تهميد
ويهين
صدي
عيسوي
جي
ادبي
ڪارنامن ۾، علامه محمد اقبال
رحمة
الله
جي تنصيف ”جاويد نامه“ هڪ غير فاني ادبي ڪارنامو
آهي. دماغي قوت ۽
روحاني
ڪيف
جي
لاءِ،
هي
ڪتاب هڪ جامع حقيقت
آهي.
مولانا
اسلم
جيراج
پوري
لکي
ٿو
:(1)
”اسان
ٻڌندا
هئاسون
ته
فارسي
سکڻ
بعد
فقط
چار
عمدا
ڪتاب
پڙهڻ ۾
ملن
ٿا، جي
آهن، شاهنامه،
فردوسي،
مثنوي
مولانا
روم،
گلستان
سعدي
۽
ديوان
حافظ .
هن
نڪته
نگاهه
کان جاويد نامه کي هاڻي
پنجون ڪتاب
شمار
ڪرڻ
گهرجي.
هي
پنهنجي
معنويت
۽
افاديت جي
سبب، فارسي ادب ۾
منفرد
حيثيت
رکي
ٿو.
هن
ڪتاب جي سڄي
تعليم آيات
الاهي جي
روشني ۾
ڏيکاري وئي
آهي.“
مولانا
جي
تبصري
۾
ڪوبه
مبالغو
نه
آهي. جاويد نامه
جيئن ته هڪ
تخليقي
معراج
نامه
آهي، اهڙي ريت
منجهس انساني
حيات
جا
اسرار
۽
رموز
سمايل
آهن.
هي
ڪتاب ان
دور ۾
لکيو
ويو،
جڏهن
مسلمان
قوم
جا
تعليمي
افراد
پنهنجي روايتي تن آساني جي باعث،
زندگي جي
نشيب ۽
فراز
کان
بلڪل بي
پرواهه
بڻجي چڪا
هئا.
مغربي
تعليم
ته
اسان جي
علمي مذاق
کي
ايڏو پست ڪري ڇڏيو هو، جو ڪائنات
۽
حيات جي
مسئلن تي غور ڪرڻ هڪ
عظيم بار
پئي
معلوم
ٿيو، ۽
هيءَ
ساڳي
ڪيفيت
هن
وقت
به
موجود
آهي.
اهڙي
وقت
۾،
جاويد
نامه
هڪ
پيغمبرانه
حيثيت
سان
وجود
۾
آيو.
سنه1928
ع
۾،
علامه
جڏهن
”خطبات مدارس“ جي
ترتيب کان فارغ
ٿيو،
تڏهن هن
پنهنجي ذهن ۾
هڪ
نئين
تصنيف
جو
خاڪو
مرتب
ڪيو،
جنهن
اڳتي
هلي
جاويد
نامه
جي
صورت
ورتي.
چئن
سالن
جي
غور
۽
فڪر
کانپوءِ، هي ڪتاب
سنه1931
ع ۾
تڪميل
تي
پهتو.
هن
ڪتاب جي
تخليق ۾، ان
دور جي
شڪست ۽
ريخت
کي
گهڻو
دخل
آهي.
جئن
ته:
1-
مذهب
۽
اخلاق کان دور ٿي، اهل سياست، سياست جي
نظريه کي
مذهب جو نعم البدل
سمجهڻ لڳا.
2 -
پهرين
مهاڀاري لڙائي جي
هولناڪين ۽
تباهين
کانپوءِ،
مغرب ۽
مشرق
جي
رهندڙن
جي
دماغن
۾
هيءُ
سوال
پيدا
ٿيا،
ته هن وحشانيت ۽
بربريت
جو
اصل
ڇا
آهي؟
انسان
پنهنجي
بلندين
کان لهي حيوان
ڇو
بڻجي ويو
آهي؟ انسايت
ڇو
بيراهه
روي
ڏي
وڃي
رهي
آهي،
۽
ان
جو
علاج
ڇا
آهي؟
3 -
روس
۽
اشتراڪيت جي تحريڪ، لادينيت جو ڪارڻ
بڻجي پئي
هئي، اهڙي حالت ۾
معاشي
بدحالي
جي
دفاع
کي
سمجهڻ
جي
ضرورت
هئي.
جاويد نامه اهڙي ماحول ۽
انسانيت جي تحفظ لاءِ، ايشيا
جي
عظيم
مفڪر
تخليق
ڪيو،
جنهن جي هر شعر مان
مضطرب
۽
پريشان
انسان جي حقيقي مقام
جو نقش اسان
جي اکين جي سامهون اچي ٿو وڃي، ۽
هيءَ
حقيقت
واضح
ٿيو وڃي:
شعر
جو
مقصد
آ،
گر
آدم
گري
شاعري آ، وارث
پيغمبري
علامه اقبال
هن
پنهنجي
تصنيف
تي
جاويد
نامه
جو
نالو
ڇو
رکيو، ان
لاءِ
به
ڪي
اسباب هئا.
انهيءَ ۾
ڪو
شڪ
نه
آهي،
ته
سندس
هي
تصنيف
ٻين
تصنيفن
۾
امتيازي
درجو رکي ٿي،
جيئن اسان
ڏسون
ٿا:
1 -
اسرار ۽
رموز
۾
سندس
پيغام
آهي.
2- پيغام
مشرق ۾،
مغربي حڪيمن جي افڪار
تي
تنقيد
سان
گڏ،
مشرف
جو
صالح
پيغام
به
آهي.
3-
زبور
عجم
۾،
غزلن
جي
صورت
۾
انساني حيات
جي اسرار
کي
ظاهر
ڪيو
ويو
آهي.
مثنوي
”گلشن
راز
جديد“
وحدت
الوجود
جي
نظريه
جو
هڪ
نئون
تفسير
آهي.
4-
مسافر ۾
افغانستان
جي سير جا
تاثر
آهن.
5-
پس
چه بايد کرد ۾،
مسلمانن کي عشق ۽
محبت
جو
پيغام
ڏنو
ويو
آهي.
6- ار مغان حجاز ۾
اسلامي
تعليم جو حقيقي روح
ڏنو
ويو
آهي، ۽
سڄو
ئي
ڪتاب حڪمت جي
نڪتن سان
معمور
آهي. اگرچه هي تصنيف
پنهنجي رنگ ۾
يڪتا
آهي،
پر
جاويد
نامه
جو
رنگ
ڪو
ٻيو
آهي.
هيءَ
هڪ
طويل
تمثيلي
نظم
آهي،
جنهن
۾
آسمانن
۽
آسمانن
کان هن پار
جو
تخليقي سير ڏنو ويو
آهي.
فلسفيانه نظم هئڻ جي باوجود
منجهس ادبي لطافتون، ڪلام
جي
رنگيني،
پختگي ۽
رواني
موجود
آهي.
ڪتاب تي جاويد نامه جي نالي رکڻ جو هڪ اهو به سبب هو، ته هي ڪتاب
هڪ غير فاني تصنيف
آهي، جئن پاڻ
اقبال
فرمائي
ٿو:
جو
چيم،
انجو
جهان
آهي
ٻيو
هن
لکڻ
جو
آسمان
آهي
ٻيو
هن
پيغمبرانه
تصنيف
جي
مقبوليت
لاءِ
دعا ٿو
گهري:
حرف جوائن تي
سندم آسان
ڪرين
تار کي تن لاءِ
تانگهي
جان
ڪرين
جئن
ته
علامه
کي
علوم
حاضره
جي
روشنيءَ
۾،
معراج
جي
شرح
لاءِ هڪ
جديد
معراج
نامه
لکڻ جو ارادو هو، انڪري هو، هن
آسماني ڊرامي تي لکڻ لاءِ
غور ۽
فڪر
ڪري
رهيو
هو.
اتفاقاً
ان
وقت
۾،
اٽلي
جي
مشهور
شاعر
ڊانٽي جي
مشهور تصنيف
”ڊوائين ڪاميڊي“ تي، ڪي اهم
تنقيدون
يورپ ۾
شايع
ٿيون،
جن
۾
هن
حقيقت
تي
بحث
ڪيو
ويو
هو،
ته
ڊوائين ڪاميڊي جي سڄي
ترتيب
”معراج
محمديه“
جي
مرهون منت
آهي. علامه
”ڊوائين ڪاميڊي“ جي طرح
هڪ
ڪتاب
جي
تصنيف
جو
بار
پنهنجي
ڪلهن
تي
ورتو،
۽
تصنيف
جو
نالو
”جاويد نامه“
رکيو. اگرچه ڊوائين ڪاميڊي ۽
جاويد
نامه
هم
معنيٰ
لفظ
نه
آهن،
پر
معنوي
طرح
ٻنهي
نالن
۾
مناسبت
آهي.
”جاويد نامه“ جي نالي لاءِ
ٽيون
سبب
آهي، علامه جي
فرزند جاويد اقبال
جو
نالو.
جيڪڏهن
هن
حقيقت
تي
نظر
ڪجي،
ته
پوءِ
”جاويد نامه“ هن ڪتاب
جو اهو حصو
ٿي
سگهي ٿو، جو آخر ۾
”خطاب به جاويد“ جي
عنوان
سان
اچي
ٿو.
بهرحال
هي
ٽي
مکيه
سبب
آهن،
جن
جي
ماتحت ڪتاب
جو نالو
”جاويد نامه“
رکيو ويو
”نيرنگ خيال“ جي اقبال
نمبر
۾،
هڪ
مضمون
چوڌري
جي
نالي
سان
”جاويد نامه“ تي شايع ٿيو هو،
جنهن جي بابت چيو وڃي
ٿو،
ته اهو علامه محمد اقبال
رحمة
الله
عليھ
جي
تحريڪ
سان
لکيو
ويو
هو.
ان
۾
به
گهٽ
وڌ
اهي
ئي
سبب
ڄاڻايا
ويا
آهن،
جي
مون
مٿي
بيان
ڪيا
آهن. جئن ته
مٿيون
مضمون خود علامه جي ارشاد
سان
لکيو
ويو
هو،
ان
ڪري
مان
ان
مان
استفاده ڪرڻ جي وشش
ڪندس .(1)
ڊانٽي(1)
جي
”ڊوائين ڪاميڊي“ شاعر جي موت کانپوءِ ايترو ته
مشهور ٿي
وئي، جو
مغرب ۾
سندس
هي
ڪتاب
”نئين اصلاحي
دور“ جو محرڪ ثابت
ٿيو. حقيقت ۾
هن
ڪتاب جو سڄو
تخيل، اندلس جي اسلامي
تعليم
جو
نتيجو هو. اسلاميات
۾
معراج
جو
ذڪر
۽
خود
صوفين
جي
عروج
۽
نزول
جو
نظريه،
قرطبه
جي
اسلامي
يونيورسٽي جي
عيسائيت طالب
علمن تائين
پهچي چڪو هو، ڊانٽي ان
کان
متاثر
ٿو
نظر
اچي.
هن
تخليقي
معراج
کي،
پهريائين
محي
الدين
ابن
عربي(1)
جنهن کي شيخ اڪبر جو لقب حاصل
آهي،
پنهنجي
مشهور تصنيف
”فتوحات
مڪيه“
پيش
ڪئي. هي ڪتاب
جدا
جدا
بابن
۾
تقسيم
ٿيل
آهي،
جن
۾
شيخ
پنهنجي
مڪاشفن
کي
قلمبند
ڪيو
آهي.
ان
بعد
عربي
زبان
جي
مشهور
شاعر
ابوالعلا
معري(2) ساڳي
تخيل ۾
پنهنجي
تصنيف
”الغفران“ پيش
ڪئي.
ميڊرڊ
يونيورسٽي جو
مشهور
پروفيسر
آسن،
پنهنجي تصنيف ”اسلام
ائنڊ
ڊوائين ڪاميڊي“ ۾
لکي
ٿو:
”جڏهن
ڊانٽي اليگاري،
هن حيرت انگيز نظم جو تصور
پنهنجي ذهن ۾
آندو،
ان
کان گهٽ ۾
گهٽ
6
سئو سال
اڳ، اسلام
۾
هڪ
مذهبي
روايت
موجود
هئي،
جا
حضرت محمدﷺ جي
آسماني سياحتن جي
متعلق
هئي.
آهستي
آهستي اٺين صدي کان
وٺي،
تيرهين صدي تائين
مسلمان
محدثين،
مفسرين،
حڪيمن، صوفين ۽
شاعرن
سڀني
گڏجي،
هن
روايت
کي هڪ
مذهبي ۽
تاريخي
حڪايت جو لباس
پهرايو
آهي.
ڪڏهن
ڪڏهن هي روايتون،
معراج
جي شرح
۾
بيان
ڪيون
وڃن
ٿيون،
۽
ڪڏهن
راوين
جي
پنهنجي
واردات جي صورت ۾” انهن
سڀني روايتن کي
جيڪڏهن هڪ جاءِ
تي رکي
”ڊوائين ڪاميڊي“ سان
مقابلو
ڪبو
ته
گهڻي
يڪسانيت نظر ايندي، بلڪ
ڪيترين جاين تي
بهشت ۽
دوزخ
جا
عام خاڪا،
انهن جون
منزلون ۽
درجا،
سزا
۽
جزا
جو
ذڪر،
نظارن
جو
مشاهدو،
ماڻهن
جي
چرپر
جو
انداز، سفر جون حالتون ۽
ٻين
اشارن ۾
هڪ
جهڙائي
نظر
ايندي.“
پروفيسر
آسن
معراج
جي
حديثن
کي
ٽن
زمانن
۾
ورهائي،
هر
زماني
جي
روايت
جي
تفصيلي
اختلاف کي،
معراج
جي قصي
جي ارتقا
جو
سبب ٿو
ٻڌائي، پر
هيئن به چوي ٿو ته آنحضرت صلعم کان اڳ
ڪن
پيغمبرن
جي
معراج
بابت
روايتون
موجود
آهن،
جيئن ارداويراف
جي
ايراني
بهشت جو
سير، جو هڪ
قديم افسانو
آهي. پر هنن روايتن جي
موجودگيءَ ۾
حضور
صلعم
جي
معراج
جي
روايت
کي
ڪامل شمار
ڪري،
چوي ٿو:
”هنن
سياحتن
۽
معراجن
۾،
ڪابه روايت ايتري واضح،
مڪمل ۽
وسيع
نه
آهي،
جيتري
اسلامي روايت
پنهنجي ادب ۾. هن کانسواءِ
اسلامي روايت هر جاهل ۽
عالم
مسلمان
جي
ايمان جو جزو
آهي. اڄ
به سڄي اسلامي
دنيا
۾،
معراج
نبوي
جو
ڏينهن،
مذهبي
تعطيل
شمار
ٿئي
ٿو.
هن
حقيقت
کان صاف
ظاهر
آهي ته
پيغمبر اسلام
جي
معراج
جي
واقعي
۾،
مسلمانن
جو
عقيدو
ڪيڏو
نه
پختو
آهي.“
هن
حقيقت
۾
ڪو به
مبالغو
نه
آهي،
ته
مختلف
زبانن
جي
”مسلمانن جي ادب“ ۾
معراج
نامه
هر
هنڌ
موجود
آهي.
معراج
جي
مسئلي
تي،
اڄ
به
هي
بحث
ٿيندو
رهي
ٿو،
ته
ڇا
حضور
جو
معراج
روحاني
هو يا
جسماني؟
معراج جو
مذهبي، ۽
علمي
حصو
ته
اهو
آهي،
جنهن
کي
اسان
تجلي ذات
جو مشاهدو ٿا
چئون،
جو آنحضرتﷺ کي حاصل
ٿيو.
ان
جو ٻيو
پهلو
هيءُ
آهي،
جنهن کي صوفيانه
حصو
چئجي ته به برابر
ٿيندو، ته جدا
جدا
صوفين
مختلف
رنگن
۾،
تجلي
ذات
جي
مشاهدي
جو
ذڪر
ڪيو
آهي.
تصوف
جو
اصل
مقصد
آهي،
ذات
بار
ي
جي
حاصل
ڪرڻ
جي
ڪوشش،
جي
ماڻهو هن
ڪوشش
۾
ڪامياب
ٿيا،
انهن
ڪڏهن
ڪڏهن
هن
مقصد
جي
حصول
کي
معراج
سان
تعبير
ڪيو
آهي
.عظيم
صوفين
۾،
حضرت
يايزيد
بسطامي
۽
حضرت
محي
الدين
عربي،
جو
معراج
عام
طور
مشهور
آهي.
معراج جي
سلسلي ۾
سنڌ
جي
عظيم
صوفين
مان
سلطان
اوليا
مخدوم محمد زمان
۽
سندس
مريد شيخ
عبدالرحيم
گروهڙي
جو هڪ واقعو
گهڻو
مشهور آهي:
”روايت آهي ته شيخ
عبدالرحيم
گروهڙي،
هڪ
ڀيري
پنهنجي ڳوٺ جي
مسجد ۾
هيو
ته
اتان هڪ شخص
اچي
گذريو،
جو
سلطان
الاوليا
جي
مريدن
مان
هو،
۽
پنهنجي
مرشد
جي
زيارت
لاءِ
لنواري
ٿي
ويو.
شيخ
گروهڙي
کيس
سڏي،
مخدوم
صاحب
لاءِ
پيغام
ڏنو
ته
”صوفين جي
دعويٰ آهي ته هو
تجلي ذات
جو نظارو
ڪندا
رهن
ٿا.
هوڏانهن
معراج
اسان جي
رسول
ڪريم صلعم لاءِ
مخصوص
هيو.
اهڙي
حالت
۾
صوفين
جي
دعويٰ
تي
ڪيئن
اعتبار ٿي
سگهي
ٿو.“
مريد هي
پيغام
کڻي
مرشد جي
خدمت ۾
پهتو،
۽
حرف
بحرف
مرشد
جي
خدمت
۾
عرض
گذاريائين.
سلطان
الاوليا،
پيغام
کي
ٻڌي
فرمايو
ته
پيغام
ڏيندڙ
کي
ٻڌائجانءِ ته
جڏهن بادشاهه
ڪنهن
درياهه
تان
گذرندا
آهن
ته
پل
ٻڌائي
ويندي
آهي،
جڏهن هو اتان
گذري
ويندا
آهن
ته عام
خاص
ان پل کان پيو
گذرندو
آهي.“
(1)
مٿئين روايت مان
خبر پوي ٿي ته صوفين وٽ
معراج
جي روايت
ڪيڏي نه اهميت
رکندڙ
آهي.
عظيم صوفين مان
حضرت بايزيد جي
عروج جون
ڪيفيتون ته
قلمبند ٿي نه
سگهيون، مگر شيخ اڪبر حضرت ابن
عربي،
”فتوحات
مڪيه“
۾
پنهنجي
معراج
جي
ڪيفيتن
کي
نمايان طرح
قلمبند
ڪيو
آهي. هن
پنهنجي
آسماني سياحت
۾
ٻن
شخصن
کي
رفيق
سفر
۽
رهنما
بڻايو
آهي. جن مان
هڪ
فلسفي
آهي، ۽
ٻيو
دين
جو
عالم.
سندن
زباني
دنيا
جي
علوم
۽
فنون
تي
بحث
۽
نتيجا
بيان ڪيا
اٿس.
اهي سڀ مباحثا،
تصورانه
نه
آهن، پر
سندس واردات
قلبي
آهن.
عرفاني
هئڻ
سان
گڏ
هي
مڪاشفا
زياده تر
مذهبي
آهن. هڪ مڪاشفه ۾
فرمائي
ٿو
ته
(1)
”اولياءِ
الله تي به وحي
نازل
ٿيندو
آهي. ان
جي وحي
جا
مختلف
طريقا
ٿيا
آهن.
ڪڏهن هو خيال
۾
ته
ڪڏهن دل ۾
ان
کي
لهي
ٿو.
ڪڏهن
ته
کيس
لکيل
عبارت
ميسر
ٿئي
ٿي.
ان
جا
گهڻا
ئي مثال
ملن ٿا. مثال
طور، حضرت ابوعبدالله
نصيب
البان
۽
امام احمد جي شاگرد نقي ابن محامد کي ڪتابت جي
رستي ملڪ الالهام
وحي
پهچائندو
هو،
جڏهن
هو
ننڊ
مان
جاڳندا
هئا
ته
ڪجهه
ڪاعذ
تي
لکيل
ڏسندا
هئا.“
هن
کان انڪار
ٿي
نه
ٿو
سگهي
ته
فتوحات
مڪيه
۾،
جي
منزلون،
نظارا
۽
واقعا،
ڪيفيتون ۽
مشاهدا
اچن ٿا، سي
گهڻو ڪري
معراج
جي مطابق
آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڊوائين ڪاميڊي کي
فتوحات
مڪه جو استفاده
چئجي ٿو.
معراج جو هڪ حصو
خالص
ادبي
۽
فني
آهي.
جنهن
جو
مثال
اسان کي ابوالعلا
معري
جي
تصنيف
”الغفران“ ۾
ملي
ٿو.
هي
رسالو
ان
نابينا
شاعر
پنهنجي هڪ
دوست شاعر ابوالقارح
حلبي
جي
هڪ
خط
جي
جواب
۾
لکيو
هو.
ابوالقارح
اگرچه
مقري جو مداح
هو،
پر
ان
هوندي
به
مٿس
طنز
ڪئي
هئائين،
ته
انهن
شاعرن
۽
اديبن
جي
مٿان
عتاب
الاهي
آهي، جن گناهه جي
زندگي گذاري
آهي. ان
جي جواب
۾
معري،
پنهنجي
تصنيف
”الغفران“ ۾
بهشت
۽
دوزخ
جو
سير
ڏيکاريو
آهي، جو خالص
ادبي
آهي. هن
ڪيترن شاعرن ۽
اديبن
کي
ڏيکاريو آهي ته
ڪيئن نه هو خداوند تعاليٰ جي
وسعت رحمت ۾
وڃي
داخل
ٿيا
آهن.
پروفيسر آسن جو خيال
آهي، ته
ڊيوائين ڪاميڊي جون ڪي خوبيون الغفران جون مرهون
منت آهن.(1)
اهڙي ريت شهر زوري جو هڪ قصيدو، سفر روح جي متعلق آهي، جنهن کي
ابن خلڪان نقل ڪيو آهي. ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو
ويسٽن فيلڊ(2) ڪيو آهي. هن کان انڪار ٿي نه ٿو سگهي ته اسلامي شعرا پنهنجي
تصنيفات ۾، هميشه حمد ۽ نعت سان گڏ معراج جو باب
لکندا رهيا آهن. هن لاءِ نظامي، خسرو، سعدي ۽ جامي
جون تصنيفون شاهد آهن.
ڊانٽي پنهنجي محبوبھ جي وفات تي (سنه 1290ع) ”حيات نو“ نالي
ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي محبت جي داستان
کي بنا ڪنهن به پس و پيش جي درج ڪيو آهي. ان ڪتاب
جي منڍ ۾ لکي ٿو ته:
”بيٽرس فرشتن سان رهڻ لاءِ بهشت ۾ هلي وئي، جيڪڏهن خدا مون کي
توفيق ڏني، ته مان ان جي نالي کي غير فاني رکڻ
لاءِ اهڙي نظم لکندس، جنهن جهڙي اڄ تائين ڪنهن ٻي
شاعر پنهنجي محبوبھ جي ياد ۾ نه لکي آهي.“
ڊانٽي ان جذبي جي هيٺ، پنهنجي تصنيف ڊيوائين ڪاميڊي دنيا کي
ڏني. مگر ”فتوحات مڪيه“ جو ڪتاب ڪنهن به اهڙي جذبي
هيٺ نه لکيو ويو هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته
شيخ اڪبر جي سڄي تصنيف حال آهي ۽ ڊوائين ڪاميڊي ۽
جاويد نامه قال آهي. ان ڪري هنن ٽن ڪتابن جو پاڻ ۾
موازانه ادبي پهلو کان سواءِ ٻيو ٿي نٿو سگهي.
انهيءَ کان اڳي جو مان ڊوائين ڪاميڊي ۽ جاويد نامه
جو موازانه لکان، هي ضروري آهي، ته ڊوائين ڪاميڊي
جي خصوصيتن کي قلمبند ڪريان.
ڊانٽي پاڻ پنهنجي تصنيف جو نالو ڪاميڊيا (طربيھ) رکيو. مگر
سورهين صدي عيسوي ۾، سندس قدردانن عزت کان ڊوائين
(خدائي) جو لفظ وڌايو. ڊانٽي جي هي تصنيف سندس
خوشحالي جي يادگار نه آهي، پر ان زماني جي تحرير
آهي، جڏهن هو پنهنجي محبوبه کي وڃائي چڪو هو، ۽
سندس ياد ۾ سندس هر گهڙي روحاني عذاب بڻجي چڪي
هئي.
ڪنڌ وهاڻو ڀنو، هريو هٿ ٿيوم
سڄڻ ياد پيوم، جاڙ جيئان ٿي جيڏيون
ڪيڏي نه افسرده حياتي هئي. ان کانسواءِ، تنگدستي ۽ جلاوطني،
سندس سڪون ۽ اطمينان قلب کي پاش پاش ڪري ڇڏيو هو.
اهڙي ماحول ۾، هن جو بيٽرس سان عهد ڪيو هو، ان کي
وفا ڪيو. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڊوائين ڪاميڊي،
بيٽرس کي زنده جاويد ڪري ڇڏيو. مان مٿي بحث ڪري
آيو آهيان، ته ڊانٽي جنهن وقت هيءَ زنده جاويد
تصنيف لکي رهيو هو، ان وقت عربي مفڪرن ۽ شاعرن جو
اثر يورپ ۾ پکڙجي چڪو هو. صوفين جي مجاز جو نظريه
ته انساني جمال ۾، خود شاهد حقيقي جو جمال موجود
آهي، ڊانٽي تائين ضرور پهچي چڪو هو، ورنه هو بيٽرس
کي ڪنهن به ريت مظهر حق نه سمجهي ها. اسان ڏسون ٿا
ته ان وقت مغرب جي وڏي ۾ وڏي فسلفي ٽامس ايڪو نياس
تي ابن رشد ۽ ابن سينيا جو اثر موجود هو. اهڙي ريت
ڊانٽي جو معراج جي روايتن ۽ خود ان روايتن تي لکيل
ڪتابن کان آگاهه ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي.
ڊوائين ڪاميڊي جا ٽي حصه آهن- دوزخ، اعراف ۽ بهشت. فتوحات مڪيه
۾ شيخ اڪبر جهڙيءَ ريت ٻه رهنما ورتا آهن، اهڙيءَ
ريت ڊانٽي به آسماني سياحت لاءِ ٻه رهنما ورتا
آهن. هڪ ورجل جو روم جي شهنشاهه آگسٽس (اغسطوس) جي
در جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، ۽ سندس تصنيف
اينيئيڊلئٽن زبان جو شاهڪار آهي. هو دوزخ ۽ اعراف
۾ ڊانٽي جي رهنمائي ڪري ٿو. بهشت ۾ سندس رهنما
سندس محبوبھ بيٽرس آهي. ڊانٽي پنهنجي نظم جي
ابتدا، هئن ٿو ڪري:
”اسانجي فاني زندگي جي درمياني راهه ۾،
مون کي هڪ اداس جهنگل مان گذرڻو پيو،
جنهن ۾ پنهنجو رستو وڃائي اوجهڙ وڃي پيس.“
هن اوجهڙ رستي ۾، کيس شينهن ۽ بگهڙ، جبل تي چڙهڻ کان روڪين ٿا.
شاعر انهن جي هيبت کان پنهنجو هوش ۽ حواس وڃائي
پريشان ٿي وڃي ٿو. ايتري ۾ هڪ روح سندس مدد لاءِ
پيدا ٿئي ٿو، جنهن جو ذڪر پنهنجي تصنيف ۾ هئن ٿو
ڪري:
”هاڻي انسان نه، پر ڪڏهن انسان هوس. مان لمبارڊ ۽ مينوٽانس جي
گڏيل ڪٽنب مان آهيان. جڏهن اڃا جيولس جي طاقت
پختگي حاصل نه ڪئي هئي، مان ڄائو هوس. منهنجي
حياتي روم ۾ آگسٽس جي دور ۾ گذري. جڏهن افسانوي
ديوين ۽ ديوتائن جو زمانو هو، مان هڪ شاعر هوس، ۽
فرمانبردار فرزند ائنڪسين جي مضمون تي ڳايم، جو
ٽراءِ مان آيو هو، جڏهن ان جي عظيم برجن کي شعلن
چوڌاري ويڙهي ورتو هو.“
ڊانٽي کيس جواب ٿو ڏئي ته تڏهن تون ته ورجل آهين. ان بعد ورجل
کيس چوي ٿو ته عالم علوي جي سير لاءِ، جو رستو وڃي
ٿو، اهو دوزخ جي درميان آهي. ڊانٽي دوزخ جو نالو
ٻڌي ڊڄي ٿو وڃي. مگر ورجل کيس چوي ٿو ته ”ڊڄ نه،
مان تنهنجي رهنمائي ڪندس. مون کانسواءِ بيٽرس جو
روح به تنهنجي رهبري ڪندو. هن ئي مون کي تو وٽ
موڪليو آهي.“ هن تسلي کانپوءِ، ڊانٽي ساڻس گڏجي
اڳتي وڌي ٿو. دوزخ جي دروازي کان داخل ٿي، ان جي
ٻاهرين طبقي ۾ ٻئي پهچن ٿا، جتي اهي گنهگار کين
ملن ٿا، جن خدا جي هستيءَ جو نه اقرار ڪيو هو نه
انڪار، نه گناهه ڪيو هو نه ثواب. ان بعد دوزخ جي
پنجن درياهن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. جن کي هو
ٻيڙيءَ رستي عبور ڪري، پار پهچن ٿا. هن جاءِ کان
دوزخ جو پهريون طبقو شروع ٿئي ٿو. جتي اهي ماڻهو
ٿي رهيا، جي حضرت عيسى کان اڳ ٿي گذريا هئا. هو
دانهون ڪري رهيا هئا ته سندن پيدايش حضرت عيسى کان
اڳ ڇو ٿي. هن طبقي کان پوءِ جهنم جو ٻيو طبقو اچي
ٿو، جنهن ۾ کيس نامراد عاشقن جا روح ملن ٿا، ڊانٽي
خاص طرح پيئولا ۽ فرينسسڪاپن اٽلي جي نامراد عاشق
۽ محبوب جو ذڪر ٿو ڪري. اهو ذڪر ايڏو ته دلگداز
پيرايه ۾ ٿو ڪري، جو ان جي پڙهندي عبرت ۽ حيرت ٿي
لڳي. جهنم جي هن طبقي ۾ ڪنجوس، شرابي، ٻين جو مال
غصب ڪندڙ، گمراهه، ظالم ۽ ديول جا منڪر ۽ شاعر
رهندڙ ٿو ڏيکاري.
هن طبقي کانپوءِ جهنم جي دارالحڪومت ”ليوسيفر“ جون ڪنگرن واريون
عمارتون کين نظر اچن ٿيون. هتي وڏن ڏوهن جي
ڏوهارين کي سزائون ٿي مليون، جئن ته خوني وغيره.
ليوسيفر جي شهر جي ٻاهران هڪ باهه جو دريا ٿي ڏٺو،
جنهن جي وارياسي ميدان ۾، خونين، خودڪشي ڪندڙن ۽
سودخورن کي سزائون ٿي مليون. اهڙي ريت ورجل ۽
ڊانٽي، دوزخ جدا جدا جدا طبقن(1)
کان ٿيندا ان جي آخري طبقي ۾ پهچن ٿا، جتي رياڪار
عالم، نجومي، عيار، ڦورو، غدار ۽ احسان فراموش کين
نظر اچن ٿا. دوزخ کان نڪري کين وري روشني نظر اچي
ٿي. اها چئن ستارن جي آهي، جي آهن- شجاعت، عدالت،
حڪمت ۽ عفت(1)ان
بعد ورجل، ڊانٽي کي اعراف ۾ پهچڻ جي خبر ڏئي ٿو.
اعراف جي ابتدائي طبقن ۾ گهمندي، ورجل کي سندس هم
وطني سارڊيلو ملي ٿو، جو پنهنجي دور جو سياستدان
ٿي گذريو هو. هو پنهنجي وطن اٽلي جي شڪوه ۽ شڪايت
ٿو ڪري، جنهن مان ڊانٽي جي وطن پرست هئڻ جي خبر ٿي
پوي:
”آه، غلام اٽلي! غم جي سراءِ! گجگوڙ ڪندڙ طوفان ۾ ملاح بنا
ٻيڙي! دنيا جو اهو حصو، جتي اڄ نيڪ عورتن جو قحط
آهي، ۽ شادي جي جاءِ ناپاڪ آهي. هي مبارڪ روح، جو
پنهنجي هم وطنين سان ڪيڏي نه ذوق ۽ قلب جي صفائي
سان مليو ٿي. مگر اڄ، تنهنجا رهواسي، هڪ ٻي سان
وڙهندا رهن ٿا، ۽ هڪ ٻي کي بدنيتي سان چڪ پائيندا
رهن ٿا. انهن بدقستن ڏي نهار. پنهنجي سمنڊ جي
ڪنارن کي ڏس، ۽ وري پنهنجي وطن جي سيني ڏانهن موٽ
۽ ڏس ته ڪوبه اهڙو اڄ موجود آهي، جو شيرين صلح کان
بهره ياب هجي.“
هن گفتگو کانپوءِ، هي ٻه شاعر ان مقام تي پهچن ٿا، جتي يورپ جي
ڪيترن بادشاهن جا روح موجود آهن. اهڙي ريت اعراف
جي جدا جدا منزل کان گذرندي، هي ٻه عالم علوي جا
سياح، بهشت جي پسگردائي ۾ پهچن ٿا. نهر جي ڪناري
تي، کين هڪ حسين عورت گل چونڊيندي نظر ٿي اچي.
ڊانٽي کانئس ان جاءِ جي بابت ڪي سوال ٿو ڪري، ۽
هوءَ کيس ان مقام جي بابت سمجهاڻي ٿي ڏئي.
گل چين عورت جو نالو ميٽلڊا هو، جا نهر جي ڪناري سان قدم کڻي
هلي ٿي. شاعر به ساڻس قدم ملائي، ٻي ڪناري کان هلي
ٿو. راهه ۾ کيس تعجب ۾ وجهندڙ نظارا نظر اچن ٿا، ۽
موسيقيءَ جا نغمه دل آويز طرز ۾ ٻڌندو رهي ٿو.
راهه ۾ کيس هڪ رٿ ملي ٿو، جنهن کي هڪ اهڙو جانور
ڇڪيندو وڃي ٿو جو اڌ انسان آهي، ۽ اڌ حيوان. ان جي
پاسن کان هڪ طرف اميد، ايمان، ۽ محبت، ٻي طرف عفت،
حڪمت، شجاعت ۽ عدالت رقص ڪندا ٿا وڃن. اوچتو نيڪ
انسانن جا روح ظاهر ٿين ٿا، جن ۾ بيٽرس به آهي.
ڊانٽي بيٽرس جي آمد جو نظارو هئن ٿو ڏيکاري:
”ان رٿ مان اوچتو، هڪ حسين حور، سفيد نقاب سان ۽ مٿي تي لونگن
جي گلن جي پيل هار سان ظاهر ٿي. جنهن کي سبز قبا
ڍڪيل هئي ۽ ائين پئي معلوم ٿيو ته سندس پوشاڪ مان
زندگي جي شعلي جي تجلي بکي رهي آهي. مان ان کي ڏسي
اڃا پنهنجي اندر جي هول تي قابض نه ٿيو هوس، جو ان
مان هڪ روشني چمڪي. ان جي احسان سان، مان پنهنجي
قديم محبت جي طاقت کي محسوس ڪيو، جا منهنجي اندر ۾
اڃا به مضبوط هئي. ان آسماني اثر ۾، مان ان
رويايءَ صادقه کي ڏٺو، جنهن کي سال گذريا هئا،
ننڍپڻ ۾ ڏٺو هوم. مان ڊڄي ويس ۽ ورجل ڏي مڙيس.
اهڙي ريت جئن هڪ ننڍڙو ٻار خوف ۾ پنهنجي ماءُ جي
سيني سان وڃي چنبڙندو آهي. قديم محبت جي شعلي،
منهنجي اندر ۾ باهه جلائي هئي. ڏٺم ته ورجل
موڪلائي رهيو هو، ورجل جو مون تي پيءُ کان به
مهربان هو. ايتري ۾ مون ڏٺو ته ملائڪ مثال نقاب
پوش حور منهنجي سامهون اچي بيٺي. ان وقت منهنجي ان
اميرالبحر وانگر حالت هئي، جنهن جي سامهون ملاحن
سکاڻ کان هٿ ڪڍي ڇڏيا هجن ۽ ٻيڙي پاڻ ان ڏانهن
تيز قدمي سان ويندي هجي. هوءَ حور نهر کان ٽپي آئي
۽ مون تي نگاهه وڌائين. شاهاڻي طرح وڌي مون کي
چيائين ته ’مون کي سڃاڻ، مان ئي بيٽرس آهيان.‘ ان
بعد ميٽلڊا شاعر کي نهر جي پاڻي سان صاف ڪري ٿي ۽
هو بيٽرس سان جا سندس نظر ۾ خدا جو مظهر آهي، بهشت
ڏي قدم وڌائي ٿو.“
فلڪ قمر- پهريائين هو ٻئي بهشت جي چنڊ جي طبقي ۾ داخل ٿين ٿا،
جتي پرهيزگار عورتون ٿيون رهن، جن پنهنجي زندگي،
مذهب جي راهه ۾ بسر ڪئي هئي.
فلڪ عطارد- هتي کين اهي روح ملن ٿا، جي غير معمولي همت وارا
هئا.
فلڪ زهره- هتي کين عصمت، عدالت، شجاعت ۽ حڪمت وارا روح ملن ٿا،
جن شاعر ۽ سندس محبوبه جي مرحبا ڪئي، ۽ سندن
چوڌاري رقص ڪري گيت ٻڌايو. جڏهن هي محفل پوري ٿي
ته مشهور فلسفي ٽامس ايڪونياس جو روح ظاهر ٿيو،
جنهن عيساين جي اخلاقي ۽ روحاني پستي تي ماتم ٿي
ڪيو. ان کانپوءِ کين حضرت سليمان جي روح سان
ملاقات ٿي، جنهن روح ۽ جسم جي اتحاد بابت کين نڪتا
سمجهايا.
فلڪ مريخ- هتي انهن روحن سان مليا، جن صليبي جنگين ۾ بهرو ورتو
هو.
فلڪ مشتري- هتي حڪمت جي روح سان سندن ملاقات ٿئي ٿي.
فلڪ زحل- هتي سندن پرهيزگارن جي روحن سان ملاقات ٿئي ٿي. ٿورو
اڳڀرو کين هڪ ڏاڪڻ نظر اچي ٿي، جنهن جي چوٽي وٽ
حضرت عيسى، ۽ بي بي مريم کين ويٺل نظر اچن ٿا.
حضرت عيسى جا پوئلڳ بيٽر، جيمس ۽ جان شاعر جو
امتحان وٺن ٿا. شاعر ايمان، اميد ۽ محبت بابت جواب
ڏئي ٿو.
حضرت عيسى جي برڪت سان هي ٻه مسافر لاهوت جي منزل تائين وڃي
پهچن ٿا. ان جاءِ تي شاعر ڏٺو ته سندس محبوبھ خدا
جي جلال جي فضا ۾ گم ٿي وئي، ۽ هن سينٽ برنارڊ کي
جو روحاني رمزن جو ماهر چيو وڃي ٿو، شاعر ڏانهن
رهنمائي لاءِ موڪلي ڏنو. سينٽ برنارڊ جي امداد سان
هو جناب مريم جي حضور ۾ پهچي تثليث جي بابت سوال
پڇي ٿو، ۽ پنهنجي تسلي ٿو ڪري، ۽ خدا جي ان عظيم
راز ۾ غرق ٿي ٿو وڃي ۽ چوي ٿو:
”او غير فاني روشني! ڪيڏو نه عجب روح آهي، جو تو ۾ رهي ٿو. تون
ئي پنهنجي روح جي حاضر، ماضي ۽ مستقبل کي ڄاڻي
سگهين ٿي. تون ان دائري تي مشڪين ٿي، جو تنهنجي ئي
اندر پنهنجي عظيم عڪس کي ڏسي ٿو، ۽ مان انتشار ۾
آهيان، ڇاڪاڻ ته مان ان جي سائي کي پنهنجي خيال
موجب پئي ٿي رڱيو. ان جاميٽري جي ڄاڻو وانگر جو
دائره کي ماپ ڪرڻ گهري ٿو، پر هي ان لاءِ مشڪل آهي
ته دائري کي شروع ڪٿان ڪري. منهنجي حالت به اهڙي
آهي. مون چاهيو ٿي ته هن عجائبات کي توريان تڪيان
۽ ان جي صورت ۽ شڪل جو اندازو لڳايان، ته هي دائرو
ڪئن بڻايو ويو آهي، پر منهنجي پرواز منهنجي کنڀن
لاءِ نه هئي، نه وري منهنجي روح کي ڪنهن روشني ئي
پر ڏنا. ان ڪري قوت منهنجي جنون کي ڪيرائي ڇڏيو.
پر ارادو اڃا به وڌندو رهي ٿو، جهڙي ريت ڦيٿو تحرڪ
۾ اڳتي ئي هلي ٿو. هيءَ محبت جي ڪرامت آهي، جا سج
۽ ٻين ستارن کي آسمان ۾ چوريندي رهي ٿي.“
هن کانپوءِ شاعر هميشه لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو. هيءَ آهي ان عظيم
شاعر جي تصنيف، جنهن جي اختصار کي مون قلمبند ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي.
فتوحات ۽ ڊوائين ڪاميڊي کان ٻه ڳالهيون، جاويد نامه کي برتري
ڏين ٿيون. انهن مان هڪ هي آهي ته هن ۾، اهي تمثيلي
مظاهر ناپيد آهن، جي انهن ڪتابن جي هر مقام تي
اسان کي ملن ٿا، جنهن ڪري سندن ڪيترا مباحثا، هن
وقت تائين حل ٿي نه سگهيا آهن. ٻيو تفاوت هي آهي،
ته علامه اقبال زياده سيارن جي سياحت کان دور رهيو
آهي. دوزخ ۽ اعراف جي نزديڪ ته ويو ئي نه آهي.
ستين ستاري ۾ پهچڻ جي بجاءِ، هو آسمانن جي هن پار
وڃي نڪتو آهي. ڇاڪاڻ ته کيس، جنت، حضور ۽ تجلي جو
نئون تصور، مقصد ۽ معاف پيش نظر هئي. ندائي جمال
جي ٻڌڻ جو کيس وڏو شوق هو. ڪليم اللـهى مشڪل هئي،
مگر سميع اللـهى ۾ ته ڪو شڪ نه هو.
فتوحات ۽ ڊوائين حيات بعد الموت جي حقيقتن ۽ ڪيفيتن جي معلوم
ڪرڻ جون ڪوششون آهن، اگرچه معنوي اعتبار سان ٻئي
جدا آهن، هڪ عرفاني مشاهدن جي حامل ۽ ٻي علمي،
ادبي ۽ سياسي نڪتن جو مجموعو. اگرچه ٻنهي تصنيفن
جو مقصد اخلاق جي برتري آهي، پر صوفي جو مشاهدو
ٻيو آهي، ۽ ڊرامانويس جو فڪر ٻيو. علامه اقبال جي
تصنيف حيات بعد الموت تي غور ڪرڻ جي بجاءِ، حيات
مطلق يعني حيات انساني جي بقا جي حامل آهي. سندس
تصنيف جو خاص مقصد هي نه آهي، ته مرڻ کانپوءِ بهشت
يا دوزخ ۾ انسانن جي حياتي ڪئن گذرندي، مگر جنهن
حقيقت کيس همشه پيچ تاب ۾ پئي رکيو آهي، اها هيءَ
آهي ته موجوده حيات انساني، موجوده تهذيب ۽ تمندن
۾ بيرحم هٿن کان ڪئن بچي، جنهن تهذيب ۽ تمدن جون
واڳون، مغرب جي هٿن ۾ آهن، جنهن جي غلط ڪارين کان
انسان ذات هر روز هولناڪ تباهي جي منتظر ٿي رهي.
جاويد نامه ان ڪري انساني بقا جو علمبردار آهي، ۽
ڪتاب تي اهو نالو بيحد موزون پيو لڳي. هن بحث جي
تڪميل لاءِ ضروري آهي ته جاويد نامه جي ترتيب جو
اختصار پيش ڪيو وڃي، تان جو هي اسان تي ظاهر ٿي
سگهي ته نبي، ولي، شاعر، فلسفي ۽ فلسفي شاعر ۾
ڪهڙو تفاوت آهي. هن کان اڳ ۾ جو جاويد نامه جي
ضروري حقيقتن ڏانهن متوجهه ٿيان، هي ضروري آهي ته،
ڪتاب جي ديباچي کي ڏيان، جو نهايت مختصر طرح فقط
چئن سٽن ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جنهن مان انساني
زندگي جو نصب العين پڙهندڙ تي ظاهر ٿو ٿئي. شاعر
جو خيال آهي ته، آخر جي منزل ۾ قدم رکڻ کان اڳ ۾
ممڪن آهي، ته حيات انساني زمين وانگر ٻين ستارن کي
به آباد ڪري. هي خيال سائنسدانن جهڙو نظر اچي ٿو،
جي مريخ ۽ چنڊ ۾ پنهنجي انساني آبادڪاري جو سلسلو
قائم ڪرڻ گهرن ٿا. اقبال فرمائي ٿو ته:
آسمان جي آ بلندي تي سدا منهنجو قيام
ڪهڪشان ۽ چنڊ جي آغوش ۾ منهنجو مقام
ڇڏ گمان هي خاڪدان پنهنجو نشيمن ڪين ڄاڻ
آه هر تارو جهان يا نئين جهان جو اهتمام
ديباچه محض سائنس جو ڪمال نه ٿو ڏيکاري، مگر معراج جي روايتن ۾
هيءَ حقيقت موجود آهي ته حضور جنهن فلڪ تي تشريف
فرما ٿيا، اتي ڪنهن نه ڪنهن نبي سان ملاقات
فرمايائون. جيڪڏهن سائنس وارا مريخ ۽ ٻين سيارن ۾
حياتي جا قائل آهن، ته ان جو ذڪر معراج جي روايتن
۾ به موجود آهي. حضور جي معراج جي سلسلي ۾، سيارن
جي بجا افلاڪ جو ذڪر آهي. علامه اقبال ان نڪتي کي
سامهون رکندي، جاويد نامه ۾ قمر، عطارد، مشتري
وغيره کي فلڪ جو نالو ڏنو آهي.
نيرنگ
خيال:
اقبال
نمبر:
ص 158.
(شرح
جاويد
نامه-
سليم
چشتي
ص:
3 2 .)
ڊانٽي،
اٽلي
جو
مشهور
شاعر،
فلارينس
۾
مئي
سنه
5 6 2 1
ع
۾
ڄائو. سندس
پيءُ
ننڍي ئي
فوت
ٿي
ويو.
سندس
پرورش،
سندس
هڪ
عزيز
برنيٽوليٽيني
جي
نظر
هيٺ
ٿي،
جنهن
کيس
علم
ادب
۽
ٻين
علومن
سان
آشنا
ڪيو،
جنهن
ڪري
هو
سوسائٽي
۾
ممتاز
نظر
اچڻ
لڳو.
چوويهن
ورهين
جي
عمر
۾
هو،
ڪامپلڊينو
جي
لڙائي
۾
شريڪ
ٿيو،
جا
لڙائي
سندس
وطن
جي
مدافعت
۾
وڙهي
ويئي
هئي.
ٿورو
پوءِ
هو،
پنهنجي
شهرين
سان
گڏجي
پسا
وارن
جي
مقابلي
۾
به
وڙهيو،
جئن
سندس
تصنيف
”وٽو
نو
ويا“
مان
معلوم
ٿو
ٿئي.
ان
وقت
سندس،
فلارينس
جي
هڪ
حسين
۽
عزت
واري
عورت
”بيٽرس“
سان
محبت
پيدا
ٿي،
جنهن
سندس
زندگيءَ
۾
وڏو
انقلاب
آندو.
مگر
افسوس
جو
سندس
دلي
مراد
پوري
ٿي
نه
سگهي.
بيٽرس
جي
وارثن
ڊانٽي
کي
وڏي
عمر
جو
ڏسي،
۽
ايترو
دولتمند
نه
سمجهي،
بيٽرس
جي
شادي
ٻي
هنڌ
ڪري
ڇڏي.
جنهن
جو
ڊانٽي
تي
وڏو
اثر
پيو.
خود
بيٽرس
به
هن
غم
۾
ڳرندي
۽
جهرندي
آخر
مري
وئي.
ڊانٽي هن
غم
جي
خال
ڀرڻ
لاءِ
شادي
ڪئي،
پر
اها
به
خوشگوار
نه
ٿي.
پنهنجي
تصنيف
”وٽونو يا“ ۾
هن
ناڪام
محبت
جو
ذڪر
ڪيو
آهي.
بيٽرس
جي
نالي
کي
زنده
رکڻ
لاءِ
هن
”ڊوائين
ڪاميڊي“
لکي،
جنهن
۾
بيٽرس،
بهشت
جي
سير
۾
سندس
رهنمائي
ڪري
ٿي.
ڊانٽي
جي
پڇاڙي
ڪا
چڱي
نه
ٿي.
هن
گهڻو
وقت
جلاوطنيءَ
۾
گذاريو.
آخر
زماني
جي
بيمهري
۽
بي
قدري
سبب،
هي
عظيم
شاعر
۽
مفڪر
ربوينيا
۾
جولاءِ
سنه
1 2 3 1 ع
۾
گذاري
ويو.
شيخ
محي
الدين
ابن
عربي
جو
اصل
نالو
محمد
هو.
سندس
والد
جو
اسم
گرامي
علي
بن
محمد
عربي
هو.
سنه
5 6 5
هه
۾
اندلس
جي
مرشيا
جي
شهر
۾
تولد
ٿيو.
ننڍيئي
علوم
جي
تڪميل
کان
فارغ
ٿي،
روحانيت
جي
طرف
رجوع
ٿيو.
هڪ
واسطي
سان
سندس
تعلق
سيدنا
عبدالقادر
جيلاني
سان
آهي.
جئن
پاڻ
لکي
ٿو
ته
هن
تصوف
جو
حُرقه
شهر
موصل
جي
ٻاهريون
سنه
1 0 6
هجري
۾،
ابوالحسن
علي
بن
عبدالله
بن
جامع
کان
پهريون
هو.
شيخ
ابن
عربي،
ڪيترين
ئي
تصنيفن
جو
مصنف
آهي،
جن
مان
سندس
ٻه
تصنيفون
”فتوحات
مڪيه“
۽
”فصوص
الحڪم“
گهڻو
مشهور
آهن.
هو
وحدت
الوجود
جي
نظريه
جو
وڏو
شارح
هو.
جنهن
ڪري
ساڻس
ڪيترن
عالمن
جو
اختلاف
ٿيو،
پر
اڪثر
عالم
سندس
علمي
۽
روحاني
عظمت
جا
قائل
آهن.
هن
عظيم
شخص
ربيع
الاخر
سنه
8 3 6
هجري
۾،
دمشق
۾
وفات
ڪئي.
سندس
مزار
قاسون
جي
پهاڙي
جي
دامن
صالحيه جي
نالي
مشهور
آهي.
ابوالعلا
معري،
عربي
شاعر
سنه
1 7 9 ع ۾
حلب
جي
ڀرسان
معره
نالي
هڪ
ڳوٺ
۾
تولد
ٿيو.
چئن
سالن
جي
عمر
۾
کيس
ماتا
جي
بيمار
ي
ٿي،
جنهن
۾
سندس
اکين
جو
نور
پهريائين
ٿورو،
پوءِ
سڄو
هليو
ويو.
چوڏهن
ورهين
جي
عمر
۾
سندس
والد
وفات
ڪري
ويو.
ان
بعد
هن
علم
حاصل
ڪرڻ
لاءِ
جدا
جدا
شهرن
جو
سفر
ڪيو.
سندس
حافظي
جو
اهو
ڪمال
هو،
جو
وڏا
وڏا
ڪتاب
کيس
بر
زبان
ياد هئا.
سنه
3 9 9 ع
۾
علم
جي
تڪميل
بعد
پنهنجي
وطن
موٽيو.
سندس
ابتدائي
حياتي ڪا
خوشگوار
نه
هئي.
سنه
8 0 0 1 ع
ڌاري
هن
بغداد
جو
سفر
ڪيو،
جتي
سندس
بي
حد
عزت
ٿي.
ان
بعد
هو
پنهنجي
وطن
موٽيو.
سنه
8 5 0 1 ع ۾
گوشه
نشيني
جي
حياتي گذارڻ
بعد،
وفات
ڪري
ويو.
سندس
شعر
پڙهڻ
مان
خبر
پوي
ٿي
ته
هو
مغرور،
حساس
۽
انسان
ذات
کان
بيحد
شڪي
هو،
پر
هو
عربي
زبان
جو
هڪ
مستند
شاعر
شمار
ڪيو
وڃي
ٿو.
”رسالو
گروهڙي“
مرتب:
علامه
ڊاڪٽر
دائود
پوٽه
صاحب.
0 |