سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات خادم

صفحو :10

(8)

ڳالهه اها لــَـهر کي، لڳي ٿي ڳوري،

ڳڻتي ۾ ملول ٿي، هئن دل اندر دوڙي،

ته اِها پاڇاهي نانءِ جي، ڪيڏي نه ڪوڙي،

پوءِ وڌائين پوڙي، عجب سا آشناءَ کي.

 

(9)

عجب مان آشناءَ کي، هئن اوريائين حال،
 ته دوئي رکي اوهان دل ۾، آنجو آهه ملالُ،
هڪڙو غير اکين ۾، ٻي سان قرب ڪمالُ

دودي سان هڪ ريت آ، چنيسر سان ٻي چال،

جي تنهنجو اِهڙو آ احوال، ته ڪهڙي اُميد آهه عام ۾

 

 

(10)

رهندو هتي ڪونه ڪو، فاني آهه جهان،

تو کان پوءِ ملڪ ۾، رهندو نه پنهنجو مانُ،

گڏجي سڀئي سومرا، ڪندا دودي کي سلطان،

جي نظر کان پري ٿيا، تن تي ڪهڙو ڪندا احسانُ،

آهيان آءٌ حيران، راتو ڏينهن روح ۾.

(11)

ٻـڌي ڀونگر ڳالهه اِها، ويو ڳڻتيءَ منجهه ڳري،

ماٺ ڪري منجهي پيو، هيءَ ورندي ڏنانس وري،

تون راحت منهنجي روح جي، ڳڻتي ڪر نه ذري،

رٿ ڪندس آءٌ سڦري ويندءِ فڪر ٽري،
تحمل ساڻ ٺري، ٻــُڌ منهنجي ڳالهه کي.
(12)

جي پٽ چنيسر ڄائو ۽ دودي ڄائي ڌيءُ،

کڻي ڳنڍيندس ٻنهي کي، مــِـٽي ملائي هي،

پــوءِ رهـنـدا ســڪ سـچـي، گڏ گذاريندا پاڻ ۾.

(13)

گڏ گذاريندا پاڻ ۾، ڪڏهن نه ٿيندا ڌار،
صحبت ساڻ سچار، ويهي ونڊيندا پاڻ.

 

(14)

خبر ٻڌي خوشيءَ جي، ڪيا لــُـهريءَ لک شڪر،

اگهيو چوڻ ڀونگر جو، مولا ڪئي مهر،
پٽ چنيسر کي ٿيو، دودي کي دُختر،
ٻئي مڱايا پاڻ ۾، پاڻ بيهي ڀونگر،

تــنــهــن پــاڪ ڌڻـي پرور، عجب انگ وهايو.

(15)

پر رُٺا رهيا هن ڳالهه کان، سومرا سڀيئي،

مجلس ۾ مهندار جي، نه ويا ڏينهن ڪيئي،

خبر تنجي ڏمر جي، وڃي ڀونگر کي پيئي،

چيائين ڪم ڪيا اٿم، شريعت سان سيئي،

ٽنگيو تنهن پاهو ڏيئي، جو وير وجهائي وچ ۾.

(16)

جڏهن پئي ســُـڌ سومرن ته ڀونگر آهه بيپرواهه،

 

مڙي مصلحت  تن ڪئي، ڏيو ڏمر کي باهه،

 

هن ۾ اسان جو ڇاهه، جو ويسهه وڃايون پانهجو.

(17)

پوءِ ته پاڻهي آيا، ڀونگر جي درٻار،

بادشاهه ڏنن ڪانه ڪا، منهن تي مرد ميار،
خوش گذاريائين سڀ سان ملي ڄم ڄمار،

تنهن سومري سردار، چڱي رهائي راڄ سان.

 

(18)

چڱائي رهائي راڄ سان، ڇڏيائين جهان،
ڇڏي دار فنا کي، ٿيو مولا جو مهمان،

 

مئي پڄاڻان مير جي، ٿيو خالي تخت مڪان،
مڙيا سومرا پاڻ ۾ ته ڪيون دودي کي سلطان،

 

ڇو ته آهي ڏاڏي پوٽيءَ مان نامور نيشان،
ڪن چنيسر لاءِ چيو ته وڏو پٽ جوان،
پر ٻارڻ وزير جو هئو لايق نيڪ بيان،
چيائين مفت مباحثو، هي جنگ جهڙو جولان،
حق حڪومت انجو، جو عمر منجهه ڪلان،

 

پوءِ ڌيءُ هجي يا پٽ هجي، اُنجو ناهه ارمان،
پهرين ڌيءُ بادشاهه جي ٻاگهي آهه ٻــُـڌوان،

پوءِ جنهن کي ڀائرن مان ڏئي، جئن اچيس ڌيان،
يا پاڻ هلائي ملڪ تي فائق سا فرمان،

پوءِ اهڙي سان عنوان، راضي رهيا سڀ سومرا.

 

(19)

تڏهن لکي موڪليو، ٻارڻ ٻاگهي ڏي،

ته تخت پڻهين جو ٿو ڏي، راڄ مڙئي توکي،
پاڻ هلائين يا ڏئين چنيسر يا دودي،

سڀ اختيار آهه تنهنجي، آهين مرضيءَ جي مختيار تون.

(20)

تڏهن ٻاگهي ٻارڻ ڏي مـُـڪي، هيءَ وراڻي ٺاهي،

 

راڄ هلائڻ زال کي، اصل مناسب ناهي،
پٽن جهڙو اولاد اَبي کي ڌڻيءَ ڏنو آهي،

 

دانهه دلاور ڪو انهن مان گسڻ جو گاهي،
راڄ ڏيڻ جو بار جي وڌو مون مٿان لاهي،
تخت چنيسر کي ڏيو، جو وڏو عمر ۾ آهي،
اَبو ٺاهي ويو ٺاهه اِهو، متان ڪو ڊاهي،
ڏسو ڪو ساهي، نه سينو تنهن سان سومرو،

 

(21)

ٻاگهي وٽان راڄ ڏي، جڏهن جواب آيو،
چنيسر جي تخت ڏيڻ جو سڀني ڪيو رايو،

 

اُٿي چنيسر چست ٿي، توکي مولي مرڪايو،
ويهه چنيسر تخت تي، رک راڄ سندو رايو،
تڏهن چنيسر تن سان، هن پـَـر اَلايو،

اوهان ڪيو سعيو، آءٌ موڪلائي اچان ماءُ کان.

 

(22)

هي ويو موڪلائڻ ماءُ کان، پٺيان راڄ ڪئي تجويز،
هي رناڻو راڄ جي رکي ڪانه تميز،

اَٿس دانائي ڪانه ڪا، جا چيدي آهي چيز،
ملڪ تي مهميز هيءُ زنانو ڪندو ڪينڪي.

 

(23)

 

پوءِ ويهاريائون تخت تي، دودو دلاور،

خلق ساري خوش ٿي، ٿيون شاديون منجهه شهر،
دهل نغارن، نوبتن لاتو ڌم ڌچر،

ڏيهه ڌڻي ڏاتر، ٿو جوڙي جوڙ جهان جي.

(24)

پوءِ ته اچي پڌري ٿي، دودي مليو راڄ،
ٻڌو چنيسر ڳالهه کي، وهه ٿي ويس کاڄ،

 

موڙهو اچي ملول ٿيو، ڪونه پنيس ٿي ڪاڄ،

 

سڙي ويو سوز ۾، ڏک جو مليس ڏاج،
چيائين حرام آهي اڄ، رهڻ هن ملڪ ۾.

 

(25)

وٺندس وير اُنهن کان، جن مون سان ڪئي بازي،

 

دهلي ويو دانهن کڻي، دورون درازي،
بالا قوت بادشاهه هو، علاءَ الدين غازي،

 

ڪري ڪوڙيون ڳالهيون، هٿ ٻڌي آزي،
نيٺ ڪري نيازي، چاڙهي آيو شاهه کي.

(26)

پوءِ علاءَ الدين اَمر ڏنو، ڪريو تياري،
نولک لشڪر جا چڙهيا، چئنچل چوڌاري،
گهوڙا گاڏيون اُٺ هئا، هاٿي هنباري،
مال اسباب، خوراڪ ٻيا باروت هئا باري،
دهڪي ساڻ ڌُٻي وئي ڌرتي ويچاري،
پٽيندا ســَـٽيندا اچن، سي رستن کي ماري،
فوج سڄي ساري، اچي ويجهي ٿي روپاهه کي.

 

(27)

اِتي سومرن جان ڏٺو ته فوج لٿي ڀاري،

چاڙهي علاو الدين کي، آيو ٿي چنيسر چاري،
تڏهن دودي ڏياري موڪليو ننگر نرواري،

 

ته خرچ ڏيون ٿا پنڌ جو، اوهان ڪريو پوئواري،

 

چنيسر کي چاهه مان، ڏيون حڪومت ساري،
توبهه اسان جي زاري، تون بالا بلند بادشاهه.

 

(28)

تڏهن پڇيو وڪيل کان بادشاهه، ڇاهي تنهنجو نانءُ،
چيائين ننگر نالو منهنجو پٽ چنيسر آنءُ،

هي سنڌڙي جو گانءُ، وطن اسان جو اصل کان.

(29)

جڏهن چنيسر جي پٽ جي، بادشاهه ٻڌي بات،
چيائين سڀڪي معاف ڪيم، جي اوهان کي تات،

 

 

سڀان ساجهر موٽبو، رهبو اَڄوڪي رات،

 

ٻي وائي نه ڪجو وات، راڄ چنيسر کي ڏجو.

 

(30)

خوش ٿيو تڏهن سڀڪو، ٻڌي هي خبر،
 پر وڌو وير وچ ۾، چنڊي چنيسر،

ته مون کي ملڪ وٺي ڏنو سائين شير سڌر،

پر اوهان جي تڪليفون ڪيون، مون لاءِ رنج سفر،

 

عيوض اوهان کي ان جو گهرجي ٿو جيڪر،
ٻاگهي نالي ڀيڻ آهي، دودي کي وڏور،
سهڻي آهي صورت وند، عين پري آ پڇر،

 

شادي تــُـنهنجي ٿي تنهن سان، سان شرع المهر،
نه ته کڻي تيغ تبر، ڪريون جنگ جولان مون.

 

(31)

تڏهن چيو بادشاهه، هئن ننگر کي نروار،

 

ته ٻانهن ڪڍي ٻاگهي جي، مون کي ڏيو اظهار،

 

ته موٽان آهه اقرار، وٺي لشڪر پوءِ تي.

 

(32)

تڏهن ننگر نينگري، ڏنس اُت جواب،

ته ڌارين ۾ سڱ سومرا، ڄاڻن عين عذاب،

ڪين بيگانن ۾ ڪندا، توڙي ڪـُـسي ٿين ڪباب،
سڱ گهرين ٿو سومرن، توکي ڪهڙو آهي تاب،
ڪريون رت وهائي تالاب، هڻي تراريون تنهن کي.

 

(33)

تڏهن ڏمريو بادشاهه، ڪري حڪم هڪل،

ته ماريو ننگر کي جلدي، ڪريو ڪانه ڪهل،

تڏهن اُٿيو اُڙد علاءِالدين جو، کڻي تال تبل،
پوءِ ننگر به بڻيو اُتهين ، محڪم وانگر جبل،

 

ويڙهه ڪيائين واهه واهه، پر ماريو تنهن مهل،
پوءِ ته پيا اجهل، ٻئي طرف ميدان ۾.

(34)

جنگ ڪيائون جوش کان، وڏي جنگ جنگاهه،
لکين لشڪر ماريا، ڪٽڪ ڪـُـسي ٿيا ڳاهه،

 

وهيا واهه چوڌاري، رت سندا درياهه،
دودي دليري ڪئي، دلاور داناهه،

 

سومرا، ابڙا ڪيترا ٿيا ڪيئي بهادر پاهه،
ڳاريا لشڪر پنهنجا علاءُ الدين اَٿاهه،

 

پر وس ڪنهن جو ڪين ڪي، گهريو ائين الله،

 

فاني هي جهان ڏس، ڪنهن سان ناهه نيباهه،
سڀ ڪو گدا ۽ شاهه ، ويندو اِنهي واٽ سان.

 

(35)

سائين سڄي جهان جو، مالڪ تون مولا،
عاصي ”امام بخش“ جا ڪرين ڪم سولا،
ڀڃين سڀ ڀولا، اندر مان اونداهه جا.

 

دودو چنيسر

(سينگار)

روپاهه نالي شهر ۾ سنڌ جو حاڪم ڀونگر نالي رهندو هو، هو هڪڙي ڏينهن چڙهيو شڪار تي، شهر مان لنگهندي، هڪڙي لـُـهر ماڙي تي ويٺي ڏٺائين، ويو ٿي شڪار تي، پر لهر جي سونهن کيس شڪار ڪري ڇڏيو. ساڻس جو وزير هو تنهن کي چيائين، ته منهنجي دل هن کسي ورتي آهي. مون کي اِهو سڱ ڪري ڏيندين ته واهه، نه ته منهنجو حال ڪونه رهندو. وزير ان ڇوڪريءَ جي مائٽن کان بادشاهه لاءِ سڱ گهريو. جن خوشيءَ سان ڏيڻ قبول ڪيو. ڪن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه ساڻس شادي ڪئي. بادشاهه کي اڳ به هڪ ڏاڏي پوٽي گهر ۾ هئي، پر هن لهر زال جي سونهن اهڙي هئي، جنهن جي ڳالهه ڪري نٿي سگهجي. رنگ ته گلاب کان به وڌ هوس. منهن ۾ لعلائي اِهڙي هئس، جو ڄڻڪ شمع پئي ٻري، اکيون ته ڪٽورن جهڙيون هيس. هن جي بدن جي نزاڪت جي ڳالهه پڇو ئي نه. وري جو مالڪ ٿيو مٿس مهربان، سو ٿورن ڏينهن کانپوءِ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو رکيائون چنيسر. هن کان اڳ بادشاهه کي ڏاڏي پوٽي زال مان ڌيءُ ڄائي هئي، جنهن جو نالو ٻاگهي هو، پوءِ وري ساڳي ڏاڏي پوٽيءَ زال کي سگهوئي ٻي اميد ٿي، ڄڻيائين پٽ، ان جو نالو رکيائون دودو. جڏهن ٻئي وڏيرڙا ۽ سمجهه ڀريا ٿيا، تڏهن پاڻ ۾ گڏ رانديون ڪندا هئا ۽ شڪار کيڏندا وتندا هئا. پوءِ ڀونگر بادشاهه چنيسر کي ڌارين هنڌان پرڻايو ۽ دودي کي ڏاڏي پوٽي سومري پرڻايائين. ڪن ڏينهن کان پوءِ چنيسر ۽ دودي جي زالن کي اُميدواري ٿي. چنيسر کي پٽ ڄائو ۽ دودي کي ڌيءُ. چنيسر جي پٽ جو نالو رکيائون ننگر ۽ دودي جي ڌيءُ جو نالو ڪويل.

هــُـو هونگڙيون ڏين ۽ پرتئون پيرڙا کڻن.
سڀ جڳ جا ٻارڙا پهريائين اِئين ڪن،
سدا سي سونهن، ابي امڙ جي هنج ۾.

 

هڪڙي ڏينهن لـُـهر، پنهنجي خاوند ڀونگر بادشاهه کي چيو ته تنهنجي حياتيءَ ۾ ته مان عيش پئي ڪيو آهي پوءِ الائي تنهنجي ذات وارا سومرا مون ڌاري زال ۽ منهنجي ٻچن جوڪهڙو حال ڪندا. تڏهن بادشاهه کيس راضي ڪرڻ لاءِ، چنيسر جي پٽ سان دودي جي ڌيءُ پرڻائي ڇڏي. ڪجهه وقت کان پوءِ بادشاهه هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو. پوءِ ته اَچي اُٿيو تڪرار. سومرا چون ته دودو اگرچ عمر ۾ ننڍو آهي، تڏهن به ڏاڏي پوٽيءَ جو پٽ آهي، تخت اِنهي جو حق آهي. ٻيا ماڻهو وري چون ته هميشه تخت حق آهي وڏي پٽ جو. ٻارڻ نالي وزير چوي ته تخت حق آهي ٻاگهي بادشاهه جي ڌيءُ جو، پوءِ اُها وڻيس ته دودي کي تخت ڏي، يا چنيسر کي. پوءِ ٻارڻ ٻاگهي کي لکي موڪليو ته راڄ حق آهي تنهنجو، هاڻي تنهنجي مرضي آهي، جنهن کي وڻئي، تنهن کي راڄ ڏيار. پوءِ ٻاگهي لکي موڪليو ته راڄ ڏيو چنيسر کي ، ڇو جو وڏو آهي. پوءِ ٻارڻ ٻاگهيءَ جو جواب سڀني سومرن کي پڙهي ٻڌايو. تڏهن سڀيئي سومرا، ماٺ ڪري ويهي رهيا. پوءِ چنيسر کي سڏيائون.

ويهه پڄاڻان پيءُ جي، آءُ چنيسر آءُ،
ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ،

 

چنيسر چيو.

اوهين سعيو ڪيو سپاهه جو، ته گهمي اَچان گهراءُ
وڏي جا ورهين جي، پڇي اچان تنهن ماءُ
جيڪا اُو ڏي راءُ، سو ڪريان قبول اکين تي.

 

پوءِ چنيسر هليو ماءُ کان  پڇڻ رايو، پٺيان سڀيئي ماڻهو مـَـٽجي ويهي رهيا ته هي زنانو آهي، هن کي راڄ ڏيڻ مناسب نه آهي:

جت سوڍا، سومرا، راڄ مڙوئي، مڙن،
پاڳ تت دودي شير تي، دمر دهل وڄن،
خلقون مــَـرُ اَچن، دودل جي درٻار ۾.

 

چنيسر وڃي ماءُ جي پيرن تي ڪريو، هٿ ٻڌي چيائينس ته راڄ ٿو مليم وٺان يا نه. ۽ ماءُ پٺي ٺپري چيس ته پٽ ڀاڳ وارا ڀلي راڄ ڪماءِ. ايتري ۾ نوبت خانا وڳا ۽ شرنائين جا شور مچي ويا. تڏهن چنيسر جي ماءُ ٻانهي ڀڄائي موڪلي ته وڃي ڏس ته ڇا آهي. ٻانهيءَ ڊوڙي اچي خبر ڏنيس ته راڄ دودي کي ڏنائون. اُنهيءَ جا نغارا ۽ نوبتون آهن. ماڻس روئي چنيسر کي چوڻ لڳي:-

مون ڄڻيو مانئي پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءُ،
ويهي آتڻ وچ ۾ پانديون ڪتج ٽيءَ
هاڻي صلاح اٿيئي هيءَ، جو دران نڪرج ڪينڪي.

 

جوڻس چيو:-

چاچي چڱيان چئج، مڙس منهنجي کي،
اڳي هيوسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٿيوسين ٽي،

 

من ويهي آتڻ وچ ۾، پانديون ڪتي ڏي،
مــَـرُ گهر ۾ ڪم ڪري، ڇا هي ڄاڻي راڄ مان.

 

 

پوءِ سندس دائيءَ چيو:-

دماما ڪر دانگيون، ڀالا ڀڃي ٻار،
هاٿي گهوڙا وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار
ڪاروڪپڙو ڪنڌ تي، گهمندو گهٽا چار،
ٻي ڪهڙي ڪندي ڪار، تون ڇا ڄاڻي راڄ مان.

 

چنيسر کي اِنهن مهڻن ساڙي ٻاري وڌو، تنهن چڙ مان چيو:-

آڻي آڻي وير مان، آءٌ ته وجهان ڄارُ،
جئن سا سڀ سمنڊ مان، ميڙي ڪڍي پارُ
اٿم ڏاڍو هاڙ، وٺندس وير هنن کان.

 

ماڻس کي پيٽ ۾ ساهه پيو، وري چيائينس ته:-

نوڪر ته انبري، ڦوڪ ته لڳي باهه،
متان ٻنهين ڳالهئين ، هٿ نه اچئي ڪاءِ،
پوءِ ٿيندءِ پڇتاءُ، گهڻا هڻندين هٿڙا.

 

پوءِ چنيسر اُتان ويهي دودي کي دائيءَ هٿ چوائي موڪليو ته راڄ مون کي ڏي:-

پيءُ پڄاڻان پاڳڙي، ڏي ڙي دودا ڏي،
دانهين علاءُ الدين ڏي، ويندس آگري،

 

ڪٽڪ ڪارونڀار ڪري، اچي وٺندس راڄ پڻهم جو،

 

 

تڏهن دودي  پنهنجي اميرن کي چيو ته چنيسر هڪڙو ته منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ٻيو پيءُ اسان کي سنگت ڪري گڏي ويو آهي، سو رُسي ٿو وڃي. منهنجي مرضي آهي ته اوهان اُن کي پرچائي راڄ ڏيوس، ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ به نه پوي ۽ اسان ڀائرن ۾ فساد نه ٿئي. تڏهن اميرن وزيرن دودي کي جواب ڏنو ته:-

پيءُ پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ نه راند،
راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند،
پائي ڳچيءَ پاند، دودل تن مڃائيو،

 

پوءِ دائيءَ اچي سمورو حال چنيسر کي ٻڌايو ته دودي هيئن چيو ۽ تنهن کي اميرن هن طرح  چيو. تڏهن چنيسر سنبري هليو:-

چنيسر چت کنيو، پسان ڪهڙي پار،
اعليٰ علاوَالدين جي، ڪئن ڏسان درٻار،
دانهن ڏيئي ديس وٺان، هڻي تيز ترار،
جي ات اُگهي آر، ته ڇٽبو انهيءَ ڇوهه کان.

 

چنيسر هلندي هلندي جان اچي ته هڪڙو پريو مڙس ٻڪرار، پاڻ سمهيو پيو آهي ۽ سندس لڪڻ پاڻيهي پيو ٻڪرين پٺيان گهمي ۽ ترار ٻڪرار جي سر هيٺان رکي آهي. چنيسر سمجهيو ته جنهن جي لڪڻ ۾ هيتري حڪمت آهي، تنهن جي ترار ۾ ته اڃا وڌيڪ حڪمت هوندي. ڄاتائين ته اِها شيءِ پاڻ سان کڻي وڃان ته چڱو ٿي. اَڃا اِهو ويچار دل ۾ ڪيائين بس، ته ترار ٻڪرار جي اُگهاڙي ٿي چنيسر ڏانهن اَچڻ لڳي. تڏهن دانهن ڪري چيائين اي ٻڪرار جهل پنهنجي ترار کي. پوءِ هن اُتي تلوار کي جهٽ پائي جهليو چنيسر کي چيائين ته جوان تو ضرور ترار کي چورائڻ جو ارادو ڪيو هوندو، تڏهن ترار توتي ڪاهه ڪئي آهي، نه ته ٻي ڪنهن تي ڪاهه نه ڪندي آهي. چنيسر چيو ته سائين، بيشڪ اوهين حق ٿا چئو، پر هاڻي مهر ڪري منٿ مڃيو ۽ اِها ترار مون کي ڏيو. ٻڪراِر چيس ته تون آهين ڪير؟ چيائين آءٌ آهيان ڀونگر سومري جو پٽ. ٻڪرار چيس ته تون دودو آهين يا چنيسر، پر ضرور آهين ماءُ وارو چنيسر، دودو تخت کسي ويٺو آهي. چنيسر چيو ته سچ سائين آءٌ اُهو آهيان پر تون مون سان ڀلائي ڪري، مون کي ترار ڏي. ٻڪرار چيس چڱو ترار ڏيان ٿو، پر چئي ٿو ڇڏيانءِ ته جڏهن تون هتي موٽي ايندين، تڏهن هيءَ ترار مون وٽ پاڻهي موٽي  ايندي. پوءِ چنيسر ترار کڻي هليو. جڏهن دهلي جي ٻاهران آيو ته ڏسي ته دروازي تي هڪ راڪاس ويٺو آهي تنهن کان اندر وڃي نه سگهيو. ترار مياڻ مان ڪڍي کڻي ڦٽي ڪيائين. جنهن راِڪاس کي ماري پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. پوءِ چنيسر گهڙي ٿيو اندر، دهلي شهر ۾. وڃي ڪيائين سلام وزير جو. وزير دڙ دلاسو گهڻو ڪيس ۽ چيائينس ته بادشاهه سال ۾ هڪ دفعي جمعي جي ڏينهن شينهن جي شڪار تي چڙهندو آهي، اُهو ڏينهن هاڻي ويجهو آهي. آءٌ انهيءَ ڏينهن توکي بادشاهه جو سلام ڪرائيندس. چنيسر به ڏاڍو خوش ٿيو ته آءٌ آيو ته چڱي وقت تي آهيان، پوءِ به شال ڌڻي ڪو بادشاهه وٽان مهلت ڏيارينم. آيو اُهو جمعي جو ڏينهن، ٿي تياري ته اڄ مرندو شينهن. اُتي وزير ڪرايو چنيسر کي بادشاهه جو سلام. اُتي ڪيو چنيسر وزير سان ڪلام ته بادشاهه جو هيڏو ڪٽڪ وٺي چڙهيو آهي، سو شينهن هڪڙو آهي يا گهڻا. اسان جي ملڪ ۾ ته هڪ شينهن سان هڪ ماڻهو وڙهندو آهي. وزير بادشاهه کي چنيسر جي ڳالهه سمجهائي. تڏهن بادشاهه چنيسر  کي چيو ته تون وڙهندين. چنيسر هام هنئين. پوءِ جڏهن آيا ٻيلي جي ٻاهران، تڏهن چنيسر هٿيار ٻڌي گهڙيو ٻيلي ۾. تان شينهن  به ڪئي مـَـس ڪاهه. جيئن گجڪار ڪري چنيسر تي چنبو کنيائين، هن گسائي چنبو هنيس رنبو ۽ وڌائينس چيلهه ۾ ٻک، ڪيائينس پنهنجو بّــَّـکُ، پوءِ سند سـِـسي لڻي آڻي بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيائين. بادشاهه خوش ٿي چيس ته گهر چنيسر جيڪي گهرڻو اٿيئي. چنيسر هٿ ٻڌي، ادب سان عرض ڪيو:

چوري ماريائين چغلي، جيءَ ۾ خوش آياس،
اندر آڳ هياس، ته دودو پڳ کڻي ويو.

 

پوءِ چنيسر بادشاهه کي پنهنجو سڄو قصو ڪري ٻڌايو. چنيائينس ته:

پيءُ مرندي ڇڏيون، نــَـوَ سان نــَـوَ ڄڻيون،
مون ٿي آنديون تولي“، سي دودي سڀ جهليون،
مون اچي تو سليون، هاڻي جيڪا رضا راءُ جي.

 

تڏهن بادشاهه ڪاوڙجي چيو ته اُهو دودو ڪهڙي شيءِ آهي، جو هيڏو داءُ ٿو رکي ۽ ڪوچ جو حڪم ڏنائين:

نــَـو ڇليون ڏهه لک، چئي جئن چڙهن،
ڪي گهوٽيا گهوڙن تي، ڪي پنڌ پيادا ڪن،
تن مـَـٿي مٿو ناهه ڪو، عجب ڍار ڍرن،
پهريان جاتون هليا، پويان اُت لهن،
اڳيان اَچن پيئندا، پويان چڪ چٽن،
ڪارنهن سوُ قرنايون، نوَ سوُ نغارن،
ايڏا هــُـل هــُـلن، ته به دودو هليو ڪينڪي.

 

پوءِ جڏهن ٻڪرار وٽ آيا، تڏهن ترار ته پاڻهي ويئي هلي اُن وٽ، جڏهن آيو شهر روپاهه جي ٻاهران، اُتي هو ويرم بهار نالي فقير جو اوتارو، تنهن وٽ هــُـئا پنج سو فقير تنهن ٻڌو ته هيءَ لشڪر علاءُ الدين بادشاهه جو وڃي ٿو، دودي سومري تي چڙهي، تنهن چيو ته اسين ويٺا کائون، دودي جي ملڪ جو نمڪ ۽ اُن جي دشمنن کي ائين ڇڏي ڏينداسون ته اسان کي نمڪ حرام چوندا تنهن ڪري فقيرو جي پاڻ وٽ هٿيار ڪونهي ته وٺو ڏنڊن جو مارو ڪريون. پوءِ هو ڏنڊا کڻي ڪاهي پيا لشڪر ۾، تان جو وڙهندي وڙهندي سڀ فقير مري ويا. پوءِ بادشاهه جو لشڪر اَچي لٿو. سومرن ڏٺو ته بادشاهه کي نيٺ چنيسر آندو، تڏهن پنهنجي پاران چنيسر جي پٽ ننگر کي سوغات ڏيئي، بادشاهه ڏانهن وڪيل ڪري موڪليائين ته  وڃي بادشاهه کي عرض ڪر ته اسين اوٽ موٽ جو خرچ ڀري ٿا ڏيون، تون موٽي وڃ. ننگر اَچي بادشاهه کي سلام، سوغات سامهون رکيائين ۽ عرض گذارش ڪيائين. بادشاهه پڇيس ته ڪير آهين،چيائين قبلا نالو اٿم ننگر، پٽ آهيان چنيسر جو. تڏهن بادشاهه خوش ٿي چيو ته ، اوٽ موٽ جو خرچ معاف ڪيم. باقي راڄ چنيسر کي ڏيو. تڏهن چنيسر عرض ڪيو ته حضور جن سڀ معاف ڪيو، پر تڏهن به دودي جي ڀيڻ ٻاگهي جو سڱ بادشاهه سلامت کي وٺڻ گهرجي. تڏهن بادشاهه سلامت چيو ته اها ڳالهه برابر. ٻئي ڳالهيون توهان کي معاف، باقي اهو سڱ اسان کي ڏيو:-

ڀائر پرچو پاڻ ۾ ٻاگهي ڏيو مون
سڀ پهرايان سومرا، جهجهي ڏيان ڀون
هاڻي و هلو وڃي تون، سعيو ڪر سڱ جو.

 

تڏهن ننگر چيو جيئندا قبلا، اسين سومرا پنهنجي ذات وارن کان سوا”، ٻئي ڪنهن کي سڱ نه ڏيندا آهيون، جيڪو اسان کان ڌاريو ماڻهو سڱ گهري، سو اسان جي ترارن هيٺ اَچي. تڏهن بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ حڪم ڏنائين ته ننگر کي وٺو، نه ڇڏيو. پوءِ ته اَچي لڳي  جنگ، هڪڙي پاسي ننگر جو لشڪر ۽ ٻي پاسي بادشاهه جو:-

ننگر مغل پاڻ ۾، چڙهي ڏني چوٽ،
ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري، گهڻا ماريائون گهوٽ،
اڳتي ٿي اَموٽ، ننگر ماريو ماڳ ۾.

 

پوءِ چنيسر ننگر جو لاشو کٽ تي وجهي، روپاهه ڏي ڏياري موڪليو:

دڙي چڙهي دودڙو، ڪي جو بيٺو چوءِ،
پسو حال وڪيل، جو مڪو هوسون توءِ،
ڪويل بيٺي روءِ، ڏسي مڙهه مرد جو.

 

پوءِ لاش آندائون زنانه خاني ۾، پار ڪڍي پٽڪو پاتائون ڪويل دودي جي ڌيءُ جا ننگر سان شادي ٿيل هئي، تنهن کي لاشي سان ڦيرا ڏياري حق بخشايائون:

آڻي ٽارو کوڙيو، ٽاري ٽنور لڏن،
ننگر ساٺ ڪجن، ڙي ڏاڏي پوٽيون.

 

پوءِ علاءُ الدين بادشاهه، پنهنجو صوبو، نادر ملڪ نالي، دودي ڏي ڏياري موڪليو ته يا روز لک روپيا ڏي يا ته جنگ ڪر. تڏهن دودي پنهنجي اميرن وزيرن سان صلاح ڪئي. حيدر هالاڻي وزير چيس ته:-

حيدر هالاڻي چوي، ”اڳ نه پڇيئه پههُ،
پيڙا وڏي ڀاءُ جي گهر ويٺي سههُ،
ڇلي ڇلي آڻي، جئن رائي ۾ رههُ،
اسان علاءُ الدين پاڻ ۾ ٿيندو ترارن تئه،
هاڻي ڪر نه ڀئه، سورهيه ڏي سر سٽ ۾.“

 

ايتري  ۾ دودي جو يار، اِنهيءَ جنگ جي ڳالهه ٻڌي، عمرڪوٽ کان ست ويهون سوڍن جون ساڻ وٺي، سر ڏيڻ لاءِ اَ چي حاضر ٿيو، دودي کي چيائين ته “پهريائين آءٌ نادر ملڪ سان وڙهندس، پوءِ تون وڙهج.” دودي چيس، “ائين مناسب ته نه آهي، پر تون دوست آهين، جيڪا تنهنجي مرضي”. پوءِ هاسي چڙهي اَچي نادر ملڪ سان جنگ ڪئي، وڙهندي وڙهندي، هوڏانهن نادر ملڪ ڪريو، هيڏانهن هاسو. انهيءَ حال جي خبر بادشاهه ۽ دودي کي پيئي. انهيءَ مهل دودي جي زال، اندر محلات ۾ ٻاگهيءَ کي چيو ته ”اَدي سمجهين ٿي ته هيڏا خون ۽ جهيڙا ڇاڪاڻ پيا ٿين، جيڪڏهن هاڻي ئي ڀاڻهي تنهنجو سڱ ڏيڻ کڻي قبول ڪري، ته هوند جهيڙو جهٽ لهي پوي“. تڏهن ٻاگهيءَ دودي کي چيو:

ٻاگهي چئي، ”مون ڀائڙا، دودل ڳالهه سڻيج،
جتي ڏر ۽ ڏاکڙو، اُتي مون ڏئيج،
ويرم هڏ ڪئيج، متان پئي ڏولائو ڏيهه ۾.“

پوءِ دودي ڪچهريءَ ۾ اَچي، سومرا سڀ سڏائي، تن کان پڇيو ته “اڳي ڪڏهن سومرن پنهنجي ذات کان ٻاهر ڪو سڱ ڏنو آهي؟” تڏهن سومرن چيو ته“ اسان کي پوري خبر نه آهي، ڀاڳ نالي سومري کي سورهن پڙهين جي سـُـڌ آهي، تنهن کان پڪي خبر ملندي.  ڀاڳ هو جهور پريو مڙس، تنهن کي دودي ان  ڏولي موڪلي، گهرايو. ڀاڳ ورندي ڏني:

”ٽي دودا ٽي ڀينهه، طائي چار، حمير پنج ،
ڀلا ڀونگر شينهه، جنهن راڄ نه ڪچو ڀيٽيو.“

 

”خاوند مون کي سومرن جون سورهن پيڙهيون چڱيءَ طرح ياد آهن. اُنهن مان سڱ لاءِ نڪا ڪنهن تي اهڙي ڀيڙ آئي، جهڙي هاڻي، نڪو ڪنهن ڌارئين کي سڱ ڏنائون. باقي جيڪڏهن تون سڱ ڏيندين ته توتي ميار ڪانهي“. تڏهن دودي چيو ته ”منهنجي وڏن جڏهن سڱ ڪونه ڏنو آهي، تڏهن آءٌ به سر ڏيندس. پر ڀاڳ هاڻي ٻي ڳالهه آهي، اهڙو ڪو مڙس سجهيئي، جنهن وٽ لــڄ سام ڇڏيان!“ تڏهن ڀاڳ چيو ته:

”اَبڙاڻي اَبڙو، ســُـڄي ڪنڊ ڪٿان،
ڏئي منهن مهند ۾، سامهون سن منجهان،
تنهين جي اڳيان بيهي سگهي ڪونه ڪو،“

 

پوءِ دودي ڀاڳ کي چيو ته ”آءٌ توکي ابڙي جي نالي خط ٿو لکي ڏيان، ڏوليءَ ۾ چڙهي کڻي وڃ.“ ڀاڳ چيو ته ”قبلا، مون تنهنجي سورهن پيڙهين جو نمڪ کاڌو آهي، جي قـُـّت ۾ ساهه سگهه هجيم ها، ته هوند آءٌ به تنهنجي لشڪر سان گڏ سر ڏيان ها، پر هاڻي اِهو ڪم ڪيترو به هجي، آءٌ اکين سان ويندس“. پوءِ دودي جو خط، ڀاڳ، ابڙي ڏي کڻي ويو، چيائينس:

”اَبڙاڻيءَ جا ابڙا، توکي دودي ڏنا سلام،
وڙهان ويرين سامهون، جي تون سر جهلين خوشنام،
آهي تنهنجي سام، جي رکين امانت ابڙا!“

 

خط پڙهي ابڙي چيو ته:-

”سهتيون جي سومريون، سي ڀلي آڻج ڀاڳ،
راڻيون جي روپاهه جون، هي محل تن جا ماڳ،
هي سلامت پاڳ، ته سام نه ڏيندو ابڙو.“

 

پوءِ ڀاڳ دودي وٽ وري آيو، ۽ چيائينس ته ”ابڙو چوي ٿو ته تنهنجو ننگ سو منهنجو ننگ آهي. مڙس مرندي گهڙيءَ تائين سام نه ڇڏين، آءٌ توسان سڀ ڳالهه ۾ حاضر آهيان.“ تڏهن دودي حڪم ڏنو ته ”محلات خالي ڪري، سڀ لـڄ وٺي نيئي ابڙي جي سرن وجهه“. اتي شاعر ٿو چوي:

(1)

زري بخمل بافتا، گهر ڇڏيا سومرين،
پيرين اُگهاڙي پنڌ ۾، سمون ڄام پڇن،
تون پڻ مٿان تن، ڍالون ڏيئي ڍڪئين.

 

(2)

ويس جن جا سون جا، عاجاوان آرٽ،
سام وڃن ابڙي ڏي، ڇڏي ڇانو ۽ کٽ،
گهر، ماڙي ۽ پٽ، ساڙي هليون سومريون.

 

پوءِ سومرن پنهنجو قافلو اَبڙي جي شهر جي ٻاهران، باغ ۾ اَچي لاٿو. اَبڙي کي جا خبر پئي، ته سامــُـن جو قافلو باغ ۾ اچي لٿو آهي، سو پنهنجي سر باغ ۾ اَچي سومرين جي اڳيان ڪنڌنمائي بيٺو. تڏهن ٻاگهيءَ چيس ته

ٻاگهي چئي، ”مون ڀائڙا، کڻ مٿان مون ڳـچ،(1)
اسان ۽ تون وچ ۾، ناهي ابڙا ڪو وچُ،
کائي ڏٿ ۽ ڳچ، پلڪ گذاريون تو مڻي.“

 

(3)

وڏي سفر آئيون، ڍوليون ڍٽ ڍيلي،
متان ڀــُـلي ڪو ڀيلي، تن کي سو گهو رکج شير تون.

 

(4)

ٻاگهي چوي، ”مون ڀائڙا، ابڙا ڪج هئن ڪــَـنُ،
جنگ جوڙي پاڻ ۾، هــُـت ٿورن ۽ گهڻن،
ڀائين ستُ سرير ۾، ته راڻيون هت رهن،
جي وهارين ته وهن، جي مــُـڙين ته موٽن پوئتي.“

 

تڏهن ابڙي هٿ ٻڌي، وينتي ڪري چيو:

”ڀلا مون ڀاڳ ٿيا، جئن اديون اوهين آيون،
مٿي سر سهي ڪري، هن سورهيه سهايون،
ولايتن وايون، پونديون جهونجهارن جون.“

 

ٻاگهيءَ چيو ته:

”ڊڄي ڏيج مَ ابڙا، سومريون سلطان،
جي تو سام آئيون، وَرُ مارائين پاڻ،
مري ڇڏ جهان، ابڙا پاڻ ملهائيين .“

 

ابڙي چيو ته

”ساهه ڏنم سومرين، جي آيون منهنجي سام
آءٌ پڻ ڏيندس لام، ڪندس جنگ جــُـهد مون.“

 

پوءِ ابڙو سومرين کي اُتان هاٿين تي چاڙهي، محلاتن ۾ وٺي ويو، ۽ هر نعمت حاضر ڪري ڏنائين. دودي کي دلجاءِ چوائي موڪليائين ته ”مڙس ٿي جنگ ڪر، متان سنڌ لڄي ٿئي ۽ سومرن جو ناموس ناس ٿئي.

”دودي پڙ گهڙائيو، پنج سؤ جريبن،
ڪهاڙيا، ڪوڏاريا، کاهيون خوب کڻن“
وڃو اِئين چون، اڳيون علاءُ الدين جي.

 

جنگ لاءِ هڪڙو هٿيار جوڙايائين - هن طرح ته چاڪيءَ جي گهاڻي جي لوهه جي لٺ گهڙائي، تنهن جي منهن تي سوا مڻ شيهي جو برج جوڙائي، اِنهيءَ ۾ هڪڙي پاسي کان چار تراريون ۽ ٻئي پاسي کان ٽي تراريون لڳارايائين. اِها ساڻ کڻي اَچي جنگ جي ميدان ۾ بيٺو، ۽ لشڪر به ايترو گڏ ڪيائين، جنهن جو شمار ئي ڪونه هو. پوءِ جنگ شروع ٿي.

واچوڙي جئن وچڙي، گينور گوڙ ڪياءِ،
ڏهه لک ڏهن اڳرا، ماري خلق وڌاءِ،
سورهه سڀ ٿياءِ، ويري سڀ وڇڙي ويا.
ٻه ڇليون ماري ڪري، وڌ وڌائين وات،
پئي لڙهي لــُـوهوءَ ۾، لوٿ ڪــُـل ڪلات،
گهوٽ ڪري اُت گهات، دشمن سڀ دفعي ڪيا.

 

(4)

دودو سر نه ڏئي، سائر ٻنهي ڪنڌيين،
رڳو نهاريو هڻين، هول ڪنگولن وارئو.

 

تان جو دودو، وڏا ننڍا سپاهي ۽ عملدار ماريندو ماريندو، اَچي علاءُ الدين جي هنباريءَ کي ويجهو پيو. تڏهن بادشاهه پڇيو چنيسر کان ته ”هيءُ ڪير آهي، جو اچي هنباريءَ ۾ ڌڪ هنيو اٿس؟“ چنيسر چيو،”قبلا دودو اِهوآهي.“ تڏهن بادشاهه چيو ته ”سچ دودو اهڙو ديداري دلير آهي، جهڙيون تون ڳالهيون ٿي ڪيون!“ اهو پڙلاءِ وڃي دودي جي ڪن تي پيو، چيائين ” آهي ته سچ بادشاهه منهنجو دشمن، پر تڏهن به بيقدر نه آهي، جنهن هن وقت منهنجو انصاف ورتو آهي“.  پوءِ دودو پـُـٺ تي هٽيو،ته چنيسر بادشاهه کي چيو ته قبلا دودو جيت ڪيو ٿو وڃي. اِها ڳالهه ٺهي ته ڪين. تڏهن بادشاهه حڪم ڏنو ته ”متان ڇڏيو اٿوَ!“ پوءِ ته اچي وارو ٿيو، تنهن ۾ دودو دلير ته ماريو، پر سندس لشڪر به ڳچ مارجي ويو. باقي لشڪر ڀڄي ويو. چنيسر دودي جو مڙهه کٽ تي کڻائي تنبوءَ ۾ آيو، ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳو.

ست هٿيارا سومرا، مــُـئي تو ڪا ناهه،
سمن سوڍن وچ ۾، مــَـر مرڪي ماءُ سندياءِ،
ڏاڙهي ڏاڙهونءَ گل جيان، رَچي لال ٿياءِ،
هئين سپاهي راءُ، پيو آهين پڙ ۾.

 

 

بادشاهه جي ڪن تي، جو چنيسر جي روڄ جو پڙلاءُ پيو، تنهن سڏائي چيس:

”پهريائين پيئه نه چت تي، پوءِ ٿو ٿيئي ڏک،
دودو مارائي ڪري، ڪونه پسندين سـُـک،
تو جهڙو مورک، گانڊو گڏيم نه ڪٿهين.“

 

”هاڻي سگهو وڃ، گهڻو رُنين، نــَـو سؤُ نو ڄڻيون، جي اسان کي ڏيڻيون ڪيون اَٿيئي، سي آڻي حاضر ڪر! “ پوءِ چنيسر اُتان اُٿي هليو.

ڏونگر سڀ ڏهڪائيا، گينور ڪري گوڙ،
سومري سلطان کي نيئي پڄايان توڙ،
جوڙ ڏاتر جوڙ، تون آهين مالڪ ملڪ جو.

 

چنيسر اڃا روپاهه جي شهر ۾ پهتو، ته ڏسي ته مار! شهر ۾ نه لڀي پکي نه پکڻ، نه ماڻهو نه مرون، ڀڙ ڀينگ لڳي پيئي آهي. هڪڙو ماڻهو ملي ويس، پڇيائينس ته ”راڻيون ڪٿي آهن؟“ هــُـن چيس ته ”اُهي دودو پاڻ، اَبڙي وٽ ڇڏي ويوآهي.“ پوءِ چنيسر اَچي بادشاهه کي اِهو ٻڌايو. بادشاهه ابڙي ڏي فرمان لکيو ته ”تون اسان جو دوست آهين، اسان جي جنگ هئي دودي سان، سو ماريو. جيت اسان جي. هن سومري جيڪي تو وٽ سام ڇڏيون آهن،سي اسان ڏي روانيون ڪر ته اسين توکي ملتان ۽ ماٿيلي جا پرڳڻا به ڏينداسون ۽ دوست به سمجهنداسون“ اِهو خط جڏهن ابڙي کي پهتو، تڏهن ابڙي اُنهيءَ جو جواب لکائي موڪليو.

”ماٿيلو ۽ ملتان، نه نيباهو ڀائيان،
توکي ڏيندي سومريون، آءٌ ٿو لــڄ مران،
جي جيئري آءٌ ڏيان، ته ڪر لڄايان پنهنجو.“

 

 

 

(2)

”اِهو ڪٽڪ ٿورڙو، گهڻو جيءُ گـُـهري،
سدائين سنسار ويهبو ڪين ويڙهي،
هرگز هيءُ نه ڦيري، سام پنهنجي مغلين.“

 

جيڪو خط جو جواب بادشاهه ڏي کڻي ويو، اُن سان هي به نياپو بادشاهه ڏي چوائي موڪليائن:

”راڻيون راءُ نه ڏئي، وڃي چؤ سلطان کي،
سمون سرَ مٿي، جهلي بيٺو جهڳڙو.“

 

پوءِ ابڙي پنهنجي پٽ ممٽ کي جنگ لاءِ سنبرايو. بادشاهه به خط جو جواب ڏسي، قصري ڪيهر شينهن وانگر ڪاوڙجي ڪاهه ڪري آيو. اچي لڳي جنگ، ٻنهي طرفن جي لشڪر وڏو مارو ڪيو. بادشاهه جي لشڪر ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. اچي بادشاهه کي رپورٽ ڪيائون:

”تون پڻ ترڪ ترار، هوڏانهن مانجهي ممٽ پٽ ابڙي،
جئن ڳاهجي ڳاهه ۾، ڪاني ڪڻڪون ڌار،
وڃي آرون پار، خوني خنجر اُن جو.“

 

تنهن تي بادشاهه حيران ٿي ويو ته هاڻي جي ابڙي جي جيت ٿي، ته ڏاڍي خواري ٿيندي. ڇا آءٌ دهليءَ جو بادشاهه، ڇا هيءُ ابڙو سنڌ جو صوبو؟ تڏهن مون سومرا ماري ڇا ڪيو! پوءِ  ترار کڻي اُڇلايائين، ۽ چيائين ته آهي ڪو اِهڙو مڙس، جو هن وير ترار کڻي! اڳين بادشاهن جو اِهو دستور هوندو هو، جو ڏکيءَ ويل، ترار کڻي سامهون اُڇلائيندا هئا. پوءِ جيڪو سردار اِها ترار کڻندو هو، تنهن کي سڀ لشڪر جو مهندار ڪري، جنگ تي موڪليندا هئا. پر هن مهل ڪنهن اها ترار نه کنئين. ڇو جو بادشاهه جي سڀني صوبن  جي دل لهي وئي هئي. پڪ  ڄمي وئي هين ته ابڙي کي جيتڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

تيرهن ڏينهن ترار، پئي رهي پڙ ۾،
دانهه سڀ دهليا، اچي ڪونه دربار،
پوءِ سيد سالار، چمي کنئي چاهه ما.

 

جڏهن ترار سيد سالار کنئي، تڏهن بادشاهه کي پيٽ ۾ ساهه پيو. طرح طرح جا انعام ۽ اڪرام سيد سالار کي ڏيئي ۽ پٺي ٺپري، وڏو لشڪر ڏيئي، جنگ لاءِ موڪليائين. هوڏانهن ابڙي جو ڀائٽيو سپڙ نالي سنبري آيو.

سنئين سانجهيءَ وار، چلي آيا چوگان ۾،
ڏيئي منهن ماڻهن کي، ڪيائون مارومار،
سپڙ ۽ سالار، پورت ڪئي پاڻ ۾.

 

اُها جنگ نه ٿي، پر جنگاهه ٿيو. رت جون نديون وهي هليون. ڪوس اهڙو ٿيو، جو آسمان به ڳاڙهو ٿي ويو. اهڙي خبر ڪانه پئي ته ماڻهو پيا مارجن، يا ٻڪر پيا ڪسجن. نه بچيو ڪو هڪڙو نالي کي، جو کڻي خبر ڏي ته ڇا هليو ڇا چليو. لاچار بادشاهه پاڻ پنهنجي سر چڙهيو. پهريائين پهريائين اچي ٺٽ نالي ڳوٺ ۾ ڦر ڪرايائين.

ايندي ٺٽ هنيائين، ڏمر چڙهيو کي شاهه،
چارڻ ائين چيائين، ته وڃي چاڙهيو اَبڙو.

 

اَبڙي کي چوائي موڪليائين ته ”هاڻي تنهنجي ۽ منهنجي سران سر بازي آهي. نڪر، اُچ ٻاهر.“ پر اَڃا اَبڙي جنگ جي تياري پئي ڪئي، ته ابڙي جا سرحدي حاڪم جاڙيجا سنبري آيا، ۽  اَچي ابڙي جي پاران بادشاهه جي لشڪر کي منهن ڏنائون. اُهي به وڙهندي وڙهندي مارجي ويا. جڏهن اَبڙي کي اُنهن جي مارجي وڃڻ جي خبر پئي، تڏهن چيائين ته:

”جاڙيجا تون ڪير، ڪي ويري ڪي واهرو،
کــُـه دلن جي مائٽي، مـَـرُ مغلن جو وير،
هاڻي پري ڪريو م پير، ڪاهي پئو ڪٽڪ ۾.

 

پوءِ ابڙو جنگ جي پوري تياري ڪري ويو سومرين کان موڪلائڻ. تن سندس هڪ هڪ وار ۾ موتي ۽ ياقوت پوتا. تڏهن ابڙي چين ته ”جيئن هيترا گهڻا مئا آهن، تيئن مرندس آءٌ به جائي- اِنهيءَ ۾ شڪ ذري جو به ڪونهي، پر آءٌ اوهان سان انجام ٿو ڪري وڃان، ته وري به ساهه اچي اوهان وٽ ڏيندس.“ اِئين چئي، پوءِ دودي جو جوڙايل ستن ترارن وارو هٿيار، جنهن جو نالو ”ٽهانگ“ هو، سو کڻي، الله سائينءَ جو آسرو ڪري، اُٿي هليو ۽ وڃي گهوڙي تي چڙهيو.

نيلي گهوڙي ابڙي، ماڃو ٿي ممٺ،
جن جي جنسار سان ماڻهو ٿئي ته مٽ،
ڪري سڀني کي چٽ، سامن مٿي سر ڏئي.

 

پوءِ جڏهن ابڙو ۽ ممٽ پئي پيءُ پٽ ميدان ۾ پهتا، تڏهن جنگ شروع ٿي ۽ گولن جا وسڪارا ٿيا.

سج نه ڪري سوجهرو، ڌان ڌان ڌوڌڪار،
اُتي اَبڙو اِئين وڙهي، جئن پاڻي ٻوڙي تار،
تتي بيٺو ابڙو، لهي سڀن جي سار،
ٻاگهي ڪوٽ برج تان، نرتئون ڪري نهار،
ٻانهيءَ چيس ”ڙي ٻار، متان ڪي من لوڏئين.“

 

تان جو ابڙي جو پٽ ممٽ مارجي ويو. جڏهن اِها خبر ٻاڳهيءَ کي پهتي، تڏهن پار ڪڍي روئڻ لڳي:

”ممٽ منهنجا ڀائڙا، مون ڀانيو هڏ نه ايئن،
تون ويندين هليو تيئن، دودو ويو جيئن،
هاڻي ڪنديس ڪيئن، دلبر ناهي ديس ۾.“

 

تڏهن ابڙي کي پڪ ٿي ته هاڻي موت اَچي ويجهو پيو آهي. پوءِ نڪري نروار ٿي بيٺو.

اڙ جهلي اَبڙي نوَ ويهون، ڏهه لک،
گهوڙي ڪنڌ ورائيو، ماري گهڻي خلق،
پوءِ ٿي اَبڙي کي پڪ، ته هاڻ جيئڻ ناهه ڪو.

 

تان جو اَبڙو زخمي ٿيو. پوءِ دل ۾ چيائين ته هاڻي ساهه هلي سومرين وٽ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته منهنجو اُنهن سان انجام ڪيل آهي ته ساهه اَچي اوهان وٽ ڏيندس. پوءِ پاڻ ڪوٽ ۾ لٿو، ۽ سومرين کي سڏائي چيائين.

”آچو اديون سومريون، ڪريو الله توهار،
پردو رکندوَ پاڪ ڌڻي جو آهي رب ستار،“
پوءِ روئي زارو زار، ڪيائون موڪلاڻي پاڻ ۾.

 

پوءِ سومرين اَبڙي سان موڪلاڻي ڪري ڏٺو ته هاڻي ڪوئي ڪونه رهيوسين. پوءِ هٿ کڻي ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ سوال ڪيائون ته ”اسان جو پردو رک!“ مالڪ مهربان سندن عرض اُنايو، ۽ ڌرتي ڦاٽي جاءِ ڏنين، ۽ اُنهيءَ ۾ گهڙي ويون.

سيل نه ڀڳو ستيين، پيهي ويون در،
رهيو پردو تن جو واحد ڪين ور،
ٿين ڪارج سر، ملين جاءِ جنت ۾.

 

پوءِ بادشاهه حڪم ڏنو ته ”ابڙي جو سر ڪپي اچو.“ جڏهن سر ڪپڻ لاءِ ڪوٽ ۾ آيا، تڏهن به اڃا اَبڙي کي ٿورو ساهه هو، تنهن جهٽ پائي، ٽهانگ هٿيار ۾ هٿ وڌو، ته سپاهي پٺ تي ڀڳا ۽ وڃي بادشاهه کي چيائون ته ”قبلا، اَڃا ته ابڙو حيات آهي!“ بادشاهه ڪاوڙجي حڪم ڏنو ته ”وري وڃو ۽ ابڙي جو سر ڪپي اچو، ۽ سومرين کي به وٺي اچو.“ اَڃا بادشاهه جو لشڪر ڪوٽ ۾ آيو ته سومرين جي ٻانهين ۽ داين  وٺي دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون. تنهن تي ابڙي جو ننڍو پٽ ڏونگر، جو ننڍ ۾ ستل هو، سو جاڳيو، تنهن کي چيائون ته “پڻهين مري ويو آهي ۽ بادشاهه جو لشڪر وري ٿو اَچي سندس سر ڪپڻ.“ تڏهن اُنهيءَ ٽپ ڏيئي ترار ۾ هٿ وڌو ۽ چيائين ته ”آءٌ پنهنجي جيئري، پيءُ جي سسي ڪپڻ ڏيندس ڇا؟“ پوءِ لشڪر وري وڃي اها ڳالهه بادشاهه کي ٻڌائي ته ”قبلا ڏونگر راءِ آهي ٻالڪ، تنهن کي مارڻ مناسب نه آهي. حضور هڪ دفعو اُن کي گهرائي ڏسي ته سهي.“ بادشاهه پالڪيءَ  ۾ اُن کي گهرائي، پيار ڪري، کڻي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريو، ۽ چيائين ته ”سورهين جا پٽ به سورهيه، پر اَبڙي جو سر ڪپي اَچو ته ڏسان ته اُهو ڪهڙو سورهيه آهي، جنهن سامن تي سر ڏنو آهي.“ پوءِ اَبڙي جو سر ڪپي، ڀالي ۾ وجهي کڻي آيا، تڏهن بادشاهه سر کي سامهون چيو ته

”اوچو اُڀ سڀ ڪنهين، اُڀ نه اوچو ڪوءِ،
مئي به مٿي ٿيو ابڙا، بيشڪ سر سندوءِ،
شابس توکي هوءِ، جو سام نه ڏنيئه هڏهين.“

 

پوءِ بادشاهه اڌ راڄ ڏنو ڏونگر راءِ کي، تڏهن چنيسر چيو ته ”مون هيڏا ڏاکڙا ڪيا، ته به راڄ مليو هن کي!“ تنهن به ڏاڍي جنگ ڪئي، تان جو بادشاهه به وڃي ستن سوارن سان بچيو، ۽ چنيسر به ماريو ويو. پوءِ بادشاهه، ڏونگر کي تخت تي ويهاري پاڻ وري ويو دهليءَ ڏي. رستي ۾ جڏهن ميرپورماٿيلي وٽ آيو. تڏهن دل ۾ خيال پيس ته دهليءَ مان وٺي نڪتس هيڏو لشڪر، هاڻي اتي ستن سوارن سان موٽي وڃڻ بهتر نه آهي، سو اتي لهي پيو. اُتي پنهنجي قبر لاءِ قبو جوڙايائين. پوءِ گوري کائي  پاڻ ماري وڌائين ، ۽ اُهو نالو اڄ ڏينهن تائين هلندو ٿو اَچي ته “علاءُ الدين واري گوري”. ست سوار کيس اُتي دفن ڪري مجاور ٿي ويٺا.

(1)

ڪيڏي قصدون اُٿيو، پلئه پيس ڇا پاند،
 علاءُ الدين هلائيا، لشڪر لک هيڪاند،
تڪڙ ڪيائين تڪبر مان ويس مڙئي وڙواند،
خوف رکيائين نه خدا جو، راجا ڀانئين راند،
جي ڪري ها کانڌ، ته موٽي ها مقصود سان.

 

(2)

موٽندو مقصود سان، جنهن جو سائينءَ کي آهي سڏ،
عقل ايندس اوڏڙو، توڻي هوندو نسورو ڏڏ،
تنهن سان صاحب هوندو گڏ، حاضر ناظر هر گهڙي.

 

-------


(1) ڳچُ: گردن ڪنڌ، ڳــَـچُ: مانيءَ جو ٽڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org