”خادم“ جي تحرير جو عڪس
بسم الله الرحمـٰـن الرحيم
ڪليات خادم
مناجات
آهيان آءٌ بيڪس نماڻو يا خداءِ
رحم ڪر تون پنهنجي تاريءَ سان تڳاءِ
فضل ڪر ڪو، رحم ڪر ڪو، لطف ڪر
آفتن ۽ بد بلائن کان بچاءِ
احتياجِ خلق کان آزاد ڪر
ڪرم سان تون ڪاڻ ڪنهن جي نا ڪڍاءِ
بي وسيلو آهيان ظاهر ظهور
ڪو وسيلو ڪونه آهه توکان سواءِ
ڪنهن جو بي محتاج مالڪ ڪين ڪر
رب منهنجا پنهنجي هلنديءَ سان هلاءِ
مير مدني مصطفيٰ جي واسطي
راهه سولي ۽ سڌي مون کي سنهاءِ
پڻ طفيلي خاص خلفا راشدين
خير ۽ نڪيءَ جاڪم مون کان ڪراءِ
پڻ طفيلي خاص پنجتن پاڪ جي
اَبرو ۽ پردي جي راحم رهاءِ
پڻ طفيلي حضرت حسنين جي
پنهنجي ذوق ۽ شوق جو ميوو چکاءِ
پڻ طفيلي چارده معصوم جي
نفس کي نابود ڪر هستي هٽاءِ
حرمت شاهنشاهه جيلان جي
منهنجي من مان ماسوا سڀ کي مٽاءِ
آءٌ ”امام بخش“ آهيان اُميدوار
عرض منهنجا يا الاهي سڀ آگهاء
(تحرير: 20 ڊسمبر، 1886ع)
غزليات
رديف الف
*
تنهنجي ديد جي مست دنيا دلارا
سندءِ زلف جي آهه تعريف سادي
نگاهن ۾ تنهنجي سمايل طلسم
ڳلي تنهنجي آهي عشاقن لئه راحت
وجهي پيچ پختو ڪيئه دل کي قابو |
سڪندر آ سائل ديوانو آ دارا
هڻن ڏنگ دل تي سدا نانگ ڪارا
جا ڦاٿا اُنهن جا چڪيا سڀئي چارا
اتي درد مندن جا آهن اوتارا
نه آ صبر باقي نه آرام و يارا |
عجب آهه مصرع هي ”بلبل“ جي ”خادم“
”تڪيندي ٿڪي پيام تارن ۾ تارا“
*
مدينو ڏيکارينم سرور سچا
ٻڌي سڏ منهنجا رسي راهه تي
جيڪو دم جيان سو رهان ڪول تنهنجي
پرين تنهنجي پاڙي ۾ پڻ پورجان
پسائي پيشاني ڏيو ڪا خوشي
تون مختار رب جو تنهنجي وس سڀيئي
اي نافع نماڻو آهيان عبيدار |
سڀئي ڪم سنوارينم سرور سچا
طلب سان تنوارينم سرور سچا
ويجهو در وهارينم سرور سچا
ڪا جاڳهه ڏيارينم سرور سچا
نه ڳڻتين ۾ ڳارينم سرور سچا
سهڻو ڪر سينگارينم سرور سچا
چڱي شل گذارينم سرور سچا |
هي ”خادم“ آهي مرده دل ۽ اثيم
مئل دل جيارينم سرور سچا
*
سر ڏيان قدمن ۾ تنهنجي بيقراري آ اها
ڪنهن طرح ٿيان سرخرو مان انتظاري آ اها
زلف ۾ تنهنجي مقيد ٿي رهان آ آرزو
قيد هي آزادگي آ، رستگاري آ اها
درد سان اورڻ محبت ۾ دوا آ درد جي
رنج کي خوش ٿي نڀائڻ سازگاري آ اها
غير سان خلوت ۾ اورين، مون کان جلوت ۾ به ڌار
چؤ ته اي اغيار پرور، پرده داري آ اها
عمر گذريءَ جي آ موڙي، حسرت ديدار شوخ
ٿي مرڻ ثابت قدم، ايمانداري آ اها
خير ڪر يا رب ڏسان ٿو بام تي هوُ سرخپوش
ڪنهن جي رت هارڻ لئه قاتل جي تياري آ اها
منهنجي دانهن کان چمن ۾ آگ وئي چوڌر لڳي
آهه ڪئي بلبل ته ڪنهن جي آهه و زاري آ اها
سال گذريا تنهنجي”خادم“ کي جدائيءَ ۾ جلي
جور پرور آسمان جي غمگساري آ اها
*
فراق تنهنجي آ دوست ماريو، ڪڏهن مئل تي ڪريو مدارا
رهيو رڳن ۾ نه ساهه باقي، طبيب دل جا نظر خدارا
نه حال محرم رهيوم ڪوئي، ٻڌايان جنهن کي هي حال
روئي
ڏکن جي ڳالهين کي ياد آڻي، وهايان نيڻن مان نير
نارا
عجب آ دلبر وساري ويٺين، مريض اُلفت کي ماي ويٺين
پڇڻ به وسري ويو اوهان کان، ٺهن نه توکي ايڏا
وسارا
دوا ۽ تعويذ ٿيا گهڻي ئي، رتي ڪسر جي نه آهه پيئي
وهاڻو ڏينهن جو ڀـِـڄايان روئي، تڪيندي راتيون وڃن
ٿيون تارا
سدائين اکيون نميو نهارن، نئون ڏهاڙي ٿيون وار
وارن
ائين اوهان ڏي ڏسي گذارن، ڪڏهن اونهارا، ڪڏهن
سيارا
نه حال ”خادم“ جو پڇ پيارا، ويا وڇوڙي ۾ سال سارا
چڱي خدا کي وڻي ڏهاڙا ورن ورائي وصال وارا
*
اي ڇورن ڇپر يا شفيع الورا سگهو لهه خبر، يا شفيع
الورا
تون سيد سچو آ اُنهن سرور سخي اي بخشش بحر، يا
شفيع الورا
ولهن جا وسيلا ضعيفن ضمان ويچارين جاور، يا شفيع
الورا
رڃن ۾ رهين جا رفيق و شفيق تون ساڻي سفر،يا شفيع
الورا
*
ڇڏائج ڇيهن کان تون ”خادم“ فقير،
اي حامي حشر يا شفيع الورا
*
دانهون ڪريان ٿو دل مان دلدار ٻڌ خدا را
”درداکه راز پنهان خواهد شد آشکارا“
چائنٺ چمائي هيڪر، هيريــُـوَ، هئين کي ويتر
باشد که باز بينم آن حرم دل فزا را
تون منعم حقيقي، عاجز ضعيف آئون
من مور تو کبوتر برسان بريده پا را
چائنٺ تنهنجي جو بوسو، مسجد سندءِ ۾ سجدو
”آشهيٰ لنا و آحليٰ من قبلـه العذارا“
آ سنڌ ۾ سڪايل، تنهنجي درد سڪ جو سايل
کن اي صبا دعا اين آن شاهـِـه دوسرا را
قسمت نه وس پنهنجي، نه دانهن ٿي ڪا پهچي
از بهرِ عرضِ خود من، قاصد کنم صبا را
گهرجن نه نعمتون هي، دنيا ۽ آخرت جون
شاها بدار دايم بر در خود اين گدا را
هجرت تنهنجي حضورا، هيڻي ڪئي آ حالت
نزديک باب خود نـه اين شايق و جدا را
شيطان جي عداوت ۽ نفس جي خلافي
کن دفع با عنايت اين حرکت و دغارا
اسعد ٿئيم طالع ”حاجي امام بخشا“
بوسه شود نصيبم نعلينِ مصطفيٰ را
*
ٻڌ عرض منهنجو لڳ الله، يا محمد مصطفيٰ
سرورا شاهن جا شاهه، يا محمد مصطفيٰ
ڏي پاڪ تون پنهنجي پناهه، يا محمد مصطفيٰ
تو ريءَ ڪٿي ٻي ناهه واهه، يا محمد مصطفيٰ
تون منهنجو ڪعبو، حقيقي قبلو آنهن
ٿو سنڀاري توکي ساهه، يا محمد مصطفيٰ
تون شفيع المذنبين آهين ڪريم،
منهنجا بخشائج گناهه، يا محمد مصطفيٰ
سيدا ساڻي ٿجاءِ سڪرات ۾،
ڪلمو چوائج ساڻ چاهه، يا محمد مصطفيٰ
قبر ۾ خيرالورا لهجان خبر
ٿاٻجهن اُوچاڙهه لاهه، يا محمد مصطفيٰ
حشر جي هل ۾ ڪجو ”خادم“ مٿي
پنهنجي نرمل ڪا نگاهه، يا محمد مصطفيٰ
____***____
رديف ب
*
دور ٿي توکان ملي آ انتظاري اي حبيب
رات جو تارا تڪڻ ۽ اشڪباري اي حبيب
تو وساري آ ڇڏيو، مون کان نه وسرين پر پرين
بي سبب منهنجي نه آهي بيقراري اي حبيب
جا لڳي اندر ۾ ناوڪ تنهنجي آهو چشم جي
تنهن پيهي پيڪانَ ڪيو آ زخم ڪاري اي حبيب
شمع تي پروانو آخر ٿو جلي ڪهڙي سبب
راز ڪنهن مخفي جي هيءَ آ پرده داري اي حبيب
جي ٿيو مون کي نه حاصل فيض تنهنجي قرب جو
پوءِ لاحاصل ٿو سمجهان عمر ساري اي حبيب
اچ خدا جي واسطي ڏس حال”خادم“ جو ڏکيو
وقت پيريءَ ۾ ته ڪر ڪا غمگساري اي حبيب
*
دل ۾ جنهن لاءِ آهه ايڏو اضطراب
يا الاهي سو ملائين ماهتاب
ڳل پسي گل يار جا ٿيو عرق عرق
چنڊ منهن تي ٿو وجهي اُن کان نقاب ٿو اچي دلبر
ٽلندي باغ ۾
ماهوش سڀئي شرم کان ڪن حجاب
تابش انوار روي پاڪ کان
آ خجل پڻ نور انور آفتاب
تون اُميدون اُن ۾”خادم“ رک سدا
شل پڄائيندءِ مڙئي مطلب وهاب
*
سردار سڀ ۾ آهين سرور سدا گلاب
مخصوص گل تون آهين اطهر سدا گلاب
خوشبو ۽ حسن ۾ ٻيا گل ڀي رکن ٿا عزت
پر هوش وارو وٺندو هر هر سدا گلاب
تنهنجي سونهن جي پرک لئه ٻيا گل ٿيا هويدا
احسن عجيب آهين اظهر سدا گلاب
سارو جهان تنهنجي خوشبوءِ واسيو آهه
دائم شگفته آهين خوشتر سدا گلاب
محدود هر ڪو واسي گل ٿو ڳلي ڳلي م
تون تا ابد معطر پيمبر سدا گلاب
هي آرزوي ادنيٰ ”خادم“ سندي پڄائين
تنهنجو پسي مبارڪ رخ هيڪر سدا گلاب
*
اي صبا اولهه ڏي گهل ۽ چؤ وڃي اُت با ادب
منجهه مديني پيش مر سل سيدِ والا نسب
مهڙ محبوبن سڀن اي خاص محبوبِ خدا
قرب مان قادر ڪيا توکي عطا اعليٰ لقب
خاص خالق خلقيو تو لاءِ هي آهي جهان
پڻ مٿي معراج تي آڻي پسايئه رب عجب
آرزو دل جي تمنا، مدعا، مطلب هي آهه
جو مديني ۾ رسي روضو پسان ڪنهن ڀي سبب
دائما در تي رهي، صلواهِ سان شاغل ٿيان
آستاني سان اکيون لايو چمان چائنٺ بلب
سنڌ ۾ سرور سڪايل ٿو رهان تو لئه مدام
مهر ڪر مرسل سگهو هاڻي گهرايو منجهه عرب
رحمـة اللعالمين سردار عالم جا اجها
جان جيان هر دم هجي اي هوت تنهنجي ئي طلب
احمدا عاصي ”امام بخش“ عرض ٿو روئي ڪري
يا محمد سڻ صدا هي لاهه دوري نانءُ رب
*
يا الاهي من ملي مون کي مٺو محبوب خوب
جنهن ڏي رغبت روح جي آ، سو اچي مرغوب خوب
سالها بيت الحزن ۾ ٿو پنان روئي دعا
شل ملان يوسف سان پنهنجي جيئن مليو يعقوب خوب
ٿو سهان جنهن جي جدائيءَ ۾ هزارين درد ڏک
خوش ٿيان دلبر ملي جي جيئن ٿيو ايوب خوب
درد و غم لشڪر وٺي حملو ڪيو آ مون مٿان
جي اچين جاني اڱڻ غالب ٿين مغلوب خوب
طلب ۾ جنهن جي سدا طالب رهان ٿو روز و شب
سو ملي محبوب، خوش اسلوب، من مطلوب خوب
مان پياسي پرت جو، تنهنجو آهيان ”خادم“ غريب
عيب منهنجا شل ڍڪيندو ساترالعيوب خوب
رديف ت
سڀڪو طالب تنهنجو دلبر، ڇا توڙي هشيار مست
عشق جو ٿاڻو اٿئي مسجد، مڙهي توڙي ڪــُـنشت
جي لقا ديدار جو هو ڪين وعدو بهشت ۾
هوند جنت جون ڀتيون سڀ مست ڪن ها خشت خشت
واعظا ڇو ٿو حقارت سان ڏسين مون مست ڏانهن
ٻاجهه ٻاجهارو ڪندو، مان نيڪ آهيان يا ڪ زشت
دوست جو ديدار گهرجي جا اٿم نعمت وڏي
يار ڌاران منهنجي لئه ويران آهي ڄڻ بهشت
عاشقن کي نيڪناميءَ جي ضرورت ڪين آهه
رب جا ٿورا سوين، جو عشق ڪيائين سر نوشت
عشق آهي بحر”خادم“ بي ڪناري ۽ عميق
رک ڌڻيءَ ۾ آسرو، ڇڏ اجائي هفت و هشت
*
تنهنجي محفل ۾ جو آيو، آ اُهو هشيار مست
رنگ ۾ تنهنجي رڱيو هر طالبِ ديدار مست
واديء ايمن ۾ ڪنهن جي جلوي موسيٰ کي ڪيو
يڪنظر بيخود، تجلي نور سان سرشار مست
طور ڪنهن کان ٿيو منور، ڪنهن جو هو نورِ جمال
ٿي ويو بيهوش موسيٰ ۽ ٿيو ڪهسار مست
عام کي ڪهڙي خبر، منصور واري ڪيفيت
ڪيئن مٿس آئي، ڪيو ڪنهن اُن کان هيئن بردار مست
بيخوديءَ جو هي ذرو ”خادم“ نه سڀ کي ٿو ملي
ڪو ڪري حق و صداقت جو صحي اظهار مست
رديف ٽ
*
سانوڻ وري آيو ادا، ساقي سگهو ڪو پيار پـَـٽُ
آباد ميخانه سندءِ، منهنجي هئين تان لاهه ڪٽ
پاڻي جهجها ۽ جال ٿيا، سانگي وري خوشحال ٿيا
هن پر گهرن بيٺا دعا، آباد ڪر ويران پٽ
سنگتي گڏيو ڪن مجلسون، رونق ڀريون سي محفلون
هر ڪو چوي ٿو ساقيا، سوڍا سان گڏ ڏي ليملٽ
وهه وهه وري تن جا وڳا، ڪوٽ ۽ قميصون سڀ صفا
ويتر تنن جا رخ صفا، ٿو خوب سونهي تن کي پٽ
خاوند وڇوڙو لاهه تون، مون کي ملائج ماهه تون
تو در ڪيان ٿو التجا، ڏک غم کي ڪر تون چٽ نپٽ
هي درد ٿيو آهي عجيب، جو خاندان سڀ ٿيا غريب
عاقل ويچارو در جفا، خوش آ ڪمينو، ڏڏ، ڄٽ
”خادم“ حساب ۽ حشر کان، هر گز نه ڊڄ ڪنهن پهر کان
شافع سندم آ مصطفيٰ، جنهن جو نه جڳ ۾ آهه مٽ
______*****______
رديف ث
ڪيچ ٿيو ڪيڏو پري، ڪنهن ساڻ اوريان، الغياث
درد جي سٽ ساهه سان ويٺي ٿي سوريان،الغياث
جي پچايا پير پٿرن، ڪين ٿي اُن ڀر ڊڄان
جي هجي آري اڳيان هي جان گهوريان، الغياث
ٿي لڇائي لــُـڪ، تپي پاهڻ ٿيا پٻ جا تنور
تيز جهولو تيک وارو، پئي ٿي توريان، الغياث
ڪٿ رهيو ڀنڀور ڀيڻي ۽ ڪٿي سڃ جو سفر
آ قضا جو ڪم اهو، ڏونگر ٿي ڏوريان، الغياث
ڏئي اُڇنگارون رئان ٿي، من ٻڌي واڪا ورن
وس پڄي جيڪس جبل ۾، جند جهوريان، الغياث
جي مران مارڳ تي ”خادم“، لک ٿئي مون لاءِ هي
هوت ڏي رڙندي وڃان پوءِ ڇو نه هوريان، الغياث
______*****______
رديف ج
تو بنا دلبر نه آهي درد وارن جو علاج
راضپو تنهنجو کپي، ٻئي جو نه آهي احتياج
ناز هو تنهنجي محبت تي مگر ٿي ساب ڪين
ڇا چوان، ڇا مختلف آهي قضا جو اندراج
نبض منهنجي کي ڏسي، ٿي هيئن چيو کلندي طبيب
عشق وارن جو علحده آهه دنيا کان مزاج
ٿي وفا معدوم، باقي نامروت آ رهي
دوستيءَ جي دم بجا آهي رعونت کي رواج
”خادما“ هي زندگيءَ جو چار ڏينهن چٽڪو اَٿي
آ حبيبن ري اجايو هي سڄوئي راڄ ڪاج
______*****______
رديف ڄ
عشق منهنجي تختِ دل تي ٿيو وري سلطان اڄ
وهم خطرا سڀ ويا سلطان ٿيو مهمان اڄ
سال جنهن لئه مون ڪيا ٿي پنهنجي خالق کي سوال
سو کڻي مولا ملايو، رڻ ٿيو بستان اڄ
عشق منهنجو آهه مذهب، دين پڻ آهي اهو
سو جڏهن مون کي مليو، حاصل ٿيو ايمان اڄ
پيو هما جو سايو مون تي، آ وريو طالح سعيد
رحم مان راضي ڏسان ٿو، پاڻ ٿي رحمان اڄ
يار آيو ٿي خوشي، ماپي نه ٿي جان در بدن
جان و مال آ مختصر، مان ڇا ڪريان قربان اڄ
هجر ۾ يوسف جي روئندي ٿي رهيو يعقوب ڪلهه
سو ڏسي پيراهنِ يوسف ٿيو شادان اڄ
شاد ٿي ”خادم امام بخش“ دوست آيو تنهنجي گهر
عقدا سڀ تنهنجا کليا، مشڪل ٿيا آسان اڄ
زاري
ماهه محرم جو ڏٺو، هيءِ ٿيو شروع ماتام اڄ
عرش و ڪرسي، ڀون، فلڪ تان، سچ ويو آرام اڄ
ديو، پريون، انس و جن، توڙي ملائڪ اُڀ ۾
روڄ ۾ آهن سڀيئي،تن ڍڪيو احرام اڄ
پهڻ، ڏونگر، وڻ جهنگن ۾، سڀڪنهين ماتام ڪيو
هاءِ شهزادا ٿيا ڪربل ۾ ڪيئن قتلام اڄ
ساهه وارا سڀ رُئن ٿا سوز مان زاريون ڪيو
پڻ مئن جا ٿا رئن قبرن ۾ سڀ عظام اڄ
سوز مان ڍَ ڍِ ٿي وڄي، جا پڻ چوي ٿي ياحسين
ٿيا جهنڊا هر جا کڙا،نيشان ۽ اعلام اڄ
اي عليءَ جا لاڏلا، حضرت حسن، حضرت حسين
ڏي سگِ دربار ”خادم“ کي اچي انعام اڄ
رديف ح
يار جي رک سار، دل شام و صبوح
ڪر اها هڪ ڪار، دل شام و صبوح
فاذڪروني ياد رک ارشاد کي
پئي هلي هيءَ تار، دل شام و صبوح
ڀڄ پري هن ڪوڙ دنيا کان ميان
شمع دل جي ٻار، دل شام و صبوح
پار هڪ رب جو رکج سامهون سدا
ٻيا پڇين ڇا پار، دل شام و صبوح
آب اکڙين ساڻ اندر ڪر صفا
ڀل وهن هي نار، دل شام و صبوح
صبر سان”خادم“ گذارج: گوشه گير
شڪر ڪر هر وار، دل شام و صبوح
______*****______
رديف خ
ڇو ڦيرائي وئين اسان کان بي سبب دلدار رخ
پئي خطا ڪهڙي جو بگڙيو، آهه تنهنجو يار رخ
مان اُڏائيندو رهان ٿو، ڪانگ تنهنجي لاءِ روز
آ عجب اُن جي عيوض ۾ تنهنجو آهه بيزار رخ
نبض تي هٿ کي رکي، ٿي ڪالهه چيو مون کي طبيب
ڏور کان پڌرو آهي، بي چين ۽ بيمار رخ
عشق جي هيءَ آهه شطرنج ڪيتري پچيده تر
مات ظاهر چال مان آ، ڇا وڌي بيڪار رخ
ڪراچي ”خادم“ مٿان اي ماهرو نوري نگاهه
سال ٿيا تنهنجو ڏٺي اي مهه جبين منٺار رخ
______*****______
رديف د
*
والشمس سورت آهه ذڪر روي محمد
واليل صفت آهه سندي گيسوي محمد
قد سرو سندن کان آهي شمشاد شرمسار
طوبيٰ کان ٿيو بالا، قد دلجوي محمد
قربان وڃان ۽ صدقو تڪلم تان پرين جي
شيرين و مليح آهي وه گفتگوي محمد
ساڪن مديني جا آهن، رضوان کان ذي جاه
بيشڪ بهشت کان آهه ڀلي ڪوي محمد
هٻڪار مديني ۾ عطر کان به زياده
عالم کي معطر آ ڪيو بوي محمد
سڪ آ مديني ۾ رسي روضو چمان آءٌ
يا رب تون نئين مون کي سگهو سوي محمد
سجدو آ ڏنو روح ازل وقت ئي توکي
ڪعبو آ حقيقي منهنجو ابروي محمد
بوُبڪر، عمر، صاحب عثمان، علي شاهه
سوڀارا سدا هئا از نيروي محمد
معروض ”امام بخش“ جا مولا تون مڃين شال
صلواهِ مٿان آل محمد و بر روي محمد
*
بي اثر ناهي ادا آهه و فغانِ اهلِ درد
درد ۽ غم سان ڀريل آ داستانِ اهلِ درد
درد وارن جي وڃي ڪر آستاني تي سلام
تان ملي توکي به ڪجهه نام و نشانِ اهل درد
درسگاههِ درد ۾، جنهن کي ملي وئي آ نشست
زاهدا ڪهڙو ڀلا پوءِ امتحانِ اهلِ درد
جي گهرين ٿو بار آور زندگي تنهنجي ٿئي
غير جي صحبت ڇڏي ويهه درميانِ اهلِ درد
واهه جا مصرع چئي ”خادم“ آهي حضرت”صغير“
”آهي خود عرشِ الاهي سائبانِ اهلِ درد“
*
هي ساهه تو مٿان آ، قربان يا محمد
سردار منهنجو آهين سلطان يا محمد
آهيا سڃو ۽ مفلس، هادي اوکي ۾ تون رس
هــِـت هــُـت حبيب تون بس سامان يا محمد
بيشڪ ايندين قيامت، ڏياريندين نيڪ نعمت
سائين رکين سلامت ايمان يا محمد
عجم و عرب ۾ جاني، ڪونهي توهان جو ثاني
سڀ ڏيهه تنهنجو ڏاني، ڏي دان يا محمد
مون کي پسايو هيڪر، مرسل مڻيار سرور
پيشاني پاڪ انور، تابان يا محمد
”خادم“ نحيف و ڪمتر، توکي سپرد و سڀ پر
رحمت سان اُن جو گهر ڪر، بستان يا محمد
______*****______
رديف ر
*
اي صبا نالي خدا جي هيءَ ته ڪر مون تي مهر
عرض پيغمبر سچي کي ڪر وڃي طرفون نڌر
چئو ته هي آهي سڪايل سنڌ ۾ تنهنجو سخي
تنهنجي ڦوڙائي ۾ جنهن جا ٿا جلن جيرا جگر
ڪر ڪرم ۽ رحم پنهنجو ۽ نوازش پانهجي
ٺار پاڻيءَ وصل سان اي: پوک اُمت جا ڪڪر
محو ڪر پنهنجي محبت ۾ سدائين سرورا
ڏي اها سرڪي لهي جيئن اُڃ اوساٽيل اثر
ڪڍ وڇوڙو ورهه جو ڪامل ڪريو مون کي قريب
هجر کان”خادم“ کي آجو ڪر، رکي نوري نظر
(1 جنوري 1880)
*
لڪي لوڪان اچي مل يار غمٽار
ٿين دک دور سڀ هڪوار منٺار
پيالو شوق جي ميءِ مان پياريو
پيڻ جي شرط ٿيان يڪبار سرشار
اُٿي ساقي ڀري ڏي جامِ جم کي
ٿيان بي هوش مستنوار بردار
سدا ساريان پڪاريان ٿو نهاريان
اُڃايل جي اچي لهه سار سردار
هنيون منهنجو هٿيڪو هوت ڪيڙءُ
هيئين جا هار ڏي اَڌار دلدار
الاهي بخش”خادم“ جون خطائون
آهين ڏاتار، تون ستار و غفار
مدحيه
رئيس المسلمين صديق اڪبر
خدا جي ياد ڪندڙ هر صبح و شام
سڀئي عالم ۽ عارف اُن جا پيرو
اول ايمان اُن آندو نبيءَ تي
ڪندو”خادم“ نماڻي تي ڪرم ڪو
|
امام المومنين صديق اڪبر
امام العابدين صديق اڪبر
امام العارفين صديق اڪبر
محب المرسلين صديق اڪبر
جنابم باليقين صديق اڪبر
|
*
ڪٿ الائجي ويو لڪي رشڪ قمر
شهر ۾ سڀ باغ بستان ۾ وڃي
نيٺ ظاهر ٿي چيائين اي چريا
آهيان ظاهر، نه مون پاتو نقاب
سي ڏسن ٿا، تن کان ڪٿ آهيان جدا
”وهو معڪم“ ، سچ سچو آهي سخن
ٿو ڏسين جيڪو، سڀيئي آهه حق
”ليس في الدارين اِلا هوُ“ سڃاڻ
آهيان ڪوجهو گهڻو مفلس مڙهي |
هيڏانهن هوڏانهن ڳوليم نه آيو نظر
نا لڌم توڻي رليس منجهه بحر و بر
توسان آهيان، ڇو رلين ٿو دربدر
پنهنجو پردو پاڻ آهين سر بسر
جي پين ٿا دمبدم خون جگر
هوُ آهي هرسو، اکيون کولين اگر
هيڏي هوڏي ”ثم وجــه الله“ نگر
پوءِ ”اناالحق“ نعرو هڻ تون هوشور
ٻاجهه تو ڌاران نه پڄندو بي ثمر |
ڏس ڏنو آهي ”امام بخش“ يار هاڻ
اُٿ ته ڳوليون، چست ٻڌ اي دل ڪمر
*
جي ڪيا مون ڏوهه بيحد بيشمار
ٿو رکان اُميد تو ۾ يا ڪريم
چار، پنج، ٻارنهن ٻيا چوڏهن شريف
آهه ميران، نائب مرسل نبي
ياورم ٿيندا، اهي سردار پاڪ
هي ثناگو آهه”خادم“ تن سندو |
نيٺ بخشيندو ڌڻي آهي غفار
احمدا شافع آهين، سيد سچار
جي آهن فياض عالم دل جا ٺار
رحمتون اُن تي هجن حق جون هزار
وقت دم سڪرات ۽ روز شمار
دفع ٿيندا اُن جي دل تان غم غبار
|
*
معدنِ نورِ الاهي غوث اعظم دستگير
اشرفِ ڪون و مڪان، مخدوم عالم دستگير
جد سندس هو، باعثِ پيدائشِ هر دو سرا
زيب فلڪ و ارض آهي، فخرِ آدم دستگير
نور اُن جي سان منور ٿي ويو سارو جهان
آهه چنڊ چوڏهينءَ جيان خورشيد عالم دستگير
معجزا حضرت نبيءَ جا ڪيا سچا پيران پير
ڏنهن ڪرامت شاهه حيدر ٿيو مڪرم دستگير
جي حياتي هر دو عالم جي گهرين ٿو مرده دل
چؤ يقيناً صدق سان، هر روز هر دم دستگير
غم نه ڪر ”خادم“ اهي تنهنجا سڀيئي غم لٿا
تنهنجو ياور آهي حامي غوث اعظم دستگير
*
هر وقت ۾، هر حال ۾ هر لحظه، هر دم ياد ڪر
غوث اعظم، غوث اعظم، غوث اعظم ياد ڪر
اسم اُن مشڪل ڪشا جو هر دم و هر صبح و شام
وقت سختي درد ۾، توڙي هجئي غم، ياد ڪر
ورد ڪر نالو محي الدين جو تون شوق سان
صدق دل سان چور چپ، مخدوم عالم ياد ڪر
ساهه سر پنهنجو سدا قربان ڪر محبوب تان
تان خوشيون ماڻين سدا، خوشحال خرم ياد ڪر
سرخروئي جي گهرين دارين جي ٿو ”خادما“
دل سچيءَ سان دائما پيو غوث اعظم ياد ڪر
*
جي سهڻ جي تون ۾ جرئت ڪين آهي بوالهوس
خام دعوا سان گلارو عشق وارن کي نه ڪر
آ مقدر سان رهائڻ، ڇا نجومي ڇا رمال
ڇا زحل ڇا مشتري، مقسوم تارن کي نه ڪر
سچ چوڻ جي تو ۾ طاقت ڪين آ ڏاڍي اڳيان
بيوسي پنهنجي ڏيکاريندي اشارن کي نه ڪر
جي نڀائڻ جي اٿيئي، ”خادما“ سهه صبر سان
غير جي سامهون ويهي بدنام يارن کي نه ڪر
______*****______
رديف ز
*
خدا جي فضل سان ٿيو اڄ چمن سبز
خوشيءَ کان بل ٿيو سارو زمن سبز
خزان جي ظلم کان جي ٿيا برهنا
وڳا سر نو ڍڪيا آهن وڻن سبز
کليا نرگس، سمن ۽ گل گلابي
ڦٽيون ٽاريون اُنهن سڀني گلن سبز
عباسي ختمي خيرو نازبو يون
مٿي تربت ڏسان ٿو عاشقن سبز
چون بيحد سڀيئي شڪر وافر
گلن کي جن ڏٺو آ بلبلن سبز
عجائب رنگ پڻ هر قسم جا گل
ڄمن تربت مٿم يا ذوالمنن سبز
خدا ”خادم“ سندو ڪر صحن سائو
فضل سان جيئن ڪيو آ تو چمن سبز
*
عشق جو سودو ڪري، هاڻي رئين ٿو جلد باز
بحر ۾ ٻيڙو ڇڏي، طوفان کان ڇو احتراز؟
راهه هن ۾ ڪو اچي شوريده سر مست الست
هر ڪنهين جو دم نه آهه حاصل ڪرڻ هي سوزو ساز
کل اچي ٿي حال تنهنجي کي ڏسي اي بوالهوس
سر سلامت ڀي مڱين ۽ پڻ گهرين راز و نياز
پڇ وڃي منصور ۽ سرمد جي خاڪ ۽ خون کان
ڪيئن نڀايو سورهن، سوريءَ چڙهي حق و مجاز
جت ڪـُـسڻ جو مامرو آ، اُت وڃن جهونجهار ڪي
سڌڙين کان آ مٿي، ميدان هن جي تگ و تاز
گهر دعا ”خادم“ سدائين، روز و شب، شام و صبوح
شل خدا حاصل ڪري هي عشق جو سوزو گداز
______*****______ |