رديف و
*
نه ٿي برپا اٿي ڪنهن پر ڪــُـٺل شمشير اَبرو جو
نه ٿي آزاد تا محشر ٻڌل زنجير گيسو جو
ڏسي تصوير مستانو، ٿيس صورت تي ديوانو
نه ٿي سالم بدن آخر ڦٽيل تصوير مهرو جو
ڪنان پيڪان جادو جي سدائين خسته دل آهيان
وڃي ڪيئن هاڻ سو ٻاهر هنيل نخچير جادو جو
سڄڻ جي زلف عنبر وار کان واسيو سڄو عالم
جنهين کان آهه سچ هر گهر رهيل تاثير خوشبو جو
ڪيو منجهه دام زلفن جي مقيد دل هرڻ قسمت مگر سچ
انگ هو بهتر لکيل تقدير آهو جو
وڇوڙو جو وجهائي ٿو، خدا يا دور ڪر تنهن کي
نه منهن ڏيکار تنهن بدتر ڌڪيل بي پير بد خــُـو جو
سپر سينو ”امام بخش“ ڪر، اڳيان تقدير خالق جي
اُتي بيڪار آ، يڪسر ڪيل تدبير بازو جو
*
ڪوبه ڪونهي حال هــَـڏِ انسان جو
ٿو پچائي بحر اُونهي جا خيال
مهند اَچڻي آهه ڏاڍي اوکي واٽ
ڪچ ڪمايو عمر ساري ڪوڙو مون
دين دنيا جون ڌڻي آسون پــُـڄاءِ
ڪرتسلي “خادما” ۽ رک اُميد |
شل هجي شامل رحم رحمان جو
ڀروسو قطري کي ڪونهي اُن جو
گڏ اُٿي ڪر دل سمر سامان جو
رب ۾ آ ڀروسو احسان جو
بخش ميوو لطف سان ايمان جو
تنهنجي واهر بادشـه جيلان جو |
*
پير محي الدين عجب شاههِ زمن پيدا ٿيو
دين جي موذين سندو سو صف شڪن پيدا ٿيو
دم مسيحائي سندس سان، دين ٿيو پــُـر نور زيب
بلڪ في الحق خود بخود شـه انجمن پيدا ٿيو
آهه حضرت سـَـرو، خوش بستان پنجتن جي منجهان
گل عجب رنگين ز باغِ پنجتن پيدا ٿيو
گــُـلر خ گــُـلچهره و گــُـلفام، گــُـلرو، رشڪ
گــُـل
گلعذار و غيرتِ گــُـل گلبدن پيدا ٿيو
ڇا لکي سگهندس ثنا، ساراهه مان اَ حسن ســَـندي
خوش بيان شيرين زبان، شڪر دهن پيدا ٿيو
حيدري گــُـلزار مان اُو، رشڪ گــُـل ٿيو نونهال
بي شبه دنيا ۾ نئون باغ حــُـسن پيدا ٿيو
ڪر مٿان“خادم” ڪرم، اي حاميِّ دينِ متين
ڇو جو مون تي اڄ وري، رنج و مــَـحن پيدا ٿيو
*
سايه افگن در دو عالم سيدِ گيلان ٿيو
جلوه گر سو هر طرف کان مثل مـه تابان ٿيو
باغ احمد جي شجر جو آهه حضرت نونهال
حيدري گلشن منجهان گــُـل تازو ۽ خندان ٿيو
ڪير ڪنڌ ڦيري سگهي ٿو حڪم اُن سردار کان
عرش پڻ جنهن جو اچي خود تابعِ فرمان ٿيو
درد ڏک ۾ اسم اُن جو بيڪسن جو واهرو
آ وليين ۾ مٿي، بغداد جو سلطان ٿيو
اڄ وري مشڪل ڪشائي منهنجي ڪيائين مهر سان
قادري ”خادم“ سندءِ مشڪل سڄو آسان ٿيو
*
خواب ۾ اڄ رات مون سلطان ڏ ٺو
شب قدر اڄ رات هئي يا عيد رات
وهم خطر سڀ ويا، ٿي شاد دل
سورهء وَلشمس پڻ واليل چيم
جو ته مشڪل ڪين ٿيو ٿي حل جڏهن
وه مبارڪباديون حورن ڏنيون
خوب ”خادم“ بخت تنهنجو آ سعيد
. |
صحن ۾ پنهنجي شـه خوبان ڏٺو
پاڻ تي راضي مون اڄ رحمان ڏٺو
رخ مبارڪ مون مـه تابان ڏٺو
رخ منور، گيسوي پيچان ڏٺو
سو سڄڻ جي رخ منجهان اَسان ڏٺو
منهنجي گهر ۾ ماهرو مهمان ڏٺو
جو تو دلبر يار اڄ خندان ڏٺو
. |
*
هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آهه ڪيو
پنهنجي زيارت جو دلاسو دوست دلبر ڪو ڏيو
سال ٿيا سڪندي سڄڻ، دانهون فريادون ڪندي
پاڪ پيشاني پسايو لطف سان پائي ليئو
خوبروين جي جهان جو تون ئي آهين تاجدار
لامثل عالم ۾ آهين، جيس تنهنجو ناهه ٻيو
بيقراري آ بهاري، برهه تنهنجي ۾ مون کي
جام ميءِ سڪ سوز جو مون کي پياري ڪر کــِـيو
تاب تنهنجي حــُـسن جو مشڪل جهلي ڪوئي سگهي
چنڊ، سج حيرت حيا کان ڪڪر اندر ٿي لڪيو
يوسفِ ڪنعان آهي حــُـسن ۾ صاحب جمال
تنهنجي رشڪِ حــُـسن کان هــُـو مصر ۾ وڪجي ويو
حضرتا حاجي ”امام بخش“ آهه پياسي پرت جو
سيدا لهه سارَ سگهڙو، جو ســِـڪي، سيڏائي پيو
*
شهه محي الدين پيارو حيدرِ ڪرار جو
آهه جو مختار نائب احمدِ مختار جو
روشنائي دين جي ۽ پڻ سراجِ احمدي
آ گلِ خندان تازو، حيدري گلزار جو
جنهن جي واهــُـر ۽ مدد ٿيو، پاڻ حضرت دستگير
ڪهڙو تنهن کي خوف محشر ۽ عذاب اُلنار جو
جو آهي بندو سندس درگاهه جو، سو بادشاهه
مرتبو شيرن کان وڌ آهي سگِ دربار جو
خاندانِ قادري قايم هجي ڪونين ۾
سوز ۾ ڀل پيو سڙي، دشمن سدا سردار جو
ڪر سدا ”خادم“ مٿائون مــِـهر اي مــِـهرِ منير
آهه جو محتاج تنهنجي حضرتا ديدار جو
*
سڀ کان وڌيڪ رتبو خير الانام تنهنجو
عرشِ برين کان آهي اعليٰ مقام تنهنجو
معمور ٿيا اَمر ۾ تنهنجي هي سج چنڊ
مجرو ٿا ڪن مطيع ٿي هر صبح و شام تنهنجو
رشڪِ مسيح لـَـب تون کولين ته مـــُـئا جيارين
هٿ ڪارڪــُـن قضا جو بيشڪ آ رام تنهنجو
تون عالمن جي رحمت، آئي ســَـندءِ، ســَـريا
ســُـکَ
مشڪور شڪر گو آ، هر خاص و عام تنهنجو
نفسي ڪندا جتي سڀ، اُت تون ڪندين شفاعت
آهي لحاظ لائق، رب کي مدام تنهنجو
ڪوثر جو ساقي تون ئي، اي صاحب ملاحت
مون کي نصيب پڻ ٿي جنت ۾ جام تنهنجو
”خادم“ جي مدعا ۽ هي آرزو آ، انور
ٿي قبر ۽ حشر ۾ هڪ ياد نام تنهنجو
*
ديدار تنهنجو دلبر علاج عاشقن جو
توريءَ ڪنهين ۾ ناهي احتياج عاشقن جو
سامي گنگا ۽ جمنا، حاجي حرم هلن ٿا
ملڪوت واري منزل هنگلاج عاشقن جو
سمجهن ٿا سڀ شريعت، حاصل اٿن حقيقت
مخفيءَ ۾ موج ماڻڻ آ رواج عاشقن جو
گهاڻي ۾ گهائجن ٿا، سوريءَ مٿي چڙهن ٿا
مــُـوتــُـو جي مام پرجهڻ، معراج عاشقن جو
محبوب جي طلب ۾ ايڏا ستم سهن ٿا
پـــِـرَ جي پسڻ ۾ آهي ڪل ڪاج عاشقن جو
دل دين سڀڪي ڏيئي، ريءَ يار ڪجهه نه طلبن
خود شاهه ملڪ جو آ، محتاج عاشقن جو
مشتاق آهه“خادم”، هر دم گهري ٿو حق کان حضرت حبيب
عربي، سرتاج عاشقن جو
مدح
آهيان مريد گولو، پيران پير جو
گل آهه جو ته باغِ شبر شبير جو
آهن مريد اُن جا، بيشڪ ملڪ مڙيئي
ڇا لئه رکان مان خطرو منڪر نڪير جو
نالو سندس مبارڪ آيو جڏهن زبان تي
پهچيم ذائقو ٿو سڪر ۽ شير جو
اَلله آهه عاشق، محبوب هي سندس آ
معشوق آهه بيشڪ قادر قدير جو
يا بادشاهه جيلان، ڪر غور غوث اعظم
معلوم حال توکي سڀ آهي حقير جو
آهيان نسورو جاهل، شيطان جو اٿم ڏر
تلقين ڪا ڪجوم اچي وقتِ اَخير جو
آڌار آهين اڙين، ماندن جي تون مدد پڻ
عالم کي ڏڍ آهي، تو پير دستگير جو
آهيان نماڻو عاجز ڪانهيم آس ڪنهن ۾
آهيم آسرو هڪ، تو روشن ضمير جو
ڏاڍو سڪي ٿو هر دم ”خادم“ سـَـندءِ پسڻ لئه
فياض فيض بخشا، عرض مڃ هن فقير جو
______*****______
رديفء
*
چوڏهين صدي
آهه حيرت هي آلاجي ڪهڙو پکڙيو آهه واءُ
مٺ محبت ڪٿ به ڪانهي، ڪونه رهيو آهه ساءُ
پهر پوياڙيءَ جو آيو، وئي اڳياڙي سڀ لنگهي
پٽ نه پيءُ سان آهه رَسَ ۾، ڀاءُ ناهي ساڻ ڀاءُ
سال تيرهن ســَـؤ ته گذريو، ناهه ســُـڌ اڳتي ته
ڇا؟
جو خدا ترسي ته ڪانهي، آ بچيو باقي رياءُ
لوڀ لالـچ ۽ حسد آ، ڪونه ٿو ڪنهن کي سهي
وئي مروت ۽ ادب، اڄ حاڪمن وٽ ناهه نياءَ
منهن تي سارهه ۽ ثنا، پر پٺ ڪرڻ غيبت گــِـلا
پيا ڪندا تيسين خوشامد، جيسن حاضر آ پــُـلاءُ
شور شر ڏاڍو لڳو، من بيست ديگر ڪيست جو
سير ٿو سڀڪي سڏائي، پاڻ کي چئي ڪير پاءُ
ڪير چئي ڪنهن کي چڱي، ويڻ سولو آ ڏيڻ
هي ته عادت عام آهي، ويو هلي هڪدم حياءُ
نيڪ رستي کي ڇڏي، بدخصلتون هر ڪنهن وتيون
ڪانهي جهل پل جي مجال ۽ ناڪري سگهجي ٿو تاءُ
ٽنڊ ڏاڍي وئي وڌي آ، پڻ فضولي، زياده خرچ
ڪجهه قناعت ڪانه آهي، ناهه اڳ پوءِ جو سماءُ
ڪر کڻي جي مائٽي، ڏي وٺ ڪنهين سان قرب جي
ٿي پوي شادي ٿي بربادي، ۽ ويٺو درد کاءُ
هــٺ وڏائي پيا ڪندا، مهڻا اَجايا منهن ڏين
دوستي تن جي فقط آ، نانءُ خاطر بي جٽاءُ
عيب ڪوڙا ۽ بديون ويٺا ننڌيدا پاڻ ۾
ڪهڙي ڌر ۾ ڏوهه اَلاجي، پيو رُلي وچ تي وياءُ
ناخدا جو خوف باقي، نا شرافت جو قدر
ناهه غمخواري ڪنهين ۾، آهه اُٽلو اُڀ اُٺاءُ
ٽين پتي چوڏهين صديءَ جي هيءُ ڪيو آهي ظهور
ڇا اَلاجي اڳتي ٿيندو، شل ڪري باري بچاءُ
نيٺ نيڪيءَ جو عوض آ نيڪ، ۽ بد کي بدي
پوک جا پوکي وڃي، تنهن جو ٿئي حاصل لـِـقاءُ
”خادما“ گذري پئي، آ ماٺ ڪر، قدرت کي ڏس
يار کي پيو ياد ڪر، هڪ نانءُ اُن جي کي بقاءُ
______*****______
رديف هه
حــُـسن تنهنجي کان خجل آ، خور ۽ ماهه
هاءِ، هيءِ هيءِ عمر گذري هجر ۾
جڳ سڄي کي فيض توکان آ مليو
ڪهڙو مون کي غرض آهي غير جو
ڇو”امام بخش“ حاسدن کان ٿو ڊڄين |
توتان صدقي مال منهنجو سر ۽ ساهه
صلح ڪراڄ نئون ڏٺو آ سال و ماهه
رحم ڪر مون تي به هاڻي لڳ الله
منهنجي گهر مهمان ٿئي جي بادشاهه
حامي تنهنجوآهه هر جا سيدِ عالم پناهه |
*
نور رخ تنهنجي تي نورِ مصطفائي ختم آهه
چهرهء روشن تي حسنِ مرتضائي ختم آهه
مرسلن ۾ هو رسول الله ختم المرسلين
تو تي اي شاههِ دو عالم اوليائي ختم آهه
پير پيران ڪل ولين جو آهين سردار تون
اي ولي الله، تو تي ڪارروائي ختم آهه
تون آهين منظور حق، محبوب حق، مطلوب حق
تو مٺي مرشد سچي تي حق نمائي ختم آهه
تون آهين خورشيدِ حق، تارا ولي آهن ٻيا
تنهنجي روشن رخ مٿي نورِ خدائي ختم آهه
تو جــِـهو حضرت عليِء کان پوءِ ڪونهي اوليا
غوث اعظم، تو تي بيشڪ رهنمائي ختم آهه
ڪر ”امام بخش“ جا سڀئي آسان مشڪل غوث تون
تو تي اڄ مشڪل ڪشا، مشڪل ڪشائي ختم آهه
شڪر لک لک رب جا، جو طالعم بيدار آهه
گنج دل ۾ نقد عشقِ سيدالابرار آهه
آءٌ تونگر آهيان، منعم بنعمت شوق شاهه
مون کي دنيا جي حڪومت ڪانڪا در ڪار آهه
خوف تنهائي قبر جو، مورهين ڪونهيم ڪو
اسم احمد مير مرسل جو سندم غمخوار آهه
شال حامي ٿيندو حضرت ، سختي ۾ سڪرات جي
شربتِ شهد و نباتم، اُت سندس ديدار آهه
پڻ قيامت جي تپش، تابش ۾ اُو مرسل ڪريم
اُمتين، عاصين جي ڪارڻ آسرو آڌار آهه
دوستو قارون جيڏو، مال جي مــِـڙيو ته ڇا؟
ريءَ محبت مير مرسل جي سڄو بيڪار آهه
جنهن کي ناهي حب اُلفت، شوق شافع ڄام جو
تنهن شقيءَ کان، شڪ نه آهي، خود خدا بيزار آهه
ٿي رهي من ۾ مدامي، سڪ مديني شهر جي
روز رحمت جت وسي ٿي،اُو پرين جو پار آهه
منجهه مديني رهڻ راحت، روح جو آهي ڪمال
ملڪ سارو آ معطر، هر گهٽيءَ هٻڪار آهه
سڀ نشي کان آهه نفرت، سان عنايت رب جي
ڏنهن خيالِ شوق شافع جي مغز سر شار آهه
هن غمن ڳڻتين جهان کان آهه ڪيو آجو خدا
مون سندو مونس سدا، سرور سندو اذڪار آهه
حب وٺ حصرت سندي، ۽ ڇڏ تعلق ٻيا ”امام“
دين دنيا ۾ عجب تو لاءِ هي واپار آهه
رديف ي
*
مبارڪ رات آ معراج واري
بظاهر چنڊ هن ۾ آهه لڪيل
اچي صلوات جو آواز هر سو
چيو جبريل ٿي هر هر ادب سان
ملائڪ منتظر آهن اُڀن ۾
سڳوريءَ رات جي صدقي خدايا
محبت، ذوق آ جنهن ۾ سمايو |
ڀلاري، حسن واري، نور ساري
بباطن سج کان آهي ڪراري
عجب دنيا تي آهي ڪيف طاري
اِجها براق جي حاضر سواري
خدا کي عرش تي آ انتظاري
ڪرين شل عاقبت منهنجي موچاري
عجب هيءَ رات آ ”خادم“ سونهاري |
*
پياري پنهل لئه آهيان مان اُداسي
عمر گذري منهنجي وڇوڙي ۾ ساري
ڀڄي هن ڀنڀوران پوان ڪڍ پرين جي
جنهين سعد ساعت پسان رخ پرينءَ جو
ڇٽڻ دل جو ”خادم“ ڏکيو آهه هاڻي |
ڪندو قرب پنهنجو ڪو ڪيچي قياسي
پيشاني پسائي ڪيو خوش پياسي
گهٽيءَ دوست جي ۾ ٿيان شال واسي
ڪريان ساهه صدقو اٿم باس باسي
وئي جا حبيبن جي زلفن ۾ ڦاسي |
*
وڃي چـَـؤ اي صبا نامهربان کي
ٿيو جي ڏوهه هو ڪوئي اسان کان
هزارين سور آهن ساهه اندر
ڪري اظهار ڇا دل جي تمنا
اڪيلو ٿو وڃي ”خادم“ سفر تي |
وساري بي سبب ويٺين اسان کي
رکڻ واجب نه هو شڪ ۽ گمان کي
چوڻ مشڪل آهي دردِ نهان کي
ڪٿي طاقت اٿم منهنجي زبان کي
ڏجو پيغام ميرِ ڪاروان کي |
*
اي صبا چــَـؤ عجز سان هي حال دلبر يار کي
سر رکي قدمن سڄڻ جي، چـَـؤ مٺي منٺار کي
آهو نرگس نيڻ تنهنجا، سڀ پسي ٿيا مست خود
پٽ ڇڏي آهو ويو، نرگس ڇڏيو گلزار کي
سال ٿيا سڪندي سڄڻ، ساجن سگهيري سار لــَـهه
اي طبيبِ قلب تون ڏي ڪا دوا بيمار کي
سيدا ڪانِ ملاحت، تون آهين صاحب ڪمال
فيض سڀ ڪنهن قسم جو توکان سريو سنسار کي
وقت دم سڪرات جي، لحد ۾ پڻ حشر ۾
ڪج مدد ڪا سرورا، ”خادم“ سگِ دربار کي
(توشيح بند)
عينن مان نماڻو ٿو جر جال هاري
بيڪ ڪرشمه دل کسي وئين اسان جي
يقين ٿو رکان نيٺ ڏکڙا ڪٽيندين
دلم را بهر دم، آهي ياد اسمت
اٿم آس اندر ۾ هر دم اهائي
لياقت ڀريو شل هجي شاد، شادان
لڪي لوڪ کان قاصدا ڏج نياپو
اچي ڪر مشرف وري صحن منهنجو
هلي اچ مبارڪ قدم خضر مون ڏي
صدر هر ڪنهين بيت جي وٺ حرف کي
|
سڄڻ ساهه توکي سدائين سنڀاري
وريو نا نهاريو پرين تو دو باري
محبت جي ميءِ مان چُڪي ڪا پياري
اڱڻ منهنجي آڻي، ڌڻي شال واري
محب شل ملي هيءَ برهه باهه ٺاري
ڏسان ڪين مٽ ڪو سندءِ لوڪ ساري
سـَـندم يادگيري هئي ڪا پياري
ڳرهيون ڳالهيون پاڻ ۾ گڏ گذاري
رساڻيون ڌڻيءَ لڳ مون کي دوست ڌاري
ته نالو سڄڻ جو اچي منجهه نظاري |
ڀــَـلي دوست ڏي منج ”امام بخش“ تحفو
ته من منهنجي غلطين کي دلبر سڌاري
*
نه پهتو ڪو ولي ڪڏهين، اوهان جي اوج عظمت کي
وڌايو آ، ولين تي خدا تنهنجي ولايت کي
خداوند پاڪ تنهنجي ذات تي هي ختم ڪيا سڀئي
محبت کي، مروت کي، سخاوت کي، ڪرامت کي
علي جو لخت دل آهين، نبيءَ جي آل آهين تون
جياريو دين کي بيشڪ، وڃايو تو ضلالت کي
نه آهي دور توکان اي ڪڪر رحمت عنايت جا
ٿئي امداد “خادم” جي، پوي ڪا ٻاجهه حضرت کي
*
دلان، ڪر ورد هي نالو، مٺو محبوب سبحاني
ته برڪت اسم اُن جي سان ٿئين مقبول يزداني
پڻي قدمن سڄڻ جي کڻ، اکين ۾ پاءِ سرمي جيئن
ته روشن ٿين اکيون تنهنجون ڏسي ديدار رحماني
اچي جي مــَـکِ سندس در تي، ٿئي بيشڪ هما هڪدم
توڙي جي مور بي پر آ، مليس در جو سليماني
سڀئي محتاج ٿا سائين لهن حاجت ســَـندءِ در تان
لکن پينن، گدائن کي مليو آ تاج سلطاني
سڏائي ڪمترين سگِ جو جنابِ غوث اعظم جو
رکي ٿو شرف شيرن تي، سگِ درگاهه جيلاني
طفيلي ذات پنهنجيءَ جي، ڪريو ڪا مهر مون تي ڀي
صلو “خادم” کي بخشيو، جو ڪئي آ مون مدح خواني
*
منقش جنهن جي دل تي ٿي محبت غوث اعظم جي
اُنهيءَ کي ٿي عطا حق کان ڪرامت غوث اعظم جي
نه سگهندو همسري ساڻس، ڪري ڪوئي ولين ۾
ابد تائين سلامت آ ڪرامت غوث اعظم جي
سڏي محبوب جنهن کي خداوند خلق جو خالق
محبت عين آهي فرض حضرت غوث اعظم جي
سڀئي اقدام بوسيءَ لئه، سڪن ٿا اوليا سڪ مان
ملائڪ کان به اعليٰ آهه عزت غوث اعظم جي
آهي مشڪل ڪشا راحم، مٺو محبوب سبحاني
غريبن، بيڪسن تي آهه رحمت غوث اعظم جي
مشفق آهه شفقت سان مريدن تي مٺو ميران
نماڻن جي اَجهن تي آهه عنايت غوث اعظم جي
”امام بخش“ آهه خوش هر دم، بلطفِ شـه محي الدين
آهي مطلوب جنهن کي هڪ شفقت غوث اعظم جي
*
غوث اعظم رخ پسايو، طالبِ ديدار کي
دل سان مون دامن ڳڌي آ، پاند ڏي پينار کي
ڪيميا تنهنجي نظر آ، جنهن کان هر هشيار مست
شرف آ شيرن تي تنهنجي سچ سگِ دربار کي
ڪم بهاسنگ، تنهنجي درجو ننگ پارس، تون حضور
نور بخشين رحم سان، چشمِ اولي الابصار کي
تنهنجي برڪت يڪ نظر سان، ڪي ئي عاصي ٿيا ولي
تابعِ فرمان تو ڪيو، زمرءه ڪفار کي
آهه سڪ ڏاڍي سخي، تنهنجي پسڻ جي سيدا
ٺار پاڻيءَ وصل سان، هن برهه جي بيمار کي
ڪجهه ڪمي ناهي سندءِ مخزن ڪرم ۾ اي ڪريم
پنهنجي لطفون ڪر غني،”خادم“ جهڙي نادار کي
*
حضرتا هجرت ۾ تنهنجي آ گهڙي ڳارڻ ڳري
مهر ڪا مرسل پوئي، ديدار جي کولين دري
جڳ سلامي تنهنجو آهي، ڇا عرب چاهي عجم
تــَـوهــُـه توکان ٿا مڱن، ترڪي ۽ مصري بر بري
تون نبي آخر زماني جو آهين خـَـتم الرُسل
تنهنجي اُمت ۾ اچڻ، دارين جي آ بهتري
توکي پنهنجو شاهه، سلطان، هادي رهبر ٿو چوان
رب چيو لولاڪ، تولئه، تاج تو ســَـر سروري
لک صلواتون، لک سلامن جا مٿي تنهنجي مدام
ٿا پڙهن هيجون ملائڪ، جن، اِنسان و پــَـري
واعدو “وَلـَـسوف” جو توسان ڪيو قادر ڪريم
ڇو نه خوش عاصي ٿيون جو تو کنئين ذمه وري
فخر عالم! تنهنجي چائنٺ ئي، گدائي منهنجي لئه
تخت آ اسڪندري ۽ شان آهي قيصري
ڪاهلي ۽ جاهليءَ کان، نفس ڪيو گمراهه آهه
يا رسول الله رهبر، رهنما ڪر رهبري
واهه هيءَ مصرع چئي آ حضرتِ خسرو عجب
“اي بذاتِ تو مزين، مسندِ پيغمبري”
ڪيئن ڪريان ڪنهن کي چوان هي حال پنهنجي درد جو
هجر ۾ دانهون ڪري ٿي، دل سدا دردن ڀري
حال منهنجي دل سندو، توکي آهي معلوم سڀ
ناهه حاجت ڪا چوڻ جي، توکان مخفي ڪٿ ذري
حب آ تنهنجي ڏسڻ جي، هن “امام بخش” کي گهڻي
دلبرا، درسن سندءِ مون لاءِ آ حــَـج اڪبري
مدح
سخي حاجنا شاهه حضرت حضوري
ڪريو آس منهنجي الله لاءِ پوري
مٿي در اوهان جي آيو جو سوالي وٺي فائدو ويو، وريو
ڪونه خالي
ٿين سڀ کي حاصل ٿا مقصد ضروري
تون جيلان جو شاهه سرتاج پيرن سندءِ در تي گردن
نوائي اميرن
سر انجام تو کان ٿئي ٿي سموري
گداگر ۽ پينو آهيان تنهنجي در جو اٿم آسرو خاص تو
شيرَ نــَـر جو
مڱان مهر ٿو مون نه آهي مزوري
تون مرشدُ مربي، مشفق آنهه منهنجو نڪارو هي”خادم“
گولو ڄاڻ پنهنجو
دفع درد سڀ ڪر، لاهيو مون تان دوري
*
اي اَدا او ڀــَـر! وڃين ٿو تون پرين جي پار ڏي
ني نياپو هي مشفق ۽ مٺي منٺار ڏي
عرض منهنجا هي مڙيئي، اُت رسائج لڳ خدا
عجز سان نـِـوڙي سپردا ڪج سچي سردار ڏي
حب تنهنجي آهه هردم، سڪ سيني م سدا
ڪا دوا ديدار جي، دلدار منج بيما رڏي
آرزو آهي، مديني ۾ رسي روزو پسان
ڪا نوازش جي نظر، مزمل ڪيو نادار ڏي
ٻاجهه سان ٻڌ ٻاجهه وارا، منهنجي واڪن کي رسي
غور جي اي نور انور ٿئي نظر ناڪار ڏي
پنهنجي پيشاني پسايو، لطف سان هيڪر مون کي
واڳ کي وارث ورائي، وهلو اچ لاچار ڏي
عرض آزيءَ سان ڪري آسائتو “خادم” غريب
سي خدا لڳ عاجزيون ني، تون سڀن سالار ڏي
______*****______
مخمس
(”قدسي“ جي غزل تي)
شافعِ هر دو جهان آهين رسولِ عربي
بي شبـه آهين پيغمبر، تون نــَـبين جو نبي
توکي آهه شفاعت جو مليل حڪم ربي
مرحبا سيدِ مڪي و مدني و عربي
دل و جان باد فدايت چه عجب خوش لقبي
تنهنجي تصوير عجائب جو تصور هردم
ٿو رهي رات ڏينهان مون کي اي شاههِ امم
پئي حيرت ۾ ڪڏهن مست ٿيان ٿو بيدم
من بيدل بجمالِ تو عجب حيرانم
الله الله چه جمالِ است بدين بوالعجبي
تنهنجي تعريف ڌڻيءَ پاڪ ڪئي هر جاءِ رقم
سڀ پيدائي تنهنجي سبب آهه ٿيو رب جو قسم
ڇا ثنا تنهنجي لکي سگهندو هي مسڪين آدم
من بيدل بجمال تو عجب حيرانم
الله الله چه جمال است بدين بوالعجبي
شان ۾ تنهنجي چيو آهه خدا لولاڪ لــَما
توتي اي شاهه جهان آبرو هئو تاج سدا
تنهنجو پاڇو نه پيو پٽ تي اي نورِ خدا
نسبتي نيست بذات تو بني آدم را
بهتر ز عالم و آدم تو چه عالي نسبي
توتي اي شاهه سدا شوق مان صلواة و سلام
ٿو پڙهان ذوق اِنهيءَ مان رهي شيرين ڪام
دافعِ درد تلخ آهه، تنهنجو احليٰ نام
نخلِ بستانِ مدينه ز تو سرسبز مدام
زان شده شهرهء آفاق بشيرين رطبي
سونهن ۾ اڪثر يوسف کي ٻڌون ٿا مشهور
پر وڏو ڦير ٻڌل ڳالهه ڏٺل جو آهه ضرور
تنهنجو آهه ڏٺل حــُـسن اُن کان ته حضور
ذات پاڪِ تو درين ملڪِ عرب کرد ظهور
زان سبب آمده قرآن بزبانِ عربي
عرش اعظم کان مٿي توکي گهرايو رب پاڪ
تون آهين نورِ خدا، اي صاحبِ لولاڪ
تنهنجي هر هنڌ آهي لطف ۽ ڪرم جي هاڪ
شبِ معراج عروجِ تو گشت از افلاک
بمقامي کـه رسيدي نرسد هيچ نبي
ٿو ڪريان عرض سچا شاهه سخي غريب نواز
پاڪ پيشاني پسائينم ڏسي سوز گداز
اچي عاصيءَ جي پڪارن جي اگهاءِ تون آواز
بدرِ فيضِ تو استاده بصد عجز و نياز
زنگي و رومي و روسي و يمني و حلبي
ڪمترين ”خادم“ آ حاضر سندءِ در تي نبي
ٿو ڪري عرض سخي حال اٿي معلوم سڀي
عرض منهنجو به اِهو آهه جو ڪري ٿو “قدسي”
سيدي انت حبيبي و طبيبِ قلبي
آمده سوي تو ”قدسي“ پيء درمان طلبي
قصيدو
اي مريدن جي مدد، ميران محي الدين مير
مون اگهي کي ڏي شفا يا غوث اعظم دستگير
ماند ڪيو آ مون کي دردن ، ڏي خلاصي ڪاسگهو
لک ڇٽا تنهنجي دران، ڪوڙين اَگها ماندا اسير
تون ڪرين ٿو هڪ نظر سان ڏوهي ۽ چورن ولي
ڪر نظر مون تي به اهڙي اي اَجها پيرن جا پير
ڪل ولين تي قدم بيشڪ اوهان جو آهه مير
فيضُ جڳَ ورتو اوهان کان، شاههَ ٿيا ڪيئي فقير
هٿ ٻڌي دانهون ڪريان فياض تنهنجي در مٿي
مات ڪر تون مفسدن کي، جي ٿيا موذي شرير
توکي رب قدرت ڏني آ، قطب سڀ تنهنجا مطيع
غوث ۽ ابدال تابع تنهنجا اي ميرن جا مير
ديو، جن، ماڻهو، ملائڪ، سڀ سندءِ آهن مريد
تون لهين ٿو سار سڀ جي، اي سچا روشن ضمير
تون مريدن جي مدد، آهين نماڻن جو اجهو
مون ٻــُـڏيءَ کي ڪر ڪنڌيءَ تي، واهرو ويرين جا
وير
آهين تون مشڪل ڪشا، آسان ڪر مشڪل سندم
لاهه سڀ ڏک منهنجي دل تان، ڏي مون کي سائين سڌير
تون پيارو آنهه خدا جو، تون پيارو آنهه رسول
لاڏلو آنهن مرتضيٰ جو پڻ ڌئـُـل ربِ ڪبير
شاهه جيلان، تون آهين سلطانِ عالم بادشاهه
بارگهه بغداد ۾، تنهنجي ٻڌان ماههِ منير
تون چمن حسنين جو گــُـل آنهه شگفته تازه و تر
تنهنجي خــُـوشبو واسيو عالم سڄو آهي عبير
ٿو سڪان ساريان سدائين، توکي شاها روز شب
تنهنجي روضي تي اچڻ جي، آهه اندر ۾ اُڪير
جي هجن پـَـرَ تان اُڏامي، تنهنجي چائنٺ کي چمان
پار تون پهچاءِ سائين ڪيو زماني آ زهير
تنهنجي زيارت لاءِ هت مشتاق ۽ ماندو رهان
ڪنهن سدوري دم، سڳورا، ڪا گــُـهلائين مون تي هير
تون سچو، سيد سونهارو ۽ آهين نوري نقيب
سچ ڪماليت شرافت جا ســَـندءِ دفتر ڪثير
آهه سگ ”خادم“ سدا درگاهه تنهنجي جو گدا
ڪر نوازش جي نظر،سيد مٿي ناقص حقير
______*****______
(هي غزل پوءِ هٿ آيو، جو درج ڪريان ٿو.- مرتب)
-------
حمدِ خدا جو آهيان مداح مصطفيٰ جو
صلي ۾ هن شغل جي ٿيندو فضل خدا جو
جنهن تي درود هر دم آهي اَمر اِلاهي
پيغمبرن ۾ بيشڪ محبوب ڪبريا جو
محبت گهڻيءَ کان مولا معراج تي آڻايس
ڪامل ڪمال اعليٰ ٿيو شان دلربا جو
معراج رات مڙئي، ساڪن اهل سـَـمــَـا جا
مسرور ٿيا ٻڌڻ سان غوغاءُ مرحبا جو
خــُـلقِ عظيم خلعت، خالق کان خاص سريس
حاصل نه ٿيو ڪنهين کي ايڏو شرف ثنا جو
حورون مـَـلـَـڪ ۽ ماڻهو، قاصر آهن صفت کان
مولا کي قرب ڪلي، معلوم مجتبيٰ جو
ياسين، طلـهٰ آهي سراج منير آهي
بيشڪ بشير و منذر، خوش اسم خوش لـِـقا جو
جو دم جيان هجان شل شاغل مان هن شغل ۾
مون سان هجي مطابق دست و قلم قضا جو
عاصي آهيان ”امام بخش“ پياسي پسڻ پرينءَ جو
شل ٿئي نصيب مون کي ديدار دلڪشا جو
______*****______ |