سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :8

فلڪ مريخ

 

مريخ جا رهندڙ

 

اک کي پاڻي ۾ ٻوٽيم هڪ گهڙي

پاڻ کان پرتي وڃي ٿيم هڪ گهڙي

اک کوليم نئون جهان آيو نظر

ٻيو زمان ۽ ٻيو مڪان آيو نظر

اڀ تي گر سج ساڳو چمڪيو

رات ڏينهن پر ات نظر آيو ٻيو

جسم راهه جان کان بيگانه آهه

گردش دوران کان بيگانه آهه

جان هي هر سوز سان راضي رهي

جئن به آ هر روز سان راضي رهي

بي اثر آهي مٿس پرواز روز

ڏينهن انجي نور کان عالم فروز

رات ڏينهن جي گردش پيهم اها

سير ڪر انجو، هر عالم اها

هڪ رصد گهه هو بلند ۽ مرغزار

دور بين جنهن جي ثريا درڪنار

نو کنڊي ٿي خضر جي خلوت ڏٺي

يا اسان جي خاڪدان جي هئي مٽي

ان جي وسعت جو ڏٺو ٿي مان نشان

ٿي ڏٺم انجي فضائي آسمان

پير رومي مرشد اهل نظر

هئن چيو مريخ هي آهي هوش ڪر

هن کي آ پنهنجي جهان جان رنگ و بو

ملڪ، جن ۾ شهر، جن ۾ ڪاخ ڪو

هن جا رهندڙ مغربين جان ذوفنون

جان و تن جي علم ۾ ماهر، فزون

هي زمان جا ۽ مڪان جا مختيار

آ فضا جو علم تن وٽ آشڪار

آهه هر شيءِ تي سندن قادر قدم

آ فضا جو تن ڏٺو هر پيچ و خم

خاڪين جي دل آ اندر آب و گل

هن جهان ۾ جسم پر پابند دل

آب و گل ۾ دل جڏهن منزل ڪري

پوءِ ان کان جئن وٺي حاصل ڪري

ذوق مستي تي رکي ٿو حڪم روح

تن جي هستي تي رکي ٿو حڪم روح

آ ٻٽو پنهنجي جهان ۾ هي وجود

جان و تن آ بي نمود بانمود

خاڪين جو جان و تن: مرغ و قفس

مريخي فڪر آهه الٽو دور رس

ٿو اچي ڪنهن تي جڏهن  روز فراق

چست ٿو ان کي ڪري سوز فراق

موت کان اڳ ۾ ڏسي فرحان موت

ٿو ڪري سڀ جي اڳيان اعلان موت

جان هت ڪجهه تابع اندام ناهه

جسم کان ان جي جدا هر گام ناهه

جسم کي اندر ڇڪڻ هت موت آهه

پاڻ ۾ گم ٿي وڃڻ هت موت آهه

فڪر تنهنجي کان مٿي هي آ سخن

ڇو ته تنهنجي جان محڪوم بدن

هڪ ٻه ڏينهن منزل هتي ڪر شادمان

ٻي جي قسمت ۾ ڪٿي اهڙو جهان

 

ستاره شناس مريخي

جو رصد گاهه کان اچڻ

 

پيرسن، هئي ريش جنهنجي برف جان

علم حڪمت کي پڙهيو جنهن جاودان

مغربي ڄاڻن جيان هو تيز بين

راهبن جان هو لباس ان جو امين

پيرسن پر قد بالا ڄڻ ته سرو

رخ چمڪ سان جئن ٿين ترڪان مرو

علم ۾ ان جي هيو هر هڪ طريق

انجي اکين مان ڏٺو فڪر عميق

آدمي کي هو ڏسي شادان ٿيو

طرز خيامي ۽ طوسي ۾ چيو:

”بت مٽي جو هي اسير ماه و سال

هيٺ کان آيو مٿي ڪئن باڪمال

خاڪ بي طياره ڪئن ٿي سرفراز

ٿو ڏئي تارن کي سياري جو راز“

گفتگو ۽ سمجهه انجي بي مثال

محو حيرت ٿيس ٻڌي ان جي مقال

خواب سمجهيم يا سڄي جادوگري

فارسي ۾ مريخي جي برتري

چيائين ”هو اندر زمان مصطفى

مريخن مان مرد هڪڙو  باصفا

هن جهان کي اک جهان بين سان ڏٺو

خطهء آدم ڏسڻ ليءَ هو لٿو

کنڀ کولي هو اڏاڻو شاهباز

سامهون انجي ٻيو ملڪ حجاز

مغرب و مشرق ڏسي جو گڏ ڪيو

نقش انجو باغ جنت کان وڌيو

مون ڏٺو پڻ آهه ايران و فرنگ

نيل وارو ملڪ ۽ درياهه گنگ

آمريڪا پڻ ڏٺم جپان و چين

ٿي ڪيم ڌاتن ليءَ تحقيق زمين

آ زمين جي روز شب جي هر خبر

مون ڪيو ٿي بحر و بر ۾ پئي سفر

آدمي جي هر عمل جي آ خبر

گرچه هو آهي اسان کي دور تر

رومي

آسماني مان ۽ ساٿي خاڪ کان

ري شراب آ، جنهن کي ڪيف جاودان

مرد بي پرواهه نالو ”زنده رود،

جنهن کي هر دم آهه تحقيق وجود

شهر ۾ تنهنجي اسانجو ٿيو گذر

ڪجهه نه آهي، ٻي جهان جو ڪو اثر

نوبنو جلوي جي آ ڳولها سدا

سير هن ۾ ٿي اسان جو رهنما

حڪيم مريخي

”هي نواح مرغدين برخيا

برخيا منهنجي وڏن مان باصفا

فرمرز حاڪم هيو هت بي حيا

هئن وڃي جنت ۾ چيائين برخيا

تون هتي سک ۾ جدا ڇو ٿو رهين

عمر محڪوم خدا ڇو ٿو رهين

هن جڳهه کان آ مٿي روشن مقام

جنهن جي سامهن آهه جنت بي ڪلام

هو جهان آ هر جهان کان شاد ڪام

هو جهان آ، لامڪان کان شادڪام

آ خدا بي ان جهان کان بي خبر

سچ ته هو عالم آهي آزاد تر

جوڙ جڪ ۾ ات خدا بي دخيل

نا ڪتاب آ، نا رسول و جبرئيل

نا طواف آهي اتي نا ڪو سجود

نا دعا آهي اتي نا ڪو درود

برخيا ان کي چيو ’اي بدخبر

اٿ وڃي ڏيکار ٻي جا، هي هنر

مڪر کان ان جي ڇٽو او رهنما

هي جهان بخشيو تڏهن ان کي خدا

هن خدا جي ملڪ مان شادان گذر

راهه و رسم مرغدين تي ڪر نظر“

 


 

مرغدين جي شهر جو چڪر

 

مرغدين ۽ انجو هو جايون بلند

آ چوڻ کان وڌ مقام ارجمند

انجا ساڪن سڀ آهن شيرين سخن

خوبرو ۽ نرم خو، سادو رهن

ڪجهه نه تن وٽ درد سوز اڪتساب

علم تن وٽ ڪيميائي آفتاب

سون چاندي هو وٺن ٿا نور کان

لوڻ جئن حاصل ٿي آب شور کان

آهه خدمت تنجي هڪ علم و هنر

آهه هت بيڪار تنهنجو سيم و زر

هت طبيعت تي نه قادر آ مشين

آسمان دونهين کان هت نا سرمگين

محنتي ڪڙمي جو ڏيئو جلوه گر

دهه جي مالڪ جو نه آ خوف و خطر

پوک تي جڳهڙو نه پاڻي تي فساد

غير جي شرڪت سوا حاصل مراد

هت نه لشڪر يا لڙائي جو فنون

نا وري روزي ڏئي ڪا ڪشت و خون

نا قلم کي مرغدين ۾ ڪو فروغ

جو ڪري تحرير تشهير دروغ

ناهه بازارين ۾ بيڪاري ڪٿي

آ فقيرن جي نه هت زاري ڪٿي

حڪيم مريخي

هت سوالي  يا ڪوئي محروم ناهه

عبد و مولا حاڪم و محڪوم ناهه

زنده رود

سائل ۽ محروم تقدير خدا

حاڪم ۽ محڪوم تقدير خدا

ري خدا ٻيو خالق تقدير ناهه

چارهء تقدير ڪجهه تدبير ناهه

 

حڪيم مريخي

 

هڪ ڪري تقدير خون تنهنجو جگر

بي وري تقدير حڪم حق کان گهر

تون گهرين تقدير نئين جي آ روا

حق جو تقديرون اٿي لا انتها

آ زمين وارن، خودي پنهنجي وڪي

نڪتهء تقدير کان سڀ ٿيا تهي

رمز باريڪ ان جي دل ۾ ذري اثر

هو به ٻي ٿي، جي ٿئين تون ٻيو اگر

خاڪ جي ٿيندين اڏائيندءِ هوا

جي ٿئين پٿر ته شيشي ليءِ فنا

ماڪ آهين: تنهنجي تقدير آ سڪڻ

بحر جي آهين: ته تقدير آ وهڻ

هر زبان سازي اها لات و منات

ڏس بتن ۾ نا ثبات اي بي ثبات

رنج بي گنج آهه، تقدير آ، ائين

گنج بي رنج آهه، تقدير آ، ائين

اصل دين آ، گر اهو ئي بيخبر

ٿو ٿئي محتاج وڌ محتاج تر

ڇا هي ان دين کي جو ننڊ ڏي

پوءِ گهري ننڊ ۾ توکي وجهي

سحر و افسون آهه يا دين آهي

حب افيون  آهه يا دين آهي

ٿو سڃاڻي طبع دراڪ آ ڪٿان؟

حور اندر قالب خاڪ آ ڪٿان؟

قوت فڪر آ حڪمين جي ڪٿان؟

طاقت ذڪر آ ڪليمن جي ڪٿان؟

دل ۾ انجي واردات آهي ڪٿان؟

هي هنر ۽ معجزات آهي ڪٿان؟

گرميءَ گفتار هي توکان نه آهه

شعلهء ڪردار هي توکان نه آهه

هي سڄوئي فيض فطرت جي بهار

جنهن جو مالڪ فطرت پروردگار

زندگي ڇا، موتين جي کاڻ آهه

تون امين: مالڪ انهيءَ جو پاڻ آهه

رســـم ۽ ره سان هلڻ پيغمبري

ملهه خدمت جو گهرڻ سوداگري

ان طرح هي خاڪ، بادل ۾ هوا

باغ، ماڙي، سر ۽ پٿر جي بنا

تون چوين هي ملڪيت منهنجي سدا

مرد نادان هي سڄو ملڪ خدا

ارض حق کي تون چوين پنهنجي زمين

آيهء لا تفسدو پڙهه ٿي اَمين

ابن آدم آهه ابليسي ۾ شاد

آهه ابليسي فقط فتنو فساد

ڪو امانت کي امانت نا چئي

آ چڱو جو ملڪ حق، حق کي ڏئي

جا نه تنهنجي آ اها شي تون کڻي

داغ بي شايان توکي ٿو وڻي

تون جي شي جو آنهن مالڪ ڪر وصول

جي نه آهين، ڪين ڪر ان کي قبول

آ خدا جو ملڪ ان کي ڏي وري

ڪار تنهنجي جي ٿئي جئن برتري

زير گردون ڇاهه مسڪيني ڀلا

جو اچي مولا کان آ افضل سدا

آب و گل کان جو نه ٻانهو ٿي جدا

ان ڀڳو شيشي کي پنهنجي برملا

اي جو منزل جي نه ڄاڻي واٽ ڪا

تنهنجو انداز نگهه آ پر خطا

تنهنجو گوهر ملڪ جو، گوهر اٿي

ورنه ڪوڏي کان به هي ڪمتر اٿي

نوع ٻي سان ڏس جهان، ٻيو ٿي پوي

هي زمين و آسمان، ٻيو ٿي پوي

 

احوال مريخ جي دوشيزه جو

جنهن نبيـــﮧ  هئڻ جي دعوا ٿي ڪئي

سو هزارن ماڙين کان ٿيو گذر

شهر کان ٻاهر پيو ميدان نظر

گڏ ڏٺم ات مان هجوم مرد و زن

ان جي وچ ۾، زال هڪ جلوه فگن

منهن سندس روشن مگر بي نور جان

هئي بيان کان انجي معنى دل گران

بي نمڪ اکيون ۽ لفظن ۾ غرور

آرزو جو ڪين ڪو حاصل سرور

هو وٽس نا عشق ناآئين عشق

رد هي لقمو ڪيو شاهين عشق

هئن چيو ات ان حڪيم با صفا

هي دوشيزه مريخن کان آ جدا

سادي ۽ آزاد، بي مڪر و ريا

فرز مرز آ ندي فرنگين کان اها

پخته آ ڪار نبوت ۾ بڻي

هن کي هن عالم ۾ اڇليو ان کڻي

ٿي چوي نازل ڪيو ٿم آسمان

منهنجي دعوت، دعوت آخر زمان

آ مقام مرد و زن ان جو سخن

ٿي چوي هي فاش اسرار بدن

آهه تقدير حيات ان جو بيان

ٿو زمين جي مان زبان ۾ او چوان

ذڪر مريخ جي نبيـــﮧ جو

عورتو! مائرو! اي ڀينرو

دلبرن وانگر جيئڻ هي آهه ڇو؟

دلبري اندر جهان مظلومي آهه

دلبري محڪومي ۽ محرومي آهه

ڇوٽين کي ڏئي ڦڻي ويڙهي ڇڏيون

مرد کي نخچير پنهنجو ٿا سڏيون

مرد پر نخچير ٿي کيڏي شڪار

تنهنجي چوڌاري وجهي مضبوط ڄار

آ سندس هي شوق سڀ مڪر و فريب

درد، داغ ۽ ذوق سڀ مڪر و فريب

گرچه هو توکي بڻائي ٿو حرم

پر ڏئي ٿو توکي ڪيڏو درد و غم

ان سان گڏ گهارڻ ٿي آزار حيات

وصل زهر آ ۽ فراق آهي نبات

نانگ ٿي او، ور وڪڙ انجي کي ڇڏ

زهر کي رت سان پنهنجي ڪين گڏ

ماءُ بڻجڻ مائرن ليءِ خستگي

مرد ري آزاد بهتر زندگي

وحي حق هردم اچي ٿو مون مٿان

لذت ايمان وڌائي هر زمان

وقت آيو آهه جو اعجاز فن

ٻار کي پيدا ڪري اندر بدن

زندگي جي کيٽ کان وٺ جو چوين

ڌيءَ يا پٽ، جا به خواهش تون رکين

جو نه مرضي سان ٿئي حاصل جنين

بي محابا انجو مارڻ عين دين

عصر هن جي پوئتان اعصار ٻيا

آشڪارا ٿين وري اسرار ٻيا

هي جنين جي پرورش نوع دگر

رحم جي راتين بنا بڻجي سحر

خودبخود جئن ٿي فنا او اهرمن

جئن ته حيوانات ايام ڪهن

لاله جئن بي داغ، باد امان چاڪ

ماڪ ري پيدا ڪري، پاڪيزه خاڪ

پاڻ ظاهر ٿي هي اسرار حيات

نغمه ، بي مضراب ڏي تار حيات

وٺ نه او جيڪو ڏئي توکي ڪڪر

اي سپي، درياهه ۾ بي اڃ مر

اٿ ۽ فطرت سان وڙهه ٿي هوشيار

تان وري ٻانهي ٿئي آزاد ڪار

زال جي توحيد ”دوتن“ کان نجات

ٿي نگهبان آڻ مردن کان نجات

رومي

عصر نوجي ڏس نئين آئين کي

حاصل تهذيب هن لادين کي

زندگي جي شرع و آئين آهه عشق

اصل تهذيب آهه دين: دين آهه عشق

ان جو ظاهر سوز ناڪ و آتشين

انجو باطن نور رب العالمين

انجي گرمي کان آ باطن علم و فن

آ جنون کان انجي روشن علم وفن

دين پختو ٿي نه ري آداب عشق

دين ڏي ٿو صحبت ارباب عشق


 


           ذوفنون- هنر وارا

           فزون- وڌيڪ زياده

             

  بي نمود- بي احساس

با نمود- احساس وارو

روز فراق- موت جو ڏينهن

مرو- روسي ترڪستان ۾ هڪ شهر آهي.

طوسي- اشارو آهي زنده جاويد شاعر فردوسي ڏانهن

خيامي- اشارو آهي عمر خيام شاعر ڏانهن

  گنگ- گنگا ندي

برخيا- مريخ ۾ رهندڙن جو وڏو

مرغدين- مريخ ۾ هڪ شهر

  ڪيميائي آفتاب- سج کان ڪيميائي شيون وٺڻ

اڪتساب- هنر لاءِ تڪليف وٺڻ

 

  حب افيون- آفيم جون گوريون

طبع دراڪ- سمجهه واري طبيعت

شعلهء ڪردار- اخلاق جي گرمي

  آيت شريف: لا تفسدو في الارض بعد اصلاحها.

  نبيـــﮧ- نبي جو مونث

نخچير- شڪار

  نبات- مٺاڻ

جنين- بچه داني

اعصار- عمر جو جمع

اهرمن- شيطان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org