جاويد کي خطاب
(نوجوانن کي نصيحت)
جاويد کي خطاب
(نوجوانن کي نصيت)
او سخن آهي سينگارڻ ئي فضول |
قعر
دل مان ڪينڪي جو ٿي وصول |
گرچه مون نڪتا چيا سؤ بي حجاب |
پر اٿم نڪتو، نه جو اندر ڪتاب |
جي چوان بڻجي اهو پيچيده تر |
حرف و صورت ان کي ڪري پوشيده تر |
سوز انجو وٺ نگاهن کان سندم
يا صبح جي وٺ ايلاهن کان سندم
درس پهريون ماءُ کان توکي مليو |
هير ان تي، منهنجي مکڙي ٿي کليو |
هير ان کان تنهنجو هي آ رنگ و بو |
منهنجي دولت، ان کان تنهنجي آبرو |
دولت جاويد ان کان گڏ ڪيءَ |
انجي واتون لااله ڪلمو سکيءِ |
هان ٻچا! ذوق نگهه وٺ مون وٽان |
سوز حرف لااله وٺ مون وٽان |
لااله چؤ، جي چوين ٿو دل منجهان |
تان اچي عضون مان تنهنجي بوءِ جان |
لااله جي سوز کان هي سج چنڊ |
مون ڏٺو هر هنڌ انجو جوڙ، منڊ |
لااله هي ڪار ڳي گفتار ناهه |
لااله جي ڪا مڏي تلوار ناهه |
سوز ان سان زندگي قهاري آهه
لااله جي ضرب، ضرب ڪاري آهه
ٻي جي اڳيان ٿو ٻڌي مومن ڪمر |
فقر، غداري، نفاق انجو ثمر |
ڪوڏين تي دين و ايمان کي ڏئي |
پنهنجي گهر ۽ گهر جي سامان کي ڏئي |
لااله انجي نمازن ۾ نه اڄ |
ناز انجي آ نيازن ۾ نه اڄ |
انجي روزن ۽ نمازن ۾ نه نور |
ان جي جلوي جو جهان ۾ نا ظهور |
جنهنجي ليءَ الله هو هڪ ساز و برگ |
ان کي دولت جو هوس ۽ خوف مرگ |
ان وڃايو ذوق، مستي ۽ سرور |
دين اندر آ ڪتاب ۽ خود قبور |
ٻن نبين کان نئين ملت سکي |
عصر حاضر سان سندس صحبت وڌي |
هڪ آ ايراني، ٻيو هندي نزاد
|
هڪ نه ڄاڻي حج ٻيو تارڪ جهاد |
جي جهاد ۽ حج نه آهن واجبات |
پوءِ وري ڇا جو رهي صوم و صلوات |
روح کان خالي ٿيو روزو نماز |
فرد ناهموار، ملت بي نياز |
آ خودي جي راز کان مومن پري
اي خضر هٿ وٺ جو پاڻي ٿو وري
سجدو او جنهن کان زمين ٿي لرزيو |
جنهن جي مرضي سان چنڊ ۽ سج ڦريو |
جي پوي ها پٿرن تي او سجود |
ڪينڪي تنهنجو رهي ها، ڪو وجود |
آهه، پر اڄ سر جهڪائڻ آ رهيو |
ضعف پيري سان نڀائڻ آ رهيو |
هو شڪوه ربي الاعلى ڪٿي |
هي گناهه آ، ان مٿي يا تو مٿي |
آهه هر ڪو پنهنجي رستي تي روان |
بي مهار آ، اٺ اسانجو بي نشان |
صاحب قرآن بي ذوق طلب
آ عجب، ثم العجب، ثم العجب
جي خدا توکي ڪري صاحب نظر |
ڪجهه زماني ڏي نهاري وٺ اثر |
عقل آ بي باڪ، دليون بي گداز |
آهه اک بي شرم ۽ طالب مجاز |
علم و فن، دين و سياست، عقل و دل |
گڏ پيا ڪن ٿا طواف آب و گل |
ايشيا جنهن جو وطن آ آفتاب |
غير کي ڏسندڙ ۽ خود اندر حجاب |
قلب انجي ۾ نه ڪائي واردات |
آه بي قيمت سندس هر حاصلات |
هن پراڻي دير ۾ انجي حيات |
آه ساڪت، يخ ٻڌل ۽ بي ثبات |
آ ملوڪيت ۽ ملا جو شڪار |
فڪر انجي جو غزل آ بي وقار |
عقل، دين و دانش و ناموس و ننگ |
سڀ کسي ورتس اميران فرنگ |
ڊوڙيس مان انجي نئين افڪاري ڏي |
چيريم هر پردهء اسرار کي |
پنهنجي سيني ۾ مون دل کي خون ڪيو
تان سندس عالم کي مون گلگون ڪيو
عصر پنهنجي کي ٻڌايا مون ٻه حرف |
بنديم بحرين
کي اندر دو ظرف |
حرف هڪ پيچيده آ، ٻيو نيشدار |
عقل و دل مردن جو جن سان آ شڪار |
حرف هڪ ۾ آهه انداز فرنگ |
ٻي جي دانهن کي اٿاري تار چنگ |
اصل هڪ جو فڪر آ ۽ ٻي جو ذڪر |
شل خدا توکي ڏئي هي ذڪر و فڪر |
آ نهر منهنجي انهيءَ بحرين کان |
فصل هي ۽ وصل هي، ان عين کان |
تا طبيعت عصر منهنجي جي ڦري
طبع منهنجي نئين هنگامي ڏي وري
نوجوان آهن اڃا خالي اياغ |
شڪل خوش تاريڪ جان روشن دماغ |
گهٽ نظر ۽ نا اميد ۽ بي يقين |
اک ڏٺو، دنيا ۾ تنجي ڪجهه به ڪين |
پاڻ کان منڪر ۽ ايمان کان جدا |
پنهنجي مٽي سان مڙهي جي ڪن بنا |
آهه مڪتب کي نه مقصد جي خبر |
جوش ۽ جذبي کان سي محروم تر |
نور فطرت کان بدن تنجو جدا |
ڪو گل رعنا نه ٿيو تن کي عطا |
سرڪار يگر ئي ڏنگي ٿو رکي |
ٿو بدڪ جي باز کي تعليم ڏي |
باهه حس ۾ پر وڃي جي تون جلين |
پوءِ تفاوت سون ٽامي جو ڪرين |
علم حق اول، حوض آخر حضور
جنهن کي ماپائي سگهي ٿو ڪٿ شعور
سؤ ڪتابن جا پڙهن استاد کان |
پر سبق هڪ وڌ اهل ارشاد کان |
هر ڪوئي ان مي کان جا هاري نظر |
مست بڻجي ٿو وڃي المختصر |
هير سحري کان وسامي ٿو چراغ |
لالي کي باد سحر بخشي اياغ |
کاءُ گهٽ، سمهه گهٽ ۽ گهٽ گفتار ٿي |
پنهنجي چوڌاري مثل پرڪار ٿي |
منڪر حق ملي وٺ ڪافر ٿيو |
منڪر خود وٽم ڪافر تر ٿيو |
هو آ انڪار وجودي کان عجول
|
هي عجول آ ۽ ظلوم آ ۽ جهول |
شيوهء اخلاص جو ٿي ڪاريگر |
ڪين رک ڪجهه خوف سلطان و امير |
عدل کي فهم ۽ رضا ۾ بي نه ڇڏ |
عزم کي فقر و غنا ۾ بي نه ڇڏ |
حڪم ڏکيو آهه ڪر تاويل ڪين |
ڳولهه پنهنجي قلب ري قنديل ڪين |
حفظ جان ۽ ذڪر و فڪر بي حساب |
حفظ تن سان ضبط نفس اندر شباب |
سير جي لذت آ مقصود سفر |
آشيان تي جي نظر ٿي نا اڏر |
چنڊ ڪامل کي ميسر ٿي مقام |
سير آدم کي مقام آهي حرام |
زندگي ري لذت پرواز ناهه |
انجي فطرت ۽ مڪان جو ناساز ناهه |
رزق ڪانءَ ۽ ڳجهه جو خاڪ زمين
رزق بازن جو مٿي عرش برين
دين جو ڳجهه قال سچ، رزق حلال |
خلوت و جلوت ۽ ديدار جمال |
دين جي ڪم ۾ رهج الماس ٿيءُ |
دل رکي حق ساڻ بي وسواس جيءُ |
دين جي اسرار جو ڳجهه هت لکان |
ڳالهه مان توکي مظفر جي چوان |
هو عمل، اخلاص جو فرد فريد |
بادشاهي سان مقام با يزيد |
کيس هو اولاد جان گهوڙو عزيز |
سخت هو، هو ڊوڙندڙ روز ستيز |
سبز رنگو ديس انجو هو عرب |
با وفا، بي عيب، پاڪيزه نسب |
مرد مومن ليءَ عزيز اي نڪته رس |
آ سدا، شمشير، قرآن و فرس
|
وصف انجي ٻي لکان ڪهڙي ڀلا |
ڪوه و دريا تان ويو ٿي ڄڻ هوا |
جنگ ۾ هو وڌ نظر کان منتظر |
تند طوفان جان ٽپيو ٿي بحر و بر |
انجي ڊوڙڻ ۾ بپا هو رستخيز |
ضرب سم پٿر ڪيو ٿي ريز ريز |
اوچتو حيوان ٿيو او بيقرار |
پيٽ جي سوزش کان تنگ ۽ دلفگار |
ٿي شفا، ان کي ڏنائون جئن شراب |
شاهه جي گهوڙي جو گهٽ ٿيو پيچ و تاب |
شاهه حق بين، ان تي ٻيهر نا چڙهيو |
شرع، تقوى جو طريقو آ ٻيو |
شل خدا توکي به ڏي قلب و جگر
ڪر مسلمان جي اطاعت تي نظر
دين جي معنى آهي حق جي طلب |
انتها عشق آهه، آغاز آ ادب |
آبرو گل جي سندس آ، رنگ و بو |
بي ادب بي رنگ و بو، بي آبرو |
نوجوانن کي ڏسي مان بي ادب |
ٿو سهان درد و الم، رنج و تعب |
بي قراري سيني ۾ پيدا ٿئي |
ياد عهد مصطفى مونکي پئي |
دور پنهنجي کان پريشان ٿو ٿيان |
عصر رفته ۾ وڃي ٿو مان لڪان |
ستر زن جو مرد يا خاڪ لحد |
ستر مردن جو رکڻ نا يار بد |
حرف بدمنهن مان چوڻ آهي خطا |
ڪافر و مومن سڀي خلق خدا |
آدميت احترام آدمي |
جان هي آهي مقام آدمي |
ربط و ضبط تن سان آدم آ اتم |
کڻ طريق دوستي ۾ هر قدم |
عشق جي بندي جو عالي آ طريق |
آ سدا مومن ۽ ڪافر تي شفيق |
ڪفر و دين جي لاءِ آهي جائي دل |
دل ڀڄي دل کان ته پوءِ آ وائي دل |
گرچ دل جو آهه سامان آب و گل
پر سڄو آفاق هي، آفاق
دل
مالڪي ده جي اگر توکي هجي |
فقر کي هٿ کان نه ڏي، هرگز نه ڏي |
تنهنجي اندر سوز او آهي نهان |
هي شراب ڪهن تنهنجو بي گمان |
درد دل ري ٻيو سڄو سامان تعب |
نعمتون حاڪم کان ڇو، حق کان طلب |
ڪيترا حق بين، دانا ۽ بصير |
ڪثرت نعمت کان بڻجي ويا ضرير |
ڪثرت نعمت، گدازي دل کان ني |
ناز آڻي ۽ نيازي دل کان ني |
مان جهان ۾ چو طرف ڦرندو رهيم |
پر نه ڪنهن منعم جي اک آلي سيم |
جو فقيرانه جئي محمود آهه
جو خدا بيگانه آ مردود آهه
ڳولهه مسلم ۾ نه تو او شوق و ذوق |
او يقين، او رنگ و بو، او ذوق و شوق |
علم قرآن کان ته عالم بي نياز |
آهه صوفي بي بگهڙ دندان دراز |
خانقاهن ۾ اگرچه هاءِ هو |
پر ڪٿي او مرد جنهن جو پرڪدو |
هي مسلمان جي فرنگي جان جناب |
چشمهء ڪوثر ليءَ ڳولهين ٿا سراب |
بي خبر هي راز دين کان سڀ ٿيا |
ڪينه پرور، اهل ڪين کان سڀ ٿيا |
خير و خوٻي خاص ۾ آهي حرام |
مون ڏٺو صدق و صفا جي ليءَ عوام |
دين وارن کي سڏين ٿا اهل ڪين |
ويهه تن وٽ، وٺ وٽن حق و يقين |
آ ڳجهين جي رسم ۽ آئين ٻي
آ خرام سطوت شاهين ٻي
مرد حق اڀ کان اچي ڄڻ تيز برق |
انجون ڪاٺيون شهرو دشت غرب و شرق |
آ، اسانجي ليءَ ظلام
ڪائنات |
او شريڪ اهتمام ڪائنات |
هو ڪليم آ ۽ مسيح آ ۽ خليل |
هو محمد آ، ڪتاب ۽ جبرئيل |
آفتاب ڪائنات اهل دل |
ان کان روشن آ، حيات اهل دل |
آگ پنهنجي ۾ وجهي او رهنما |
پوءِ سلطاني سيکاري برملا |
سوز آهيون سڀ اسان، او اهل دل |
ورنه باطل نقش وانگر آب و گل |
وقت جنهن ۾ تون ڄايو آهين ڊڄان |
غرق آهي جسم ۾ ڄاڻي نه جان |
قحط جان کان جسم ٿي ارزان جڏهن |
مرد حق ٿي پاڻ ۾ پنهان تڏهن |
ٿي نه حاصل جستجو ان مرد کي |
گر ڏسي ٿو روبرو ان مرد کي |
سؤ ڳنڍيون ڪم ۾ پون تنهنجي اچي |
تون مگر ذوق طلب هٿ کان نه ڏي |
مرد دانا جي نه صحبت ٿي عطا |
اب و جد کان جو مليو وٺ رهنما |
پير رومي کان وٺج او سوز و ساز |
تان خدا بخشي توکي سوز و گذار |
ڇو ته رومي مغز کان ڄاڻي ٿو پوست |
آ قدم انجو سدا در ڪوئي دوست |
شرح ڪيائون، پر نه پرکيائون متن |
انجي معنى جو وٽن موتي ڪٺن |
رقص تن جو ان کان سکيائون عمل |
رقص جان جا پر نه ٿيا هرگز اهل |
رقص تن گردش ۾ آڻي خاڪ کي |
رقص جان پهچائي ٿو افلاڪ تي |
فرد ان کان صاحب جذب ڪليم |
ان کان ملت وارث ملڪ عظيم |
رقص جان کي آ پرائڻ ڪم ڏکيو |
غير حق کي آ جلائڻ ڪم ڏکيو |
جيستائين حرص و غم ناهي جليو |
رقص جان پٽ ڪينڪي ڪنهن کي مليو |
رقص جان ايمان، دلگيري آ غم |
نوجوانو ’نيمهء پيري‘ آ غم |
فقر حاضر حرص آ ڄاڻج تمام |
پاڻ تي قاهر جو، انجو هان غلام |
اي جو تون آرام جان نا شڪيب |
رقص جان کان وٺ وڃي پنهنجو نصيب |
سر دين مصطفى توکي چوان
قبر ۾ بي تنهنجو دعاگو ٿي رهان
اهتمام- بندوبست
اب وجد- ابو ڏاڏو
’نيمهء پيري‘- پيري جو اڌ. مطلب آهي ته غم
پيري کي آڻيندڙ آهي.
|