سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :11

 

فلڪ زحل

رذيل ارواح جن ملڪ ۽ ملت سان غداري

ڪئي ۽ دوزخ انهن کي قبول ڪيو

پير رومي هو امام عارفان

جو ٿو ڄاڻي هر مقام عارفان

هئن چو گردون نورد اي سخت ڪوش

تو ڏٺو آ عالم زنار  پوش؟

جو ڪمر جي گردهن ويڙهيو اٿي

او پڇڙ تاري کان ان کسيو اٿي

سير هن ۾ خوشخرامي آ سڪون

هر چڱو آ، حڪم انجي کان زبون

گرچه پيڪر انجو آهي آب و گل

پير ان تي آ رکڻ بي، ڪار دل

هت فرشتا لک گجگوڙين ۾ مست

قهر حق جا قاسم روز الست

دره هردم ٿا هڻن سياره کي

واٽ پنهنجي کان کڻن سياره کي

هي جهان مطرود ۽ مردود آهه

بخل کان سج جي صبح مفقود آهه

روح هت، جن جو نه آ يوم النشور

باهه دوزخ جي انهن کان خود نفور

هن جي اندر ٿي ٻه طاغوت جفا

روح قومي کي ڪيو هو جن فنا

جعفر آ بنگال کان صادق دکن

ننگ آدم، ننگ دين، ننگ وطن

نا قبول ۽ نا اميد ۽ نا مراد

ڪار کان جنجي آ ملت ۾ فساد

آهه ملت! جنهن کان هر ملت بڻي

جا مقام ملڪ و دين کان اڄ ڇڻي

تون نه ڄاڻين خطهء هندوستان

جو پيارو خاطر صاحبدلان

جنهن جو هر جلوه آهي گيتي فروز

خاڪ و خون ۾ جو اڃا آ جان سوز

چؤ ته ڪنهن تخم غلامي ات وڌو

آهه هن ارواح جو بد ڪم سڄو

هن فضائي نيلگون ۾ دم رهون

تا مڪافات عمل ترسي ڏسون

رت جو سمنڊ

جو ڏٺم انجو ڪريان ڪهڙو بيان

خوف کان آ جسم ۾ بيتاب جان

مون ڏٺو ڇا؟ سمڊ هڪ خوني روان

ٿي لڳو طوفان جنهن ۾ هر زمان

نانگ اڏريا ٿي هوا ۾ جئن نهنگ

رات جهڙي ڦڻ ۽ پر سيماب رنگ

موج ڦاڙيندڙ ڏٺي ٿي جئن پلنگ

خوف کان ساحل تي لرزيو ٿي نهنگ

هڪ گهڙي بي ڪين ساحل کي امان

خون ۾ ڇپون ڪرن ڪيئي مٿان

موج خون جي موج خون سان درستيز

ان ۾ ٻيڙي مبتلائي افت و خيز

ات ٻه ماڻهو ڪشتي اندر زرد رو

زرد رو، عريان بدن، آشفته مو

هندستان جي روح جو ظاهر ٿيڻ

آسمان چيريو ۽ روح آيو نظر

منهن تان پردي کي ڪيو جنهن دورتر

نرڙ ۾ هيس نار و نور لايزال

ٻن اکين ۾ هو سرور لايزال

ريشمي پوشاڪ هلڪي جئن سحاب

جنهن جي تاڃ ۽ پيٽ ۾ برگ گلاب

ايتري خوبي جي هوندي پائبند

منهن تي ان جي هئي فغان درد مند

روح هند آ، کڻ چيو رومي نظر

آ فغان کان جنهنجي سوز اندر جگر

روح هند فرياد ٿو ڪري

شمع جان کان خالي آ فانوس هند

هند وارن وٽ نه آ ناموس هند

مرد هي نا محرم اسرار خود

نا وڄائي ٿو سگهي هي تار خود

وقت ماضي تي رکي پنهنجي نظر

ٿو اجهايل آگ ۾ ساڙي جگر

بند ۾ مونکي وڌئين پنهنجي هٿين

آه! هي مونکي ڏنئين پنهنجي هٿين

پاڻ کي هن ڪيو خودي کان آ پري

قيد ۾ ٿو رسم ڪنهي کان مري

آدميت ان کان آهي دردمند

وقت انجي پاڪي ناپاڪي ۾ بند

فقر ان کي ڇڏ جو عرياني ڏئي

فقر او سهڻو جو سلطاني ڏئي

الحذر او  جبر ۽ او خويءَ صبر

جابر و مجبور لي آ زهر جبر

صبر ساندهه ساڻ هي خوگر ٿئي

جبر ساندهه ساڻ هو خوشتر ٿئي

ٿو ٿئي ذوق ستم تن جو فزون

ٿو پڙهان ياليت قومي يعلمون

ڏينهن سان مٽجي شب هندوستان

پر مئل جعفر(1) جي جان زنده ڏسان

هڪ بدن جي قيد مان جئن او ڇٽي

ٻي بدن ۾ جان پنهنجي ٿو جٽي

گاه ديول سان سندس آ ساز باز

گاه مندر وث سندس آهي نياز

دين ۽ آئين سندس سوداگري

عنتري اندر لباس حيدري

ٿو جهان رنگ و بو انجو ڦري

رسم ۽ آئين الٽو ٿو ڦري

هن کان اڳ سندس هيو مسجود ٻيو

هن زماني ۾ وطن معبود ٿيو

دين جي غم ساڻ ظاهر دردمند

آهه باطن ۾ مگر زنار بند

جعفر اندر هر بدن ملت ڪهي

هي مسلمان ڪنهن ملت ڪهي

ٿو کلي سڀ سان نه ڪنهنجو يار آهه

نانگ جي خوش بي ٿئي او مار آهه

وحدت قومي عمل کان آ دو نيم

آهه ملت لاءِ هو هردم لئيم

آهه ملت ليءَ ڪو غارت گراگر

آهه صادق ياڪ جعفر(1) جو اثر

روح جعفر کان امان گهر هر زمان

دور هن جي جعفرن کان الامان

خوني سمنڊ جي ٻيڙي ۾ رهڻ

وارن مان هڪ جي فرياد

ناعدم ورتو اسان کي نا وجود

هاءِ بي مهري ڪئي ڪئن هست و بود

ائين ڇڏيو سين هو جهان شرق و غرب

در تي دوزخ جي مليوسين درد و ڪرب

چڻگ هڪ صادق ۽ جعفر تي نه پئي

رک جي مٺ تن جي ڪا سر تي نه پئي

ڀل چيو دوزخ هجان خاشاڪ مان

پر رهان هن ڪافرن کان پاڪ مان

طي ڪري نؤ آسمانن جو جهان

ات وياسين جت آ مرگ ناگهان

هئن چيو هن راز منهنجي جان ٿئي

حفظ جان ۽ هدم تن مون کان ٿئي

جان بڇڙي جي نه قيمت ڪا پڇو

هدم جان مون کان گهرو، نڪري وڃو

ڪار هي هرگز ٿو ڌاري موت ڪين

جان غدارن کي ماري موت ڪين

اي هوائو تيز، اي دريائي خون!

اي زمين اي آسمان نيلگون!

اي ستارو، چنڊ ۽ اي آفتاب!

اي قلم اي لوح محفوظ اي ڪتاب!

اي فرنگي لارڊو، صورت سفيد!

آ اوهان جو جنگ ري عالم خريد

هي جهان بي ابتدا، بي انتها

بندهء غدار پر مولا سوا

اوچتو آئي صدائي هولناڪ

سينهء دريا ۽ صحرا چاڪ چاڪ

جسم جي ات ملڪ جو رشتو ڇٽو

ڇپ تي ٿي ڇپ جو ٽڪرو ٽٽو

سؤ ٽڪر وانگر ڪڪر ات ٿي ويا

صور جي آواز ري عالم فنا

هو کنوڻ، گجگوڙ جو لڙ اندرون

گهر سندن آخر ٿيو دريائي خون

شور واريون لهريون آخر ٺريون

ان جبل تي خون جون لهرون وريون

جو به نا پيدا ۽ پيدا تي ٿيو

قافلو تارن جو ڏسندو ۽ ويو


 


  زنار پوش- جڻين سان ڍڪيل

قاسم- ورهائيندڙ

مطرود- ڌڪاريل

يوم النشور- قيامت جو ڏينهن

نفور- نفرت ڪندڙ

طاغوت- بت

مڪافات عمل- عمل جو بدلو

  نهنگ- واڳو

ستيز- جنگ

افت و خير- ڪري ۽ اٿڻ

آشفته مو- وار بگڙيل

لايزال- نه فنا ٿيندڙ

  عرياني- اگهاڙپ

جابر و مجبور- ظلم وارو ۽ ظلم سهندڙ

ياليت قومي يعلمون- جيڪر قوم ان  کي ڄاڻي

(1)  مير جعفر- هي غدارن جو پيشوا، بنگال جي نواب سراج الدوله جو سپـــﮧ سالار هو. انگريزن جي مڪار حڪومت چاهيو ٿي ته بنگال سندس قبضي ۾ اچي. ان ڪري انگريزي فوج جي مهندار ڪلائيو، مرشد آباد جي ريزڊنٽ واٽس سان صلاح ڪرڻ بعد، مير جعفر سان ساز باز ڪئي. هڪ ڳجهي عهد نامي موجب مير جعفر جي ڳچي ۾  غداريءَ جو طوق پيو. ان بعد ڪلائيو، سراج الدوله جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. 23 جون سنه 1757ع ۾ پلاسي وٽ مشهور لڙائي لڳي. نواب جي فوج بهادري سان وڙهي رهي هئي، مگر مير جعفر جي 40 هزار فوج بت وانگر بيٺي رهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو نواب سر خود حملو ڪيو.  ڪلائيو کي شڪست اچي چڪي هئي، جو نواب جي فوج جو سردار مير مدن شهيد ٿي ويو.  (باقي فوٽ نوٽ ٻئي صفحي تي)

گذريل صفحي جو باقي فوٽ نوٽ

ان جي مرندي ئي نواب همت هاري ويٺو. هن مير جعفر سان صلاح ڪئي، جنهن کيس لڙائي بند ڪرڻ لاءِ چيو، اگرچه هندو سردار موهن لعل بهادري سان وڙهي رهيو هو، پر نواب لڙائي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انگريزن جي فتح ٿي، سراج الدوله قتل ٿي ويو، ۽ نوابي مير جعفر کي ملي. سنه 1760ع ۾ معزول ٿيو، پر وري مير قاسم جي بغاوت سبب سنه 1764ع ۾ کيس نوابي ملي ۽ سنه 1765ع ۾ دنيا ۾ پنهنجي سياهه بختي جو ڪارنامو ڇڏي مري ويو.

(1)  مير صادق- هي شخص نواب حيدر علي خان جي حڪومت ۾ قسمت آزمائي لاءِ ميسور ۾ آيو، ۽ سپاهي ڀرتي ٿيو. جئن ته چالاڪ هو، حيدر علي تائين رسائي ڪري ويو ۽ نواب کيس ڪوٽوال مقرر ڪيو. هن عهدي تي پهچي هن پنهنجي دماغي قابليت ڏيکارڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن سنه 1784ع ۾ حيدر علي وفات ڪئي، ۽ سلطان ٽيپو تخت تي ويٺو ته هي پهريائين سفير مقرر ٿيو ۽ پوءِ وزير. سڀئي مورخ لکن ٿا ته هن پنهنجي زبان سان سلطان تي وڏو اختيار حاصل ڪيو. هن اعتماد جي سبب انگريزن سان ملي 1799ع ۾ پنهنجي آقا کي شهيد ڪرايو ۽ سلطنت خدا داد جو خاتمو ڪيو.

ڪرنل بيٽسن لکي ٿو ته سرنگا پٽم جي فتح کانپوءِ مسور جي ماڻهن جي زبان تي هي جملو هيو ته ميسور جو خاتمو مير صاحب ئي آندو. مگر انگريزن به کيس هن غداري جو ڪو چڱو انعام نه ڏنو. چون ٿا ته صادق جي موت کان پوءِ ڪيتري وقت تائين دردمند مسلمان هن غدار جي قبر تي ڦٽڪار وجهندا ٿي رهيا. هي حالت ڏسي، سندس پوين سندس قبر کي ئي برباد ڪري ڇڏيو.

 

  هدم- بربادي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org