بيت
ڪانگل نامو
(1)
ڪري ڪانگ ڪــُـرنشون، چئج حبيبن هئن،
رسي راحت روح کي، دلبر تو بن ڪئن،
مون کي چاڙهي چئين، پاڻ سکيو ٿئين سپرين.
(2)
ڪانگ قريبن کي، ساري ڏج سلام،
راتو ڏينهان تـَـن ۾ تنهنجي تات تمام،
دهرا وجهي دام، پاڻ سکيو ٿئين سپرين.
(3)
زاغ ڪري زاري، چئج هئن حبيب کي،
ڪڏهن ڏني تو ڪا نه ڪا، دوست اچي دلداري،
ساريندي ساري، وئي حياتي ويسري.
(4)
ڪري ڪانگ ڪــُـرنشون،چئج حبيبن وُٽِ،
ڏسي عيب اَجــَـهل جا، مون کان منهن نه مــَـٽِ،
اَچي گوندر ڪــَـٽِ، ته ڏيهه گلاري نا ٿيان.
(5)
اوتاري عجيبن جي، وڃي پيزارين پئيج،
ساري سڀ چئيج، هيڻو حال حقير جو.
(6)
ڪري ڪانگ ڪــُـرنشون، پيرين پرينءَ پئيج،
مون جي ڏيانءِ نياپا، هو ريان اُت چئيج،
قاصد سڀ ڪهيج، ڳالهيون درد فراق جون.
(7)
ڪانگل ڪج ڪلام، اُڀي عجيبن کي
وساري ويهي رهين،اصلئون جو انجام،
سڪنديءَ کي سلام، سکڻو به نه نصيب ٿيو.
(8)
ڪانگ قريبن کي، ڏج نياپو لڳ خدا،
آتڻ اُجاڙيون وئين، ڏئي درد بلا،
وڃي ويٺين خوش ٿي، هت آهي روڄ سدا،
دلبر تو ســِـوا، مون کي ويڙهو وڻي ٿو ڪينڪي.
(9)
ڪانگل چئج قريب کي، هيءَ حقيقت ويهي،
ته رانول رمزن تنهنجي دل سندَم ريهي،
ڪڏهن تان پيهي، ڏي دلاسو دل کي.
(10)
ڪانگل چئج قريب کي، تنهنجي آس اُڪير،
سهسين ڦــَـٽ اندر ۾، سهسين جهوراڻا جهير،
اَلله لڳ اچي ڪو، ڏي دلاسو ڌير،
ڦوڙائي فقير، تنهنجي زور زهير ڪيو.
(11)
ڇاجي قيل مقال، ڪهڙي اور عجيب ريءَ،
ڪانگل چئيج قريب کي، سڪندي ٿيا سال،
تو بن رچن ڪينڪي، پيهون، پکا، پال،
ههڙا ڏسي حال، اچين مانَ اُڪنڊئين.
(12)
معذوريءَ مام، توکان مخفي ڪينڪي،
ٻولي ٻاجهاريءَ سين، اتِ ڪانگل ڪج ڪلام،
ساري ڏج سلام، هڪ هڪ ٿي حبيب کي.
(13)
جيءُ اندر جهوري، سدا سپرين جي،
ڪانگا چئج قريب کي، دوزخ آهه تو رِيءَ،
ايڏي شهزوري، ٺهي ڪين فقير سان.
(14)
ويهي لامَ مٿان، اڱڻ عجيبن جي،
هيڻو حال حقير جو چئج جئن چوان،
ڏينهون ڏينهن نوان، تنهنجا سور سنڌون ڪرين.
---------
*****---------
سـُـرسهڻي
(1)
ڪاري رات ڪــُـچو گهڙو، سهڻي سير لنگهي،
دهشت ڌوم درياهه ڏي مورون ڪن نه ڏي،
اوچي ڳاٽ وڃي، پرئين ڀر ميهار ڏي.
(2)
ڪاري رات ڪـَـچو گهڙو، مستيءَ ۾مهراڻ
ڇڏڻ سانگو سر جو، عشاقن اهڃاڻ
وڙهندي لهرين ساڻ، سهڻي وڃي ٿي سير مان.
(3)
ڪهڙي ڳالهه ڳڻي، سهڻي گهڙي گهيڙ ۾
بار برهه جو ڪانئرو ڪين کڻي،
پئي ٿي سر هڻي، سورائتي سير ۾.
(4)
دهشت ڌوم درياهه ۾، جت پاڻي وهي تار،
وڃن وسيلا وسري، جت اونهو آ اَنڌڪار،
اُتي شال ميهار، ڪري ٻاجهه ٻڏڻ سين.
(5)
دهشت ڌوم درياهه ۾، پاڻي تيز وهي،
ماٽي مــَـٽَ مٿاهون، جت ڏڪندي گهيڙِ لــَـهي،
اُتي ٿي پهي، سهڻي لهرين وچ ۾.
(6)
دهشت ڌوم درياهه ۾، جت ڪنبن ٿا تارون،
گــِـهڙي گهڙو هٿ ڪري، آ هنجي اوڀارون،
ڀــُـرندي ڀيلي کي ڏٺئين، پهچي ڪيئن پارون،
لڙهندي ڪيون ڪارون، ڪيڏون دَور درياهه ۾.
(7)
آڌيءَ رات اُٿي، سهڻي گهڙي سير ۾،
چڙن جي چونگار جي، ٿي سمن صاف ٻــُـڌي،
محبتي ميهار جي هئي قرب ڪــُـٺي،
ڪنهين مام مــُـٺي، نه ته ڪــُـنن ۾ ڪير گــِـهڙي.
(8)
هٿ هڻندي تار ۾، ڀيلو ڀــُـرندو ويو،
وڙهندي ويرين ساڻ هــُـنَ، وڏو وس ڪيو،
هوُ قضا ليک لکيو، نه ته ڪــُـنن ۾ ڪير گــِـهڙي
(9)
ڇڏي هوش هلي، ڪاڻياري ڪــُـنن ۾،
ڪچو گهڙو هٿ ۾، وڃي روهن ساڻ رلي،
پوئتي ڪين وَلي، ڀيلو ڀــُـرندي سير ۾.
(10)
چــُـڪيءَ چري ڪئي، ويس هوش حواس،
محبتي ميهار جي هيس، اندر وڏي آس،
تڙ تانگهي تي تاس، بيهي ڀــَـرِ درياهه جي.
(11)
محبتي ميهار جي، اندر منجهه اُڪير،
روز رئاري اُن کي، ٻــُـڪين پاڻي نير،
هڪ سهڻي ٻي سير، وتن اورينديون پاڻ ۾.
(12)
مـَـئي مــَـتي مهراڻ کي، سمجهائين لانگهو،
ٽپي پيئي تار ۾، هو پنڌ اَڙانگو،
لاهي سر سانگو، سودو ڪيائين سڦرو،
(13)
نه ڪو ساهڙ نه سير ڪا، نڪو آ مهراڻ،
ديواني درياهه جي، سڀ تو ۾ روح رهاڻ،
ڪڍين ڪنهن جي ڪاڻ، ساهڙ توسان ساڻ آهه. |