اسلوب بيان ۾ ڪيڏي نه صداقت موجود آهي. هڪ ناجنس
حضور ڪريم جي مقدس مجلس ۾ بيباڪيءَ سان هليو ٿو
اچي، سندس هٿ ۾ اُگهاڙو خنجر آهي - هن مان عرب جي
دلير فطرت کي شاعر ڪهڙيءَ ريت نه سادگيءَ سان بيان
ڪيو آهي. جنهن لاءِ نثر جي ڪيڏي به عبارت ، اُن
کي اِهڙيءَ ريت رنگين بڻائي نه سگهندي. شاعر اُن
اعرابيءَ جي بيباڪيءَ جو زياده اظهار، سندس گفتگو
کي پيش ڪندي، هيئن ٿو ٻڌائي:
جاهلن وانگر پڇيائين :“ڪهڙو آ حضرت رسول،
جو سڏائي ٿو نبي آخر زمانصه، صاحب عقول؟”
حضرت سلمان فارسي اُن گستاخ کي هيئن ٿو ڇينڀ ڪري:
“تون آهين انڌو، سڃاڻي جو نٿو مرسل مڻيار!
چنڊ چوڏهينءَ جان ٿو چمڪي، وچ ستارن ۾ نبي،
“سمجهه ڌاري هوش ۾ اچ، سرت سان ڏس تون غبي!”
هيءُ سڄو نظم اهڙيءَ ريت، قلبي جذبات ۽ عقيدت جي
تاثرات سان معمور نظر ايندو.
“خادم” مثنوي نگار. “خادم” جي ڪليات تي نظر ڪرڻ
سان خبر پوندي ته منجهس سندس ٻه مثنويون نظر
اينديون. هڪ “منصور نامه” ٻي “وصاياي اِمام
غزالي”. ٻئي تصنيفون تصوف جي متعلق آهن. امام
غزاليءَ جون هي وصيتون فارسي نثر ۾ آهن. حضرت شقيق
بلخي ۽ سندس مريد حاتم اصم جي هيءُ گفتگو شيخ علي
هجويريءَ پنهنجي تصنيف “ڪشف المعجوب” ۾ به ڏني
آهي. “خادم” جي ٻي مثنوي “منصورنامه” منصور جي
عاشقانه حقيقت سان ڀريل آهي. پهرينءَ مثنويءَ ۾
تصوف جي اصل ۽ اُصول تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ ٻي
مثنويءَ ۾ محبت الاهي جي سوز ۽ گداز کي تفصيل سان
بيان ڪيو ويو آهي. شاعر هنن تصنيفن ۾، جتي تصوف
جون موشگافيون ڪيون آهن، اُتي شعر جي دلڪشي ۽
رنگينيءَ کي به هٿ کان نه ڇڏيو آهي. سندس فڪر جي
روانيءَ جو هڪ مثال هن ريت هيٺ ڏيان ٿو:
ذوق جون ڳالهيون لکڻ ۾ ڪٿ اچن،
تن کي سمجهيو ٿي عمل سان ئي سچن،
تلخ و شيرين جو مزو اُن کي اچي،
جو شراب علم و عرفان کي چکي،
آمر ذوقي ڪين آهي علم و فن،
جنهن کي سمجهي هر ڪو ئي صاحب سخن.
تقدير جي مسئلي بابت امام غزاليءَ جي راءِ کي
نهايت آسان طريقي سان هيئن ٿو شعر جي حدود ۾ مقيد
ڪري:
آهه فرمايو جناب مرتضيٰ:
”جا بلا! تنهنجي مٿان ايندي ڀلا،
تون ڪٿي روڪي سگهين اُن کي جوان،
خوف سڀ بيسود تنهنجو بي گمان،
بر بلا! جيڪا نه اچڻي تو مٿان،
اُن تي ڇاجي لئه ڪرين آه و فغان:
”آ سڄي تدبير تنهنجي رايگان،
رهه سدا تقدير جو قائل ميان،
تان سندءِ حافظ رهي اُو پاڪ ذات،
جنهن جي هٿ ۾ آ سموري ڪائنات.“
ڪيڏي نه سنجيده ۽ شيرين نظم آهي. ”منصور نامه“ ۾
عشق الاهيءَ جو مذڪور آهي، جو سڄو سوزو گداز آهي.
”خادم “ عشق جي تعريف هئين ٿو ڪري:
عشق هڪ آسيب آهي فتنه زا،
جنهن جي اندر سؤ لڪل رنج و بلا،
عشق آ شير نـِـيستان بلا،
عشق آ هڪ بحر آب جان گذا،
عشق هڪ درياه نا پيدا ڪنار،
جنهن جي هر هڪ موج آهي خونخوار،
عشق ظاهر آتش جانسوز آهه،
عشق باطن ناوڪ دلدوز آهه.
”منصورنامه“ جي هيءَ تمهيد آهي، جنهن ۾ شاعر عشق
جي وصف جو بيان دلسوز طريقي سان ڪيو آهي.”منصور
نامو“ سڄو اهڙي ئي پيرايي ۾ لکيل آهي. هن سوزو
گداز جي حقيقت سان گڏ، ”خادم“ جي ’سي حرفي‘ جو ذڪر
بيحد ضروري آهي، جا سڄي ذڪر ۽ فڪر آهي. ذڪر جو
بيان هيئن ٿو ڪري:
جيم - جولانيون جهان جون بي ثبات،
ڪار ڪر سڦري ٿئي حاصل حيات،
آهه اُو موجود هر دم، هر جهات،
ذڪر اُن جي ريءَ سڄي بيڪار لات،
اُن جي نالي کان سوا ٻيو انتشار.
فڪر جو مقام هيءُ آهي:
دال - دم آدم جو ڪهڙو اعتبار،
ڪجهه وفا اُن ۾ نه آهي زينهار،
تو انهيءَ کي سمجهو ٿي زيب ۽ نگار،
سمجهه، ڪجهه ڇاتي ڪرين ٿو افتخار،
نقد سودو آ هتي، ڇاجي اُڌار؟
هيءَ سڄي نظم مشفقانه نصيحت سان لبريز آهي. شعر
جون منجهس اُهي ته خوبيون موجود آهن، جن کي هڪ سخن
فهم ئي سمجهي سگهي ٿو. ”خادم“ جي هيءُ سي حرفي،
سنڌي شعر جو هڪ شاهڪار آهي، ۽ هيءَ اڪيلي سي حرفي
سندس صاحب ذوق هئڻ جو دليل آهي، جنهن ۾ تصوف جي
عملي ڳالهين جو ذڪر نهايت تفصيل سان ڪيو اٿس.
غزليات. ”خادم“ سنڌي ادب جي جنهن دور ۾ رهيو ٿي،
اُن کان گهڻو اڳ، فارسي شاعريءَ جي تقليد عمل ۾
اچي چڪي هئي. ثابت علي شاهه مرثين ۾ مسمط جي هر
قسم کي داخل ڪري چڪو هو. خليفي گل محمد، سنڌي ادب
۾ غزل جي زمين کي هموار ڪيو. سندس ٻن عظيم مقلدن،
قاسم ۽ فاضل، اُن کي ترقي ۽ رواج ڏنو. انهن اساتذه
ڪرام جي يڪجهتيءَ سبب غزل جون نيون نيون راهون
قائم ٿيون، ۽ سنڌ وڏا قادر الڪلام شاعر پيدا ڪيا،
جن جا نالا اسان کي اُن وقت جي مشهور رسالن ۽
اخبارن مان تفصيل سان معلوم ٿين ٿا. موجوده دور جي
اُنهن نقادن جي راءِ کي آءٌ ڪڏهن به وقيع نه ٿو
سمجهان، جن جو خيال آهي ته”سنڌي ادب ۾ غزل اڃا
پنهنجي ابتدائي دور ۾ آهي.“ منهنجي نظر ۾ غزل
پنهنجون ابتدائي منزلون ته شروع ۾ طئي ڪري چڪو هو.
خيال جو تنوع، جدا جدا بحرن ۾ طبع آزمائي، صنعتون
۽ ترڪيبون، غزل جي ابتدا ۾ ئي اچي چڪيون هيون. خبر
نه آهي ته غزل جي مخالفن، ڪهڙي بنياد تي هيءَ
پنهنجي راءِ قائم ڪري، نه فقط پنهنجي غزل گو
شعراءِ جي توهين جو ارتڪاب ڪيو آهي، پر پنهنجي
احساس ڪمتريءَ جو اظهار ڪندي، پنهنجي زبان جي
صلاحيتن جو به انڪار ڪيو آهي. جيڪڏهن ائين چيو وڃي
ٿو ته سنڌي غزل گو شاعرن، اُردو وارن جي تقليد ڪئي
آهي، ته آءٌ هنن کي ”ديوان بلبل“ جي منڍ پڙهڻ لاءِ
چوندس، جنهن ۾ ”بلبل“ مثال ڏئي ثابت ڪيو آهي، ته
اُردو شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر پيو آهي.
اُردو غزل جي اساتذه تي فارسي شاعرن جي ڪلام جو
گهڻو اثر آهي، ۽ فارسي شاعريءَ تي عربي تغزل جو،
جنهن جا مثال شمس العلما ِّ شبلي نعمانيءَ جي
تصنيف ”شعرالعجم“ ۽ شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن
محمد دائودپوٽي جي تصنيف ”فارسي شاعريءَ تي عربي
شاعريءَ جو اثر“ ۾ نظر اچن ٿا. هر هڪ فن بين
الاقوامي آهي. اُها شيءِ يا هنر، جو جدا جدا زبانن
۾ عام ٿئي ۽ رواج هيٺ اچي، اُن ۾ جتي جدت جي آڻڻ
جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، اُتي جيڪڏهن، ڪن ڳالهين ۾
يڪرنگي ۽ يڪجهتي پيدا ٿئي ٿي، ته ان کان پاسي
بدلائڻ جي معنيٰ فقط تعصب يا پنهنجي ادبي صلاحيتن
جو انڪار ئي ٿي سگهي ٿو. بهرحال منهنجي نظر ۾ سنڌي
زبان، جتي هندي دوهي ۽ سندس راهن کي قبول ڪري
ورتو هو، اهڙيءَ ريت فارسي شاعريءَ جي غزل کي به
پاڻ ۾ جذب ڪري ورتو. هينئر نه بيت اُن ۾ اجنبي
آهي، نه غزل بيگانو. جيڪڏهن بيت هندي محاورن کي
پاڻ وٽ قبول ڪري ورتو، ته سنڌي غزل فارسي محاورن
جو سنڌي زبان سان تعارف ڪرايو آهي. ٻنهي حالتن ۾،
منهنجي زبان جي انفراديت هڪ نگهبان جي طرح قائم
آهي. سنڌي شاعريءَ جا هي ٻه گروهه آهن، جي منظم
ٿي، پنهنجي زبان جي رفعت ۽ برتريءَ جي گواهي ڏيندا
رهن ٿا.
”خادم“ جي زماني ۾، دور ثاني جا بهترين شاعر موجود
هئا، جن مان اسد الله شاهه”فدا“ ، غلام محمد
شاهه”گدا“ لطف الله حيدرآبادي، فضل محمد”ماتم“ ،
مير عبدالحسين ”سانگي“، محمد هاشم ”مخلص“ ۽ فتح
محمد”صغير“ (حڪيم) جا نالا گهڻا مشهور آهن. مٿين
شاعرن کان سواءِ، ”حامد“ جو پنهنجو رنگ هو”حسن“ جي
انفرادي حيثيت هئي. آءٌ هت جيڪڏهن اُنهن سڀني
شاعرن جا نالا شمار ڪريان، ته منهنجي هيءُ ياداشت
نهايت طويل ٿي وڃي. اُن وقت جي اساتذه مان ”فدا“
”مخلص“ ۽ ”صغير“ (حڪيم) سان”خادم“ جا گهرا تعلقات
هئا. اسد الله شاهه”فدا“ ، ”بهار اخلاق“ جو ايڊيٽر
هو ۽ ”مخلص“ ”تحفه احباب“ جو ايڊيٽر هو. ”خادم“ جي
ساڻن خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. فتح محمد ”صغير“
(حڪيم) سان سندس دوستانه تعلقات هئا.”صغير“ پنهنجي
هڪ خط ۾ کيس هيئن ٿو لکي:
”محبي!“
السلام عليکم و رحمـة الله تعاليٰ و برکاته - اما
عنايت نامه والا که محض از باعث محبت شرف ارقام
يافته بود، از سيوان شريف واپس آمده بمقام دربيلا
علاقه نوشهره فيروز دربنگله حضرت سيادت پناه سيد
مير الهنده شاه آنرري مجستريت رسيد. خدا گواه که
از معائنه چهره مانند آئينه آن قرطاس محبت اساس
بعدي مبتهج شدم، که بتقرير نتوانم گفت و بتحرير
نتوانم نوشت. الله تبارک و تعاليٰ آن محب را دائما
سلامت باعزو کرامت داراد.“(حقير فتح محمد ’صغير‘)
”فدا“ ۽ ”مخلص“ جي خطن ۾ هميشـه، کيس پنهنجي نئين
شعر جي موڪلڻ جو تاڪيد ٿيندو ٿي رهيو. جيئن مٿي
ڏيکاريو اٿم، ”خادم“ جا تعلقات شڪارپور جي ٻن
شاعرن، مير علي نواز علوي ۽ پير رفيع الدين
سرهنديءَ، سان نهايت گهاٽا هئا. ”خادم“ جي دوستن
مان عبداللطيف ”لطيف“ نالي عمدو شاعر هو، جنهن جا
منظوم خط ”بياض خادمي“ ۾ محفوظ آهن. هڪ خط ۾ لکي
ٿو:
چمي خط اکين تي رکيم يار جو،
ويا غم گوندر ۽ ارمان ڪل،
گسرڪين گهرجي سچارن ڪنان،
چوي حاضر آن وقت عبداللطيف،
دعا ڪاڪريو خير جي حق کان، ويا غم |
وفادار منٺار سچار جو،
خوشي، خرميءَ جو اُٿيو خوب هل،
اِئين مون ٻڌو عقل وارن ڪنان،
ته آهيان گنهگار بندو ضعيف،
ته قابو هجان بدسگالن ڪنان، |
هدايت ٿئي رب کان مون عطا،
ڪري بخش منهنجون سڀيئي خطا.
اِنهن دوستن جي محفلن ۽ مجلسن، ”خادم“ کي شعر جي
دنيا ۾ بلند مقام ڏنو. سندس غزلن تي نظر ڪرڻ سان
خبر پوي ٿي ته شعر جي هن حصي ۾ کيس ڪافي دسترس
حاصل هئي. هو غزل جي تاثرات ۽ جولانين کان پورو
پورو واقف هو. برسات آئي آهي ۽ مينهن جي ڪڻ ڪڻ
پئجي رهي آهي، شاعر هن نظاري کان ڪهڙيءَ ريت متاثر
ٿيو آهي، اُن کي پنهنجي غزل ۾ هيئن ٿو قلمبند ڪري:
ڪالهه ميخاني جي در تي هيئن چيو ٿي مي فروش-
هوُ ڪڪر آيو چڙهي، رندو اُٿو ٿئي ناؤ نوش!
برسات جي ڪڻ ڪڻ جو هيئن ٿو فائدو وٺي:
محتسب اڄ ڏي اجازت، جيئن فراغت سان پيوُن،
مينهن جي ڪڻ ڪڻ ۾ ساقي مست آ، مينا بدوش.
مقطع پنهنجي اندر ڪيڏي نه آرزو ٿو رکي!
وئي اچي پيري آ ”خادم“، جام وٺندي هٿ ڏڪن،
پر تپش اڄ بي آ ساڳي، گهٽ نه ٿيو جوش و خروش.
”غالب“ جو هي شهرهء آفاق شعر، گهٽ وڌ ”خادم“ جي
آرزو سان مطابقت ٿو ڏيکاري:
گو هاتهه مين جنبش نهين، آنکهون مين تو دم هي
رهني دو ابهي ساغر و مينا ميري آگ.
جيتوڻيڪ ”خادم“ پنهنجي شعر ۾ هڪ نئين جذبي جو
اظهار ڪيو آهي ۽ ”غالب“ جي شعر کان وڌيڪ اصليت
منجهس موجود آهي.
’بهار اخلاق‘ ۽ ’تحفهء احباب‘ رسالن ۾ اڪثر مصرع
طرح تي طبع آزمائي ٿيندي رهندي هئي، اهڙين قلمي
مجلسن ۾ ”خادم“ به پوريءَ ريت بهرو وٺندو هو.
سندس هيٺيون غزل ’تحفهء احباب‘ جي هڪ اهڙي مشاعري
جو يادگار آهي:
بي اثر ناهي ادا آهه و فغان اهل درد،
درد ۽ غم سان ڀريل آ داستان اهل درد.
’بهار اخلاق‘ جي اهڙي مشاعري جو هيٺيون غزل سندس
ٻيو يادگار آهي:
شڪر لک لک رب جا، جو طالعم بيدار آهه،
گنج دل ۾ نقد عشق سيد الابرار آهه.
اهڙيءَ ريت ”خادم“ شعر ۽ شاعريءَ جي اهڙن مشغلن ۾
بهرو وٺندو ٿي رهيو. سندس غزل سندس قلبي واردات جا
جدا جدا سنگ ميل آهن. هڪ هنڌ دوست کان جدا هئڻ جي
شڪايت نهايت مؤثر ۽ پيارن لفظن ۾ ڪري ٿو، جنهن کي
پڙهندي، شاعر جي قلبي اضطراب تائين نظر وڃي ٿي
پهچي.
لکي ٿو:
وڃي چؤ اي صبانا مهربان کي،
پيو جي ڏوه هوڪوئي اسان کان، |
”وساري بي سبب ويٺين اسان کي،
رکڻ واجب نه هو شڪ ۽ گمان کي!“ |
”نامهربان“ جي سادي خطاب ۾ شاعر پنهنجي سمورين دلي
ڪيفيتن ۽ جذبن کي آڻي جمع ڪيو آهي. ڏوهه، ڏوهه
آهي، شاعر ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن اسان کان ڪو گناهه
ٿي پيو هو ته اُن جو تصفيه ٿيڻ گهريو هو، شڪ ۽
گمان کي رکي، وساري ويهي رهڻ، صحيح عمل ٿي نه ٿو
سگهي، محبت ۾ ثابت قدم ٿي رهڻ جو نقش ڪيڏو نه مؤثر
پيرايي ۾ ٿو ڪڍي:
جي سهڻ جي تو ۾ جرئت ڪين آهي بو الهوس،
خام دعوا سان گلارو ، عشق وارن کي نه ڪر.
هو مقسوم تي راضي رهڻ جي تلقين ٿو ڪري. رمل ۽ نجوم
جي حرفت بازين کان هيئن چئي ڪنارهه ڪشي ٿو ڪري:
آ مقدر سان رهائڻ، ڇا نجومي ڇا رمال،
ڇا زحل ڇا مشتري، مقسوم تارن کي نه ڪر.
ستارن ۾ زحل جي نحوست آهي، يا مشتريءَ جي نيڪي -
انهن نجومين ۽ رمالن جو ڪهڙو اختيار؟ انسان کي
بهرحال پنهنجي مقدر سان نڀائڻو ئي پوي ٿو.”خادم“
جو هي سادو شعر پنهنجي اندر بلند همتيءَ جي ڪيڏي
نه واضح تعليم ٿو رکي. اهڙا دلڪش شعر سندس غزلن ۾
افراط سان موجود آهن.
هڪ بوالهوس عاشق کي خطاب ڪندي چوي ٿو:
عشق جو سودو ڪري، هاڻي رئين ٿو جلد باز،
بحر ۾ٻيڙو ڇڏي، طوفان کان ڇو احتراز.
ڪيڏي نه بلند تشبيهه آهي! ”خادم“ جي شعر جي اهائي
هڪ دلڪش خصوصيت سادگي آهي. هو پنهنجي تخيل جي
تعمير نهايت سادن لفظن ۾ ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪابه
پيچيدگي ۽ تعقيد نظر نه ايندي. سندس ڪلام جي دلڪشي
۽ سادگيءَ جو ٻيو مثال هيٺينءَ ريت اچي ٿو:
ڪيچ ٿيو ڪيڏو پري، ڪنهن ساڻ اوريان، الغياث!
درد جي سٽ ساهه سان ويٺي ٿي سوريان، الغياث!
جي پچايا پير پٿرن، ڪين ٿي اُن ڀر ڊڄان،
جي هجي آري اڳيان، هي جان گهوريان، الغياث!
آءٌ هيءَ دعوا نٿو ڪري سگهان ته ”خادم“ کي پنهنجي
همعصر شاعرن ۾ ڪهڙو درجو حاصل هو، پر هن حقيقت کان
به انڪار ٿي نه ٿو سگهي ته سندس شعر ۾ جي صلاحيتون
موجود آهن، اُنهن کي ڏسي سندس عظمت جو خيال خود
بخود دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ٿو وڃي. سلاست ۽ سادگيءَ
کان علاوه، ”خادم“ جي ڪلام ۾ درد جي لذت گهڻي
موجود آهي. درد جي طلب هيئن ٿو ڪري:
”خلق کي حرص و هوس جي آ طلب،
مون کي شوق ۽ جذب جو جنسار بخش،
ڪين دنيا جي کپي ڪوڙي خوشي،
پنهنجي اُلفت جو اَمٽ آزار بخش!“
ٻيءَ جاءِ تي فرمائي ٿو:
”درد وارن جي وڃي ڪر آستاني تي سلام،
تان ملي توکي به ڪجهه نام و نشان اهل درد.“فقير
غلام علي ”مسرور“ جو اسان جي دور جو بهترين صوفي
شاعر ٿي گذريو آهي، ٻڌايو ته ”خادم“ جي جوانيءَ جي
زماني ۾، جڏهن سندس خوش ڪلاميءَ جو شهرو چوڌاري
پکڙجي چڪو هو، اُن وقت فقير محمد محسن ”بيڪس“ جي
مستانه ۽ عارفانه ڪلام روهڙيءَ جي گوشي گوشي کي
مست بڻائي ڇڏيو هو، اُن جي ڪن تي جڏهن، ”خادم“ جو
هي شعر پهتو:
”ڀڄي هن ڀنڀوران پوان ڪڍ پرين جي،
گهٽيءَ دوست جي ۾ ٿيان شال واسي،
جنهين سعد ساعت پسان رخ پرينءَ جو،
ڪريان ساهه صدقو، اٿم باس باسي.“
تڏهن نهايت متاثر ٿيو ۽ هونهار شاعر جي ترقيءَ
لاءِ دعا گهريائين.
جيئن اسان ڏسنداسين، شاعر جي ڪلام جو گهڻو حصو،
نعت ۾ شامل آهي. ”خادم“ ، رسول ڪريم ﷺ جي حب ۾
سرشار هو، اُن ڪري سندس دل کي هڪ ئي سرور حآصل
آهي، جو آهي حب رسول ﷺ. سندس طبيعت جي هن موڙ سبب،
سندس ڪلام ۾ حضرت رسول پاڪ ﷺ ۽ دين جي بزرگن جي
تعريف ۽ توصيف گهڻي ٿي نظر اچي، هن والهانه محبت
کانئس بهترين شعر قلمبند ڪرايا آهن. فرمائي ٿو:
رشڪ مسيح لب تون کولين ته مئا جيارين
هٿ ڪارڪن قضا جو بيشڪ آ، رام تنهنجو،
تون عالمن جي رحمت، آئي سندءِ سريا سک،
مشڪور و شڪر گو آ، هر خاص و عام تنهنجو.
ٻئي هنڌ پنهنجي اندر جي اونهائيءَ جو هيئن ٿو
اظهار فرمائي:
تون نبي آخر زماني جو آهين ختم الرسل،
تنهنجي اُمت ۾ اچڻ، دارين جي آ بهتري.
هن شعر جي اندر گويا”خادم“ جي اندر جون سڀيئي
آرزوئون سميٽجي ويون آهن. عقيدت ۽ محبت، هر لفظ
مان ظاهر ٿي نظر اچي. ختم الرسل جي اُمت ۾ اچڻ،
دارين جي رهبري آهي، هن کان زياده شاعر جو قلم ۽
تخيل محبت جو ٻيو ڪهڙو نقش ۽ نگار پيش ڪري ٿي
سگهيو. ساڳي غزل ۾ ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
فخر عالم تنهنجي چائنٺ تي گدائي منهنجي لئه،
تخت آ اسڪندري ۽ شان آهي قيصري.
قيصر ۽ قسريٰ جي استبداد جي مٽائڻ وارا به ته حضور
جي چائنٺ تي رهڻ وارا هئا، ڪيڏي نه هيءَ حقيقت
حقانيت جي قريب آهي. اهڙيءَ ريت نعت جو هر شعر،
محبت، عقيدت، فصاحت ۽ بلاغت سان معمور آهي.
جيئن مٿي ڏيکاريو اٿم، “خادم” قادري طريقي ۾،
ملتان جي اهل دل بزرگ سيد امير شاهه جيلانيءَ جو
مريد هو، جو حضرت سيد موسيٰ شاهه گيلانيءَ جي
اولاد مان هو. کيس پنهنجي مرشدن سان بيحد
عقيدتمندي هئي. سندس مرشد به سندس مريديءَ تي فخر
وٺندو هو. هن غير معمولي محبت جي سبب، سندس شعر ۾،
قادري طريقي جي رهنما، حضرت سيدنا عبدالقادر
جيلاني قدس سره العزيز، جي شان ۾ گهڻائي غزل نظر
اچن ٿا- جا هن عظيم شاعر جي روحاني تسڪين هئي:
منقش، جنهن جي دل تي ٿي محبت غوث اعظم جي،
اِنهيءَ کي ٿي عطا حق کان ڪرامت غوث اعظم جي.
شيخ بهاوالدين ذڪريا ملتاني رحمـة الله عليـه، هڪ
قصيدو، حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني قدس الله سره
جي شان ۾ لکيو آهي، جنهن جي مقطع جي مصرع آهي:
’که بر شرف شيران شرف دارد سگ درگاه جيلاني‘
هن کي ”خادم“ هيئن ٿو پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏئي:
سڏائي ڪمترين سگ جو جناب غوث اعظم جو،
رکي ٿو شرف شيرن تي، سگ درگاه جيلاني.
محبت جي هن غيرفاني بهار کان سواءِ، موجوده دور جي
اخلاقي ڪمزورين تي، پنهنجي رنگ ۾ سندس ڪلام ۾ ڪڙي
نڪته چيني موجود آهي. موجوده دور جي تعليمي غلط
ڪارين تي جو ڪجهه لکيو اٿس، اُن تي مٿي تبصرو ڪيو
ويو آهي. ’چوڏهين صدي‘ جي عنوان هيٺ جو ڪجهه بيان
ڪري ٿو، سو سندس تلخ تجربو آهي، پر جي حقيقتون
ڏنيون اٿس، اُنهن کان اڄ ڪير انڪار ٿو ڪري سگهي؟
هن شعر جي شروعات ڪهڙي نه مؤثر انداز ۾ ٿو ڪري:
آهه حيرت هيءُ الاجي، ڪهڙو پکڙيو آه واءُ،
مٺ محبت، ڪٿ به ڪانهي، ڪونه رهيو آه ساءُ،
شاعر جي هيءَ حيرت ۽ پريشاني ڪا سطحي، خيالي يا
جذباتي نه آهي، پر اُن جي لاءِ کليل ثبوت ٿو پيش
ڪري:
پهر پوياڙيءَ جو آيو، وئي اڳياڙي سڀ لنگهي،
پٽ نه پيءُ سان آهه رس ۾، ڀاءُ ناهي ساڻ ڀاءُ.
ڪلفت جي هن مظاهري جو ڪهڙو نه عمدو نقش ڪڍيو اٿس.
اڄ هيءُ ڳالهه اسان کي ڪيڏي نه عالمگير ٿي نظر
اچي. هنن تمهيدي اشعار کان پوءِ، اخلاق جي اُنهن
سڀني پهلوئن تي واضح طرح سان لکي ٿو، جن جي کيس
آدمين ۾ قلت نظر اچي ٿي. سندس اُستاد به ته ساڳي
حقيقت پيش ڪئي آهي:
’اڄ مروت ۽ وفا، منجهه آدمين آهي الڀ‘
سندس مٿئين غزل يا نظم کي پڙهندي، خبر پوي ٿي ته
هو پنهنجي دور جو وڏو مبصر ۽ نقاد هو. هن، جو ڪجهه
ڏٺو آهي، سو بنا ڪنهن پس و پيش جي لکيو آهي.
”خادم“ جي شعر جي هن حصي تي جيڪڏهن نظر ڪبي، ته
اسان کي غزل جا سڀيئي لوازمات منجهس نظر ايندا.
بقول”مسرور“ دور ثانيءَ ۾ شڪارپور ٻه شاعر پيدا
ڪيا، هڪ مير علي نواز علوي ٻيو امام بخش”خادم“.
ڪافيون ۽ بيت. ”خادم“ جي ڪلام ۾ ڪافين ۽ بيتن جو
انداز اسان کي ٿورو ميسر ٿيو آهي. سندس دور ۾ ڪافي
چوندڙ شاعر سندس قريب گهڻائي موجود هئا، جيئن فقير
محمد محسن ”بيڪس“ ، مولوي عبدالغفور ”همايوني“ ،
مير علي نواز علوي سندس دوست عبدالله، ۽ ٻڍل فقير،
مٿين شاعرن جو ڪلام وٽس ايندو ٿي رهيو، جنهن ڪري
هو اُنهن کان ضرور متاثر ٿيو هوندو. سندس ڪي
ڪافيون ته پنهنجي اندر وڏو سوز و گداز ٿيون رکن.
مثال طور:
وسرن ڪين سنگهار، ملير اَ باڻا شاد وسن ٿا.
انهيءَ ڪافي جو هيءُ بند، ڪيتري قدر نه درد سان
ڀريل آهي:
ڪانگ لنوي جي ڪوٽ تي ويهي، قلب ڪري ڪوڪار،
نيڻ سندم ناشاد ٽمن ٿا.
مجاز جي چوٽ جو هيئن ٿو اظهار ڪري:
ڇڏي ڏي يار ڏاڍايون،
اکين ۾ مان ڏيان جايون، |
ملڻ جون محب ڪر وايون،
مڃي اچ يار تون منت. |
منت ڪيڏي نه سادي ۽ درد ڀري آهي، سندس هيٺئينءَ
ڪافيءَ کي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته هو ڪيتري قدر نه
حال ۽ قال جو صاحب هو:
اُٿيا اندر اُڌ ماٽ، ٻيجل جيڪا تان ٻرائي.
بيتن ۾ به سندس مقام منفرد آهي. هو پنهنجي همعصر
شاعرن ۾، شعر جي هن حصي ۾ ممتاز آهي. جيئن ته
هو”حمل“ جي ڪلام جو جامع هو ۽ ”بيدل“ جي ڪلام کي
پنهنجي بياض ۾ جمع ڪيو اٿس، اُن ڪري مٿس هنن ٻن
شاعرن جو گهڻو اثر آهي. سندس ”ڪانگل نامو“، ”حمل“
جي ”ڪانگل نامي“ کان ڪنهن ريت گهٽ نه آهي. دوست جي
فراق جو نقش هيئن ڪڍي ٿو ڪانگ جي حوالي ڪري:
ڇاجي قيل مقال، ڪهڙي اور عجيب ريءَ!
ڪانگل چئج قريب کي، سڪندي ٿيا سال،
تو بن رچن ڪينڪي، پيهون پکا پال
ههڙا ڏسي حال، اچين مان اُڪنڊئين.
ٻئي هنڌ ساڳيءَ ڪيفيت کي هيئن ٿو بيان ڪري:
ڪانگ قريبن کي، ڏج نياپو لڳ خدا،
آتڻ اُجاڙيون وئين، ڏئي درد بلا،
وڃي ويٺين خوش ٿي، هت آهي روڄ سدا،
دلبر توسوا، مون کي ويڙهو وڻي ٿو ڪينڪي.
فقير نعيم چنو، اُتر سنڌ جو چڱو راڳيندڙ ٿي گذريو
آهي، ”خادم“ جي هيٺئين بيت کي، هر محفل ۾ ضرور
چوندو هو:
جنين ڪاڻ جلي، تون ڪس لڳي ڪارو ٿئين،
تنين نه پڇيو تر جيترو، جيڪس حال هلي،
دورنگي تنهن دوست کان مٺي ماٺ ڀلي،
تنهن سان روح رلي، متان قدر وڃائين پانهجو.
”خادم“ جي مٿئين ڪلام کي پڙهندي، معلوم ٿئي ٿو ته
مٿس“حمل” جو ضرور اثر آهي. ٿي سگهي ٿو ته سندس
ملاقات فقير حمل لغاريءَ سان ٿي هجي، ڇو ته ”خادم“
جي ڪتبخاني جي هڪ ڪتاب تي حمل لغاريءَ جو هٿ لکيل
هڪ عربي شعر موجود آهي، جنهن جو ذڪر مون پنهنجي
تصنيف ”تذڪري“ جي ٻئي حصي ۾ ڪيو آهي. مگر جيئن ته
فقير حمل لغاري
سنه 1296 هجريءَ ۾ وفات ڪئي آهي، اُن ڪري ڀانئجي
ٿو ته”حمل“ ۽ ”خادم“ جي پاڻ ۾ ملاقات مشڪل سان ٿي
هجي، پر هن ۾ شڪ نه آهي ته”خادم“ کي ”حمل“ جو
قريبي زمانو مليو هو. اُن ڪري ئي هو سندس ڪلام کان
متاثر نظر اچي ٿو، هير ۽ سندس ماءُ جي گفتگو، جا
‘خادم’ پنهنجي بيتن ۾ قلبند ڪئي آهي، سا به فقير
حمل جي سرائيڪي سي حرفيءَ کان متاثر ٿي لکي اٿس.
”حمل“ جي سي حرفيءَ جو پهريون اکر هيئن ٿو اچي:
الف - آءُ هيرا، گهن مت ميڏي، نت وت نهين رلي
رلندي ڙي،
چاڪ نال تيڏا وڃ چاهه لڳا، بدراهه اُتي ڪيون ڀلندي
ڙي،
اِيها ڳالهه تيڏي يدچال والي، قيل قال قبيلي وچ
هلندي ڙي،
اَڄ ڪلهه متان پيو کل لاهيئي، تون تي تيغ چوچڪدي
چلندي ڙي.
”خادم“ ”بيدل“ جي رنگ ۾ هيئن ٿو تصوف جي خيال جي
نڪته نوازي فرمائي:
ڪوڙ ڪمائين ڇا لئه ويٺو،
هيڏي هوڏي پاڻ وسي ٿو،
راهه حقيقت آهه اِهائي،
ڄاڻ سڄوئي ڄار اَٿيئي،
عبديت جو اولو ڊاهي،
”خادم“ ڪر تون نيهن نظارو، |
وحدت رک ويساهه،
پڙهه تون”ثم وجـه الله“،
ڇا لئه ٿئين بيراهه،
رک تون نرت نگاهه،
ڏس تون شاهنشاهه،
عشق ٿي ساهه پساهه. |
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هر صوفي شاعر جو مقصد هڪ
ئي ٿئي ٿو. هو حقيقت جو ڳولائو آهي ۽ اُن جستجو ۾
هر شيءِ، هر طرف ۽ هر صورت ۾ هو اُن جي مصور کي
ڳولي ٿو:
ڪٿ ڪري ٿو ڏس تنبورو رون ۽ رون،
صاف ويچارو چوي ٿو”تون هين تون “.
رومي فرمائي ٿو:
“بشنو از ني چون حکايت مي کند وزجدائي ها شکايت مي
کند”:
شاهه ڀٽائي فرمائي ٿو:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري!
هڪ ئي خيال آهي، جو هر هنڌ يڪسان ٿو نظر اچي.
حقيقت جي اصلي راز جو پتو هيئن ٿو ڏئي:
وطن منهنجو ويجهڙو، مون ڀانيو ڪو هيار،
جنبي ڏٺو سي جوءِ ۾، سڄڻ جو سنسار،
”فاذ ڪروني اَذ ڪر ڪم“، اها تات تنوار،
”امام بخش“ انهيءَ ڳالهه جو ويهي ڪيم ويچار،
ڏور م ڀانءِ ڏيسار، موڳا منجهه م مونجهه ۾.
هي آهن اُهي اشارتون، جي محبت جي پانڌيڙي، راهه حق
تي هلندي معلوم ڪيون آهن. هڪ سالڪ جي اهائي صحيح
رهبري آهي، جو اُن جي اندر حقيقت جي بابت نه
گهٽتائي هجي نه وڌاءُ. اڪثر صوفي شاعرن جي ڪلام ۾
زياده مبالغو ٿئي ٿو، جنهن کي پڙهي اڪثر ارادتمند
وڃي اوجهڙ پون ٿا. ”خادم“ جي ڪلام ۾ اهو دير هضم
مبالغو نه آهي.فرمائي ٿو:
”خادم“ خير هٿ ڪيو، وئي دوئي دوبيني،
منجهان مسڪيني، حاصل ٿيون حاجتون.
ڪيڏي نه سادي پر صداقت ڀري حقيقت آهي!
موجوده دور جي ڪم مايگي ۽ افراتفريءَ جو ذڪر ڪيڏو
نه دلڪش ٿو ڪري:
چوڏهين صديءَ جا اچي، عجب ٿيا اهڃاڻ،
جاهل جولانين ۾، عاقل ٿيا اَڄاڻ،
جتي هئي سـُـرهاڻ، سي سير ئي سڃا ٿيا.
هن پر آشوب دور جي تمثيل ڪيڏي نه وڻندڙ ٿو ڏئي:
جت ڪبوتر ۽ قمريون هيون، اُت چٻن جا چارا،
ڪانون ڪانگيرا ڪيا، ڏين حلون لامارا،
اُنهن ڀيڻيين سڃ ٿي، پيا مورن ۾ مارا،
هنج ويچارا، وڃي گوشي ۾ غمگين ٿيا.
هن قبيل ۾ ”مراد“ فقير ڪنڊڙيءَ واري جو بيت آهي:
ويا هنج هلي، آيا ڪانءَ ڪنبن ۾،
مورن جي ”مراد“ چوي مرن جاءِ جهلي،
چٻن ساڻ چلي، ٿي مينا مقالون ڪري.
ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ يڪسان خيال ٿو نظر اچي. ڪيڏي
نه صحيح حقيقت آهي! اهڙيءَ ريت ”خادم“ جو ڪلام
پنهنجي سادگي، شگفتگي ۽ روانيءَ سان گڏ، صحيح
حقائق جو علمبردار آهي. منجهس نه مبالغي جي شدت
آهي، نه تعلي جو بيجا زور. اِهو امتياز سنڌ جي
شاعرن مان ”خادم“ کي حاصل آهي.
دودو چنيسر. ”خادم“ جي ڪلام تي منهنجي تنقيد اڌوري
رهجي ويندي، جيڪڏهن آءٌ سندس تصنيف ”دودو چنيسر“
کي نظر انداز ڪندس.“دودو چنيسر” سنڌ جي تاريخ جو
هڪ غيرفاني ورق آهي، جنهن جي اندر سنڌ جي روايتي
شجاعت جو داستان آهي.”خادم“ هن تاريخي داستان کي
پنهنجي فڪر لاءِ انتخاب ڪيو. سنڌ ۾ شعر ۾ قصه
نويسيءَ جو شوق ۽ ذوق نهايت پراڻو آهي. هن ڏس ۾
سنڌ جو هر هڪ رومان شعر ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ ريت ”خادم“ به ”دودو چنيسر“ جي تاريخي قصي
کي قلمبند ڪري، پنهنجو غير فاني يادگار ڇڏيو آهي.
جيئن معلوم ٿيو آهي، ”خادم“ هن قصي کي پني عاقل (
ضلعي سکر) ۾ لکي پورو ڪيو هو، جتي هو ٿوري وقت
لاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي ويو هو. ان وقت پني
عاقل ۾ محمد فقير کٽيءَ نالي هڪ سگهڙ ٿي رهيو،
جنهن سان ”خادم“ جي گهڻي اُنسيت هئي. محمد فقير
چڱو شاعر هو. هن به سنڌي شعر ۾، هڪ قصو قلمبند ڪيو
آهي، جنهن جو نالو آهي ”داستان عجائب خاتون“. هن
قصي ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي دور جي هڪ ڪهاڻي ڏني
وئي آهي. افسوس جو سنڌ وارن جي بي توجهيءَ سبب، هي
داستان به اشاعت هيٺ اچي نه سگهيو آهي. محمد فقير
پنهنجي داستان جي ابتدا هيئن ٿو ڪري:
آسري الله جي اُ پٽ ڪريان هي باب،
گذريل پنجين سن جو قصو منجهه ڪتاب،
ڏٺم فارسي ٻوليءَ ۾ گهڻي شغل شباب،
بنا پڙهيل فارسيءَ جي سمجهي ڪونه صواب،
ڪيم خوض دل ۾ حڪمت ساڻ حساب،
سوکو سنڌيءَ ۾ ڪريان اُن کي آءٌ شتاب،
پڙهي پروڙي سڀڪو، جهڙو شوق شراب،
عشق حقاني ڳالهه اِها، ناهي ڪوڙ ڪذاب،
ٻڌڻ آهه ثواب، اعليٰ آکاڻي عشق جي.
محمد فقير جي داستان گوئيءَ جي رغبت، ”خادم“ کي
”دودو چنيسر“ جي قصي کي شعر ۾ لکڻ لاءِ آماده ڪيو.
سنه 1901ع ۾، هن هيءَ داستان لکي پورو ڪيو، جنهن
کي شڪارپور جي مشهور ڪتب فروش پوڪرداس آنجهانيءَ
ڇپايو. هيءُ ڪتاب پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڇپجندو رهيو
آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته”دودو چنيسر“ جو قصو
شجاعت ۽ وطن دوستيءَ جو هڪ بيمثال داستان آهي، پر
اُن جي اندر ڪيتريون غلط روايتون به گڏ ٿي ويون
آهن. سومرن جي تاريخ جي غير مربوط ڪڙين کي ڏسي، هي
کڻي قبول ڪجي ته دودو ۽ سندس والد سلطان ڀونگر،
سلطان علاوالدين جو همعصر هجي، مگر وطن دوستيءَ جي
جذبي ۾، هو تاريخي حقايق کان به تجاوز ڪري ويا
آهن. اُهي ’حقيقتون‘ هي آهن:
1- دودي جي مقابلي لاءِ سلطان علاوالدين خلجي پاڻ
به نفس نفيس سنڌ ۾ آيو.
2- سلطان علاوالدين جو موت سنڌ ۾ ماٿيلي وٽ ٿيو ۽
سندس قبر به ماٿيلي ۾ آهي.
هي ٻئي روايتون، شاعراڻي من گهڙت جو هڪ عجيب مثال
آهي. جيڪڏهن تاريخ تي نظر ڪبي، ته سڀيئي مورخ هن
واقعي تي خاموش آهن. ٿي سگهي ٿو ته چنيسر جي فرياد
کي سلطان علاو الدين ٻڌو هجي، ۽ هڪ ننڍڙيءَ فوج کي
چنيسر سان شامل ڪري سنڌ ڏانهن موڪليو هجي، جنهن کي
وقايع نويسن ڪابه اهميت نه ڏني هجي. هوڏانهن سنڌ ۾
سلطان علاو الدين جي هڪ فوجي سردار کي خود سلطان
علاو الدين تصور ڪيو ويو هجي، ۽ هيءَ روايت سينه
به سينه مشهور ٿيندي آئي هجي، مگر تاريخ جو طالب
علم، هنن غلط حقيقتن کان ڪڏهن به راضي ٿي نه ٿو
سگهي.
ٻي روايت ته پهرينءَ روايت کان به زياده مبالغه
آميز آهي. تاريخ جي هيءَ متفقه حقيقت آهي ته سلطان
علاو الدين جي وفات دهليءَ ۾ ٿي، ۽ هو اُتي ئي
سپرد خاڪ ٿيو، مگر سنڌ م سينه به سينه هيءَ روايت
پهچندي رهي آهي ته”سلطان علاو الدين، دودي ۽ ابڙي
جي مقابلي ۾ پنهنجي سڄي فوج وڃائي، باقي نون
سردارن سان وڃي بچيو. ماٿيلي وٽ جڏهن آيو، تڏهن
کيس غيرت آئي ته دهليءَ کان هيڏو ڪٽڪ وٺي نڪتو هوس
۽ هينئر ڇا بچيو. اهڙي سکڻي نموني سان وطن پهچڻ
وڏي بدنامي ٿيندي، ان ڪري پنهنجي سردارن سميت زهر
کائي پاڻ کي پورو ڪيائون. سندن قبرون ماٿيلي ۾’نول
گوري‘ پير جي نالي سان مشهور آهن.“
ڪيتري نه غلط حقيقت آهي، جنهن جي اندر صداقت جو
ڪوبه ترورو نظر نه ٿو اچي. سلطان دودي جي دليري ۽
شجاعت، سنڌ جي لاءِ فخر جو باعث آهي، مگر هي
مبالغه آميز روايتون، سڄي واقعي کي مشڪوڪ ۽ مشتبه
بڻائي ٿيون ڇڏين. سلطان علاو الدين جهڙي اولي
العزم شهنشاهه جو اهڙي بيڪسيءَ جي حالت ۾ موت
تاريخ نويسن جي لاءِ وڏي بحث جو باعث بڻجي پوي
ها.”فرشته“ پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته:
”مشهور هيءُ آهي ته بيماري ڏينهون ڏينهن وڌندي
رهي، تان جو شوال جي ڇهين تاريخ سنه 716 هجريءَ ۾
وفات ڪيائين. ايڏو وڏو خزانو ڇڏيائين، جو سلطان
محمود سبڪتگين کي به نصيب نه ٿيو هو. سچ:
’بقا بقا خدائيست ، ملک ملڪ خدائي.‘“
مٿيئن عبارت مان معلوم ٿيندو ته سلطان علاو الدين
جي وفات سندس دارالحڪومت دهليءَ ۾ ٿي.
”نول گوري“ جي بابت تاريخ ”تحفـة الڪرام“ مان
چٽائيءَ سان خبر پوي ٿي. مير علي شير ”قانع“ لکي
ٿو:
”ماٿيلو، ڇهن قلعن مان آهي. درگاهه سلطان نول غوري
جي اهل الله جي طواف جي جاءِ آهي، جتي اهل الله جو
گروهه اچي گڏ ٿئي ٿو.“ مٿيئن عبارت مان معلوم
ٿيندو ته عوام”نول غوري“ کي ڦيرائي ”نول گوري“
ڪري، اُن جي پوئتان هڪ عجيب من گهڙت روايت پيش ڪئي
آهي. ”خادم“ مرحوم پنهنجي نظم کي، لوڪ افساني تي
رکيو آهي. حقيقت ۾ شاعر جي هيءَ نظم، ڪا تاريخي
حقيقت نه آهي، پر هڪ نيم تاريخي قصو آهي، ۽ جيئن
کيس ملڪي روايتون ميسر ٿيون، تيئن پنهنجي نظم ۾
ڏنيون اٿس. مگر انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن سنڌ
جي هن قصي کي پيش ڪري نه فقط سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو
آهي، پر سنڌ جي روايتي شجاعت کي به نمايان ڪري
ڏيکاريو آهي. پنهنجي وطن سنڌ جي تعريف هيئن ٿو
ڪري:
مولا جي ملڪ ۾ آهي، سنڌ سدوري ڀي،
خاصي آهي خير ڀري، جت ميسر سڀڪي،
مستاني مهراڻ جي ٿي هر هنڌ آ نيڪي،
هت ساوڪ ۽ سبزي، اڪثر ”امام بخش“ چوي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دعا، ”سائينم سدائين
ڪرين، مٿي سنڌ سڪار“جو پڙاڏو، ”خادم“ جي مٿئين بيت
مان صاف پيو ٻڌڻ ۾ اچي. دودي ۽ چنيسر جي اڻ بڻت جو
واقعو شاعر هيئن ٿو بيان ڪري ته:
ٻاگهيءَ وٽان راڄ ڏي، جڏهن هي جواب آيو،
چنيسر جي تخت ڏيڻ جو سڀني ڪيو رايو:
”اُٿي چنيسر چست ٿي، توکي مولي مرڪايو،
ويهه چنيسر تخت تي، رک راڄ سندو رايو”،
تڏهن چنيسر تن سان هن پر آلايو:
“اوهان ڪيو سعيو، آءٌ موڪلائي چان ماءٌ کان“!
چنيسر جي هن جواب جو عوام تي ڪهڙو نفسياتي اثر
ٿيو، اُن جو شاعر هيئن ٿو ذڪر ڪري:
هي ويو موڪلائڻ ماءُ کان، پٺيان راڄ ڪئي تجويز:
”هي رناڻو راڄ جي، رکي ڪانه تميز،
اٿس دانائي ڪانه ڪا، جا چيدي آهي چيز،
ملڪ تي مهميز، هي زنانو ڪندو ڪينڪي.“
واقعي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو هيءُ عجيب واقعو آهي
ته سنڌ جو عوام چنيسر جي هن روش تي ڇو بگڙيو؟ پٽ
جو ماءُ کان موڪلائي اچڻ، ڪا ايڏي وڏي شيءِ نه
هئي، جو هو تخت ۽ تاج کان محروم ڪيو وڃي ها. ٻين
ملڪن ۾ چنيسر جي هن عمل کي سعادت مندي شمار ڪيو
وڃي ها، مگر شاعر جي طنزيه فقري ” هي رناڻو راڄ جي
رکي ڪانه تميز“ مان خبر پوي ٿي ته سنڌ جا ماڻهو
برداشت نه ٿي ڪري سگهيا ته سندن حڪمران، عورت ذات
جو محتاج هجي، پوءِ کڻي اُها ڇو نه ماءُ هجي. اڄ
به سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو ”زن مريد“ نظر ايندو آهي، ته
اُن کي طنزيه طور چنيسر جي نالي سان خطاب ڪيو
ويندو آهي. چنيسر جڏهن اهڙيءَ ريت پنهنجو تخت
وڃائي ٿو، تڏهن سندس گهر جا ڀاتي کيس هيئن ٿا
طعنه زني ڪن:
ماڻس - مون ڄڻيو مانءِ پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون
ڌيءَ،
ويهي آتڻ وچ ۾ پانديون ڪتج ٽيءَ
هاڻي صلآح اٿيئي هيءَ، جو دران نڪرج ڪينڪي.
جوڻس- چاچي چڱيان چئج مڙس منهنجي کي،
اڳي هيوسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٿيوسين ٽي،
من ويهي آتڻ وچ ۾، پانديون ڪـَـتي ڏي،
مر گهر ۾ ڪم ڪري، ڇا ڄاڻي هي راڄ مان.
دائي- دماما ڪر دانگيون، ڀالا ڀڃي ٻار،
هاٿي گهوڙا وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار،
ڪارو ڪپڙو ڪنڌ تي، گهمندو گهٽا چار،
ٻي ڪهڙي ڪندين ڪار، تون ڇاڄاڻين راڄ مان.
ڪيڏي نه مزيدار طنز آهي! شاعر هن ذڪر کي نڀائڻ سان
ڪمال ڪيو آهي. هن طنز کي تفصيل سان لکڻ مان شاعر
جي مراد آهي ته ڪهڙين حالتن هيٺ چنيسر کي پنهنجي
خوني انتقام لاءِ تيار ڪيو ويو. اُن وقت جي عورتن
جي معاشري جي سڄي حقيقت، مٿين بيتن مان معلوم ٿي
وڃي ٿي، هن کي شعر جي فن ۾ ‘واقعات نگاري’ چئبو
آهي، جنهن ۾ ”خادم“پيش پيش نظر ٿو اچي. دودي جي
بهادريءَ جو ذڪر ۽ ميدان جنگ جي ڪارنامن کي اسان
جي شاعر نهايت واضح طرح لکيو آهي، جنهن مان خبر
پوي ٿي ته هو ”رزمي شعر“ کي به چڱيءَ ريت لکي
سگهيو ٿي. ”خادم“ هن قصي جي سينگار جو حصو جنهن
ريت قلمبند ڪيو آهي، سو قابل قدر آهي. منهنجي
تمهيد نهايت طويل ٿيندي وڃي ٿي، نه ته جيڪر هن قصي
جي سڀني خوبين کي يڪجا ڪيو وڃي ها، پر اهڙيءَ ريت
تفصيل جي ڏيڻ سبب، منهنجي تمهيد تمهيد نه رهي ها
پر تشريح بڻجي وڃي ها. شاعر جي ڪلام جو وڌيڪ
مطالعو، آءٌ پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو. هن ۾ ڪو شڪ نه
آهي ته ”خادم“ پنهنجي دور جو بهترين نثرنگار ۽
شاعر هو، جنهن جي ڪلام کي اڄ به محفلن ۾ سازن تي
سرايو وڃي ٿو ۽ اسان جي دلين ۾ هميشـه زنده رهندو.
اي همنفسان ز محفلِ ما رفتيد ولي نه از دلِ ما |