فلڪ زهره
فلڪ زهره
درميان پنهنجي ۽ نور آفتاب |
آ فضا جو ڪيترو حائل حجاب |
ڪيترا پردا اڳيان تنهنجي ٿيا |
آتشين جلوا ڪيئي آندا ويا |
سوز جي گهٽ آهه دل پرسوز تر |
سازگار ان سان ٿئي جي برگ و بر |
هن تپش کان آ روان لاله ۾ خون |
رقص کان انجي نهر سيماب گون |
خاڪ مان جاڳي ٿي اٿي جان پاڪ |
طرف بي طرفي ڊي ٿي جان پاڪ |
واٽ هن ۾ مرگ حشر آ، حشر مرگ |
ري تب و تاب ان کي نه ڪوئي ساز و برگ |
آسمان جي سؤ فضا تي هو چڙهي |
غوطي تي غوطا کائي موٽي اچي |
هو حريم آ پاڻ ابراهيم پاڻ |
ٿي ذبيح الله
ڪري تسليم پاڻ |
آسمان نو ان جي لي نو خيبر آهه |
ضرب انجي کي مقام حيدر آهه |
جنگ هي ان کي بڻائي پاڪ ٿي |
محڪم و سيار ۽ چالاڪ ٿي |
ٿو ڪري پرواز اندر ملڪ نور |
انجي چنبي کي وٺي جبريل و حور |
آهه مازاغ البصر انجو نصيب
ٿي مقام عبده جو هو رقيب
مان نه ٿو ڄاڻان ڪٿي منهنجو مقام |
پر جدا يارن کان پنهنجو آ قيام |
منهنجي اندر جنگ بي خيل و سپاهه |
او ڏسي جنهن کي هجي مون جان نگاهه |
هي نه ڄاڻن مرد جنگ ڪفر و دين |
مان اڪيلو جئن ته زين العابدين |
آ مقام مرد جنگ ڪفر و دين |
ري نوا منهنجي، چراغ ره نه ڪو |
غرق دريا آ جوان و وطفل و پير |
هڪ ڪناري تي رسي مرد فقير |
دور پردن کي ڪري کوليم مڪان |
وصل کان ڪنبان، جدائي کان ڏڪان |
وصل جي پايان شوق آ الحذر |
ان کان بهتر آ فغان بي اثر |
راهرو رستي جو ڄاڻي ڇو سراغ |
جيڪڏهن حاصل هجي ان کي فراغ |
دل آ مونوٽ جا رکي ذوق نظر |
ٿي گهري هردم جهان تازه و تر |
عشق شاطر هٿ، سندس مهرا اسين |
ڏس سندءِ سامهن آ زهري جي زمين |
آهه آب و خاڪ کان انجو قوام |
جئن حرم اندر غلاف مشڪ فام |
پرده سوز انجي نگاهه پرده در |
ان جي ڪارن ڪڪرن مان ڪر گذر |
انجي اندر ٿي پراڻا سڀ خدا |
جي سڀيئي مان ٿو ڄاڻان برملا |
بعل،
مردوخ و يعوق و نسر و فسر
رمخن و لات و منات و عسر و غسر
پنهنجي هستي جو وري آڻن دليل
آ مزاج دور حاضر بي خليل
قديم اقوام جي خدائن جي مجلس
او هوائون تند ۽ ڪارو ڪڪر |
جنهن جي اوندهه ۾ کنوڻ آ بي اثر |
ڄڻ ته دريا آ هوا ۾ لڙڪندڙ |
چاڪ دامان، پر نه وس سان مرڪندڙ |
ڀر سندس ناپيد، موجون گرم خيز |
گرم خيزي ۾ هوا سان ڪم ستيز |
رومي ۽ مان ان سيـــﮧ درياهه ۾ |
فڪر جئن اندر دل آگاهه ۾ |
هن سفر ڄاتو ٿي ۽ مان نو سفر |
صبر اکين ۾ نه ٿي آيو نظر |
ٿي چيم منهنجون نگاهون نا رسا |
هي نئين عالم ڏسڻ کان بينوا |
تان نشان ڪوهسار آيو نظر |
جوئبار ۽ مرغزار آيو نظر |
ڪوه، صحرا، هو بهار اندر ڪنار |
مشڪ جون هيرون ڏنيون ٿي ڪوهسار |
نغمه پکين جا هزارين ٿي ٻڌا |
چشمه
زار ۽ سبزي جوهر جا لقا |
ان هوا جي فيض کان تن زنده تر |
جان پاڪ اندر بدن پاينده تر |
ان جبل جي ٽڪري تي پيئي نظر |
ڪيترو خوش هو جبل ۽ دشت ودر |
واديءَ خوش هيٺ مٿ کان بي نياز |
آب خضر آ، جنهن مٽي کان سرفراز |
سڀ اتي گڏ هئا خدايان وطن |
هو خدائي مصر، هي رب اليمن |
هو عرب جو آهه، هي رب العراق |
هي الله الوصل، هو رب الفراق |
پٽ هي سج جو ۽ هو داماد قمر |
مشتري جي حسن تي ڪنهنجي نظر |
ٻن ڦرن جي هٿ ۾ هڪ کي آ ترار |
ٻي کي نانگن جو ڳچي ۾ آهه هار |
موت تن جي لاءِ هو ذڪر جميل |
ياد آ تن کي اڃا ضرب خليل |
هئن چيو مردخ ته آدم دين ڇڏي |
آ ڪليسيا ۽ حرم کان ويو لڏي |
سامهون انجي آ ادراڪ
۽ نظر |
آهه عهد رفته ڏانهن انجو سفر |
انجي رغبت آهه آثار ڪهن |
آ، اسانجي هر تجلي ۾ مگن |
آ زماني ۾ نئون ڪيو افسانه ياد |
خاڪدان کان ٿي گهلي باد مراد |
بعل ٿي فرط طرب مان ڳائيو
ٿي خدائن کي هي ڳجهه سمجهائيو
بعل
جو گيت
پردهء نيلي کي آدم طي ڪيو |
پر خدا ان کي نه اڀ کان پڻ مليو |
فڪر ري آدم جي دل ۾ ڇا ٻيو |
موج وانگر هي سدا گهٽجي وڌيو |
جان کي ”محسوس“ کان انجي قرار |
عهد رفته انجو محرم آ ٿيو |
هو فرنگي خوش رهي مشرق شناس |
جنهن اسان کي قبر کان ٻاهر نيو |
اي خدايان ڪهن، هي وقت آهه
ڏس ذرا هو محفل وحدت شڪست |
آل ابراهيم بي ذوق الست |
انجي صحبت بي نمڪ بي جام آهه |
جو هيو جبريل جي باده کان مست |
مرد حر طرفن ۾ ڦاٿو آ وڃي |
آ وطن سان گڏ، خدا کان دور دست |
رت سندس آهي مڙهي وارن کان سرد |
آ ٿيو پير حرم زنار بست |
اي خدايان ڪنهن، هي وقت آهه
آ وريو عالم ۾ ايام طرب |
دين هارايو، کٽيو ملڪ ۽ نسب |
ڪجهه چراغ مصطفى کان خوف ناهه |
انجي چوڌاري مڙيا سڀ بولهب |
گرچه ٻڌجي ٿي صدائي لااله |
دل پري ان کان، هلي خالي ٿو لب |
اهرمن کي زنده ڪيو مغرب وري |
روز يزدان جي مٿان آ خوب شب |
اي خدايان ڪنهن هي وقت آهه
دين کان خالي اٿي ان جو وجود |
پنهنجي ٻانهي وٽ نه نقصان آهه سود |
جئن نماز ان تي گران بڻجي وڃي |
ان کان رڪعت ٿي کپي پر بي سجود |
راڳ کان جذبات ٿي پيدا ٿئي آهه |
بي لذت نماز بي سرود |
ان خدا کان جو سدا آ غيب ۾ |
آ چڱو او ديو جنهن کي آ شهود |
اي خدايان ڪنهن هي وقت آهه
زهري جي درياهه جي تري ۾ وڃي
فرعون ۽ ڪچنر جي روح کي ڏسڻ
پير رومي صاحب ذڪر جميل |
ضرب جنهن جي هوبهو ضرب خليل |
هي غزل اُن عالم مستي ۾ چيو |
هر پراڻي ٿي خدا سجدو ڪيو |
غزل
(1)باز
بر رفته و آينده نظر بايد کرد
هله بر خيز که انديشه دگر بايد کرد
(2)عشق
برناقه ايام کشد محمل خويش
عاشقي راحله از شام و سحر بايد کرد
(3)پير
ما گفت جهان برو روشي محڪم نيست
از خوش و ناخوش او قطع نظر بايد کرد
(4)تو
اگر ترک جهان کرده سر او داري
پس نخستين ز سر خويش گذر بايد کرد
(5)گفتمش
در دل من لات و منات است بسي
گفت اين بتکده را زير و زبر بايد کرد
پوءِ مونکي هئن چيائين اٿ ٻچا |
وٺ نه ٻي کي منهنجي دامن کانسواءِ |
هي ڪهستان، هو جبال
بي ڪليم |
جن تي آهن برف جا انبار سيم |
انجي پويان قلزم الماس گون |
جنهن جو ٻاهر کان گهڻو روشن درون |
ليٽ، لهرين کان نه ان کي ڪو خلل |
طبع ۾ انجي سڪون لم يزل |
هت رهن باغي ۽ سرڪش زور دست |
منڪران غيب ۽ حاضر پرست |
مشرقي آ هڪ ۽ ٻيو آ مغربي |
حق جي مردن سان تنجي دشمني |
هڪ جي گردن تي آهي چوب ڪليم |
ٻي مٿان تلوار درويشي مقيم |
هي ٻئي فرعون، ننڍڙو ۽ وڏو |
دور دريا ۾ اٿن جنجو اَڏو |
موت جي تلخي کان هر هڪ آشنا |
ظالمن جو موت آيات خدا |
اٿ هليو اچ، منهنجي پويان ڪين ڊڄ |
هٿ جهليو اچ، منهنجي پويان ڪين ڊڄ |
سينهء دريا کي موسى جان پٽيان
قلب ۾ توکي رکي اندر نيان
بحر سيني کي اسان ليءَ کوليو |
ڄڻ هوا پاڻي کي چيري ڇوليو |
ڪن سندس هو واديءَ بي رنگ و بو |
واديءَ تاريڪ انجي بي نمو |
پير رومي سورهء طاها پڙهي |
زير دريا چنڊ ڄڻ آيو لهي |
ٿي جبل عريان ڏٺا ۽ خشڪ و سرد |
تن جي اندر دربدر حيران ٻه مرد |
صبح هي فرعون چيو آيو ڪٿان (ب) |
ڏينهن جهڙو نور ٿو ظاهر ڏسان |
اک کڻي رومي کي تن يڪسان ڏٺو (ق) |
پوءِ هڪ ٻي کي بيهي حيران ڏٺو |
رومي
هر لڪل شي مان ئي جلوه جو ظهور
هي ’يدبيضا‘
جو اصلي آهه نور
فرعون
آهه! عقل ۽ دين منهنجو ٿيو فنا |
مان ٿيس ان نور کان ناآشنا |
اي جهاندار و ذرا مونڏي ڏسو |
اي زيان ڪارو ذرا مونڏي ڏسو |
حيف تن تي جي هوس کان تار تار |
قبر جي مٽي مان نين در شاهوار |
بت عجائب خانه ۾ جيڪو ڏسون |
ماٺ ۾ انجي ٿا افسانه ٻڌون |
او ملوڪيت جون خبرون ٿو ڏئي |
ان کان انڌن کي نظر حاصل ٿئي |
ٿو پڇين تقدير شاهي؟ دشمني |
ڏس نفاق ان کان وٺي ٿو محڪمي |
انجي هٿ کان آ زبون تقدير ملڪ |
باطل و ظالم ترين تدبير ملڪ |
جي ڏسان موٽي ڪليم الله کي
مان گهران، ان کان دل آگاهه کي
رومي
حاڪمي بي نور بڻجي آهه خام |
ري يد بيضا ملوڪيت حرام |
حاڪمي ڪمزور محڪومن کان سخت |
پاڙ انجي درد محرومن کان سخت |
تاج ڍل تي ٿو رکي دارومدار |
مرد پٿر بي ٿو بڻجي شيشه وار |
فوج، قيد و بند آهي رهزني |
آهه حاڪم هن شين کان ئي غني |
ذوالخرطوم
آ فرنگي قوم جو مقصد بلند |
قبر کان ٻاهر ڪڍڻ ڪٿ لعل بند |
سر گذشت مصر، فرعون و ڪليم |
ٿا ٻڌائن صاف آثار قديم |
علم و حڪمت ڪشف اسرار آ سڄو |
حڪمت بي جستجو بار آ سڄو |
قبر منهنجي علم جو مرڪز بڻي!
تربت مهدي ڀلا ڇا ليءَ پٽي
فرعون
درويش سوڊاني
(1)جو
ظاهر ٿيڻ
وڄ پاڻي ۾ ڏٺم چمڪي اٿي |
لهرين ۾ زندگي جاڳي اٿي |
بوءِ خوش باغ جنان ٿي مشتهر |
روح درويش مصر آيو نظر |
جنهن جي سپ جي سوز جوهر ڳاريو |
سينـــﮧء ڪچنر جو پٿر ڳاريو |
هئن چيائين ڪجهه ته ڪچنر(1)
ڪر نظر |
خاڪ درويشي جو بدلو ڏس مگر |
قبر کان تنهنجي مٽي محروم ٿي |
تهه ۾ پاڻي جي وڃي معدوم ٿي |
پوءِ وري هئن هن چيو صاحب نظر |
آه کان جنهنجي جلي، قلب و جگر |
جاڳ اي روح عرب بيدار ٿي |
بزرگن جان خالق اعصار ٿي |
اي فواد
اي فيصل اي ابن سعود |
هن تفرقي مان نه حاصل آهه سود |
سوز او تازو ڪيو جيڪو ويو |
او وڃايل ڏينهن موٽي هٿ ڪيو |
خاڪ بطحا
آڻ ڪو خالد وري |
جنهن کان ٿي توحيد جي ڪا برتري |
تنهنجي ميدان جون کجورون سبز ٿين |
هي اکيون فاروق ڪوئي ٻيو ڏسن |
خوش رهو اي مومنان مشڪ فام |
ٿي توهان کان ئي اچي بوئي دوام |
ڇا ڪبي هي زندگي بي ذوق سير |
ڪيستائين توتي قبضـــﮧء دست غير |
اٿ ذرا پنهنجو سڃاڻي ڏس مقام |
منهنجي هڏڙن جو ته بحرون ٻڌ پيام |
پوءَ بلا کان ٻڌ حديث مصطفى
”مرد ليءَ روز بلا روز صفا“
اوٺيا يثرب ۾ ساٿي، مان ۽ نجد |
اوحدي ڪاٿي، جا اٺ کي بخشي وجد |
مينهن جي پاڻي کان ساوڪ ٿي گهڻي |
ٿي سگهي ٿو اٺ کي شايد وڻي |
جان ڪئي آهي جدائي بيقرار |
راهه ڪر بي سبزه ڪائي اختيار |
سبزه مست آ اٺ ۽ مان مست دوست |
هو هٿن ۾ منهنجي ۽ مان دست دوست |
ڏس ته صحرا ۾ ٿيو پاڻي سبيل |
ڏس ته ڪئن ڌوپي ويا برگ نخيل |
هو هرڻ ڏس ڪئن ٻه هڪ ٻي پوئتان |
ٿا لهن چاڙهي تان ڪيڏا شادمان |
چشمهء صحرا مان پاڻي کي وٺي |
راهه تي پنهنجي وڃن ٿا خوش وري |
ريگ صحرا آهه تر ريشم جيان |
راهه اٺ جي لاءِ آسان ٿو ڏسان |
تتر جي پر وانگيان ڏسجن ڪڪر |
ٿو ڏسان يارن کان آهيان دور تر |
اوٺيا يثرب ۾ ساٿي، مان ۽ نجد
اوحدي ڪاٿي جا اٺ کي بخشي وجد
بعل
عبراني لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي، آقا،
خداوند يا شوهر. هي سوج ديوتا جو قديم ترين
لقب آهي. بابل جي حڪومت جڏهن زور تي هئي، تڏهن
اتي بعل جو مندر هو، جنهن جي زيب ۽ زينت جو
بيان يونان جي مشهور مورخ هيرو ڊوٽس پڻ ڪيو
آهي. بابل ۽ نينوا جي حڪومتن جي بربادي کان
پوءِ جڏهن فنيشن قوم زور ورتو، تڏهن منجهن بعل
جي پوڄا زور ورتو ۽ انهن بعل جي نالي تي بعلبڪ
جو شهر آباد ڪيو، جو ان وقت سڀ کان وڏو معبود
لکيو ويندو هو. علامه اقبال سڀني خدائن جو
نمائنده بعل کي ورتو آهي، ان ۾ هو حق بجانب
آهي. ڇو ته بت پرستي جي دور ۾ سج جي پوڄا هر
ملڪ ۾ عام هئي.
مجاهد، مهدي سوڊاني جو اصل نالو محمد احمد بن
عبدالله هو. سنه 1843ع ۾ پيدا ٿيو. سنه 1861ع
کان هن پنهنجي زندگي قوم جي اصلاح لاءِ وقف
ڪئي. هن سوڊان جي مشهور شيخ طريقت شيخ محمد
شريف جي هٿ تي بيعت ڪئي، ۽ ست سال سندس صحبت ۾
رهي، خلافت حاصل ڪئي. ان بعد هن نيل ندي جي هڪ
ٻيٽ ۾، هڪ جامع مسجد، مدرسو ۽ خانقاه تعمير
ڪئي. جتي هن جهاد جي تبليغ شروع ڪري ڏني. سنه
1872ع ۾، هن کي خيال پيدا ٿيو ته هو مهدي
موعود آهي، جنهن جو هن سنه 1882ع ۾ باقاعده
اعلان ڪيو. سنه 1882ع ۾ عثمان دغنا نالي هڪ
واپاري سندس هٿ تي بيعت ڪئي، جو سندس مددگار
بڻيو. ان بعد مهدي باقاعده جهاد جو اعلان ڪيو.
مصري حڪومت (ان وقت اسماعيل پاشا خديو هو) هڪ
انگريز هڪس پاشا کي سندس مقابلي لاءِ، موڪليو
پر کيس مجاهدن قتل ڪري ڇڏيو. سنه 1884ع ۾ جنرل
گارڊن سندس مقابلي لاءِ ويو. مگر ان کي به
ڪاميابي نه ٿي. مصر تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ
انگريزن ڪچنر کي جنرل گارڊن جي مدد لاءِ روانو
ڪيو، پر انجي پهچڻ کان اڳ ۾، مهدي سوڊان جي
تختگاهه خرطوم تي قبضو ڪري ورتو، ۽ جنرل گارڊن
قتل ٿي ويو. سنه 1885ع ۾ مهدي وفات ڪئي. سندس
پوين جو سنه 1898ع تائين سوڊان تي قبضو رهيو.
آخر ڪچنر ساڳي سال امدرمان جي لڙائي ۾ مجاهدين
کي شڪست ڏني، ۽ خرطوم ۾ داخل ٿيو. جتي هن مهدي
جي قبر کي کوٽائي سندس لاش کي جلايو ۽ هميشه
جي لعنت خريد ڪئي. هن لڙائي ۾ مجاهدن جي
سامهون ڪافرن سان گڏ مسلمان به هئا. عجب!
ملت اسلاميه جو وڏو دشمن لارڊ ڪچنر، سنه 1850ع
۾ پيدا ٿيو. 1885ع ۾ انگريزي حڪومت کيس جنرل
گارڊن جي مدد لاءِ سوڊان موڪليو. جئن ته
مجاهدن خرطوم فتح ڪري ورتو هو، هو موٽي مصر
پهتو، ۽ مصري فوج جو سپـــﮧ سالار ٿيو. جتي هو
ميجر جنرل جي عهدي تي پهتو. سنه 1898ع ۾ هن
خرطوم فتح ڪيو، جنهن جي انعام ۾ کيس لارڊ آف
خرطوم جو درجو مليو، ۽ کيس 30 هزار پائونڊ
انعام مليو. سوڊاني مسلمانن کي غلام بڻائڻ جي
عيوض ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي کيس ”ڊاڪٽر آف سول
لا“ جي ڊگري ڏني. سنه 1900ع ۾ ڏکڻ آفريڪا جي
رهندڙن کي غلام بڻائڻ جي عوض وائڪائونٽ بنايو
ويو، ۽ گورمنٽ کيس 50 هزار پائونڊ انعام ڏنو.
سنه 1902ع ۾ کيس جنرل جو عهدو ڏيئي، هندستاني
فوجن جو سپـــﮧ سالار ڪري موڪليو ويو، جتي
انجو لارڊ ڪرزن وائسراءِ سان تڪرار ٿيو، جنهن
ڪري مجبور ٿي لارڊ ڪرزن کي پنهنجي عهدي تان
استعفى ڏيڻي پئي. 1910ع ۾ هن کي فيلڊ مارشل جو
عهدو مليو، ۽ برٽش فوجن جو سپـــﮧ سالار بڻايو
ويو. سنه 1914ع ۾ جڏهن مهاڀاري لڙائي، جرمن
اتحادين ۽ انگريز اتحادين جي وچ ۾ لڳي تڏهن
ڪچنر کي جنگي ڪائونسل جو رڪن ۽ مغربي محاذ جو
سپـــﮧ سالار بڻايو ويو. جرمن فوجن جي مقابلي
۾، هن پنهنجي بيحد مستعدي ڏيکاري. 5 جولاءِ
سنه 1916ع ۾، جئن همپ شائر نالي جهاز ۾ مسافري
ڪري رهيو هو، جرمن ٽارپيڊو جهاز کي اچي لڳو.
لارڊ ڪچنر جهاز سان گڏ سمنڊ ۾ ٻڏي ويو.
حدي- اهو راڳ جو عرب اوٺي، اٺ کي ڪاهيندي
چوندا آهن.
نخيل- کجورون.
|