عرض مؤلف
مرحوم حاجي امام بخش ”خادم“ جي ڪلام کي جمع ڪرڻ جو
ڪم،‘سنڌي ادبي بورڊ’ جي طرفان مون کي سپرد ڪيو
ويو. مون شڪارپور جي هن باڪمال شاعر جي ڪلام کي گڏ
ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. شاعر پنهنجي زندگيءَ ۾
پنهنجي ڪلام کي سهيڙيو هو. مصنف جو اهو خود نوشته
مسودو مون وٽ موجود هو. مگر فقير غلام علي ”مسرور“
پنهنجي موت کان ٿورو اڳ، هيءُ مسودو مون کان
عاريتاً وٺي ويو. سندس اوچتي موت سبب، هيءُ مسودو،
سندس ٻين قلمي ڪتابن - روحل، مراد ۽ دريا خان جي
ڪلام - سان گڏ، گم ٿي ويو. خبر نه آهي ته ڪهڙي
شهه چور انهن ڪتابن کي پنهنجي دستبرد جو نشانو
بڻايو. منهنجي لاءِ هيءُ هڪ وڏو ادبي نقصان هو.
”خادم“ جو ڪلام هينئر منهنجي لاءِ جمع ڪرڻ نهايت
مشڪل ٿي پيو، مگر مون کي خبر هئي ته ”خادم“ جا
هيٺيان ڪتاب پوڪرداس آنجهانيءَ شايع ڪيا هئا:
1- قصو دودو چنيسر،
2- معجزو نانگ وارو،
3- ڪافين جو ننڍڙو ڪتاب.
مون انهن تصنيفن جي جستجو شروع ڪئي. جيئن ته تقسيم
کان پوءِ انهن ڪتابن جو هٿ اچڻ مشڪل هو، اُن ڪري
سخت ڪوشش کان پوءِ دستياب ٿيا. منهنجي خوش نصيبي
هئي، جو فقير غلام علي”مسرور“ مختصر ڪتب خاني کي
ڏسندي، ”خادم“ صاحب جو هڪ مسودو پڻ هٿ لڳو، جو
جيتوڻيڪ نامڪمل هو، پر منهنجي لاءِ گهڻو سهارو
بڻيو. سندس ڪلام جي تڪميل لاءِ، آءٌ سندس بياض ۽
ٻين منتشر ورقن ڏي متوجهه ٿيس، جن مان سندس ڪلام
جو مون کي وڏو ذخيرو هٿ لڳو. سندس ڇپيل ڪلام ايڏو
ته غلطين سان ڀريل هو، جو مون کي ڪيترو عرصو ان جي
اصلاح ۾ لڳو. جيئن ته منهنجي نظر مان مصنف جو هٿ
لکيل مسودو گذريو هو، ان ڪري مون کي سندس ڪلام جي
مڪمل ڪرڻ ۾ گهٽ تڪليف آئي آهي.
گهڻو اڳي مون ”سنڌو“ رسالي ۾ ”خادم“ جي حياتيءَ جو
احوال ڏنو هو، ۽ پوءِ ”نئين زندگيءَ“ ۾ به شايع
ڪيو هوم. هن ڪتاب کي لکڻ وقت مصنف جي خود نوشته
سوانح عمري سامهون رکي اٿم، جو ڪتاب پڻ “خادم” جي
طرز تحرير جو هڪ عمدو يادگار آهي. مون کي خوشي ٿي
آهي، جو مون شڪارپور جي هڪ باڪمال شاعر جي ڪلام جي
مجمع کي مرتب ڪيو آهي. “سنڌي ادبي بورڊ” جي هيءَ
تحسين لائق ڪوشش آهي، جو هيءَ جماعت اسان جي
وسريل، لائق هستين کي برسر عام آڻي، انهن جي نالن
کي زندهه ڪري رهي آهي. حقيقت ۾ هيءَ ئي ڪوشش اسان
کي زندهه قومن جي صف ۾ وڃي بيهاريندي.
سوانح حيات سان گڏ مون شاعر جي ڪلام تي مفصل تبصرو
نه ڪيو آهي، مگر ان تي هڪ طائرانه نگاهه وڌي اٿم،
جو هر جامع جو اهم فرض ٿئي ٿو. سندس ڪلام جي سڀني
خوبين کي ته يڪجا ڪري نه سگهيو آهيان، پر جي
نمايان حقيقتون آهن، انهن کي تفصيل سان لکيو اٿم.
شاعر جي ڪلام ۾ جتي جتي مشڪل لفظ آيا آهن، انهن جي
معنيٰ ڏني اٿم. پنهنجي طرف کان شاعر جي صحيح ڪلام
پيش ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي اٿم، ۽ سندس زندگيءَ جي ڪوائف
جي تعارف ڪرائڻ جو پورو سعيو ڪيو اٿم. اُميد ته
منهنجي هيءُ ادبي ڪوشش ڪامياب ثابت ٿيندي.
آءٌ هيٺين صاحبن جو شڪر گذار آهيان، جن شاعر جي
ڪلام جي مهيا ڪرڻ ۾ امداد ڪئي اٿم: 1- محترم واحد
بخش صاحب ڦلپوٽو مرحوم، 2- عزيزم احسان احمد بدوي،
۽ 3- مسٽر شبير احمد چنو.
لطف لله بدوي
شڪارپور سنڌ
10 جولاءِ 1956ع
سوانح حيات
شڪارپور جي مردم خيز زمين، جي باڪمال شخص پيدا ڪيا
آهن، اُنهن مان حاجي امام بخش ”خادم“ جو نالو
هميشـه غيرفاني رهندو. هن سنڌي ادب جي جنهن خاموش
نموني ۾ خدمت ڪئي آهي، اُن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو
سگهجي. هيءُ باڪمال شخص بدوي خاندان مان هو، جو
خاندان اصل عراق جي لق ۽ دق بيابانن ۾ رهندڙ هو.
هن خاندان مان هڪ شخص، احمد بدوي نالي، بغداد ۾
اچي سيدنا حضرت عبدالقادر محي الدين گيلاني قدس
سره العزيز جي ارادتمندن ۾ داخل ٿيو، ۽ روحانيت ۾
وڏو مقام حاصل ڪيائين. هن حقيقت ڏانهن ”خادم“
پنهنجي خود نوشته سوانح حيات ۾ هيئن ٿو اشارو ڪري
(1)
:
”منهنجي والد وٽ خانداني شجرو هو، جـُـنهن ۾ لکيل
هو ته آءٌ احمد بدويءَ جو اولاد آهيان، جنهن حضرت
سيدنا غوث اعظم دستگير جي دست حق ۾ پرست تي بيعت
ڪئي هئي.“
هن شجري جي متعلق فقير غلام علي ”مسرور“، جو
”خادم“ مرحوم جو ڀائٽيو هو، پنهنجي تصنيفات ۾ ذڪر
ڪيو آهي. احمد بدوي رحمـة الله عليـه جي اولاد مان
هڪ شخص پنهنجي اهل و عيال سميت بغداد مان هجرت ڪري
اُچ شريف آيو. هو اُچ شريف ۾ ڪڏهن آيو، اُن جو
تعين ٿي نه ٿو سگهي. ٿي سگهي ٿو ته هو ڏهين صدي
هجريءَ ۾، حضرت سيدالسادات محمد غوث گيلانيءَ(2)
جي دور ۾ اُچ ۾ آيو هجي. هي خاندان، قريب هڪ صديءَ
تائين، اُچ شريف ۾ رهندو آيو. اُن بعد حضرت موسيٰ
پاڪ شهيد جي شهادت کان پوءِ، هي خاندان ملتان ۾
منتقل ٿي ويو. هن خاندان جو هڪ فرد، مرحوم محمد
بچل ولد احمد بدوي، پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ،
ننڍپڻ ۾ پنهنجي عزيز ۽ اقربا جي ناروا هلت کان تنگ
ٿي، ملتان کي خدا حافظ چئي، سنڌ ۾ آيو. اُن وقت
سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جو دور هو. هي در يتيم
ڀٽڪندي، حيدرآباد ۾ پهتو. ڪنهن ريت، سندس رسائي،
مير ڪرم علي خان جي دربار ۾ ٿي، جو ان وقت سنڌ جي
گاديءَ جو وارث هو. مير صاحب پنهنجي فطري فياضيءَ
سان، هن يتيم کي پنهنجي پرورش هيٺ ورتو. ٻن سالن
کان پوءِ، سندس والده کيس ڳوليندي، حيدرآباد ۾
پهتي، جتي پنهنجي لخت جگر جي باريابيءَ تي بيحد
خوش ٿي، ۽ مير صاحب جي اجازت سان کيس موٽائي ملتان
وٺي وئي. جيترو وقت سندس والدهه جيئري رهي، محمد
بچل مرحوم ملتان ۾ رهيو، مگر سندس وفات کان پوءِ،
وطن مالوف کي هميشـه لاءِ الوداع چئي ٻاهر نڪتو.
غريب الوطنيءَ ۾ هو سنڌ ۾ وري هڪ ڀيرو ڦرندو رهيو.
آخر شڪارپور ۾ مستقل طرح رهڻ جو ارادو ڪري، رهي
پيو. شڪارپور جو شهر اُن وقت پنهنجي تجارتي لحاظ
کان سنڌ جي اڪثر شهرن تي فوقيت رکندڙ هو. سرحد تي
هئڻ سبب سندس اهميت وقت جي حاڪمن جي نظر ۾ وڏي
هئي. سنڌ ۾ انگريزن جي آمد سبب هر طرف افراتفري
پکڙيل هئي. شڪارپور اُن وقت ميرن جي قبضي ۾ هئي، ۽
اُن وقت سيد مير ڪاظم شهر جو گورنر هو. محمد بچل
جيئن ته حيدرآباد ۾ ميرن جي سايه هيٺ رهيو هو، ان
ڪري مير ڪاظم سان سندس راهه ۽ رسم پيدا ٿي، جنهن
کيس گهوڙن جي خريداريءَ لاءِ جدا جدا ڏيساور ڏانهن
موڪليو. هن سرڪاري نوڪريءَ جي عيوض ۾ کيس ڪافي
آمدني ٿي. کرڙيءَ جي جنگ کان پوءِ، مير ڪاظم جي
شهادت بعد، شڪارپور ۾ ميرن جو اقتدار گهڻي قدر
گهٽجي ويو. هڪ سال کان پوءِ، سنه 1843ع ۾ جڏهن
ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، تڏهن محمد بچل جي
اُها آسودگي باقي نه رهي. اُن هوندي به هو هن
تجارت کي جاري رکندو آيو. شڪارپور ۾ فوجي ڇانوڻيءَ
جي قيام سبب، سندس واپار کي وري فروع حاصل ٿيو،
جنهن ڪري سندس زندگي آرام ۽ فراغت سان گذرڻ لڳي.
سنڌ جي انگريزن جي فتح کان ڏهه سال پوءِ، کيس رحيم
بخش نالي هڪ فرزند ڄائو. اَٺ سال بعد کيس ٻيو
فرزند تولد ٿيو، جنهن جو نالو امام بخش رکيائين.
هيءُ اهو ٻار هو، جنهن اڳتي هلي پنهنجي نغمه
نوازيءَ سان شڪارپور کي معمور ڪيو. ”خادم“ پنهنجي
والد جو احوال مختصر عبارت ۾ هيئن ٿو ادا ڪري:
”منهنجي والد جو اسم گرامي محمد بچل هو، گهوڙن جي
سوداگري ڪندو هو. سنه 1880ع ۾ فالج جو مرض ٿيس ۽
اُنهيءَ عارضي جي صدمي ۾، جولاءِ سنه 1883ع ۾ وفات
ڪري ويو - خدا صاحب مغفرت ڪريس، ڏاڍو نيڪ، نمازي،
سادو، عقيدي جو پڪو، هٿ جو سخي، صابر ۽ شاڪر هو.“
پنهنجي ولادت جي تاريخ هيئن ٿو ڏئي :
”قياس، قيافي ۽ ظاهري ڄاڻڻ سان پڪ ۽ تسلي ٿئي ٿي
ته هن وقت (1916ع) منهنجي عمر پنجونجاهه ورهيه
آهي، شايد 1281 هجريءَ ۾ ڄائو آهيان.“
ٻئي هنڌ پنهنجي خود نوشته سوانح حيات ۾، پنهنجي
عمر جي متعلق هيئن ٿو اشارو ڪري:
”سنه 1870ع، شاهي باغ ۾ وڏو جلسو ميريويدر ڪمشنر
ڪراچيءَ جي ڪيو هو، ۽ اسڪولي شاگردن کي مٺايون
مليون هيون، اُن وقت مان نون ورهين جو هوس. سنه
1873ع ڌاري خداداد خان والي قلات شڪاپور ۾ آيو هو،
اُن وقت مان ٻارهن ورهين جو هوس - پوري يادگيري
پوي ٿي.“
”خادم“ جي مٿين لکيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس
ولادت جو سال 1861ع هو. ”خادم“ جو ننڍپڻ ايتري قدر
آرام ۽ سڪون سان نه گذريو، جيترو والد جي آغوش ۾
ٻار جو گذرندو آهي. سندس ولادت کي ٿورو وقت گذريو
هو، جو سندس والده وفات ڪري وئي. اُن ڪري سندس
پرورش ناناڻن ۾ ٿي، ۽ ستن ورهين تائين هو اُتي ئي
رهيو. پنهنجي تعليم متعلق خادم لکي ٿو:
”والد صاحب پيار ڏيندو، مسجد جي ملا وٽ پڙهڻ
ويهاريائين، قاعدو پڙهيم ۽ ڪجهه سورتون ياد ڪيم.
سنه 1869ع ڌاري، ميان رحيم بخش سان، جنهن قرآن
مجيد ختم ڪيو هو، آخوند قمرالدين جي مدرسي ۾ پڙهڻ
ويهاريائين، جتي سنڌيءَ جي تعليم ملندي هئي. “
معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جي حڪومت برپا ٿيڻ کان
پوءِ ستت ئي شڪارپور ۾ ابتدائي اسڪول جو بنياد
رکيو ويو، جنهن جو پهريون هيڊ ماستر آخوند
قمرالدين هو. آخوند صاحب اُن وقت جي بهترين
اُستادن مان شمار ٿئي ٿو. هو عربي ۽ فارسي زبانن
جو وڏو ڄاڻو هو. شڪارپور جي مشهور فارسي گو شاعرن،
”صنعت“ ۽ ملا اويس، جو صحبتي هو. چيو وڃي ٿو ته
آخوند صاحب به فارسيءَ ۾ شعر چيو آهي، پر ڪيتريءَ
جستجو بعد به مون کي سندس ڪلام ميسر ٿي نه سگهيو
آهي. اهڙي قابل اُستاد جي شاگردن ۾، ”خادم“ به وڃي
شريڪ ٿيو. ”خادم“ سنه 1873ع ۾ پنجين درجي ۾ آيو،
جتي کيس ٻيو فاضل اُستاد، قاضي قادر بخش، ميسر
ٿيو، جنهن جو ذڪر پنهنجي فارسي شعر ۾ ڪيو اٿس.
فرمائي ٿو:
اِلهيٰ اين دعايم کن اجابت
چراغ افروز در خانهء مربي
ببينم شاد هر دم قاضي صاحب
که آن اُستاد مشفق فيض بخش است
ز بار منت آن محسن خويش. |
بحرمت سيد صاحب شفاعت
تو قادر، کار ساز و حق و ربي
آن قادر بخش دانا ذي مراتب
عجب نقش شفقت بر دلم بست
مدامي سرفرو هست خاطرم بيش |
بود هر روز نو روزش مدامي
مثل عيدالفطر، عيد گرامي
اُن زماني ۾، پرائمريءَ جي پنجين درجي پوري ڪرڻ
بعد، ورنيڪيولر فائينل امتحان ڏيڻ ۾ ايندو هو.
”خادم“ پنجين درجي پوري ڪرڻ بعد، سنه 1873ع ۾،
مٿئين امتحان ۾ ويٺو ۽ ڪامياب ٿيو. ابتدائي تعليم
جي آخري ڪڙي پوري ڪرڻ بعد، هو انگريزي تعليم ڏانهن
رجوع ٿيو. ساڳئي سال هو هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو.
شڪارپور ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو بنياد سنه 1873ع
۾ پيو هو. پهريائين هي اسڪول اڳينءَ ميونسپل آفيس
۽ سٽوئرٽ گنج جي نزديڪ هو. سنه 1886ع ۾، هي اسڪول
ملٽري گرائونڊ، ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان نئين عمارت
۾منتقل ٿيو(1)
. هاءِ اسڪول جي اُن ابتدائي عمارت ۾ ”خادم“
پنهنجا ٽي سال پورا ڪري، ٽيون درجو پاس ڪيو.
انگريزي تعليم جي دوران ۾، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد
جي داخلا جي امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو. ”خادم“
اُن جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:
”سنه 1876ع جي جنوري مهيني ۾، ٽريننگ ڪاليج
حيدرآباد جي داخلا جو امتحان ٿيو. بغير تياريءَ جي
ڪلاس ماستر کان موڪلائي،اچي ڏنم. قسمت سان پاس
ٿيس، اُستاد آخوند قمر الدين نالو ڏنم: اُن ڏانهن
حڪم آيو ته ’اِنهيءَ پاس ٿيل کي روانو ڪريو‘، تنهن
منهنجي والد کي سمجهايو ۽ زور رکيو. والد صاحب
قبول ڪيو. مان پاڻ کي پندرهن ورهين جو ٿو ڄاڻان.
ايڏي مسافريءَ تي وڃڻ مشڪل ٿي لڳو، پر جڏهن مائٽن
جي مرضي اچي بيٺي، ته لاچار ٿيس.“
مٿين امتحانن ۾ ”خادم“ جي ڪاميابي هن ڳالهه جي
شاهدي آهي ته هو ننڍپڻ ۾ ئي ذهين هو. سندس ذهانت
جو ٻيو هيءُ به دليل آهي ته کيس فارسي شاعرن جي
اَڻ کٽ بيت ياد هوندا هئا. دوران گفتگو ۾ هو اُنهن
کي آزاديءَ سان استعمال ڪندو رهندو هو. سندس بياض
اهڙن منتخب اشعار سان جهنجهيو پيو آهي. بهرحال هو
حيدرآباد جي لاءِ تيار ٿيو - جا حقيقت پنهنجي خود
نوشته سوانح حيات ۾ هيئن ٿو ڏئي:
”والد بزرگوار گهوڙي تي ٻيلهه چاڙهي، 7- اپريل سنه
1876ع جي صبح جو، شڪارپور کان روانو ٿيو. غروب
آفتاب جي وقت سکر پهتاسون. سکر مان فراسي ۽ سيڌو
وٺي ڏنائين. ريل ڪانه هئي، آگبوٽ تي چاڙهيائين.
ٽڪيٽ وٺي ڏنائين، آگبوٽ جي ملازمن کي منهنجي پارت
ڪيائين. صبح جو سويرو آ گبوٽ هلڻ وارو هو. آءٌ
ڏاڍو دلگير هوس. رات وڏي انتظار ۽ اوسيڙي ۾ گذري.
بهرحال صبح ٿيو، والد بزرگوار صبح جي نماز درياءَ
جي ڀر تي پڙهي. صبح جي شفق ۾ درياءَ جو خوشگوار
نظارو، دل کي عجيب ڪيف ڏئي رهيو هو، مگر سفر جي
ايندڙ عقوبت کان اُن خوشنما نظاري ۾ به اکيون
اَشڪبار هيون. آخر دل ڏاڍي ڪري، هيئن چوندي آ گبوٽ
تي سوار ٿيس:
هو آتڻ، هو چرخو، هو اَورڻ اولاڪو،
صبح سڀاڪو، سرتيون ڪيم وسارجو.
اشراق جي وقت جهاز ڇوڙيائون. منهنجون اکيون اَبي ۾
هيون، جو ڪناري تي روئندو رهيو. آخر جهاز هليو،
ڪنارو دور ٿيندو ويو ۽ جهاز نامعلوم ڏس ڏي وڌندو
رهيو. اُن وقت انساني زندگيءَ جي آخري گهڙين جو
ويچار دل تي تري آيو. مرندڙ انسان به ته اهڙي
بيڪسيءَ ۾ جهان کان الوداع ٿو ڪري، روئڻ وارا
روئندا رهن ٿا، پر هو مجبور پنهنجي سفر کي جاري ٿو
رکي. خير، آءٌ صبر ڪري، جهاز جي هڪ گوشي ۾ ويهي
رهيس. اکيون لڙڪن سان ڀريل هيون. منهنجي ڀرسان هڪ
مائي ويٺي هئي. تنهن مون کان پڇيو ته ’نينگر ڇو ٿو
روئين’؟ مون کيس حقيقت ٻڌائي. هن دلاسو ڏنو ته
‘آءٌ توکي منزل مقصود تي پهچائينديس‘. ٿوري دلجاءِ
ٿي. ٽي ڏينهن آ گبوٽ ۾ رهياسين. چوٿين ڏينهن
ڪوٽڙيءَ پهتاسون . مائي صاحبه مون کي پاڻ سان
همراهه ڪيو. ٻيڙيءَ ۾ گدوبندر پار وياسون. اُتان
بگي ڀاڙي تي ڪري، حيدرآباد پهتاسون. مائي صاحبه
واٽ تي لٿي ۽ بگيءَ واري کي چيائين ته هن کي نارمل
ڪاليج ۾ پهچا“ ”خادم“ جي مٿيئن نگارش مان معلوم
ٿئي ٿو ته اُن وقت سفر ڪرڻ ۾ ڪيڏيون نه مشقتون ٿي
سهڻيون پيون. شڪارپور کان حيدرآباد تائين سفر، جو
هينئر ڇهن ڪلاڪن ۾ پورو ٿيو وڃي، اڄ کان مني صدي
اڳ، ڇهن ڏينهن ۾ پورو پئي ٿيو. ڪيڏي نه تبديلي!
”خادم“ حيدرآباد ۾ پنهنجي تعليم جو احوال هيئن ٿو
ڏئي:
”مان اسڪول ۾ لٿس، سامان کڻي اندر هليس. شاگرد مڙي
ويا. ماستر صاحب وٽ حاضر ڪيائون. شاگرد ڪل ٽيهارو
کن هئاسون. اِتي دل ڏاڍي ڪيم. ڳالهين ٻولين ۾ لڳي
ويس. وقت گذرڻ بعد، بورڊنگ ۾ آياسون، ماني کاڌيم،
سامان رکيم. پنج روپيا پگهار ٿيو. ڪتاب سرڪاري اَڌ
بها تي مليا. وقت خير جو گذرڻ لڳو. هيڊ ماستر رئيس
غلام علي صاحب جي گهڻي شفقت هئي. هو بيدار مغز ۽
وڏو منتظم هو. اَڄوڪي وقت وانگر اجايو ٺٺ نه هو.
چال تي نظر هئي، ۽ تعليم ۾ ڌيان هو. فارسيءَ جو
اُستاد آخوند فتح محمد صاحب ”ڪاشف الغموض“ جو مصنف
هو. هو نيڪ بخت ۽ شب خيز هو. سندس صحبت ۾ مون گهڻو
پرايو - خدا غريق رحمت ڪريس! مئي مهيني ۾ ششماهي
امتحان ٿيو، ۽ جون ۾ مهينو وئڪيشن ملي. جلد اچڻ
سببان موڪل حيدرآباد ۾ گذاريم - اِتي پڪو ٿيس.“
”خادم اُن وقت جي تعليم جو ذڪر، ڪهڙن نه سادن لفظن
۾ ڪيو آهي: ”چال تي نظر هئي، ۽ تعليم ۾ ڌيان هو!“
هڪ طالب علم جي لاءِ اهي ٻئي ڳالهيون، گويا تعليم
جو روح آهن، مگر اڄ جديد تعليم جيترو فروغ ۽ ترقي
حاصل ڪئي آهي، اوترو ئي انهن ٻنهي ڳالهين جو فقدان
ٿو نظر اچي. موجوده تعليم مان هنن ٻنهي ڳالهين جي
گم ٿي وڃڻ جا ڪهڙا اسباب آهن، اُنهن تي ماهرين فن
کي چڱيءَ ريت غور ۽ خوض ڪرڻ گهرجي. مني صديءَ جي
عرصي ۾، جيتري قدر تعليم وسيع ۽ ڪشادي ٿي آهي،
ايتري قدر اخلاق ڪرندو رهيو آهي. علم نفسيات تي
روز ڪيترائي ڪتاب پيا شايع ٿين، مگر اُنهن ڪتابن
جي روشني به اسان جي اخلاق جي طرف رهنمائي ڪري نه
سگهي آهي. حقيقت ۾ قومن جي بقا فقط اخلاق جي عام
موجودگيءَ تي منحصر آهي. ”خادم“ موجوده تعليم تي
پنهنجي سخن ۾ ڪڙي تنقيد ڪئي آهي، جا هيٺينءَ ريت
اچي ٿي:
طالب و اُستاد وٽ اَڄ، نا رهيو اخلاق ڪو،
هر طرف اي علم تنهنجي، مان خواري ٿو ڏسان.
هي ڪتابن جو رڳو آ ڍير طوطي جان رٽڻ،
تربيت آ ڪانه، پر تعليم جاري ٿو ڏسان.
نا اُميدي ڪفر آ، پر ”خادما“ پنهنجي اڳيان،
علم جي هوندي به اوندهه رات ڪاري ٿو ڏسان.
بهرحال ”خادم“ سنه 1879ع ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد
مان ڪاميابيءَ سان ”استاد“ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو.
حيدرآباد جي نمبر اول اسڪول ۾ نائب ماستر مقرر
ٿيو. هن عرصي ۾ اُن وقت جي مشاهيرن سان سندس
واقفيت پيدا ٿي. محمد قاسم هلائي، سيد فاضل شاهه ۽
فضل محمد “ماتم” سان سندس مضبوط تعلقات قائم ٿيا.
اُنهن ڏينهن ۾ سندس والد تي فالج جو حملو ٿيو،
جنهن ڪري نومبر سنه 1879ع ۾ موڪل وٺي شڪارپور آيو.
سندس پگهار اُن وقت ويهه روپيا هئي، جنهن مان ڏهه
روپيا هو پنهنجي والد کي هر مهيني پهچائيندو رهندو
هو.
قريباً هڪ سال حيدرآباد ۾ رهڻ کان پوءِ پنهنجي وطن
جي قريبيءَ لاءِ واجهائيندو ٿي رهيو. سنه 1880ع ۾
سندس تبديلي شڪارپور ۾ ٿي. مگر سنه 1881ع ۾، رئيس
غلام علي صاحب، جو اُن وقت شڪارپور ضلعي جو ڊپٽي
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هو، کيس خاص طرح پنج روپيا
اضافو ڏئي، گهلپور، تعلقي ڪشمور، ۾ هيڊماستر ڪري
رکيو. ”خادم“ اُتي وڃي نئون اسڪول کوليو. ڪشمور ۾
سندس واقفيت، ميان عبدالله لکويءَ سان ٿي، جو پڻ
عمدو شاعر ٿي گذريو آهي. ”خادم“ پنهنجي دوست ميان
عبدالله سان پنهنجي دوستيءَ جو پڪو پيوند نڀايو.
سندس بياض ۾ عبدالله جو گهڻو شعر آيل آهي. اُنهن
مان هڪ ڪافي هيٺ ڏيان ٿو:
مانجهي اچيو ميخان ۾،
پنهنجو پڌر ڳجهه پاڻ ڪيو،
پانؤ اِنهيءَ پـه پورجي، |
سورهيه سوين سر ٿا ڏين!
آ گي اچي انسان ۾،
جلندا وتن جولان ۾، |
سي ڪئن جڏا جڳ ۾ جين،
بيٺا سڄڻ جي سامهون،
مڃيائون شهادت شوق مان، |
محبت سندي ميدان ۾،
عاشق آيا ايمان ۾، |
پڙ کان نه ٿي پاسي ٿين.
صاحب لکين صفتون سندءِ
ڪنڌ قتل کان نا ڪڍن، |
قادر ڪيون قرآن ۾،
فايق آهن فرمان ۾، |
پر جام هو پل پل پين.
”عبدالله“ اِها عبرت ڏسي،
مشتاق ٿيا محبوب جا، |
هر ڪو پوي حيران ۾،
سدا نيهن جي نيشان ۾، |
حب ڪا اٿن اندر هين.
جيئن ”خادم“ لکي ٿو، سنه 1882ع ۾ روهڙيءَ مان سندس
پهرين شادي ٿي. مئي سنه 1886ع ۾، سندس بدلي گهلپور
مان وزيرآباد تعلقي سکر ۾ ٿي. هي ”خادم“ جي
زندگيءَ جو بهترين دور آهي. علمي خدمتن جي طرف هن
چڱو چوکو ڌيان ڏنو. ڏهه سال برابر هو وزير آباد ۾
رهيو. اُتان جي زندگيءَ جي بابت لکي ٿو:
”شهر ويجهو هو، ڇنڇر ڏينهن نوڪريءَ تان ايندو هوس،
سومر جي صبح جو ويندو هوس. وقت خوش گذرندو هو.
اِتي پنهنجي سهنجي وارو ٿيس. نڪي ابي سائينءَ جي
ورثي مان ڪجهه مليل هو، نه ڪنهن کي فريب ڏئي غصب
ڪيم، نڪي حرام جي يافت ملي، پنهنجي پگهار مان کاڌي
پيتي بعد جيڪو بچندو هو، اُن کي گڏ ڪندو هوس.
منهنجي منڪوحه، شريف ۽ حال ڀائي هئي. قناعت سان
گذران ڪندا هئاسون. هي سڀ مهرباني مون کي نماز
پڙهڻ کان ٿي. مان چڱيءَ طرح يادگيريءَ سان چوان ٿو
ته نماز جو بلڪل پابند هوس. ڄڻ ته نماز سان منهنجو
عشق هو. قرآن شريف جو دور ڪندو هوس. ڪڏهن ته ”فمي
بشوق“ جي منزل سان هفتي ۾ ختم ڪندو هوس، نه ته
مهيني ۾ ختم ڪندو هوس.“
منهنجي اُستاد مرحوم واحد بخش ڦلپوٽي، هڪ ڀيري مون
کي ٻڌايو ته “گهڻا سال ٿيا، ”خادم“ جي هڪ دوست مون
کي خبر ڪئي ته “مرحوم خادم اڪثر وزير آباد کان
شڪارپور پيادو ايندو هو. راهه ۾ هو سلطان ابراهيم
رحمة الله عليـه ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪندو
ويندو هو. چئن ڪوهن جي هن مفاصلي ۾ هڪ هزار صلواهِ
شريف ختم ڪندو هو“. هن وقت کيس حرمين شريفين جي
وڃڻ جو خيال اچي دل ۾ جاڳيو، جيئن پاڻ لکي ٿو:
”زماني جي بيوفائي ۽ عزيزن جي بي اتفاقي ڏسي، اچي
خيال ٿيو ته مديني مبارڪ ڏانهن هجرت ڪري وڃان ۽
موٽي نه اچان.“
واقعي هن دور جي ڪلام ۾، سندس هيءُ هڪ ئي آرزو نظر
اچي ٿي. هڪ هنڌ ارشاد فرمائي ٿو:
اي صبا، اولهه ڏي گهل ۽ چؤ وڃي اُت با ادب،
منجهه مديني پيش مرسل سيد والا نسب،
آرزو دل جي تمنا، مدعا، مطلب هي آهه،
جو مديني ۾ رسي، روضو پسان ڪنهن بي سبب،
سنڌ ۾ سرور سڪايل ٿو رهان تولئه مدام،
مهر ڪر مرسل سگهو، هاڻي گهرايو منجهه عرب!
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
اي صبا، چئو عجز سان، هي حال دلبر يار کي،
سر رکي قد من سڄڻ جي، چئو مٺي منٺار کي.
سال ٿيا سڪندي سڄڻ، ساجن سگهيري سار لهه،
اي طبيب قلب تون ڏي ڪا دوا بيمار کي!
آخر هن اشتياق ۽ آرزو رنگ لاتو، دعا قبول ٿي، جيئن
پاڻ لکي ٿو:
”نيٺ ڌڻي پاڪ مهرباني ڪئي، سچي سردار دانهون
ورنايون. وزيرآباد ۾ سنگت تيار ٿي. پاڻ ۾ پڪ
ڪئيسون. مان ٻارهن مهينن جي فرلو موڪل لاءِ لکيو.
موڪل منظور ٿي، چارج ڇڏيم، مگر پئسو ڪونه هو. هلڻ
جي تياري ڪئيسون. جاءِ چئن سون روپين ۾ گروي ڪيم.
فيبروري سنه 1896ع ۾ ڪٽنب سميت روانو ٿيس.“
حج . هن کان پوءِ ”خادم“ حج جي سفر جو ذڪر ٿو ڪري،
جو پڻ نهايت ورونهن ڏيندڙ آهي. اُن سفر ۾ جي تاثر
قلمبند ڪيا اٿس، سي فائدي کان خالي نه آهن. فرمائي
ٿو:
”ٻي بجي ڌاري ڏينهن جو ڪراچيءَ پهتاسين، جتي نه ڪو
واقف هو، نه ڄاڻو. مونجهه ٿيم ته ڪاڏي وڃان. خيال
ڪيم ته بندر تي وڃي رهجي، ته چڱو. اهو ارادو محڪم
ڪري، وڏي بگيءَ ۾ ڪياماڙيءَ هلياسون. ڪياماڙيءَ
پهچي، وڌيڪ پريشاني ٿي، ڪابه رهڻ جي جاءِ نظر نه
آئي. بگيءَ واري جي صلاح سان، هڪ يورپين ڪوارٽر ۾،
جو خالي ۽ کليل هو، سياري جي رات گذارڻ لاءِ اندر
گهڙياسون. جاءِ آرام جهڙي نظر آئي، هڪ حڪمران قوم
جي افراد لاءِ تيار ڪئي وئي هئي. پرائيءَ جاءِ ۾
رهڻ جو خوف به پئي ٿيو، مگر مجبوري به هڪ عجيب
شيءِ آهي. رات اُن ڪوارٽر ۾ آرام سان گذري. صبح جو
سويرو هڪ پوليس وارو آيو، جو مسلمان هو. هن اچڻ
سان هن بي قاعدگيءَ جي لاءِ پڇيو. منهنجي حقيقت
ٻڌي کيس رحم آيو، دلاسو ڏنائين ته “بمبئي ڏانهن
ويندڙ جهاز ۾ مان اوهان کي سولائيءَ سان
پهچائيندس. ٻن ڏينهن بعد، سيٺ ذڪريا جو آگبوٽ
بمبئي ڏانهن تيار ٿيو. ٽڪيٽ ورتيسون، سامان
چاڙهيوسون. اُن پوليس واري جي سفارش تي آگبوٽ ۾
چڱي جاءِ ملي. سورت بندر ۾ رمضان 1313 هجري جو چنڊ
ڏٺو. 4 رمضان تي، بمبئي جي بندر تي پهتاسون. ڪپتان
جي سمجهائڻ موجب، سيٺ ڪمون جي مسافرخاني ۾ رهياسون
- ڏاڍي عاليشان جاءِ هئي، منجهس سڀيئي سهوليتون
موجود هيون. بمبئي عجيب خوشنما شهر نظر آيو.
جيتوڻيڪ سفر جي روارويءَ ۾، اهي دلڪشيون ريهي نه
ٿي سگهيون، مگر شڪارپور جي رهڻ واري لاءِ، بمبئي
هڪ دلفريب مقام هو. ساندهه ست ڏينهن هن عظيم الشان
شهر ۾ رهي، اُن جي لطافتن کي ڏسندو رهيس، مگر دل
ڪنهن ٻئي مقام جي جمال جي شيدائي هئي. اُن مقام جي
تصوراڻي وارفتگيءَ، بمبئي جي حسين شهر کي اکين ۾
جاءِ نه ٿي ڏني. 11- رمضان ڌاري ٽڪيٽ مليا. في
ٽڪيٽ 105 روپئين مليو. ڊاڪٽرن جو طبي معائنو ٿيو.
اُن بعد جهاز تي چڙهڻ جي اجازت ملي. مان شاهه
ڀٽائيءَ جي رسالي مان، جو مون سان سفر ۽ حضر ۾ ساڻ
رهندو آهي، فال ورتي. ارشاد ٿيو:
گهڙيا سي چڙهيا، اِئين اٿيئي
مئي متي مهراڻ ۾ پؤ ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين!
آخر خدا پاڪ جي آسري جهاز هاڪاريو. وزيرآباد وارا
رفيق سڀ اڳ ۾ هليا ويا هئا، هيءَ تنها سفر هو.
سمنڊ جي لهرين تي جهاز جي رفتار ڪڏهن هيٺ هئي، ته
ڪڏهن مٿي. هن مدوجزر کان سرگرداني هئي. طبيعت تي
بار هو، پر،
”پرين جي پار جي مڙئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.“
”اٺن ڏينهن جي سفر ۾، مٿي آسمان جي نيراڻ هئي، هيٺ
سبزي مائل پاڻي. سج لٿو ٿي ۽ اُڀريو ٿي. هن طويل
سفر کان پوءِ جهاز عدن بندر تي پهتو. عدن ۾ جهاز
ٻه ڏينهن ترسيو. انگريزي جهنڊو فوجي بئرڪن تي پري
کان لڏندو نظر آيو. ماڻهو ننڍن بتيلن ۾ چڙهي، شهر
ڏسڻ لاءِ ويا. شهر ايڏو وڏو ڪونه هو، نه وري منجهس
ڪا رونق نظر آئي. ماڻهن جي منهن مان افلاس نظر ٿي
آيو. جهاز اُتان پاڻي ۽ ڪوئلا کنيا. ٻن ڏينهن بعد
جهاز اڳتي هليو. باب المندب کان اُڪري يلملم جي
جبل وٽ احرام ٻڌڻ جو حڪم مليو . غسل ڪري احرام ٻڌو
ويو ۽ حج جي نيت ڪئي ويئي ۽ نفل پڙهيا ويا. ٻن
ڏينهن بعد، جهاز جدي بندر تي پهتو. بندر تي محصول
ڏيئي، مطوف جي مرضيءَ سان، هڪ سنڌيءَ وٽ، جو اُتي
گهڻي وقت کان ساڪن هو، پنهنجو سامان کڻي وڃي رکيم.
ٻه آنا هر روز مسواڙ ڏيڻي ٿي پيئي، ۽ وقت نهايت
خوش ٿي گذريو. عيدالفطر جدي ۾ پڙهيسون، مسجد حضرت
حوا ۾ اشراق جي وقت عيد نماز ادا ڪئي وئي. عيد جي
خوشي ٽي ڏينهن نهايت ڌوم ڌام سان ٿي. مڪي شريف جي
هلڻ جون تياريون ٿيون، قافلو تيار ٿيو. رستو
ناهموار هو، پٿريلي زمين کان قافلو آهستي آهستي
گذرندو رهيو. نيٺ 7 شوال تي، مڪي شريف ۾ پهتاسين.
ڏاڍي خوشي ٿي، ڪٽنب سميت - ڪعبي شريف جي زيارت
لاءِ ڊوڙيس. طواف ڪري، صفا ۽ مروه ۾ ڊوڙياسون.
جاءِ مسواڙ تي ورتيسون، جا شايد ويهين روپين ۾
ملي. چڱو وقت گذريو، وطن وسري ويو. ڪوبه مٽ مائٽ
ياد نه هو. ياد به ڇا تي پون، جو نه منجهن اُلفت
هئي نه محبت. نيٺ
8- ذوالحج تي، عرفات جي تياري ٿي. شغدف 15 روپئين
ورتم. خدا تعاليٰ جو عجب شان جلالي ۽ جمالي نظر
آيو. سوين ماڻهو اُٺن تي سوار ۽ پيادا نظر آيا.
انسانن جو هڪ سمنڊ هو، جو لهريون ڏيئي رهيو هو. 9-
ذوالحج رات جو نائين بجي، عرفات جي ميدان ۾
لٿاسون. سامان لاهي، شغدف ٺاهي، آرامي ٿياسون. صبح
سان اک پٽيندي ئي، هڪ عظيم شهر آباد نظر آيو. اُفق
جي حد تائين تنبو ئي تنبو نظر آيا. حضرت آدم عليـه
السلام جي مسجد ۾ نفل ادا ڪياسون. ٻپهري ۽ ٽپهري
گڏجي ادا ڪئيسون. خطيب خطبو ختم ڪيو. هر طرف کان
‘مبارڪ مبارڪ’، لبيڪ لبيڪ’ جو آواز بلند ٿيو. فضا
رحمت سان ڀرجي ويئي. رات مزدلفي ۾ گذاريسون. شيطان
کي پهڻيون (پٿريون) هڻي، پرهه مهل مينا ۾ آياسون.
ٽي ڏينهن مينا ۾ گذريا، مينا ۾ قرباني ڪئيسون. هي
فرض پورا ڪري، مڪي شريف موٽياسون. ڪعبي شريف جي
زيارت بعد صفا ۽ مرو ڊوڙي، تڙ ڪري، اِحرام
لاٿوسين. هينئر روز بيت الله شريف اچبو هو ۽ زيارت
ڪبي هئي. مديني منوره جي زيارت جو اشتياق ٿي رهيو،
پر پيسو کپي ويو هو، ڏاڍو مغموم ٿي گذاريم:
’قسمت کي شومي ديکهئي ڻوڻي کهان کمند
دوچار هاتهه جب که لب بام ره گيا‘
”دلگيريءَ ۾ دعائون گهرندو رهيس. آخر عرض قبول
ٿيو. هڪ ڏينهن هڪ شخص، سيد امام الدين شاهه هوشيار
پوري، ڪعبي شريف ۾ طواف ڪندي ملي ويو. هن شخص سان
منهنجي ابتدائي واقفيت حيدرآباد ۾ ٿي هئي. کيس نيڪ
ڏسي، سندس نيڪيءَ تي مشتاق ٿيس. هو سحر خيز هو، ۽
مان طالب هوس. سندس ڏسيل وظيفي کي پڙهڻ شروع ڪيم.
ڏينهن جو نوڪري، رات جو جاڳڻ - سياري جون راتيون،
ڏهين بجي کان صبح جي نماز تائين، ويٺي گذري
وينديون هيون. جواني هئي ۽ شوق غالب هو، نه ته
ڪنهن کي پئي آهي، جو پنهنجي ننڊ پٽائي.
’رئنديون سي، جن کي رتي رهاڻ نصيب ٿي‘.
”سيد موصوف سان ڪجهه وقت منهنجي خط و ڪتابت جاري
رهي. اهو شخص حج پڙهڻ لاءِ آيو هو، ڇو ته حج اڪبري
هو. حرم شريف ۾ کيس ڏسي قدمبوس ٿيس. هو به مون کي
ان مقدس زمين تي بيٺل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. سندس
سامان کڻي پاڻ وٽ رکيم ۽ کيس ٻه وقت ماني
پهچائيندو رهيس. نيٺ هڪ ڏينهن هو پنهنجي وطن ڏانهن
هلڻ لاءِ تيار ٿيو، مون سان صلاح ڪيائين. مون کيس
عرض ڪيو ته مديني منوره جي زيارت کان سواءِ ، وطن
موٽڻ جو نه ارادو اٿم نه خيال. سردار عالم جي
چائنٺ چمڻ کان سواءِ ڪهڙي زندگي! کيس پنهنجي
ناداريءَ جي حقيقت ٻڌايم، منهنجي حال تي کيس رحم
آيو، سؤ رپيا اُتيئي ڪڍي قرض طور ڏنائين، ۽ انهن
جي اُدا ڪرڻ جو حرم ۾ وعدو ورتائين. (هي قرض مون
پوءِ ادا ڪري ڇڏيو.) پيسن ملڻ جي ڏاڍي خوشي ٿي.
شاهه صاحب ته پنهنجي وطن وريو، ۽ مون مديني منوره
هلڻ جي تياري ڪئي. 25- ذوالحج تي، قافلو مديني
منوره روانو ٿيو. سامان محمد ابراهيم صباغ مطوف
مڪيءَ وٽ رکي، سونهاري سفر ڏانهن هلياسون. منزل به
منزل اٺين ڏينهن رابق ۾ پهتاسون. اتي ننڍڙو قلعو ۽
ڇانوڻي آهي. شهر ننڍو آهي. سمنڊ اَٺ ميل کن پري
ٿيندو. ٻيڙين جا سڙهه نظر ٿي آيا. رات اتي منزل
ڪئي سون. صبح جو وري پنڌ پياسون. اهڙيءَ ريت
رواريءَ ۾ منزل به منزل ٻارهين ڏينهن ان مقدس شهر
جي ويجهو پياسين، جنهن جي هڪ نظر ڏسڻ لا”، هزارين
ڪوهه پري بيتاب دل سدائين جسم ۾ بيقرار ٿي رهي. هي
اهو پاڪيزو مقام آهي، جنهن لاءِ ”عزت“ بخاري
فرمايو آهي:
’اَدب گاهيست زير آسمان از عرش نازک تر
نفس گم کرده مي آيد، جنيد و با يزيد اينجا‘
”چئن ميلن جي پنڌ کان اُن عالم پناهه جو سبز گنبذ
نظر آيو، جنهن جي ڏسڻ سان اکين کي نور ۽ قلب کي
سرور حاصل ٿيو. صلواة پڙهندي پيرين پيادو ٿيس.
پٿريلي ۽ وارياسي زمين تي ان پاڪ ذات جي قدمن کي
ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم، جنهن جي فيض کان دنيا معمور ٿي
چڪي آهي. دل چاهيو ٿي ته هن زمين جي قدم قدم کي
چمندو وڃان. هتي ئي اُن مقدس شخصيت جي قدمن کان
نشان ٺهيا هوندا. حافظ سچ فرمايو آهي:
بر ز مينيکه نشانهاي کف پاي تو بود
سالهاسال سجده گـه صاحب نظران خواهد بود.
قسمت تي ناز ٿي ڪيم، جو هيءَ گهڙي منهنجي نصيب ۾
آئي:
’شادم از زندگي خويش که کاري کردم!‘
12 بجي ڏينهن جو خير سان مديني منوره ۾ پهتاسون.
ڏاڍي راحت هئي، شغدف لاهي، ڇڙيون کوڙي، کيسن جو
پال هڻي ويهي رهياسون. جلد ئي وضو ساري، حرم شريف
جي زيارت لاءِ ڀڳس. چائنٺ چميم، من جون مرادون
پوريون ٿيم. سچي سردار تي صلواتون پڙهيم. هر ڪو
شهر ۾ اندر هليو ويو. مان رات جي اُڪيلائيءَ کان
اندر ٿيس. مسافرخاني ۾ جاءِ ملي وئي. مٿي ماڙيءَ
تي وڃي آرام سان رهياسون. اونهارو هو، مگر شهر
ٿڌو، پاڪيزو، پر رحمت ۽ پـُـر برڪت هو.جايون
سهڻيون ۽ وڻندڙ. پاڻي مٺو ماڻهو مٺا. پندرهن ڏينهن
مديني شريف ۾ رهياسون. اڄ فقط حرم، رستا ۽ گهٽيون
ياد آهن. باقي ٻيو خواب هو، جو ڏٺو ويو. شال رب
سائين وري زيارت جي سعادت عطا فرمائي - اللهم
تقبل! پندرهن ڏينهن کان پوءِ بدقسمتيءَ کنيو ۽
موٽڻ جو خيال پيو. ’آمبويه‘ جي بندر کان جهاز تي
چڙهي، جدي وڃڻ جو خيال ڪيوسين. بندر تي پهچڻ کان
اڳ سلطاني آگبوٽ هليو ويو. لاچار هوائي ٻيڙين تي
چڙهي جدي پهتاسون. محمد ابراهيم کان، سامان گهرائي
ورتوسين. ربيع الاول جي پهرين تاريخ بمبئي
پهتاسون.
سنه 1897ع ۾ پهريون ڀيرو بمبئي ۾ پليگ جو نالو
ٻڌوسون. الله سائين پنهنجي امن ۾ رکي. ٽن ڏينهن
بعد ٽپالي آگبوٽ رستي بمبئي کان ڪراچيءَ روانا
ٿياسون ۽ چوٿين ڏينهن ڪراچيءَ پهتاسون. اُن ئي شام
جو شڪارپور روانا ٿياسين، ۽ اچي وطن ڀيڙو ٿيس.
ملازمت جو عرصو. حج کان موٽڻ بعد خادم کي،
وزيرآباد ۾ رکيو ويو، جتي ٿوري وقت جي رهڻ کان
پوءِ سندس اهليه وفات ڪري وئي. هيءُ کيس لاءِ وڏو
روحاني صدمو هو. سندس سڄي زندگي بي ڪيف ٿي پئي.
سنه 1901ع ۾ ٻي شادي ڪيائين. ان وقت سندس بدلي مير
محمد جي ڪوٽ ۾ ٿي. ٻن سالن کان پوءِ، فيبروري سنه
1904ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾، اُتان جي
پرنسپال راءِ بهادر تارا چند جي مشوري سان،
ڊائريڪٽ ميٿڊ ۽ ڪنڊر گارٽن جي تربيت لاءِ هڪ سال
جو نصاب رکيو ويو، جهونن ماسترن کي هن تربيت لاءِ
گهرايو ويو. ”خادم“ کي به هن نئين تربيت جي لاءِ
ڪوٺ ٿي. مگر هيءَ تربيت پوئينءَ وهيءَ ۾ نهايت ڏکي
هئي. ”خادم“ هن دعوت لاءِ پنهنجي انتشار جو هيئن
ٿو اظهار فرمائي:
”ڇا لڳي پوئين وهي ۽ ڇا لڳي سکيا وٺڻ،
چهل ساليءَ بعد طفلي، نوشعاري ٿو ڏسان!“
مگر هن سفر ۾ کيس سنڌ جي متبرڪ مقامن جي ڏسڻ جو
موقعو مليو. ڀٽ تي وڃي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
زيارت ڪيائين. سيوهڻ ۾ مخدوم شهباز جي زيارت نصيب
ٿيس. حيدرآباد کان موٽڻ بعد فيبروري سنه 1905ع ۾
ريتي تعلقي اُٻاوڙي ۾ هيڊ ماستر ٿي ويو. ان وقت
منگهنواري، تعلقي روهڙيءَ ۾، شاگردن جي رهڻ لاءِ
بورڊنگ هاسٽل کولي وئي، جتي هڪ برجستي هيڊماستر جي
ضرورت هئي. وقت جي ڊپٽي ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر جي
سفارش سان کيس مٿئين اسڪول ۾ موڪليو ويو، جتي هن
پنهنجي ملازمت جو گهڻو عرصو گذاريو. سال کن لاءِ
وچ ۾ هو ميان جي ڳوٺ، تعلقي شڪارپور ۾ بدلي ٿي
ويو، مگر ميرن جي اصرار سبب کيس وري منگهنواري شهر
موٽايو ويو. سنه 1912ع ۾ هن کي اسسٽنٽ ڊپٽي
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي ترقي ڏني ويئي، تڏهن هن
اُن جو انڪار ڪيو ۽ پينشن تي وڃڻ لاءِ درخواست
ڏني. مارچ سنه 1912ع ۾ هو پينشن تي لٿو. ”خادم“
پنهنجي ملازمت جو عرصو نهايت ديانتداريءَ سان
گذاريو. هو هڪ شفيق استاد هو. سندس شاگرد اڄ
تائين، سندن اُستاد هجڻ تي مٿس فخر وٺندا آهن ۽
سندس بزرگيءَ جا قائل آهن. هو فطرتاً خود دار هو،
هن خود داريءَ جي باعث، سڀ سان محبت ۽ شفقت جي هلت
هلندو ٿي رهيو. ملازمت ۾ ديانتداريءَ سبب کيس
ڪيترائي سرٽيفڪيٽ مليا. ڪمشنر جي درٻار ۾، کيس
آفرين نامو مليو ۽ ڪمشنر جو درٻاري بڻايو ويو، مگر
هو هن ظاهري عزت کان گهڻو بلند هو. هن ڪڏهن به هنن
ڳالهين جو نه ذڪر ڪيو نه فخر.
باقي حياتي. پينشن تي اچڻ کان پوءِ، سندس زندگي
هموار بڻجي پئي. هنگامي حياتي نه کيس اڳي حاصل هئي
نه هاڻي. سرڪاري ملازمت جي قيد کان آزاديءَ ملڻ
بعد کيس حقيقي سڪون ۽ آرام حاصل ٿيو. سندس گهرجون
گهٽ هيون ۽ قناعت جو عادي هو، اُن ڪري آمدنيءَ جي
گهٽجي وڃڻ جو مٿس ڪوبه اثر نه پيو. سندس شغل
تصنيف، تاليف ۽ عبادت الاهي هو. پنهنجي هڪ عزيز
ميان محمد بخش کي لکي ٿو:
عزيزي!
سلام مسنون -
”زندگيءَ تي بقا نه آهي، گهڻي گذري، باقي ٿوري
آهي. اُها گهڙي جا خدا جي ياد ۾ گذري ٿي، غنيمت
سمجهان ٿو. هينئر مسجد ۾ نم جي وڻ جو پاڇو آهي، ۽
آءٌ. عمل صالح ٿي نه سگهيو آهي، مگر هن حديث مبارڪ
کان دل کي تسلي اٿم، ”آلصالحون لله والطالحون
ليءِ. حضرت عبدالغفور همايونيءَ لاءِ پڇو ٿا، هن
قحط الرجال ۾ سندس صحبت فائدي کان خالي نه آهي.
والسلام.
اوهانجو مخلص، فقير امام بخش”خادم“
هن پيرانه ساليءَ جي زماني ۾، سندس ٻي گهرواري به
فوت ٿي وئي، جنهن ڪري کيس وڏو صدمو پهتو. ننڍن
ٻارن جي سنڀال سندس ذمي پئجي وئي، گهر جا فرائض سڀ
کيس ادا ڪرڻا پيا. رات ڏينهن کيس انتظار ۽ جاکوڙا
ڪرڻا پيا ۽ اُنهن کي نهايت صبر سان برداشت ڪيائين،
جنهن مان سندس عالي همتيءَ جو روشن دليل ٿو ملي.
پينشن تي آئي کيس ٻه سال گذريا هئا، جو آگسٽ سنه
1914ع ۾، پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي. اُن پر آشوب
دور جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:
“اڄ تاريخ 10 ڊسمبر 1917ع مطابق 24- ماهه صفر سنه
1336 هجري سومر جو ڏينهن آهي. جنگ عظيم جو زمانو
آهي. دنيا جي ملڪن ۾ بي چيني ۽ پريشاني پکڙيل آهي.
هر طرف شور ۽ غوغا آهي، دنيا تنگ اچي وئي آهي. عجب
حيرت جهڙي حالت آهي. چوڌاري ڏڪار منهن ڪڍيو آهي.
شين جا اگهه مٿي چڙهي ويا آهن، جي هيٺين ريت آهن:
اَنَ مهانگهو، ڪڻڪ 6 روپيا في مڻ.
چانور ستن روپين کان نو روپيا في مڻ.
ڪپڙو 4 هٿ بافتو هڪ روپيو.
ڇيٽ ۽ چلوار ٽي هٿ هڪ روپيو.
ڪپهه ٻه سير روپئي.
کنڊ ٻه سير روپئي.
رنگ 30 کان 40 روپين تائين دٻو.
دوائون گران آهن، تنهن کان سواءِ، تپ جي بيماري ۽
پليگ به آهي. خدا پاڪ پنهنجي نبي آخر زمانه صلي
الله عليه وآلـٰـه وسلم جي صدقي فضل ڪري. موت به
ڏاڍو آهي. روزانو پنجاهه سٺ ماڻهو پيا ٿا مرن.
اهڙو موت، مون پنهنجي عمر ۾ نه ڏٺو.
”17- آگسٽ 1917ع تي برسات شروع ٿي، سارو مهينو
بارش جي خوف ۾ گذريو. ڪڏهن ڏينهن جو وسڪارو هو، ته
ڪڏهن رات جو. مينهن به ايڏي زور سان ٿي پيو، جو اک
ڇنڀ ۾ درياهه ٿي وهي هليا. شهر ۾ هر هنڌ، گپ ۽
غلاظت ٿي وئي. هيءَ حالت ڏسي، ماڻهن کي پڪ ٿي ته
هيءُ الاهي ڏمر آهي. شهر ۾ ڪيتريون جايون ڪريون ۽
ماڻهو تڪليف هيٺ آيا. برسات جي ڪثرت سبب ملڪ ۾
وبا اچي منهن ڪڍيو. بيماريءَ جي سبب کان گهڻائي
ماڻهو شهر ڇڏي، وڃي ٻهراڙيءَ ۾ ويٺا. هن بيماريءَ
کان پوءِ موسمي بخار پيدا ٿيو. گهر ۾ جيڪڏهن پنج
ماڻهو ٿي رهيا، ته پنج ئي بيمار. پهرين صفر سنه
1326هه کان پليگ به اچي منهن ڪڍيو آهي. قيامت جا
نيشان صاف پيدا آهن، ڪو ڪنهن جو غمخوار نه آهي ۽
دليون سخت ٿي ويون. خدا جي يادگيري گهٽ آهي،
لامذهبيت زور آهي. خدا شل پردو ۽ پناهه ڏئي!“
سنه 1915ع ۾، ”خادم“ پنجاب جي سفر تي نڪتو. اُچ
شريف ۾، سيد محمد غوث بندگي جيلاني قدس سره، مخودم
جلال بخاري ۽ مخدوم جهانيان جهان گشت جون زيارتون
ڪيائين. ملتان ۾ پنهنجي اباڻن جي جاين کي ڏسڻ جو
کيس موقعو نصيب ٿيو، ۽ پنهنجي مرشدن وٽ مقيم رهيو.
اُتي جي سڀني بزرگن، شيخ بهاوالدين ذڪريا ملتاني،
شيخ رڪن الدين، شيخ شمس، حافظ جمال ۽ مخدوم سيد
موسيٰ پاڪ شهيد جي مزارن جون زيارتون ڪيائين. هن
سفر کان پوءِ پنهنجي وطن شڪارپور کان ٻاهر نه
نڪتو. تصنيف ۽ تاليف جي شغل ۾ مشغول رهيو. ڪڏهن
ڪڏهن سندس دوست ساڻس ملڻ ايندا هئا، جن سان سندس
روح رهاڻ هوندي هئي. خليفي عبدالغفور سومري سان
سندس گهڻي ريجهه هوندي هئي، جنهن وٽ بلاناغي صبح
جو ويندو هو. امير بخش درويش وٽس هميشـه ايندو هو،
جو هڪ چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. ”خادم“ ”بياض
خادميءَ“ ۾ سندس ڪلام کي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.
سندس ڪلام جو نمونو هيءُ آهي:
بيت
’وڃي ٿج وريام، ڇو ڳڻن منجهه ڳرين،
ڏسي ڏوهه پنهنجا، ٿو ڏهاڙي ڏرين،
امير بخش اندوهه ۾، ڇو ڀيلو ٿانءُ ڀرين،
سري ڏيئي سٽ ۾، ڌڙ کان ڌار ڪرين،
پهريون پير ڀرين، سڄڻ جي سهاڳ ۾.‘
2
’آڙ ڇڏي اڳتي، وڃي ڪر وٿاڻ
امير بخش اُتهين، ڪڍ نه ڪنهن جي ڪاڻ
سوئي آهين پاڻ، جنهن کي ڳولين جاڙ سان.‘
سندس بهترين دوستن ۾ پير رفيع الدين صاحب سرهندي
به هو، جو پنهنجي دور جو چڱو شاعر هو. هو شڪارپور
ميونسپالٽيءَ جو رڪن به هو. سندس ڪلام ”بياض
خادمي“ ۾ محفوظ آهي. هن بزرگ کان سواءِ، مولوي
عبدالرحمان صاحب ميمڻ، جو وڪٽوريه جبلي عربي اسڪول
جو سنه 1912ع کان سنه 1919ع تائين هيڊ ماستر هو،
جنهن وٽ راقم الحروف عربيءَ جي ابتدائي تعليم ورتي
هئي،”خادم“ جو بهترين دوست هو. هنن کان سواءِ، مير
علي نواز علوي مرحوم ۽ خليفي يار محمد ۽ مولوي
محمد حيات قريشيءَ سان سندس خصوصي تعلقات هئا. هي
سڀ اُهي بزرگ هئا، جن جي علم ۽ فضل تي شڪارپور کي
ناز هو.
وفات: هن سراءِ فانيءَ ۾. جو آيو، سو هڪ ڏينهن
موڪلائي.هن دنيا جو گذران، سالڪن سچ چيو آهي،
ڏينهن ڏون. “خادم” پنهنجي زندگيءَ جا اَٺونجاهه
سال پورا ڪري چڪو هو، پنهنجي حياتيءَ جي احوال کي
لکئي چاليهه ڏينهن به نه نبريا هيس، جو جنوري سنه
1918ع جي هڪ شام جو جيئن پنهنجي دوست خليفي حڪيم
عبدالغفور کان موڪلائي آيو، ته بخار ٿي پيس. اُن
وقت سنڌ ۾ هر هنڌ نگري انفلوئنزا جو زور هو.
شڪارپور ۾ ته اُن راڱا ڪري ڇڏيا هئا - ايتري قدر
جو جنهن بدقسمت گهر ۾، هن بيماريءَ قدم رکيو، اُن
سڄي گهر جي صفائي ڪيائين. بيماري نه هئي، صحيح
معنيٰ ۾ راڪاس هو. شڪارپور جو شهر، جتان هر محلي ۾
خوشي ۽ خرمي ٿي نظر آئي، اُتي سڃ ۽ ويراني ڇانئجي
وئي. اُن وقت جي درد ڀري ڪهاڻيءَ کي لکندي، هينئر
به قلم تي لرزو طاري ٿيو وڃي. واقعي شهر ۾ راڪاس
گهمي ويو. صبح جو ننڊ مان اُٿندي، ڪنهن کي به خبر
نه ٿي پئي، ته شام جو سندس مقام قبر ۾ هوندو يا
چارپائيءَ تي.
”خادم“ کي ان هيبت ڀرئي وقت ۾ بخار ٿيو. ٻه ڏينهن
باقائدي وضوءَ سان نماز ڦڙهندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس
معالج حڪيم عبدالغفور کيس پاڻيءَ کان پرهيز ڪرڻ جو
مشورو ڏنو هو. فقير غلام علي ”مسرور“ سندس ڀائٽيو،
اُن وقت سندس عيادت لاءِ آيو. ”مسرور“ مرحوم جو
قول آهي ته ‘اُن بي آراميءَ جي حالت ۾ جڏهن سندس
منهنجي مٿان نظر پئي، تڏهن في البديهه هيٺيون شعر
پڙهڻ شروع ڪيائين، جو مون قلمبند ڪري ورتو:
وڃي ٿي وڇوڙي ۾ سڀ زندگاني
گهڻا سال گذريا تنهنجي لاءِ سڪندي
وڇوڙي جدائيءَ ۾ گذري حياتي
نه مٽ تنهنجو پيدا ٿيو آ، نه ٿيندو
اچي عمر آخر ٿي آهي حبيبا |
پوئي مهر مرسل پسايو پيشاني.
ڪندي آهه و زاري پني زند گاني.
اندر ئي اندر آهه تو لئه حيراني.
ڏسان ڏيهه ۾ ڪونه تنهنجو ڪوثاني.
ڏيو ڏاڻ تنهنجو ڏسان ڏيهه ڏاني. |
ٿئي شال سڪرات ’خادم‘ جي سولي
وئي خام ننڍپڻ، اجائي جواني.
هي درد ڀريو ڪلام، جنهن جي ذري ذري مان اشتياق،
آرزو ۽ تمنا بکي ٿي، شاعر جو آخري ڪلام آهي. هن
کان پوءِ شيرين سخن گو هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو.
بيماري زور وٺندي وئي. ٽئين ڏينهن سندس دوست مولوي
عبدالعزيز مسافر عيادت لاءِ آيو، اُن وقت سندس
حالت گرد گون هئي. حافظ گل محمد سندس ڀرسان سورهِ
ياسين ۽ رحمان پڙهي، جڏهن هن آيت تي آيو:”ڪل من
عليهافان ويبقيٰ وجه ربک ذوالجلال والااکرام“،
تڏهن مرڻ واري اکيون کوليون ۽ ڪلمي شهادت کي
پڙهندو رهيو. سومهڻيءَ جي نماز آخري طرح اشارن سان
ادا ڪيائين. آراميو.ڪلمو پڙهيائين ٿي، جو روح قفس
عنصريءَ مان پرواز ڪري ويو. اشڪبار اکين سان ٻئي
ڏينهـُـن صبح جو، سندس دوستن ۽ عزيزن کيس ’نئين
مقام‘ جي خاڪ ۾ هميشه لاءِ سپرد ڪري ڇڏيو. سندس
موت، هڪ علمي مجلس جو خاتمو آڻي وڌو. مگر هو ياد
ڪندڙ دلين کان ڪڏهن به وسري نه ٿو سگهي.
’حريفان بادها خوردند و رفتند تهي خم خانها کردند
و رفتند.‘
اخلاق ۽ سيرت: ٿورا ڏينهن ٿيا، حافظ محمد صادق
صاحب هيڊماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول، شڪارپور وٽ،
مولانا عبدالڪريم چشتي صاحب سان ملاقات ٿي.شڪارپور
جي مشاهيرن جو ذڪر ٿيندو رهيو. مولانا موصوف
”خادم“ جو صحبتي هو. جڏهن”خادم“ جو ذڪر آيو، ته
سندس اکيون اشڪبار ٿي ويون. چوڻ لڳو ته: ”موجوده
دور ۾ اهڙيون برڪت ڀريون هستيون ڳوليندي به نه
ملنديون“. ”خادم“ ۾ جا خصوصيت هئي، سو هو سندس
نياز ۽ نوڙت. ادنيٰ کان وٺي اعليٰ تائين سندس هڪ
ئي رهت هئي.
هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته سندس هڪ عزيز کي ڪنهن ٻئي
رشتيدار تڪليف ڏني. سندس عزيز ڪيس ڪورٽ ۾ داخل
ڪيو. ڏوهه ٻيءَ ڌر ۾ هو، ۽ ”خادم“ کي اُن بابت سخت
غصو هو، مگر ٻن ڏينهن گذرڻ بعد، هو ٻيءَ ڌر وٽ
پهتو ۽ سندس ئي ڪوشش سان ٻنهي ڌرين ۾ صلح ۽ صفائي
ٿي وئي. جڏهن ماڻهن کانئس هن اوچتي تبديليءَ لاءِ
پڇيو، تڏهن جواب ڏنائين ته مسلمان کي ٽن ڏينهن کان
وڌيڪ غصو رکڻ ناروا آهي. ”الڪاظمين الغيظ والعافين
عن الناس.“
پنهنجي دوستن جي مدد ڪرڻ ته سندس فرائض ۾ داخل هو.
جيتوڻيڪ پرائمري ماستر هو، پر پنهنجي قناعت سبب،
چڱي پونجيءَ جو صاحب هو. همسايه ۽ عزيزن جي مدد
لاءِ سندس دروازو هميشـه کليل هوندو هو. قدمين ۽
درمين مدد ڪندو هو، ۽ خيرات اهڙي نموني ڪندو هو،
جو هڪ هٿ کي ٻئي هٿ جي خبر نه پوندي هئي. اَمانت
جو ته صاحب هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس موت کان پوءِ
هزارن روپين جا زيور، جي وٽس امانت طور رکيل هئا،
سي سندن مالڪن کي موٽائي ڏنا ويا. منهنجو اُستاد
مولوي عبدالرحمان صاحب ميمڻ چوندو هو ته ”شڪارپور
۾’خادم‘ جو دم غنيمت آهي، جيڪڏهن اوهان کي اخلاق
جي تڪميل ڏسڻي هجي ته اُن کي وڃي ڏسو. مون کي حيرت
ٿي ٿئي ته جڏهن هو ڪنهن مجلس ۾ وڃي ويٺو، ته ڪلاڪن
گذرڻ بعد به پاسو نه بدلايائين.“ خدا کيس غريق
رحمت ڪري اهڙي اخلاق جا ماڻهو اڄ ڪٿي؟
|