سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: جاويد نامه

صفحو :6

 

سعيد حليم پاشا

(اوڀر ۽ اولهه)

عقل آ مغرب جي ليء ساز حيات

عشق مشرق لاءِ راز ڪائنات

عقل بڻجي عشق کان ٿو حق شناس

عشق آهي عقل کان محڪم اساس

عشق جي ٿو، عقل سان شامل ٿئي

نشق بند عالم ڪامل ٿئي

اٿ ۽ ٻي ڪنهن ٿي جهان جو نقشگر

ريزڪي سان عشق کي آميز ڪر

شعلئه افرنگ آهي بي اثر

دل سندس مرده ۽ اک صاحب نظر

زخمي آهي پنهنجي ئي شمشير کان

آهه بسمل پنهنجي ئي نخچير کان

سوز مستي ڳول ان وٽ ڪينڪي

عصر انجو گرچ پر شوڪت اٿي

زندگي لي آگ تنهنجي سوز و ساز

نو جهان توکان ٿئي ٿو سرفراز

مصطفى(1) جنهن وٽ تجدد هو سدا

ٿي چيائين نقش ڪهنو آ خطا

نو نه ٿي ڪعبي جو سامان حيات

گر اچي افرنگ کان لات و منات

نو نه آهي ترڪ جو آواز چنگ

تازه انجو، آ پراڻو ميء فرنگ

انجي سيني ۾ ڪٿي هو دم ٻيو

انجي دل ۾ ڪٿ هيو عالم ٻيو

عالم موجود جي هو پڙ پيو

ميڻ وانگر انجي گرمي کان ڳريو

طرف هي جيڪي رکي ٿي ڪائنات

سي ڪٿي تقليد ”تقويم حيات“

زنده دل خلقي ٿو اعصار و دهور

آهه هو تقليد کان هردم نفور

جي مسلمانن جان توکي آ جگر

پاڻ کي ڏس، رک قرآن تي نظر

انجي هر آيت ۾ آهن سو جهان

آ لڪل هر لفظ ۾ انجي زمان

عصر حاضر لي جهان هڪ آهه بس

وٺ اگر سيني ۾ ٿي دل نڪته رس

بنده مومن آ، آيات خدا

هر جهان جي ٿي ٺهي ان تي قبا

هڪ جهان ان وٽ پراڻو جئن ٿئي

ٿو جهان قرآن ٻيو ان کي ڏئي

 

زنده رود

خاڪين جي ڪشتي آ، بي ناخدا

ڪنهن نه ڄاتو، عالم قرآن ڇا؟

افغاني

هڪ جهان سيني ۾ پنهنجي گم اڃا

آهه محو انتظار قسم اڃا

او جهان بي امتياز خون و رنگ

شام جنهن جي آهه برتر کان فرنگ

او جهان جت آ نه سلطان و غلام

آ دل مومن جيان او تيز گام

او جهان پر فيض جنهنجي هڪ نظر

نور سان پر نور ڪئي جان عمر

لازوال ۽ واردات انجا نوان

فيض وارا محڪمات انجا نوان

آ تغير کان سندس باطن جدا

ظاهري آ، انقلاب ان ۾ سدا

تنهنجي اندر او جهان آ کڻ نظر

انجي حڪمت جي ڏيان توکي خبر

 

 

محڪمات عالم قرآن

1- خلافت آدم

آدو عالم ۾ عيان آثار عشق

ابن آدم خود آهي اسرار عشق

عشق جو ڇا، عالم اجسام سان

هي نه سام  و حام، روم و شام کان

ڪوڪب بي شرق و غرب هي بي غروب

هو نه ڄاڻي ٿو اتر يا ڪي جنوب

انجي اِني جاعل تقدير آهه

هي جهان انجو سڄو تفسير آهه

موت، قبر ۽ حشر انجو آ بيان

هن جهان جو نور و نار ان کان عيان

هو امام آ، هو صلوات آ، هو حرم

هو ئي مس آ ۽ ڪتاب آ ۽ قلم

ذرو ذرو غيب جو ان کان حضور

ملڪ انجو آ حدن کان دور دور

انجي هستي اعتبار ممڪنات

اعتدال انجو عيار ممڪنات

انجي ساحل جو عمق، مان ڇا چوان

غرق انجي دل ۾ اعصار و زمان

جو رسي آدم ۾ ٿو عالم اَٿي

جو نه عالم ۾ اچي آدم اَٿي

چنڊ ۽ سج انجي جلوت کان جميل

انجي خلوت کي نه پهچي جبرئيل

اڀ کان اوچو مقام آدمي

آ تمدن احترام آدمي

زندگي ڇا آهه، چؤ اي زنده دل

آ دوئي ۾ عشق يڪ بين ۽ اَٽل

مرد عورت آهه هڪ ٻي جو حبيب

ڪائنات شوق ۾ هر دم قريب

زال کان روشن ٿئي نار حيات

انجي فطرت لوح اسرار

آگ کي ٿي جان پنهنجي ۾ ڀري

انجو جوهر خاڪ کي آدم ڪري

انجي دل ۾ ممڪنات  زندگي

انجي تابش ۾ ثبات زندگي

شعله جنهن مان ٿو ٿئي پيدا شرر

جان و تن ان سوز ري آ بي اثر

مرتبو پنهنجو آ، ان کان ارجمند

سڀ اسان ان کان ٿيون ٿا نقشبند

حق ڏئي توکي اگر تاب نظر

انجي پاڪائي ڏسي ٿي پاڪ تر

عصر حاضر دين جو نيو آهه تاب

ٿو ٻڌايان توکي اسرار حجاب

ذوق تخليق آگ آ اندر بدن

واڌ انجي کان وڌي ٿي انجمن

آگ هي جنهن کي ٿئي حاصل نصيب

پنهنجي سوز و ساز جو بڻجي رقيب

نقش پنهنجي تي رکي هردم نظر

جيستائين نقش ٻيو ٿي سازگر

مصطفى اندر حرا ٿيو جائگير

پاڻ ري سائين، نه ٻي جو ٿيو اسير

نقش امت جو ڪڍيو ٿي ات حضور

هي سندس خلوت کان ملت جو ظهور

ٿي سگهي ٿو منڪر يزدان ڪو

پر نه ٿي منڪر نبي جي شان جو

تون اگر روشن هجين مثل ڪليم

فڪر تنهنجو آهه بي خلوت عقيم

آ تخيل جي صفائي زنده تر

زنده تر، ان کان مٿي پائنده تر

علم و شوق آهن مقامات حيات

آهه سرچشمو ٻنهي جو واردات

علم ٿو تحقيق کان لذت وٺي

عشق ٿو تخليق کان لذت وٺي

صاحب تحقيق کي جلوت عزيز

صاحب تخليق کي خلوت عزيز

طلبيو موسى ٿي اسرار وجود

لذت تحقيق جي هئي، هي نمود

لن تراني ٿي رکي نڪتا دقيق

بحر هن اونهي جي اندر ٿي غريق

هر جڳهه بي پرده اسرار حيات

چشمو انجو آ ضمير ڪائنات

ڏس ذرا هنگامهء آفاق کي

زحمت جلوت نه ڏي خلاق کي

حفظ هر نقش آفرين خلوت اَٿي

انجي منڍي جي نگين خلوت اَٿي

2- حڪومت الاهي

 

بندهء حق ڪين ڄاڻي ڪو مقام

ناغلام ان کي، نه او ڪنهن جو غلام

بندهء حق مرد آزاد آهه بس

ملڪ ۾ آئين خداداد آهه بس

ان جي راهه ۽ دين ۽ آئين حق

نيڪ بد ۽ تلخ ۽ نوشين  حق

عقل خودبين نا ڏسي بهبود غير

سود پنهنجي کي ڏسي، ناسود غير

وحي حق سڀ جي ڏسي ٿو سود کي

هر ڪنهين جي سود کي بهبود کي

عادل آهي، صلح آ توڙي مصاف

انجي سامهون لا يراعي لايخاف

غير حق جي حاڪم و آمر ٿئي

ٿي سگهو هيڻو، سگهو قاصر ٿئي

زير گردون، آمري آ قاهري

ري خدا جي آمري آ ڪافري

قاهر آمر جي بڻجي پخته ڪار

پنهنجي قانون جي ٺاهي ٿو حصار

باز ۽ شاهين وانگر زود گير

ٿو بڻائي پنهنجي لقمي کي مشير

قاهري آئين پنهنجو ٿو رکي

بي بصيرت سرمو انڌي کي وجهي

حاصل آئين و شرع بادشاه؟

ديهه جو مالڪ ٿلهو، ڪڙمي تباهه

آ عجب دستور، جمهوري فرنگ

مرده تر مرده ڪري صور فرنگ

آسمان وانگر هي بازيگر ڦري

راند قومن جي ٿو تختي تي ڪري

ڪي منجهانئس گنج ور، ڪي رنج ور

هي سدا چالاڪ، هڪ ٻي ليء ڪٽر

دلبرن جي ڳجهه کي ظاهر چوان

هو خريدار ۽ وڻج آهيون اسان

حب دنيا کان اکين ۾ نا نمي

بار پٽ سمجهي ٿي پنهنجي ليء اَمي

انجي تارن مان هي نڪري جي سرود

ٿو وڃائي هٿ سان پنهنجن جو وجود

گرچه انجا ناز آهن رنگ رنگ

مون کي عبرت ري ڏنو، ڪجهه نافرنگ

ڇڏ سندس تقليد ۽ آزاد ٿي

دامن قرآن وٺ ۽ شاد ٿي


 

3- زمين خدا جي ملڪيت آهي

سر گذشت آدم جي اندر شرق و غرب

خاڪ جي ليءَ آهه فتنهء حرب و ضرب

هڪ ڪنوار آ، انجا سڀ همسفر اسان

ان فسونگر جي ڦرون چوڌار اسان

ناز ۽ انداز انجو مڪرو فن

جت هلي نا ٿي سگهي، ڪاتو و من

ڪئن ٺهن، تو ساڻ هي سنگ و حجر

هي سڀي اندر حضر تون در سفر

اختلاط  خفته ۽ بيدار ڇا؟

ڪار تاري جي ڪٿي، سيار ڇا؟

حق زمين کي چئي اسانجو آ متاع

بي بها، جو مفت، سهنجو آ متاع

هي ذرا نڪتو زميندارو ٻڌو

سڀ ڇڏي ۽ قبر و رزق ان کان وٺو

ان جي صحبت کانسواءِ ٻيو بي نمود

تون وجود ۽ او نمود بي وجود

تون عقابي، طائف افلاڪ ٿي

کول پر ۽ خاڪ هن کان پاڪ ٿي

باطن الارض لله آ پديد

جو نه ظاهر هي ڏسي ڪافر پليد

مان نه توکي ٿو چوان ڇڏ ڪاخ وڪو

تنهنجي دولت هي جهان رنگ وبو

داڻو داڻو آ گهر وٺ خاڪ کان

باز وانگر صيد وٺ افلاڪ کان

هڻ کڻي تيشو سندس ڪهسار تي

پاڻ کان وٺ نور کي، هڻ نار تي

ڇڏ طريقهء آزري جي ڪار کي

نوجهان تعمير ڪر پنهنجو رٿي

رنگ بو ۽ ڪاخ ڪو کي دل نه ڏي

دل حريم انجي، نه ڏي ڪنهن غير کي

لااله جو حرف جو اذري ڪري

پاڻ ۾ گم هي جهان يڪسر ڪري

فقر، جوع ۽ رقص عرياني ڪٿي

فقر، سلطاني آ، رهباني ڪٿي

4- حڪمت خير  ڪثير آهي

 

ٿو خدا حڪمت کي چئي خير ڪثير

خير وٺ هي، جت ڏسين روشن ضمير

علم حرف ۽ صوت کي شهپر ڏئي

بد گهر کي پاڪيءَ گوهر ڏئي

علم کي اوج فلڪ تي آهه راهه

سج جي اک کان پري انجي نگاهه

نسخو ان جو نسخهء تفسير ڪل

انجي آ تدبير ۾ تقدير ڪل

دشت ۾ پيدا ڪري ٿو او حباب

بحر ۾ پڻ ٿو ڪري پيدا سراب

اک ۾ انجي واردات ڪائنات

جنهن جي اندر محڪمات ڪائنات

دل ڏئي حق کي ته آ پيغمبري

جي ڇڏي حق کي ته آهي ڪافري

علم دل جي سوز ري آ، شور و شر

انجي اونداهي جي اندر بحر و بر

رنگ کان انجي جهان ڪور ۽ ڪبود

آ بهار انجي خزان هست و بود

بحر، صحرا، ڪوهسار ۽ جهنگ باغ

انجي طياره جي بم کان داغ داغ

سينهء افرنگ ۾ هي نار آهه

جت سدا شبخون ۽ يلغار آهه

سير الٽو هي ڏئي ايام کي

ٿو کسي سرمايهء اقوام کي

قوت ابليس انجي يار ٿي

نور ان کان ٿو بدلجي نار ٿي

تون نه ماري ٿو سگهين ابليس کي

ڇو ته گهرائي ۾ دل جي گم رهي

آ چڱو ان کي مسلمان جي ڪرين

زير سايه تيغ قرآن جي ڪرين

ڀڄ جلال بي جمالي کان پري

هن فراق بي وصالي کان پري

عشق ري هي علم ڪل طاغوت  آهه

عشق سان ئي علم هي لاهوت آهه

بي محبت علم و حڪمت بي شرف

عقل ڄڻ هڪ تير آهي بي هدف

بي بصر کي مائل ديدار ڪر

بولهب کي حيدر ڪرار ڪر

 

زنده رود

 

حڪمتن وارو ته کوليو تو ڪتاب

پر اهو عالم اڃا اندر حجاب

ڇو ڇڏي پردو ٿئي ظاهر نه ٿو

دل اسانجي مان اچي ٻاهر نه ٿو

پنهنجي اڳيان عالم فرسوده آهه

خاڪ ۾ ملت جتي آسوده آهه

سوز کان خالي ٿيو تاتار و ڪرد

آ مسلمان سرد يا قرآن سرد


 

 

سعيد حليم پاشا

 

دين حق اڄ ڪافري کان بي پري

پيشهء ڪافر گري ملا ڪري

ماڪ، پنهنجي آ نظر ۾ يم مثال

پر نظر ۾ هنجي آ شبنم مثال

رنگ بوقلمون رکي قرآن فروش

جنهن کان آ، روح الامين اندر خروش

آسمان کان انجي دل بيگانه آ

ان جي ليءَ ام الڪتاب  افسانه آ

هو نه ڄاڻي حڪمت دين نبي

آسمان آهي سندس بي روشني

ڪم نگاهه ۽ ڪور ذوق ۽ ڪوچه گرد

گفتگو کان انجي ملت فرد فرد

مڪتب ۽ ملا ۾ اسرار ڪتاب؟

ڄم جو انڌو ۽ نور آفتاب

دين ڪافر فڪر، تدبير جهاد

دين ملا في سبيل الله فساد

در حقيقت مرد حق جان جهان

جو ويو خلوت ۾ انجو ڪر بيان

اي جو تنهنجو فڪر مومن جي حيات

آ نفس کان تنهنجي ملت کي ثبات

تنهنجو آئين حفظ قرآن عظيم

حرف حق کولي چوڻ دين سليم

تون ڪليم آهين ٿيئن ڇو سرنگون

آستين مان هٿ کي ڪڍ ٿي رهنمون

سر گذشت ملت بيضا کي چؤ

وڃ هرڻ سان وسعت صحرا کي چؤ

تنهنجي فطرت نور ور ڪئي مصطفى

چؤ مقام آ، تنهنجو آخر ڪٿ ڀلا؟

مرد حق ٻي وٽ نه ڳولي رنگ و بو

مرد حق، حق کان قبولي رنگ و بو

هر گهڙي انجي آ تن ۾ جان ٻي

هر گهڙي حق جان سندس آ، آن ٻي

راز او چؤ مرد مومن کي وري

شرح رمز ڪل يوم کي وري

ري حرم منزل نه ساري ڪاروان

حق بنا دل ۾ نه ڌاري ڪاروان

راهه انجي آهه ٻي ڪٿ ٿو چوان

آ نگهه ٻي ۽ ٻيو آ ڪاروان

 

افغاني

 

جي حديث مصطفى تنهنجو نصيب

دين حق اندر جهان آيو غريب

ٿو ٻڌايان توکي معني حرف فڪر

غربت دين ناهه فقر اهل ذڪر

جستجو جنهن مرد جي آ بي مثال

غربت دين انجي آهي لازوال

غربت دين، هر گهڙي بدلي اثر

سمجهه هي نڪتو اگر اٿئي نظر

دل نه ڪر ٻي ڪنهن حقيقت ساڻ بند

عصر نو کي تان جهلي تنهنجو ڪمند

ڪنهن نه ڄاتو آهه اسرار ڪتاب

مشرقي ۽ مغربي در پيچ تاب

روسين نئون نقش ڪيو آهي بپا

دين، ماني تي وڃائي ٿيا ولها

حق ڏسي، حق چؤ، نه ڪر ٻي ڳالهه ڪا

مون کان ان ملت کي چؤ هئن برملا

 

روسي ملت ڏانهن افغاني جو پيغام

 

منزل و مقصود قرآن آ ٻيو

رسم و آئين مسلمان آ ٻيو

هنجي دل ۾ ڪو تپش جو نا اثر

مصطفى سيني ۾ هنجي ڪٿ مگر

بدهء مومن آ قرآن کان پري

انجي ڏيئي ۾ نه روشن وٽ ٻري

خود طلسم قيصر و ڪسرى ڀڃي

تخت شاهي جي مٿان ويٺو وڃي

سلطنت قوت ته ڪئي ان کي عطا

پر پيو آ دين ان کان دربلا

ٿي ملوڪيت کان ٻي بڻجي نظر

عقل، هوش ۽ رسم بڻجن پر خطر

طرح تو پنهنجي ڪئي ٻي اختيار

توکان دستور ڪنهن ٿيو زير بار

تو مسلمانن جيان اندر جهان

قيصريت جا ڀڃي ڇڏ استخوان

تان ٿئي روشن چراغ اندر ضمير

ٿي اسانجي حال کان عبرت پذير

جنگ هن ۾ پير رک محڪم ڀري

ڀڄ انهيءَ لات و هبل کان تون پري

توکان ملت ٿي گهري دنيايءَ پير

جا هجي ڪامل، بشير ان سان نذير

تون ئي آهين رهبر اقوام شرق

تنهنجي آ، ايام سان ايام شرق

جان ۾ تنهنجي ڏسان سوز آ ٻيو

قلب ۾ تنهنجي شب و روز آ ٻيو

ڪهنو ٿيو افرنگ جو آئين و دين

رک نه ان دير ڪهن ۾ ڪو يقين

تو بتن جي ڪار کي ڪيو آ تمام

لا ڇڏي الا جي طرف جلدي اڏام

لاجي ڳولا کي ڪري ڇڏ درگذر

تان ملي اثبات جو توکي ثمر

تون جو چاهين ٿو جهان جو انتظام

ڇا ڏٺو ٿي هن ۾ ڪو محڪم نظام

هن پراڻي داستان جو ڌو ءُ باب

روشني جي لاءِ وٺ ام الڪتاب

حٻشين کي ڪنهن يد بيضا ڏنو

قيصر و ڪسرا جو ڪنهن رشتو ڇنو

ڇڏ اهي جلوا جي آهن رنگ رنگ

پاڻ کي تون ڳول، ڪر ترڪ فرنگ

مغربين جي مڪر کان ٿي باخبر

ٿي نه لومڙ،  شينهن وانگر ٿي سٻر

روبهي آهي تلاش ساز و برگ

شير مولا ڳولهي آزادي ۽ مرگ

آهه قرآن ريءَ شيري روبهي

فقر قرآن، سچ پڇين شاهنشهي

فڪر قرآن ۾ ملي ٿو ذڪر فڪر

فڪر ڪامل ليء ضروري آهه ذڪر

ذڪر ذوق ۽ شوق کي بخشي ادب

جان جو سودو آ ان ۾ روز شب

سينه سوز ان مان سوين شعلا اٿن

ڇو طبيعت سان سندءِ هي نا ٺهن

اي شهيد شاهد رعنائي فڪر

ان تجلين جو ڪريان توساڻ ذڪر

ڇاهه قرآن؟ موت خواجي جو پيام

چمڪي ان کان بي سرو سامان غلام

خير زردارن ۾ ڳولج ڪين تو

لن تنالوالبر حتى تنفقو

فتني کي پيدا ڪري آخر وياج

قرض حسنى کي ٿو ڄاڻي ڪو مزاج

ٿي ربا کان جان ڪاري دل پهڻ

آدمي بڻجي وڃي ٿو ديو ڄڻ

وٺ زمين کان رزق پنهنجو آ روا

هي متاع بنده آ، ملڪ خدا

آهه مالڪ حق ۽ مومن آ امين

آهه هالڪ غير حق جيڪي ڏسين

رايت حق آ ملوڪي کان نگون

شهر انجي دخل کان زار و زيون

پنهنجي کاڌي لاءِ هڪ آمائده

دودهء  آدم ڪنفس واحده

نقش قرآن جو جڏهن اظهار ٿيو

پوپ ۽ ڪاهن جو نقشو بدليو

ٿو چوان ظاهر جو دل ۾ آ عيان

هي ڪتاب آهي ڪٿي، ٻي شيِ چوان

جان ۾ اندر وڃي ٻي جان ڏي

جان جي ٻي ٿي جهان مٽجي وڃي

مثل حق مخفي ۽ پيدا آهه هي

زنده ۽ پاينده گويا آهه هي

ان ۾ اوڀر ۽ اولهه جو قسمتون

وڄ جيان انديشه جون رک سرعتون

رک تري تي سر مسلمان کي چئج

گهرج کان وڌ جو هجي ڏيئي ڇڏج

شرع ۾ آئين ٻيو، پيدا نه ڪر

نور قرآڻ تي به رک ٿوري نظر

پوءِ ڄاڻين تون بم و زير حيات

پوءِ سمجهين ڇاهه تقدير حيات

مي نه محفل ۾، نڪي ساقي ڏسان

ساز قرآن جي نوا باقي ڏسان

پنهنجو جي مضراب بڻيو بي اثر

آسمان وٽ سؤ هزارين زخمه ور

امتن کان ذڪر حق برتر غني

جاءِ ۽ آ وقت کان ظاهر غني

ذڪر حق هر ذڪر ذاڪر کان جدا

ملڪ روم ۽ شام کان فارغ سدا

حق اسان جي کسي ان کي وٺي

قوم ٻي ڪنهن کي ڏئي ان کي سگهي

هي مسلمان ۾ ڏسي تقليد وطن

جان منهنجي ٿي ڏڪي اندر بدن

ٿي وڃي محروم شايد ٿو ڊجان

آگ پنهنجي ڏي ٻين کي هو متان

 

 

 

 

پير رومي زنده رود کي چوي ٿو ته شعر ٻڌاءِ

 

پير رومي صاحب جذب و يقين

هن سخن کان بڻجي ويو اندوهگين

آهه سرد انجي ٿي سيني مان پديد

ان جي ڳوڙهن سان نه مٽ خون شهيد

تير جنهن جي دل کي مردن جي چٽيو

ان ڏسي افغان کي هن پرچيو

”دل کي رت ۾ ڏي، شفق جي ٿي مثال

هٿ رکي فتراڪ حق تي وٺ ڪمال

جان آ، اميد کان جوئي روان

ترڪ اميد آهه مرگ جاودان“

پوءِ ڏسي مونکي چيائين ”زنده رود

ڪجهه ٻڌائي سوز ڏي اندر وجود

اٺ ٿڪايل پنهنجو ۽ محمل گران

تلخ تر گهرجي نوائي ساربان

امتحان آ پاڪ مردن جو بلا

آهه اڃين کي ڪرڻ اڃيو روا

وڃ ڪليم الله جان ٽپ رود نيل

باهه ۾ هڻ گام کي مثل خليل

نغمو او جنهن ۾ لڪل آ بويءِ دوست

سو نئي ملت کي بخشي ڪويءِ دوست“

 

ــــ

غزل زنده رود

هي گل وَ لاله چوين ٿو جي مقيم آهن سڀي

راهه پماسي مثل موج نسيم آهن سڀي

تازي معنى کي ٿو ڳوليان پر لهان ان کي نه ٿو

مسجد و ميخانه و مڪتب هي عقيم  آهن سڀي

پاڻ کان سک حرف ۽ ان حرف ۾ خود کي جلاءِ

خانقه ۾ ڇو ته بي سوز ڪليم آهن سي

سي تڪيه وارن جي صفا ڪوشي جو گهٽ ڪر گفتگو

وار بگڙيل اڻ صفا رکندڙ گليم آهن سڀي

پڇ نه ڪعبي جو بڻايا، ڪعبه آهن تن هزار

فڪر هڪ توحيد وارن جو، دونيم آهن سڀي

بزم هنگامي کان گذري جي ويو مشڪل نه آهه

آهه مشڪل هي ته بي نقل و نديم آهن سڀي


 


  سعيد حليم پاشا  سنه1865ع ۾ قسطنطنيه ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ابراهيم حليم پاشا، محمد علي پاشا خديو مصر جو ٻيو پٽ هو. مصر وارن توفيق پاشا کان تنگ ٿي، سعيد حليم پاشا کي خديو مصر بنائڻ گهريو، مگر انگريزن جي دست اندازي ائين ڪرڻ نه ڏنو. سنه 1889ع ۾ قسطنطنيه ۾ آيو، جتي سلطان عبدالحميد کيس وزارت جو عهدو ڏنو. سنه 1905ع ۾ جڏهن ترڪيءَ جي نوجوان جماعت، ”انجمن اتحاد ۽ ترقي“ جو سرپرست بڻيو، تڏهن سلطان کيس وزارت کان معزول ڪري ڇڏيو، ۽ هو مصر هليو ويو. سنه 1908ع ۾ جڏهن ترڪي جي نوجوان سلطان کي اصلاحات لاءِ مجبور ڪيو، تڏهن هنن پاشا کي مصر کان گهرائي ورتو. سنه 1911ع ۾ ڪائونسل آف اسٽيٽ جو صدر مقرر ٿيو. سنه 1913ع ۾ مارشل محمود شوڪت پاشا جي شهادت کانپوءِ، ترڪي جو وزيراعظم مقرر ٿيو. سنه 1914ع ۾ مهاڀاري لڙائي ۾ هن غير جانبدار رهڻ جو فيصلو ڪيو. مگر جڏهن انگريزن ۽ روسين خواه مخواه مخفي طرح ترڪي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن انگريزن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. سنه 1919ع، جڏهن انگريزن قسطنطنيه تي قبضو ڪيو، تڏهن پاشا کي مالٽا ۾ نظربند ڪيو. هڪ سال کانپوءِ هو آزاد ٿي روم ۾ وڃي رهيو، ته اتي هڪ خبيث ارمني کيس گولي هڻي شهيد ڪيو. هي واقعو 6 ڊسمبر سنه 1921ع جو آهي. پاشا موصوف دماغي ۽ قلبي صلاحيتن جي سبب اسلامي دنيا ۾ مٿاهون مقام رکي ٿو. سندس تصنيف ”اسلام الشمق“ ترڪي زبان جو شاهڪار آهي، جنهن جو ڪيترن زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي.

(1) مصطفى کان اشارو آهي مصطفى ڪمال پاشا. قوم کان کيس اتاترڪ جو لقب مليل آهي. هي نامور شخص، ترڪي جي بندرگاهه سالونيڪا ۾ سنه 1880ع ۾ پيدا ٿيو. ننڍيئي يتيم بڻجي ويو. مگر سندس البانوي ماءُ سندس پوري تربيت ذمي ورتي. ترڪي جي جنگي ڪاليج مان تعليم وٺي، سنه 1904ع ۾ فوج ۾ ڪپتان جي عهدي تي مقرر ٿيو. سنه 1906ع ۾ ”نوجوان ترڪ جماعت“ ۾ شريڪ ٿيو، جنهن جو مقصد هو ملڪ ۾ دستوري حڪومت آڻڻ. جڏهن سلطان عبدالحميد سنه 1909ع ۾ تخت ڇڏيو، تڏهن ڪمال پاشا کي فوجي خدمتن جي باعث ڪرنل جو عهدو ڏنو ويو. سنه 1910ع ۾ البانيه جي بغاوت ۾ نمايان حصو ورتائين. سنه 1911ع ۾ اٽلي طرابلس تي ناحق حملو ڪري ڏنو. هن لڙاين ۾ ڪمال، شهيد ملت انور پاشا جي زير قيادت حصو ورتو، ۽ انور پاشا سان سندس اختلاف پيدا ٿيو. مصطفى ڪمال پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ وڏو حصو ورتو. جرمني جي جنرل وان سانڊرس سان گڏ، هن دره دانيال ۾ اتحادي فوج کي سخت شڪست ڏني. لڙائي ترڪي جي بربادي تي جڏهن پوري ٿي، تڏهن يونانين سمرنا کي فتح ڪري ورتو. مصطفى ڪمال، بي سروساماني جي حالت ۾ يونانين کي شڪست ڏني، ۽ سنه 1924ع ۾ نئين ترڪي جمهوريت جو بنياد رکي پاڻ صدر بڻيو. حڪومت جي دوران ۾ کانئس ڪيتريون ئي غير اسلامي ڳالهيون عمل ۾ آيون.

اعصار (عصر جو جمع)- زمانا

دهور (دهر جو جمع)- جهان

  سام ۽ حام، حضرت نوح عليـــﮧ السلام جا ٻه فرزند هئا. سامي قومون پاڻ کي سام جي اولاد مان سمجهن ٿيون. حام جي اولاد مان، سامي قومن کانسواءِ، ٻين قومن جي پيدايش سمجهي وڃي ٿي.

اني جاعل في الارض خليفـــﮧ (قرآن شريف)- مان زمين تي پنهنجو خليفو بڻائڻ وارو آهيان.

لوح- پٽي

  ممڪنات- اها حقيقت جا ٿيڻ جهڙي هجي.

تخليق- پيدايش

عقيم- جنهن مان ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهي .

نگين- ٽڪ

  نوشين- منو

مصاف- لڙائي، جنگ

لايراعي لا يخاف- نه ڌنار نه خوف

حصار- ڪوٽ

بي بصيرت- اکين جي روشنيءَ کانسواءِ

صور- نفير جو آواز

  نمي- آلاڻ

  اختلاط- ميلاپ

همسر- مرد

طائف- طواف ڪندڙ

الارض لله- هي زمين خدا جي ملڪيت آهي

ازبر- ياد

جوع- بک

رهباني- دنيا کي ترڪ ڏيڻ

  خير ڪثير- وڏي نيڪي

طياره- هوائي جهاز

شبخون- رات جو لڪيل حملو

يلغار- ڪاهه يا چڙهائي

  طاغوت- بيديني

فرسوده- پراڻو

ڪرد- تاتاري قوم جو هڪ قبيلو

  يم- اونهو سمنڊ

بوقلمون- طرحين طرحين

ڪوچه گرد- گهٽين ۾ ڦرندڙ

  ڪل يوم هو في شان (قرآن شريف)

”غريب“ اشارو حديث الاسلام جاء غريب-

  ملوڪيت- بادشاهي

قيصريت- قيصر جي شهنشاهيت

اسختوان- هڏا

  روبهي- لومڙ جي فطرت

ساز و برگ- دنيا ئي سامان

لن تنالو البر حتى تنفقو- ايستائين اوهان کي نيڪي حاصل نه ٿيندي، جيستائين اوهان خرچ نه ڪيو.

ربا- وياج

رايت- جهنڊو

هالڪ-هلاڪ ڪندڙ

  دودهء آدم.... واحده- انسان جو خاندان هڪ شخص وانگر آهي.

مائده- دسترخوان

ڪاهن- اڳڪٿي ڪندڙ.

  عقيم- سنڍ

گليم- گودڙي

نديم- صلاح ڏيندڙ

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org