور ۾ پيدا ٿيو. سنه 1042 هجري ۾ هن پنهنجي شاعري جو آغاز ڪيو. جلد ئي هن کي شهرت حاصل ٿي وئي. سنه 1050 هجري ۾ پنهنجي پيءُ شهباز خان جي وفات کان پوءِ پنهنجي قبيلي جو سردار بڻيو، ۽ سنه 1052هجري ۾ هو دارا شڪوه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اورنگزيب جي حڪومت جي زماني ۾، هن مغل حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي، جنهن ڪري، ڪابل جي گورنر سيد امير خان کيس گرفتار ڪري لاهور موڪليو، جتان دهلي پهچايو ويو. شاهي حڪم موجب کيس گواليار جي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو. سنه 1077ع هجري ۾ محمد امين خان جي سفارش تي، اورنگزيب کيس قيد کان آزاد ڪيو، ۽ هو پنهنجي وطن موٽي ويو. جتي باقي حياتي مغل حڪومت جو باغي ٿي گذاريائين. هن افغانن جي آزادي لاءِ بيحد ڪوشش ڪئي، پر افسوس جو هو بيدار نه ٿيا. هن مشهور شاعر ۽ سياستدان سنه 1689ع ۾ وفات ڪئي. سندس وڏي نياڻي بي بي حليمـــﮧ به شاعره ٿي گذري آهي.

علت- بيماري، مرض

  نادري- نادر شاهه شهيد، افغانستان جو امير

پهلو- رضا شاهه پهلوي

دران- دراني

غم هيو... ڪوهسارن کان لٿو- هي بچه سقا جي بغاوت ڏانهن اشارو

حرير- پٽ

سلطان شهيد- فتح علي سلطان ٽيپو، هندستان جو اهو عظيم مجاهد هو. جنهن فرنگي حڪومت سان ٽڪر کائيندي پنهنجي جان ڏني. هي مجاهد سنه 1751ع ۾ پيدا ٿيو. سورهن ورهين جي عمر ۾ سلطان حيدر علي، کيس مرهٽن جي مقابلي ۾ سپـــﮧ سالار ڪري موڪليو. پيءُ جي وفات کان ميسور جي سلطنت خداداد جو وارث بڻيو. انگريزن سان مقابلو کائيندي هن بيلي، برٿ ويٽ ۽ ميڊوز جهڙن فرنگي شاطرن کي شڪستون ڏنيون. پر قدرت جئن ته سندس قسمت ۾ شهادت لکي هئي، انڪري پورنيا ۽ مير صادق جهڙن غدارن جي باعث سنه 1799ع ۾ انگريزي فوج سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. سندس شهادت جو ذڪر هئن اچي ٿو: انگريزن شروع کان وٺي سمجهيو ٿي ته سلطان ٽيپو جي موجودگي ۾، سندن قبضو هندستان تي مستحڪم ٿي نه سگهندو. ان ڪري هنن پنهنجي سموري طاقت سان هن مجاهد جي خاتمي آڻڻ لاءِ سازش ڪئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني نئين گورنر جنرل ويلسلي کي هدايتون ڏئي موڪليو ته ڪئن به سلطان جي اقتدار جو خاتمو ڪيو وڃي. ويلسلي هندستان ايندي ئي، مرهٽن ۽ نظام کي پاڻ سان ملائي ورتو. خوش قسمتي سان ويلسلي کي مير صادق جهڙو غدار هٿ اچي ويو. 3 فيبروري 1799ع ۾ جنرل هريس، ميسور تي چڙهائي ڪئي. سرنگا پٽم کي چوڌاري گهيري ۾ آندو ويو. سلطان شير وانگر دشمن تي جهپٽيو. مگر سندس پنهنجن ماڻهن ئي ساڻس دغا ڪئي. هي شير بهادريءَ سان وڙهندي، ميدان جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. سندس شهادت کانپوءِ واقعي، انگريزن لاءِ هندستان جي فتح جو دروازو کلي پيو. ان بعد مرهٽن ۽ نظام جو،  جو حشر ٿيو، ان کان تاريخ جو طالب علم ناواقف نه آهي.

  مولائي ڪل- حضور سرور ڪائنات صلي الله عليـــﮧ وسلم ڏانهن اشارو.

  ڪاويري- ميسور جي ندي

جيحون- ترڪستان جي ندي

شهر هو- سرنگا پٽم

حضر- منزل

  خس و خاشاڪ- ڪک ۽ مٽي

نخيل- کجور

تير خور- تير کائيندڙ

عرض- ويڪر

طول- ڊيگهه

ڪيش- دين

ميش-رڍ

نيرنگ- جادو

سيميا- اهو علم، جنهن کان روح هڪ جسم کان ٻي ۾ وڃي

پر- نمونو

  دام و دد- مڪر ۽ فريب

شوق جو جنهن حرف چيو اقوام کي- يعني حضور ڪائنات ٻي مصرع ۾ اشارو آهي. حديث ”الجهاد رهبانيـــﮧ الاسلام“ ڏانهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org