سسئي
(1)
زبر زورآور ذات، ڪيڏي ٻاروچن جي،
رهـِـي هڪڙي رات، ڀينگو ڪن ڀنڀور کي.
(2)
ڪيچ نه ٻجهي ڪوڪ ڏاڍو سخت سهير،
پهڻ پير پٿون ڪيس، ٿي ضعيفان حال زهير،
نينهن نه ڄاڻ نظير، اوکو پنڌ پريت جو.
حاتم طائيءَ جو قصو
(3)
ڪيچين ڪين ڪئي، ويندي الوداع،
هــُـو زورآور ذات هئا، پاڙڻ پرت پئي،
ٻانهي شال چئي، ويجهو ڪن وصال کي.
(4)
اُلهي سج اُوير ڪئي، ٿي هاڙي ۾ هــُـوءِ
قسمت ڪاڻانڍي ڪئي، ڪاڏي جتن جُـوءِ
اَلا اَچن اُوءِ، سڪان ٿي جنهن ساٿ لئه
(5)
اُلهي سج اَوير ڪئي، ٿي هاڙهي ۾ هاڪار،
بيحد بلائون بــَـرجون، نڪري ٿيون نروار،
کڻي هٿ دعا لئه، اُتِ سسئي ڪيا سـُـڏڪار،
قادر پنهنجي ڪــَـرم سان، سولي ڪر ستار،
ميڙين اُو مهندار، جا ساٿ ڌڻي سرواڻ آهه.
(6)
آڌيءَ رات اُٿي، رئندي وتي روهه ۾،
کڻندي پير پنهون جو، وڃي تيزيءَ ساڻ تتي،
مورون ڪين ٿــَـڪي، وڃي اُڇنگارون ڏيندي اڳتي.
(7)
ڏسي ڦــَـڻ ڦٽيل، روئي زارو زار،
رائي ۾ روهه جي، لـُـٽڪي ٿي لاچار،
هاڙهي جي هن پار ٿي ٻــُـڌيِ ڪوڪ غريب جي.
(8)
اَچي رات پئي سسئيءَ جي سڃ ۾،
ووڙيندي وس ڪيو “خادم” رُل مئي،
واڪن تي واڪا ڪندي، ٿي ويچاري وئي،
هي قضا ڪار ڪئي، نه ته ڪير رُلي هن روهه ۾.
(9)
چڙهي جبل چوٽئين، ٿي نهاري روئي،
ايندو ڏسي ڪوئي، مـَـنَ اوٺي اُنهيءَ پار جو.
(10)
چڙهي جبل چوٽئين، ٿي هاڙهي سان هوڏي،
پهڻن پير پٿون ڪيس، وڌي لڪن آ لوڏي،
رڙهندي ويندس راهه تي، گسندي سان گوڏي،
ڏسُ ڪيچين جو ڪو ڏي، آءٌ سونهي ٿيندس پاڻيهي.
(11)
آڌر نڌر اَڀري، هيءَ ويچاري اَڄاڻ،
ساٿ ڌڻي سرواڻ، شال ٻاروچو ٻاجهه ڪري.
(12)
آڌر نڌر اڀري مان کٽياڻي تون خان،
ڪامل ڌڻي ڪيچ جو، سونهارو سلطان،
ڄاڻي پنهنجو شان، ڇڏج ڪين ڇپر ۾.
(13)
ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو، نڀائي نيو،
درجو دردونديءَ کي، ثابت سير پيو،
مٿي ملهه ٿيو، مــَـر ڪي منڌ مري وئي.
(14)
پري وڻ وڻڪار جا، مون سجهيم ٿي سؤلا،
واٽن کي وَرَ ٿيا، اُبتا ۽ اولا،
مهر ڪر مولا، ته سفر منهنجو صاب پئي.
ڪافي
ڪيچين سندي ڪاڻ ڪڍان ٿي قاف ۾.
مون کي ماري هليا هيڪل ڇڏي هاڻ.
واقف نه آهي واٽ جي آري هيءَ اَڻ ڄاڻِ.
کڻندي پير پنهون جو ڪر روهن سان رهاڻ.
اَلا ”امام بخش“ چوي اُهي اَوٺي وري آڻِ.
هير ۽ سندس ماءُ جي گفتگو
(1)
اَمڙ ڇڏ ڏکيءَ سان، ڏاڍائي ۽ ڏهڪار
رانجهن تخت هزاري جو مالڪ آ مختيار
آيو جهنگ سيال ۾ ڪنهن سانگي کان لاچار
اُن جي ذات صفات کي ٿو ڄاڻي هڪ ڪلتار
طاهر ۾ ميهار، باطن ۾ آهه بادشاهه.
(2)
ماڻس
رک ڪجهه ڌيءُ ڌيان کي، ڪر ڪو هير حياءُ
ناحق ســَـنديون ڳالهيون، رڳو ريب رياءُ
پيون پچارون ڏيهه ۾، توکي آهي ســُـڌ سماءُ
وائڙي توکي واءُ، ڪهڙو ويٺو آهه ســِـرَ ۾.
(3)
هير
اَمان تنهنجي ڳالهين، ڳاريو منهنجو ماههُ
مٽيان مــُـنهن رانجهن کا، ڪندو ڪين الله
رانجهن تخت هزاري جو، آ شاهن سندو شاههُ
مــَـرُ ته وڃي ساهه، ساءُ نه مٽيان دوست جو.
(4)
ماڻس
ماڻهن جي مهڻي کان، توکي لــَـڄَ نه آئي هير
اِهڙن افعالن سان شل پوئي ڇائي هير
گلا غيبت لوڪ جي، تو ڪيئن ڇائي هير
ڪجهه ته مائي هير، ٿي سياڻي ســُـرت رَک.
(5)
هير
نازڪ ڳالهيون نيهن جون، آءٌ ڪئن ســُرت رکان
اندر ڍانـُـڍ برهه جو، پئي ٿي روز پچان
گلا غيبت لوڪ جي، سهمان ســَـر سهان
رانجهي واري راز جي، آءٌ ڪنهن کي ڳالهه چوان
اَمڙ تنهنجي آسري، ٿي ڪيم ناز نوان
تو بي منهن مٽائيو، جا هيم آس اَڃان
ڪئن مان پرت ڇنان، جا اَلستون اڳي هئي.
(6)
ماڻس
اَمڙ سياڻي ٿيءُ، ڏس منهنجا اڇا وار
مهڻي هاب نه ڪر تون، ڇڏ پٽين وار پارَ
متان ڪنين پوي چوچڪ جي، ڏاڍي ڏئي مارَ
ڇڏ رانجهن واري تار، کيڙي کي رک خيال ۾.
(7)
هير
اِنهن ڳالهين کي ٻڌي، ٿو سچ پچ روح ســَـڙي
کيڙي کاروءَ خام کي، تون توڙون ڇڏ تــَـڙي
رانجهن قابو روح ڪيو، قربن ساڻ ڪــَـڙي
تنهن ليءِ روز رڙي، دل دانهون ڪري ٿي درد مان.
(8)
ماڻس
پرور شل پردو ڪرين، صاحب رکين سير
اِهڙي آفت ڌيءُ کان، تون بچائج پير،
ڪهڙي حجت هير، جنهن کي ساڃهه آهي ڪينڪي.
(9)
هير
اَمڙ منهنجي حال جي، نه تو ڪا ڳالهه ڳڻي
راضي آهيان رب کي جيڪا ڳالهه وڻي
رانجهن ساڻ الست کان، اَٽڪي اک اَڻي،
منهن مٽيندس ڪينڪي، توڙي کنا ڪيوم کڻي،
جيڪا باب بڻي، سا سهي ويندس ســَـر تي.
وزيرآباد
(1886ع)
____***____
مومل راڻو
(1)
اُڀي اُڀاريم، ستارو صبوح جو،
راڻا رئندي رات جو،هنجون ٿي هاريم،
سوڍا ٿي ساريم، توکي بيٺي ڪاڪ تي.
(2)
پـِرهه ڦـُٽي ٿي ڪاڪ تي چلپل چوڌاري،
سرتيون سڪ منجهان ٿيون ڏين دم دم دلداري
سوڍي ريءَ ساري، عمر وڃي پئي ڏوجهري.
(3)
آيو ڪين حبيب، واري ويٺو وير کي،
وڃي ڍَٽِ قراريو، رکي عيب عجيب،
تو ريءَ هاڻ طبيب، تن توانو ڪين ٿئي.
(4)
راڻي رُسي رات ڪيڏو ڪيو مامرو،
ڏسي هيڻي ذات، شايد مـُـنهن مــَـٽي ويو.
(5)
آيو ڪين وري، ويو سوڍو ساءُ کڻي،
بيٺي ڪاڪ ڪنڌين تي وئي ويل ٽــَـري
منهنجي ڪين ســَــِـري، پر اُن جي سڀ ســَـِـري
وئي.
(6)
ڦوڙائو، فراق، ڏئي راڻو رات رُسي ويو،
رهيو من مشتاق، سدا سوڍي واسطي.
(7)
چار ئي پلو چڪ ۾، ڍوليا ڍڪڻ ٿيءُ،
وساري ويهي رهين، توکي نه واجب اِيءُ،
مون کي چاڙهي چيءُ، وڃي ويٺين ويسرو.
(8)
اڄ نه اوطاقن ۾، راڻي جي رهاڻ،
ويٺي ڍاٽيئـَـڙن جون ڪڍان ڪوڙين ڪاڻ،
اَلله اُهو آڻ، جنهن سان اور اندر جي.
(9)
وري واءُ وري، وهندو شال وصال جو،
مومل توريءَ مينڌرا، پئي ٿي روز مري،
ڪاري ڪاڪ ڪري، وڃين ويٺين عمرڪوٽ ۾
(10)
ويٺين عمرڪوٽ ۾، وساري وينجهار،
تون عيبن کان آجو آهين، مون ۾ عيب اَپار،
ستر ڪر ستار، آءٌ ٻاجهه وهيڻي آهيان.
(11)
توريءَ رنگ محل، وڻن ڪين ولهيءَ کي،
ماريندي معذور کي پئي ڪين ڪهل،
تنهنجي اڄ مومل، ٿي مهڻي هاب ملڪ ۾.
ڪافي
سوڍا ساهه سدائي، توکي ٿو ساري.
1- ماري هلين مينڌرا عاجز اجائي،
جا لڳي تو لاري.
2- ڪاڪ ڪوماڻي ڏس اچي، پئي محلن ۾ ڇائي،
وئين باهه برهه جي ٻاري.
3- اڱڻ ”خادم“ جي پرين، ڪر اچڻ جي وائي،
وڃ تار منجهارون تاري.
وحدت جا بيت
(1)
ڪــَـنُ ڪپائڻ ڄاڻي، هيءُ به هڪ نظير،
اڳين آڌوتن جو، تو ۾ ناهه تاثير،
ڏڌو ٿڻين نه پوي، کريو ٿئي نه کير،
سندو سچائيءَ سير، ملي نه خالي هٿئين.
(2)
صوفي لاڪوفي، رکي نه ڪنهن سان وير،
ڊوڙي ڊُٺن ساڻ ٿو، پرتئون ڀري پير،
ســُـَـڃ ۾ سندس سير، اوجهڙ سندس آسرو.
(3)
صوفي لاڪوفي، دل ۾ رکي نه ڊوهه،
حرص هوس کان اڳرو، مورون رکي نه موههُ،
هٿ سان سنجي لوهه، ته پارس بڻجي پــَـل ۾.
(4)
صوفي صاف ڪيو، ڪيني کي ڪوري،
آئون ڇڏي اوري، ويو پراهون نڪري.
(5)
جنهن کي سمجهين ساڻ، سا دنيا هلندءِ ڪنيڪي،
ناحق سهين ٿو ڏوجهرا، ڌوتيءَ ڌاريءَ ڪاڻِ
ڪهڙي روح رهاڻِ، مسافر جي ملڪ ۾.
(6)
خادم خير هٿ ڪيو، وئي دوئي دو بيني،
منجهان مسڪيني، حاصل ٿيون حاجتون.
(7)
خادم خير هٿ ڪيو، ويو حرص هوس،
ڪوري ڪڍيم قلوب مان، ڪيني واري ڪـَـسُ،
جودون مليو جس، ويو وير وجود مان.
(8)
خادم خير هٿ ڪيو، ويو هئڻ جو حجاب،
ڇاجو ڏوهه ثواب، ٿيو هر جا هوڪو حق جو.
(9)
اُٿي اور الله سان، اَٿي ننڊ نڀاڳ،
چئن ڏينهن جي چاڳ تي، چئچل تنهنجو ماڳ،
متان اچيئي آڳ، ڪين ويهج ٿي ويسرو.
(10)
ٻــَـنِ دنيا جو واهپو، دنيا راند مثال،
ڀورا خاطر اُن جي، رکين خام خيال.
شطرنج سندي چال، شطرنج کان پڇ ڇا لهي.
(11)
بانور سندي بار کي، اُڇلي ٿي اڳتي،
ٻڌي سندرو شوق، ساهج تون سڳ تي،
دوئي جي دڳ تي، سونهون ٿجانءِ ڪينڪي.
(12)
وطن منهنجو ويجهڙو، مون ڀانيو ڪوهيار،
جــُـنبي ڏٺوسي جوءِ ۾، سڄڻ جو سنسار،
”فـَـاذڪــُـروني اذا ڪرڪــُـم“، اِها تات تنوار،
”امام بخش“ انهيءَ ڳالهه جو ويهي ڪيم ويچار،
ڏور َم ڀانءِ ڏيسار، موڳا مــُـنجهه مَ مونجهه ۾.
(13)
موڳا مــُـنجهه مُ مونجهه ۾، تون ثابت کڻ سمر،
وساري وجود کي، ڏس سمجهي اُو ســِـر،
اَنا احمد بلا ميمي، ثابت لفظ ســَـڀر،
”امام بخش“ انهيءَ مام کي سمجهي ٿي بي سر،
پوءِ سڃاڻج سر، محبت جي مذڪور کي،
ڪافي
ڪوڙ ڪمائين ڇا لئه ويٺو، وحدت رک ويساهه.
1- هيڏي هوڏي پاڻ وسي ٿو ، پڙهه تون ثــُـم وجــه
الله.
2- راهه حقيقي آهه اِهائي، ڇا لئه ٿئين بي راهه.
3- ڄاڻ سڄوئي ڄار اٿيئي، رک تون نرت نگاهه.
4- عبديت جو اولو ڊاهي، ڏس تون شاهنشاهه.
5- ”خادم“ ڪر تون نينهن نظارو، عشق ٿي ساهه پساهه.
متفرقه
(1)
جنين ڪاڻ جلي، ڪس لڳي ڪارو ٿئين،
تنين نه پڇيو تر جيترو، جيڪس هال هلي،
دورنگي تنهن دوست کان، مٺي ماٺ ڀلي،
تنهن سان روح رلي، متان قدر وڃائين پانهجو.
(2)
جنين ڪاڻ جفا، سر تي کنيم سور جي،
سي وساري ويهي رهيا، رکي دل دغا،
هاڻي وڃي تن کا، پڇين ڪر وفا،
اِهو سور سدا، سانڍي رکج ساهه سان.
(3)
جنين ڪاڻ جهان جي، کنيم سر گلا،
تـنـين حــال انـــدر جــو، پـڇــيو ڪين اَلا،
بڇي سر بلا، وساري ويهي رهيا.
(4)
جنڊ جيڏو ٿي ڪيو، ڪيڏو ڪيس ڪڻن،
هڪڙا پيهڻ ۾ پامال ٿيا، گهمندي ساڻ گهڻن،
اهي ڳاريءَ ڪين ڳرن، جي قائم رهن ٿا ڪير سان.
(5)
سنڌ ويچاريءَ جو نڪو، ڌڻي ۽ نڪو ڌوري،
هڪ ڏاڍائي ڏيهه ۾، ٻيو چوڌاري وچوري،
اَلا ريءَ توري، ڪانهي واهه ولهن جي.
(6)
ڪانهي واهه ولهن جي، ٿا ورتن ويچارا،
لڳي واءُ وطن ۾، اهڙي ڪنهن پارا،
ٿيا قلوبين ڪارا، مهر ماڻهئين ڪينڪي.
(7)
چوڏهين صدي جا اچي، عجب ٿيا اهڃاڻ،
جاهل جو لانين ۾، عاقل ٿيا اَڄاڻ،
جتي هئـَـي سرهاڻ، سي سير ئي سڃا ٿيا.
(8)
جت ڪبوتر ۽ ڪمريون هيون، اُت چٻن جا چارا،
ڪانون ڪانگيرا ڪيا، ڏين حلون لامارا،
اُنهن ڀيڻين سڃ ٿي، پيا مورن ۾ مارا،
هنج ويچارا، وڃي گوشي ۾ غمگين ٿيا.
(9)
نمن مٿي نور، سدا وسي سبحان جو،
سايون ڏسجن سهڻيون، ٻهڪي سندن ٻور،
مڙي مشفق پاڻ ۾ ڪن محبت جو مذڪور،
هو تن جو حضور، هيڻيءَ شال حاصل ٿئي.
(10)
نمن هيٺان روز، ڪچهريون قريب ڪن،
آسائتا آسون گهڻيون رکي من اچن،
ڇنين ۽ ڳنڍن، آهي هٿ حبيب جي.
(11)
آئي رت بسنت جي، ٿي چوڌر سرهائي،
ڦٽيو گل گلاب جو، ٿي وصل جي وائي،
پرين پهرائي، پاکر پنهنجي قرب جي.
(12)
آئي رت بسنت جي، لڳي ڀونءِ بهار،
ٽڙي پيون ٽاريون، وهسي ٿي وڻڪار،
هرجاءِ هيءَ گفتار، اَئي رت بهارجي.
(13)
بسنت ڀلارو، موٽي آيو ماڳ تي،
ڏرت هليو ويو ڏيهه مان، سردي سيارو،
نيهي نظارو، آهه سبزي ۽ ساوڪ سندو.
(14)
ڦڳڻ ڦلاريو، سلا اڄ ساوا ٿيا،
جن کي پاري ماريو، تن ڍار نئون ڍاريو،
نيڻين نير وهائيان، ساجن کي ساريو،
اکين اُجاريو، ڪري ياد حبيب کي.
دودو چنيسر
(سنڌ جو رزميه قصو)
ديپاچو
دودي ۽ چنيسر جو.
بيان هن ريت آهي ته سنڌ جي حڪومت سومرن جي هٿ ۾ ٽي
سؤ ورهيه هئي. دودو ۽ چنيسر جي ٻئي ڀائر هئا، تن
ست ورهيه حڪومت هلائي. دودي جي ماءُ ڀونگر سومري
بادشاهه جي زال ڏاڏي پوٽي هئي. چنيسر جي ماءُ، جا
بادشاهه عشق مان پرڻيو هو، سا ذات جي لهر هئي.
ڀونگر کي پهريائين ڏاڏي پوٽي زال مان ڌيءَ ٻاگهي
نالي ڄائي، جا حسن ۾ سڀني سومرين کان ڪسر هئي.
پوءِ چنيسر عشق واري زال مان ڄايس ۽ دودو وري
پهرين زال مان ڄايس. بادشاهه ٻنهي پٽن جي شادي
ڪئي. دودي جي سومرن مان ۽ چنيسر جي ڌارين مان.
چنيسر جي ماءُ کي، اِها ڳالهه ڪين وڻي. خيال
ڪيائين ته بادشاهه جي مرڻ کانپوءِ، سومرا ڌاري ذات
سمجهي، پڇندا به ڪين. تنهن وجهه وٺي، بادشاهه کي
خوشي جي وقت ۾ چيو ته مون جهڙي ڪا غمگين زال هن
جهان ۾ ڪانه هوندي، جو ڏينهون ڏينهن اِنهيءَ غم
کان وڃان ٿي بيمار ٿيندي. تڏهن بادشاهه پڇيس ته
اُها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جنهن تي راڻيءَ سڄو حال،
چنيسر جي شاديءَ جو ٻڌايس. بادشاهه چيس ته تون
تسلي ڪر، آءٌ انهيءَ لاءِ پورو بندوبست ٿو ڪريان.
جي دودي کي ڌيءَ ڄائي ۽ چنيسر کي پٽ ڄائو ته دودي
جي ڌي چنيسر جي پٽ کي پرڻائيندس. اتي راڻي خوش ٿي.
ڌڻي جي قدرت سان دودي کي ڌيءَ ڄائي ۽ چنيسر کي
پٽ. بادشاهه ٻنهي جو مڱڻو ڪيو ۽ حڪم جاري ڪيو ته
خبردار ڪوبه انهيءَ مڱڻي تي ناراض نه رهي. جيڪو
رهندو اُهو ڦاسيءَ چڙهندو. نيٺ ٿوري مدت بعد،
بادشاهه ڀونگر وفات ڪئي.
بادشاهه جي مـُـئي کان پوءِ، ڪي چون ته بادشاهي
چينسر کي ڏجي، ڪي پيا چون ته دودي کي ڏجي. نيٺ پاڻ
۾ تڪرار ڪندي ڪندي، اها ڳالهه وڃي وزير جي ڪن پئي،
وزير ٻنهي کي سمجهايو ته بادشاهي اول حق ان جو
آهي، جيڪو پهريون اولاد هجي. پوءِ اها ڌيءُ هجي يا
پــُـٽُ، هاڻي جڏهن بادشاهه جي ڌيءُ ويٺي آهي،
تڏهن انهيءَ کي ڏجي ۽ اُنهيءَ جو حق آهي. پوءِ
سندس مرضي دودي کي ڏي يا چنيسر کي. اِها ڳالهه
سڀني کي وڻي، تن ٻاگهيءَ ڏانهن خط لکيو ته بادشاهي
توکي ڏجي ٿي، وڻيئي ته پاڻ ڪر، يا ڪنهن ٻئي کي ڏي.
تنهن تي ٻاگهي جواب موڪليو ته آءٌ ڪنواري آهيان،
جڏهن ٻه ڀائر اٿم ۽ لاچاري به ڪانهي، تڏهن خوشيءَ
سان پنهنجي طرفان راڄ وڏي ڀاءُ چنيسر کي ٿي ڏيان،
چنيسر اتي خوش ٿيو، چيائين ته اوهان هلو ته مان
ماءُ کان موڪل وٺي اچي حڪومت هلايان. هــُـو ويو
ماءُ ڏي. هيءَ ڳالهه سومرن کي نه وڻي. چيائون ته
هي زنانو آهي. تن زور سان دودي کي تخت تي ويهاريو.
اِها ڳالهه چنيسر کي نه وڻي. تنهن علاءَ الدين
دهلي جي بادشاهه کان مدد وڃي گهري. جنهن پنهنجو
لشڪر سنڌ تي چاڙهي مــُـڪو. دودي کي لڙائي نه وڻي،
تنهن چنيسر جي پٽ کي وڪيل ڪري چوائي موڪليو ته
اسين چنيسر کي بادشاهي ڏيڻ ۾ راضي آهيون ۽ لشڪر
موٽايو وڃي. جڏهن چنيسر خبر ٻڌي ته لشڪر موٽيو ٿو
وڃي، تڏهن بادشاهه علاءُ الدين کي عرض ڪيائين، ته
اوهان جي نوازش سان آءٌ خوش ٿيس، هينئر منهنجي ڀيڻ
ٻاگهي نالي جا بلڪل حسين آهي توهان کي پرڻائيندس.
بادشاهه علااءَ الدين خوش ٿيو ۽ دودي کي چوائي
موڪليائين ته ٻاگهي جو سنڱ مون کي ڏي پر سومرن کي
اها ڳالهه نه وڻي، جو هنن ڪڏهن به پنهنجي نياڻي جو
سنڱ ڌاري قوم ۾ نه ڏنو هو. سومرن کي چنيسر جي هنن
لڇڻن تي ڪاوڙ آئي، شاديءَ جي نه ٿيڻ ڪري، دهلي جي
بادشاهه کي به ڪاوڙ لڳي. سومرن جي طرفان ننگر گهڻو
لشڪر گڏ ڪري لڙائي لاءِ ويو. نيٺ مارجي ويو. وچ ۾
ٻيا به ڪيترا حاڪم ۽ سردار ناس ٿي ويا ۽ بادشاهه
علاءَ الدين جو سمورو لشڪر مارجي ويو، ڪي پنج اَٺ
سپاهي وڃي رهيا، جنهن ڪري دهلي وڃڻ نامناسب ڄاڻي،
گوري کائي، ميرپورماٿيلي ۾ ساهه ڏنائين.
دودو چنيسر
(1)
صفت ۽ ساراهه ٿي، سونهي پاڪ الله کي،
جنهن جوڙي جمله جهان کي رکيو منجهه نگاهه،
ڪي خلقيائين صورت وارا، محسن مانند ماهه،
ڪي سانورا، ڪي ڪڻڪ وتاڪي صورت جا سياهه،
ڪي نبي نيڪي ڀريا، جن سنئين ڏيکاري راهه،
ڪي ولي ولايت وارا، ويچارن جي واهه،
ڪي ڪافر مجوسي سخت دل، گبر ڪي گمراهه،
ڪي ڊڄڻا دل جا سست گهڻو، ڪي بانڪا بيپرواهه،
ڪي موذي منافق سسڻا، ڪي دل سندا درياهه،
ڪي پينو در در پنڻا، ڪي بلند همت شاهه،
ننڍي وڏي مخلوق جي اَٿس سڀ آگاهه،
اِهــي پسارا سـڀ ڪـيــا، ڪـارڻ محمد شاهه،
جڳ سڄي جي جسم ۾، سرور وانگي ساهه،
لائق ليءِ لــَـولاڪ لــَـماء، خـود آکــيـو ٿــي
الله،
تڏهن منجهارون چاهه، چــَـؤُ صفت رب رسول جي!
(2)
صفت رب رسول جي، ڪري ڪونه سگهي،
عاجز انهيءَ ڳالهه ۾ لکين عارف ويا لنگهي،
منهنجو اکر شال اگهي، حاضر ناظر حق وٽ.
(3)
حاضر ناظر آهه سو، هميشه موجود
قدم سندس قدرت جو بيشڪ لا محدود
والي رب ودود، ٿو ڄاڻي پنهنجي ڄاڻ کي.
(4)
مولا جي ملڪ ۾ آهي، سنڌ سدوري بي
خاصي آهي خير ڀري، جت آهي ميسر سڀڪي،
مستاني مهراڻ جي ٿي، هر هنڌ آ نيڪي،
هت ساوڪ ۽ سبزي، اڪثر”امام بخش” چوي،
(5)
ســُـهڻي سنڌ ملڪ تي، ٿيا گهڻائي حاڪم.
اول هندو حڪمران هئا، پوءِ عرب ٿيا عالم،
سومرا پڻ سردار ٿيا، سنڌ مٿي سالم.
جي نانءُ ڪري قائم، ويا شير شجاعت ۾ گهڻو.
(6)
ڀونگر نالي بادشاهه، هو سومرن سردار،
تنهن کي زالون ٻه هيون عاقل طرحدار،
هڪڙي ڏاڏي پوٽي، ٻي عشق منجهان اظهار،
اول ڄايس عاجزه، ڏنهن ڏاڏي پوٽي نار،
صورت وند سهڻي هئي، سورج جي آثار،
وري ساڳي زال مان ٿيس دودو پٽ دلدار،
عشق واري مؤن پٽ ٿيس، چنيسر چويار،
ڏسي گل اکين سان ٿي ڀونگر باغ بهار،
ڏيهه ڌڻي ڌاتار، ڏي هر ڪنهن کي ميوو اِهو.
(7)
دودو چنيسر چاڳلا، جڏهن ٿيا جوان،
پرڻايو ٻنهي کي، کڻي پڻهن پهلوان،
ڀونگر بهادر بادشاهه، سومرن جي سلطان،
ڏاڏي پوٽيءَ سان وڌيو، دودي سندو شان،
چنيسر جو بي چاهه مان، ٿيو شاديءَ جو سامان،
پر مليس ڪا اوپري، جا هئي اجنبي عنوان،
عشق واريءَ کي ارمان، ڏاڍو ٿيو هن ڳالهه جو. |