سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات خادم

صفحو :13

 

متفرقه

 

تعريف چار يار

خدا وند هزارين حمد تو در
جو اشرف انبيا سڀني سـَـروسرَ

جو ڏنهن اُمت ڪيئه خاتم پيمبر
ڪيئه پڻ چئن يارن  جو بهره ور

ذرو گهٽ  وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر

 

آهي صديق صادق هر سخن ۾،
سخي عثمان يڪتا در زمن ۾

عمر کي کاڻ کنڊ آهي دهن ۾
عليءَ جهڙو نه ٿيو ڪوئي ذهن ۾

ذرو گهٽ وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر

 

ثمر سائو آهي صديق سردار
عجب سرسبز پڻ عثمان هشيار

عمر ٽاري سندس با زيب گلدار
علي مير آهي شيرين شڪر بار

ذرو گهٽ وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر

 

سچي صديق سان جيڪو رکي وير
ڪيو صديق سڀ جبروت جو سير

خدا خواري بڇي اُن کي اُنهيءَ وير
مٿي ملڪوت کان بي ويو سندس پير

ذرو گهٽ وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر

 

عمر جو قول قرآن سان موافق
خدا جو فضل ساڻس آهه برحق

عبارت خوب شيرين ۽ مـُـدَ قق(1)
سندس حاسد جو سينو آهه دو شق

ذرو گهٽ وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر

 

سخي عثمان نامي منجهه سخا ٿيو
خدا جي واٽ ۾ سر اُن جو فدا ٿيو

لقب ذوالنورين جو اُن کي عطا ٿيو
سندس دشمن گرفتارِ بلا ٿيو

ذرو گهٽ وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر

 

شجاعت جو ڌڻي ڪرار حيدر
علي اڪمل پيمبر جو برابر

سندس هٿ کان فتح ٿيو ڪوٽ خيبر
سعادت نانءُ ۾ اُن جي سراسر

ذرو گهٽ وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر

 

سچا اصحاب شل آڌر ڪندا مون
حشر جي ويل شل واهر ڪندا مون

مبارڪ ديد جو زائر ڪندا مون
ڪڍي سوڙهيءَ کان اُت ٻاهر ڪندا مون

ذرو گهٽ وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر

 

”امام بخش“ شڪر ڪر هاڻي دعا گهر
ڪري جيڪو گلا هوندو سو بي گـُـر

مهابي تنهن جي ٿيان ايمان سان پــُـر
صفا ۽ صدق سان چئو تون نه جهــُـر ڀر

ذرو گهٽ وڌ نه آهن سڀ برابر
ابوبڪر و عمر و عثمان و حيدر
------------

وزير آباد

(1- ڊسمبر ، 1890ع)

 

خطبو سنڌي (منظوم)

الحمد لالله الذي احصيٰ مقادير القلم
اجريٰ ينابيع الهديٰ، جلي مناشير الڪرم
ساراهيو سبحان کي، شب روز تنهن رحمان کي
تسيا ڏيو تن جان کي، موجب شريعت مصطفيٰ
هشيار ٿيو هردم اتي، قابو خدا جي ڪم مٿي
هر حال ۾، ويٺي ستي، دل جو رکو منهن خدا
وحدت وٺي حق ڏي وڃو، مرضي سندس برسر مڃو
فرمان عالي ناڀڃو، دل مان ڪڍو سڀ ماسوا
مختار مالڪ ملڪ جو، ستار، خالق خلق جو
ڏاتار ڏيندڙ رزق جو آهه، سڀ جو رهنما
ڪنهن کي وساريو آهه ڪين، رحمان رب العالمين
صدقئون رکو محڪم يقين، ايمان سالم اي اَدا

 

دنيا اٿو فاني سڄي
تان نه ٿيو مهندان لڄي
ڪنهن کي نه رنجايو ڪڏهن
راضي ڌڻي ٿيندو تڏهن
ساجهر کپي سعيو ڪرڻ
دريا اَٿو اهنجو ترڻ
ماڻهو رڳو چئبو تڏهن
وسري نه اُو هن کان ڪڏهن
سڀ فرض ساري پاڙيو
ڪو هوش هاريا ڌاريو
هر دم ڪريو ميان بندگي
ڪڍندؤ گهڻي شرمندگي
جي مال ميڙي ٿا رکن
نالي خدا جي نا ڏين
هي مثل هت مون ياد پيو
جنهن کي لکڻ واجب ٿيو
جئن چڙهيو چڙ هڻيءَ مٿان
ضرب اُن کان ڇا چوان
پٽ کي سندس هئن خواب ٿيو
نيڻن کان جاري آب ٿيو
پٽ کي چيائين ڇوڪرا
سخت هو تن مان رُبا
عبرت وٺو اي ڀائرو
اڳيان آهي دوزخ ترو
غفلت جي ننڊ آ روز و شب
وسريو اوهان کان صاف رب
سردار مڙني مرسلن
محبوب خاصو ذوالمنن
شافي شفاعت جو ڌڻي
نروار ٿيو نعرو هڻي
خود نور حق نروار ٿيو
جهڙس نه هرگز ڪيو ٻيو
پارس مڃيو يڪسان ڪري
ويندا اُهي دوزخ تري
اول ابوبڪر و عمر
مڙني صحابن کان ڪثر
صديق يارِ غار هو
عثمان شب بيدار هو
بوبڪر سهرو ڄام جو
عثمان اجهو ناڪام جو
حسنين ڏي هيءُ جي رکن
منڪر مـُـٺا جيڪي سندن
جيڪي ڌڻيءَ ڀر ٿا ڊڄن
راضي خدا ٿيندو مٿن

بيزار ٿيو تنهن کان ڀڄي
وٽ خالقِ ارض وسما
هٿ وات سان هرگز هڏهن
جيئري جڏهن ٿيندي فنا
هر نفس کي آخر مرڻ
ڪنڌي عبادت ريءَ نه ڪا
خالق کي ريجهائي جڏهن
نه ته ٿي مرون هن کان ڀلا
ڳوڙها اکين مان ڳاڙيو
ٿيندو صحي روزِ جزا
سر تي گناهن گندگي
ٿيندي جڏهن حق جي پڇا
اُن کي ڏسي خوش ٿا ٿين
ڌوڙ دولت آهه سا
ديني ڪتابن ۾ لکيو
هڪ شخص وٺندو هو رُبا
(1)
اُو پيو ڪري اتفاق سان
ٿيو موت سان اُو آشنا
پيءُ کي ڏسي بي تاب ٿيو
چيائين ته ڪئن آهيو اَبا
منهنجا جي اعمال ٿيا
جنهن جي ملي دوزخ سزا
هلندو فقط نيڪي ذرو
ناحق ڪريو ٿا ڪم ڪچا
ذڪر ۾ چوريو نه لب
هن زندگي جو دور ڇا؟
آڌار آهي امتن
حضرت محمد مجتبيٰ
قادر سڳورو ڪيو کڻي
خيرالورا نور الهديٰ
عالم سڄو اظهار ٿيو
مڙنؤن مٿاهون ڪيو خدا
دل جو وڏو ويسهه ڌري
جيڪي ڪندا اُن جي گلا
عثمان و حيدر هو شور
دارو هئا سي دين جا
قربان عمر سؤ وار هو
چوٿون علي المرتضيٰ
فاروق عادل عام جو
حيدر ولي شيرِ خدا
جنت سدائين جاءِ تن
تن کي جهنم جي سزا
سي سڀ عبادت ۾ اَچن
وَ اللهُ يـَـهدِي مــَـن يـَـشاء

 

---------

 

ميان جو ڳوٺ 2 جون، 1909ع

 

خطبو سنڌي (منظوم)

واکاڻيو و هاب کي
ڏيو باهه غفلت خواب کي
موجود هو هـُـو بيگمان
ناهئو زمين ۽ آسمان
محبوب حق جو باليقين
سو رحمـة اللعالمين
موسيٰ کي ڪوههِ طور تي
جتيءَ سان جاي نور تي
موڙهن سندو رهبر چوان
سج چنڊ کان انور چوان
سڀ معجزا آهن بجا
اُڀ تي قمر جا اڌ ٿيا
صلوعليٰ خير البشر
ڪن مانَ رحمت جي نظر
ماکي دنيا، ماڻهو مکيون
جن چاشنيون مٺيون چکيون
سڀ فرض واجب سنتون
ڇڏيو دنيا جون فرحتون
بندي مٿي حق رب جا
ساري سمر کڻجو جهجها
 بازي سندي دنيا مــَـٺي
سر تي بلا پنهنجي ســَـٺي
ويسر نه گهرجي ذڪر ۾
ڏک صبر ۾ سک شڪر ۾
جاي دنيا آ گذر
ٿا ڇوٽڪو چاهيو اگر

هاريو اکين مان آب کي
جاڳي ڌڻي ريجهائيو
معدوم هو سارو جهان
احمد جو نور اُپائيو
سردار ختم المرسلين
قرآن ۾ ڪو ڏائيو
نعلين هو ڳچ ڏور تي
محبوب رب ڪوٺائيو
برحق پيغمبر چوان
عالم جو سونهون آئيو
جيڪي محمد مصطفيٰ
حضرت کي حق مرڪائيو
هر روز و شب،شام و سحر
تحفو چڱو پهچائيو
سمجهي ڏسو کولي اکيون
تن پاڻ کي ڦاسائيو
پاڙيون ملن تان جنتون
تان خود حقيقت پائيو
سي سڀ ڪرڻ گهرجن بجا
فردا متان واجهائيو
جن ڪوڙ سان گڏ ڪئي ڪٺي
افسوس تن هارائيو
دم دم گذاريو فڪر ۾
هر لحظي ڪنڌ نمائيا
دل تي رکو ڊپ جو اثر
ڏينهن رات پيا ٻاڏائيو.

 

---------

 

ميان جو ڳوٺ 15 مئي، 1910ع

 

 

 

فارسي ڪلام جو انتخاب

-----

غزل

مرحبا اي بادِ مشرق سوي مغرب روشتاب
راست روبرو روضهِّ آن سرورِ عالي جناب


 

هست آنجا دلر بايم، شاه خوبانِ جهان

 

عرضهايم پيش سازي دست بسته با اداب

 

کي شود بيدار طالع، روضه ات بينم بچشم

 

مد عايم حاصل آيد اي جناب فيض ماب

 

خشک کامم تشنه لب مشتاق زيارت احسنت

 

کن لبيبا لطف خود به آب زيارت کن سيراب

 

گر گهي از لطف خود مشتاق را بخشي وصال

 

سرمه چشمان بسازم زيرِ نعلينت تراب

 

چون بجلوه فيض بخشي بر براق را کب شوي

 

زيرِ قدمت باد گردن، هم سرم عيوض رکاب

 

سرورا منسي نساز از نعمتِ ياد آوري

 

در نزع، هم درلحد، در پرسشِ روزِ حساب

 

ميکند فرياد و افغان،  دمبدم در ملک سند
”خادم“ دلگير و بيکس، عاشقِ تو دل کباب

 


 

غزل

يا محمد جان و دل قربان بر تو جمله ام
خاکپاي زائرانِ آستانت سرمه ام

 

تشنهء  ديدار ام از آب زيارت سير ساز

 

يا محمد يا محمد هر زمان است کلمه ام

 

 

گرچه لايق نيستم، شاها تو لايق خودشناس

 

حضرتا تشريف فرما، کن مشرف کلبه ام

 

محو کن در مهر خود، برهان مرا از ماسوا

 

کش عنانم سوي خود، من تنگ در سند گشته ام

 

آرزو مندم بسي بهرِ طوافِ روضه ات

 

خاکبوسي آستانت از کرم کن بهره ام

 

چند باشم مبتلا در کشمکش کارِ جهان

 

رحم فرما سرورا من خاطرِ افسرده ام

 

از اندوهم ده خلاصي، از کرم مقبول کن

 

عرضهاي خويش، يا سردار عالم کرده ام


 

عاجز و عاصي است ”خادم“ دردمند و ملتجي
کن عنايت زود حضرت من بسي درد مانده ام

 

غزل

گر معاذالله ز هجرش آيدم پيغام غم
 آ نقدر گريم که در چشم نه ماند نامِ نم

 

ساقيم داده است از مي شوق جامي در الست

 

زان نشه تاحال مستم من نه خواهم جامِ جم

 

دوش در گوشم صداي وصل جاناڻ در رسيد

 

يا خدا کي بهره بردارم ازين الهام هم

 

ازمن آن روزيکه بارِ عشق او برداشتم

 

عقل يکدم ره گرفت و رفت هم آرام رم

 

همچو عيسيٰ در زبانِ دوست تاثيرِ حيات

 

زندگي يابم اگر بکشايد آن گلفام فم

 

در تنِ ”خادم“ همان دم راحت آيد هم قرار
اگر نشيند بازوي يار سيم اندام دم

 


 

غزل

عاجز م فريادرس يا رحمت اللعالمين
جز تو ندارم هيچ کس يا رحمت اللعالمين

 

ماءمن و ملجاي خود هرگز ندارم هيچگه

 

حاميم هستي تو بس يا رحمت اللعالمين

 

 

مدعان و دشمنان را دوستدارِ من کني

 

آنکه هستند  بالعکس يا رحمت اللعالمين

 

در محبت عشق خود جولان و جذب و جوش بخش

 

تاکه نالم چون جرس يا رحمت اللعالمين

 

”خادم“ دلگير را آمني دهي از هولِ حشر
ده پناهم از هوس يا رحمت اللعالمين


(1)  مدقق = ڳوڙهو، ويچارو وارو.

(1)  رُبا = وياج.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org