منصور نامو
(مثنوي)
منصور نامه
حمد اوَل خالق اَرض و سما
بعد اُن جي يار ۽ اصحاب سڀ
دل کي رک خالق سان دائم دردمند
ٿو لکان اُن قصهء عرفان کي
عشق عاشق واسطي آرام آهه
عشق هڪ آسيب آهي فتنه زا
عشق آ شيرِ نيستانِ بــَـلا
عشق هڪ درياهه ناپيداڪنار
عشق ظاهر آتش جان سوز آهه
زخم کان، اُن جي ڪوئي آسينه چاڪ
ڪنهن جي سر تي تير ۽ تلوار آهه |
بعد اُن جي پڙهه درود مصطفيٰ
جن سان قائم دين ۽ اسباب سڀ
تان ٿئين عرفان حق کان مستمند
جنهن کان حاصل روشني ٿئي جان کي
ڪيف حق سان پــُـر سندس هر جام آهه
جنهن جي اندر سوَ لڪل رنج وبـَـلا
عشق آ هڪ بحر آبِ جان گــُـزا
جنهن جي هر هڪ موج آهي خونخوار
عشق باطن ناوڪِ دلدوز آهه
ڪوجلي اُن آڳ ۾ ٿي خاڪ خاڪ
ڪو ويچارو شوق کان بر دار آهه |
مختصر ان جو عجب آ خوب ڍنگ
هر جڳهه اُن جو جدا آ طور ورنگ
عشق حقيقي ۽ مجازي:
عشق جي معنيٰ ۾ آهي قال و قيل
عشق جي سمجهي نه ڪو غايت ۽ غرض
راءِ واضح ٻڌ ارسطو جي عزيز
ڪـُـور اک عاشق جي آهي سربسر
قول هي آهي طبيبن جو صفا
عشق جو عاشق مٿان هيءُ آ اثر
عشق جي آثار لئه هڪ باوفا |
سڀ جو پنهنجو آه برهان و دليل
ڪو سڏي راحت ٿو هن کي ڪو مرض
عشق ۾ باقي رهي ٿي نا تميز،
عيب دلبر کي ٿو ڄاڻي اُو هنر
عشق آ لاريب ماليخو ليا،
غير دلبر پئي نه ٻي جاءِ تي نظر
ٿو لکي ڪهڙو نه شعر دلڪشا |
”عاشقي راشش نشان باشد پسر
آه سرد و رنگ زرد و چشم تر
گر ترا پر سندسه ديگر کدام
کم خور و کم گفتن و خفتن حرام“
عشق آهي عشق پيچه جان عزيز
خشڪ ٿي ، جنهن وڻ مٿان ٿو اُو چڙهي
عشق بي جنهن تي چڙهي حملو ڪري
ذات ۾ محبوب جي بڻجي فنا
عشق جو هيءُ آهي انجام ڪار |
اُن جي حرڪت کي ڪو سمجهي باتميز
ان ويچاري وڻ جو نيشان نا رهي
اُن جي سر کي ڌار ٿو ڌڙ کان ڌري
ذات پنهنجيءَ جي رکي ٿو نا بــِـنا
هڪ وڃي بڻجي ٿو عاشق ۽ نگار |
جي مجازي عشق جو ايڏو اثر
پوءِ ته اعليٰ آ حقيقيءَ جو ثمر
عشقِ حق ۾ جو ڪوئي عاشق مري
حق ته هيءُ آ، جنهن کي آ عشق ِ خدا
عاشقِ الله آ ظلِ خدا |
ڇو نه ان جو قدر حق بهتر ڪري
زندهء جاويد آهي بر ملا
ذات کان سايو نه ٿئي هرگز جدا |
جي دوئي جو پردو دل کان دور ٿيو
دار تي پوءِ ڇو ڀلا منصور ٿيو
منصور ۽ انالحق جو نعرو
ٿا لکن منصور هو هڪ پاڪباز
دل سراسر نور هو اُن ماهَ جو
علم ظاهر ۾ هئو اُو بي مثال
عارف ڪامل هئو ڪانِ وفا
نــُـورِ عرفان اُن جي رخ کان هو عيان |
واقفِ رمز خدائي بي نياز
عاشقِ صادق هيو الله جو
علم باطن ۾ به اُن کي هو ڪمال
با حيا ۽ با مروت با صفا
هــُـو شعاعِ شمعِ بزم عارفان |
الغرض هر علم ۾ مشهور هو
خلق ۾ منصور ئي منصور هو
دل ۾ اُن جي هو سدا جذبه الله
همعصر اُن جا سڀئي مردان دين
گرچه مدت کان هئو ديوانه عشق
راز حق جو دل ۾ سانڍيائين سدا
حال هن ۾ ويا سندس پنجاهه سالَ
اوچتو هڪ ڏينهن ٿي بي اختيار |
راهه تي آندئين سوين گم ڪرده راهه اُن جي
نيڪيءَ کان هئا خوش باليقين
شمع نوريءَ جي مٿان پروانه عشق
ٻاڦ ٻاهر نڪتي اُن کان ڪانه ڪا
ٿي اوريائين پاڻ سان هي قيل و قال
هن هنيو نعرو اناالحق بيقرار |
هي ٻڌي نعرو عجب، پيو ٿرٿــُـلو
هر جڳهه بغداد ۾ ٿيو غلغــُـلو.
منصور جي قتل تي عالمن جي تياري
جن کي هو اخلاص ان جي ذات سان
”ڳالهه هيءَ منصور تنهنجي ناروا
هي جي عالم تابعِ شرعِ متين
جئن ته بحر عشق ۾ هـُـو غرق هو
عالمن کان عامَ فتويٰ کي گهريو
ٽن سون کان هئا مٿي عالم اُتي
جي رهي منصور جي حرڪت اِها
هيءَ خبر آخر خليفي کي رسي
ڇو ته هن ڄاتي ٿي منصوري اَدا
عالمن جي شور کان مجبور ٿي |
منع ڪيس تن گهڻي فڪرات سان
ڇو اُجايو ٿو کڻين سر تي بلا
قتل تي آماده ٿيندا بالقين،“
ڪجهه اثراُن تي نه ٿيو ڪنهن لفظ جو
خلق ٿي منصور کي سڏيو چريو
جن ڪيو هي فيصلو ويهي گڏي
دار تي سر اُن جو هوندو برملا
جنهن ڪئي اختيار اول خامشي
خون هارڻ ان جو سمجهيائين خطا
نيٺ هن وٽ ڳالهه هيءَ منظور ٿي |
”قيد ۾ منصور کي قابو ڪجي
اُن جي غلطي جو اِهو دارو ڪجي“
منصور قيد ۾
هئن لکيو عطار آهي برملا
“قيد ۾ منصور کان ڪنهن هئن پڇيو
توکي جي حاصل آهي ايڏو ڪمال
هئن ٻڌي طعني کي اُو مردِ خدا
پوءِ هــُـو هردم رهيو ٿي هوشور
چار سؤ قيدي ٿيا آزاد اُن جي ديد کان
قيد جي حاڪم ڏسي هيءَ ماجرا
هٿ ٻڌي، هــُـن عرض ڪيو اُت شيخ کي
آ يقين منهنجي مٿان ايندو عتاب |
جنهن مٿي رحمت خدا جي آ سدا
بند ۾ تنهنجو هئڻ ڇا کان ٿيو
قيد ۾ تنهنجو هئڻ آهي محال،
اُن جي اکين کان لڪي ويو باصفا
گاهه غائب گاهه آيو ٿي نظر
قيد جي ديوار ۾ رخنا ڏٺا ٿي بيگمان
شيخ جا چميا ٿي هر هر دست و پا
منهنجي حالت تي به نظرِ مهر ٿي
مان خليفي کي ڏيان ڪهڙو جواب |
شيخ آُن جي ڪئي دلاسائي گهڻي
هئن چيائين، ڳالهه هيءَ رب کي وڻي،
منصورَ جي مناجات
شيخ ويٺو ٿي دوزانو قبله رو
درد مان رئندي چيائين ان زمان
تون ئي پنهان تون ئي آهين آشڪار
ڪجهه لڪل توکان نه آهي بي نياز
تون ئي آنهن آرامِ جانِ عاشقان
خشڪ ڪاٺيءَ تي ٿئي هاڻي نظر
تاب دوريءَ جو نه هاڻي ڪبريا
وصل پنهنجو ڪرمون کي هاڻي نصيب |
ٿي اکين جي لڙڪ سان ڪيائين وضو
اي جهان جا ڪارساز ۽ مهربان!
تون ئي خالق، تون ئي آنهن پروردگار
توئي بخشيو آ مون کي سوز و گداز
تون ئي آنهن درمان دردِ بيدلان
تان ٿئي پيدا منجهانئس برگ و بر
هن جدائيءَ کان ڇڏائين بادشا
لاهه دوري ڪرمون کي پنهنجي قريب |
وصل جي سودي ۾ اي دانائي راز
دار جي آ آرزو مون کي دراز،
حضرت جـُنيد جي ملاقات
ماڻ آخر ڀرجي آيو قيد جو
قيد جي در تي مڙي خلقت هزار
شيخ شبليءَ کي خبر پئي حال جي
ويو ڊڪي هو درد کان اڳيان جنيد
بي تامل قيد خاني ڏي روان
شيخ اُت منصور کي چيو برملا
ترڪ ڪر هن ڳالهه ۽ احوال کي
آ شريعت جو مقدم احترام
راز هي دل ۾ رکڻ آهي روا |
سر ڏيڻ جو ٿي ويو سودو پڪو
هر طرف هو شور محشر آشڪار
خلق جي ميڙي ۽ قيل و قال جي
دست بسته اوريائين دل جو ڀيد
شيخ ۽ شبلي اچي پهتا دوان
”ڇو کڻين ٿو سر مٿي ايڏي بـَـلا
ڇڏ اِنهيءَ بي سود قيل و قال کي
هيءُ اجايو آ سڄو سوداي خام
عشق جون ڳالهيون نه چئجن برملا |
باهه آويءَ جي سدا مخفي جــَـلي
ذڪر حق جو ڀل ته باطن ۾ هلي“
جواب منصور جو
هي ٻڌي منصور چيو اي رهنما
”لي معَ الله“ آهه قول مصطفيٰ
”نحن اَ قرب“ آهه خالق جو ڪلام |
عشقبازيءَ ۾ نه آ ريب و ريا
اُن جي مطلب کي نه سمجهين ٿو ته ڇا؟
پوءِ به منهنجو شوق آ سوداي خام؟ |
ڇڏ اجائي غير جي تقليد کي
پيش رک پنهنجي، سدا توحيد کي،
مختصر، منصور کي هر ڪنهن چيو
پر نه ڪنهن نڪتي کي هن دل ۾ رکيو
دار جي تياري
هئن ڪتابن ۾ لکن ٿا ماجرا
فيصلو سڀني اِهو گڏ جي لکيو
هي ٻڌي حضرت جنيد ٿيو اشڪبار
صوفين هن حال تي ماتم ڪيو
عالمن جي شور تي بگڙيو عوام
مختصر، منصور ويو سوريءَ چڙهي
خون جا قطرا جي اُن مان ٿي ڪريا
خون دل سان هــُـن ڪيو پنهنجو وضو
عشق جي معنيٰ اِها آ مهربان
موت کان پوءِ اُن جي جسمِ پاڪ کي
عشق ڏيکاريو ميان ڪيڏو ڪمال |
گڏ ٿيا فتويٰ جي لئه سڀ پيشوا
دار تي منصور کي چاڙهي ڇڏيو،
حال تي منصور جي ٿيو بيقرار
صالحن فتويٰ تي گڏ جي غم ڪيو
صوفين تي جاهلن ڪيو ازدهام
سوزهن کان ٿيو جهان ڪاروڪڙهي
هرڦـُـڙي ٿي چئي ’اناالحق‘ جي صدا
عاشقن ۾ ٿيو سدائي سرُ خرو
خون ڏئي عاشق ڇڏي پنهنجو نشان
باهه م ساڙي ڇڏيائون خاڪ کي
خاڪ بي آخر سندس ٿي پائمال |
عاشقن جو سچ جــُـدا انداز آهه
عاشقيءَ جي وصف سوز ۽ ساز آهه
ٿي چــُـڪو منصور جو قصو تمام |
”خادما“ آخر ۾ چــَـوُ تون والسلام |
--------
|