وصيت نامو
امام غزالي
وصيت نامو امام غزالي
يا الاهي تنهنجي هر وصف جمال
”ڪــُـن“ جي ٻن حرفن کان ٿي عالم عيان
اي خداي دو جهان تنهنجو جهان
زير سايه لاجوردي هي زمين
هي ستارا،ماهتاب و آفتاب
ابن آدم جي شرف کان خاڪ کي
فخر آ هن خاڪ کي ادراڪ تي |
ٿي ادا منهنجي تڪلم(1)
کان محال
دور تر فهم بشر کان هي بيان
تنهنجي قدرت جو عجب آهي نشان
خاتـِـم قدرت جي آ، زيبا نگين
تنهنجي دنيا جو عجائب آب و تاب
رتبه عالي مليو افلاڪ تي
سوز و عـِـرفان، سينهُ صد چاڪ تي |
آ عيان هر چيز کان تنهنجي نمود
ٿو ٺهي تنهنجي ئي هستيءَ کي سجود
حمد کان پوءِ نعت آهي لازمي
نانءُ پاڪيزه محمد مصطفيٰ
سرورِ عالم محمد شاهه دين
ٿو پڙهي جنهن جي مٿان صلواة حق
آ سزاوار اُن کي تاج سروري
جنهن جي اشهد سان ٿيو شق القمر |
قلب مومن لاءِ برڪت، تازگي
فخرِ آدم پيشواي اَنبيا
جنهن جو روشن درجهان دين مبين جنهن جي سارهه
ٿو ڪري خود ذات حق
زيب اُن جو خلعتِ پيغمبري
آسمانن جي مٿان جنهن جو گذر |
جنهن کان ٿي توحيد هر جا آشڪار
”خادما“ پڙهه اُن تي صلواتون هزار
آغاز ڪتاب
(1)طوس
تي رحمت خدا جي بيشمار
اُو امامِ عارفان و سالڪان
حڪمت يونان جنهن کان داغدار
ٿو لکي هڪ هنڌ فخرِ روزگار |
جنهن ڪيو پيدا غزالي نامدار
مقتدا ۽ رهبرِ اهلِ جهان
دين جي تجديد ٿي نو آشڪار
رحمتون اُن تي ڪري پروردگار. |
امام غزالي( 1058ع - 1111ع) جو سڄو نالو امام ابو
حامد، محمد بن محمد آهي، ”حجـة الاسلام“ سندس لقب
آهي، جو سندس معاصرين کيس ڏنو هو. طوس جي ٻهراڙيءَ
جي هڪ ننڍي ڳوٺ غزاليه ۾ تولد ٿيو، جنهن ڪري امام
غزاليءَ جي سادي نالي سان اسلامي دنيا ۾ مشهور
ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت نيشاپور جي مشهور اُستاد
امام الحرمين ابوالمعالي جويني جي درسگاهه ۾ ٿي.
ننڍڙيءَ ڄمار ۾ علوم منقول ۽ معقول تي دسترس حاصل
ڪري ورتائين. اُستاد جي سامهون تعليم ڏيڻ شروع
ڪيائين ۽ جلد ئي مشهور اُستادن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
جيستائين سندس اُستاد جيئرو رهيو، ان جي خدمت کان
جدا نه ٿيو. اُستاد جي وفات کان پوءِ هو نيشاپور
کان عسڪر جي شهر ۾ آيو، جتي سندس ملاقات سلطان ملڪ
شاهه سلجوقيءَ جي مشهور وزير نظام الملڪ سان ٿي.
وزير موصوف سندس علم ۽ فصل جو بيحد معترف ٿيو ۽
کيس نظاميه ڪاليج بغداد ۾ پروفيسر مقرر ڪري
رکيائين. اوچتو سڀ ڪجهه ڇڏي. حج تي روانو ٿي ويو،
جتان دمشق، بيت المقدس ۽ اسڪندريه پهتو، واٽ تي
جهنگلن ۽ بيابانن ۾ بيحد رياضتون ۽ مشقتون
ڪڍيائين. پنهنجي حياتيءَ جو پويون وقت پنهنجي وطن
طوس ۾ گذاري سنه 1111ع ۾ وفات ڪري ويو.
دين جي عالم پڇيو اُن کان سوال
علم جا دفتر پڙهيم ڪيئي جناب
ڪين ٿي حاصل مون کي راهه صواب(1)
ڏس ڏيو، مون کي به اي روشن ضمير(2)
آ تصوف ۽ توڪل چيز ڇا؟
ماحصل(3)
حاصل ٿئي هي مختصر |
سودمند آ، منهنجي لئه ڪهڙو خيال
پر حقيقت تي ڏٺم ساڳو نقاب
جا ڪري اندر ۾ پيدا انقلاب
بند شيطان ۾ نه ٿي دل جئن اسير
پير جي ڪهڙي سڃاڻ آ باصفا؟
ٿي هدايت جي نظر، صاحب نظر. |
خاتمو بالخير تان منهنجو ٿئي
جاوصيت قلب کي روشن ڪري
جواب
هي ٻڌي اُن عارفِ عالي مقام
سڀ نصائح(5) آ، حديثن ۾ رقم
اُو نصيحت نامهء خيرالورا
اُن نصائح تي نه ٿيو تنهنجو گذر
آهي هي آثار قهرِ ڪبريا
دم گهڙي غافل جو طاقت کان رهي
عمر جا جنهن جا ويا چاليهه سال
واءِ سا حسرت ڀري آ زندگي
اُن جي لئه تيار آ نار سقر
اهل دنيا لاءِ ڪافي هي وعيد
وعظ جو بيهي ٻڌڻ آ خوشگوار
دل ۾ جنهن جي آهه هميشه شوق جاه
علم جو طالب ٿو ڄاڻي آ نجات
فلسفي دانا جو آهي اعتقاد
بي عمل جي علم کان حجت قوي
جو نه واقف پنهنجي زيان و سود کان
آ عمل تي ئي منحصر علم دين
پاڻ فرمايو آ فخرِ دو جهان
روز محشر اُن جي طالب تي عذاب
هن طرح مون هيءَ حڪايت آ ٻڌي |
هئن ڪيو اُت سلسلهء حسنِ ڪلام(4)
اُن کان بهتر پند دنيا ۾ عدم
پڙهه ته ٿي تنهنجي مڙئي حاجت روا
پوءِ سڀ تحصيل علمي(6) بي اثر
جو وٺي بندو رههِ حرص و هوا
دور سو خالق جي رحمت کان رهي
ٿي سندس نيڪي بديءَ کان پائمال
زندگي بي بندگي شرمندگي
آ ڏني صادق خبر خير البشر
موت کان پوءِ آ گرفت ۽ باز ديد
پر عمل اُن تي ڪري ڪو نيڪ ڪار
دور تنهن کان دائما قربِ الله
منحصر تحصيل علمِ ڪائنات
علم منطق آ فقط زادِ معاد
پر فضول آهي سندس سڀ رهروي
دور آهي منزل و مقصود کان
ريءَ عمل جي علم مارِ آستين
علم لا حاصل پڙهڻ آ رائگان
آ فقيـه بي عمل تي سؤ عتاب
جنهن جي اندر آ سرورِ سرمدي |
حڪايت
ٿي رهيو بغڊاد ۾ صوفي عبيد
خواب ۾ اُن کي نظر آيو جنيد
هئن پڇيس صوفيءَ ته ڏس اي باخدا
قبر ۾ گذري ڀلا ڇا ماجرا
چيائين طاعات(1)
و عبارات(2)
فصيح
رد ٿيا سڀ منهنجا عمالِ صريح
ظلمتِ شب(1)
جون مگر رڪعات چند
ٿي ويون مقبول درگاهـِـ بلند
اُن عمل تي ٿيو مٿم راضي خدا
ٿي ويو دروازهء فردوس وا(2)
علم و دولت غير فاني لا زوال
آ حڪيم و فلسفيءَ جي لاءِ فڪر
بي عمل عالم جو هي سادو مثال
جهنگ ۾ ٿيو ڪنهن سپاهيءَ جو گذر
شينهن تي پئي اوچتو ان جي نظر
پر ڪري همت کڻي تلوار کي
جي نه اُو همت ڪري ها شيردل
ڪار زار(6)
ڪفر و دين ۾ بي عمل
.. |
پر عمل ري، آهه ناقص ۽ وبال(3)
پرخدا وارن جي لئه آ فڪر و ذڪر
جنهن کي سمجهي ڪو سگهي صاحب ڪمال
چيلهه ۾ اُن ساڻ هو تيغ و تبر
گرچه هيبت کان ٿيو زير و زبر
شير جي آماده(4)
ٿيو پيڪار تي
اُن جي تيغ ۽ تير ٿي ها بي اصل(5)
فهم ديني ريب ۽ مڪر و دغل
. |
ٻڌ ٻيو آسان تر آهي مثال
جو عمل کي ڏي بلندي ۽ ڪمال
مثال
ماهر حــِـڪمت طبيبِ نامدار
شربت صندل ۽ سرڪه انگبين
پر نه جي نسخي کي ڪم آڻي طبيب
مختصر هيءَ علتِ عصيان(1)
بد
جيستائين ٿي نه ٿو عملِ حـَـسن
سعي سان ئي ٿو ٿئي حاصل ڪمال
صاف آ قرآن ۾ حڪمِ خدا
جي گهرين ٿو تون لقاي ڪبريا
راسخ الايمان طاعت تي مقيم
آهه فرمايو شفيع المذنبين
پهريون تصديق توحيد خدا
ٿيوآهي تعليم احڪام صلواهِ
حج بيت الله جو پنجون سـِـوا |
مبتلاي تپ ٿئي جي هوشيار
آشِ جــَـو ڄاڻي ٿو صحت جو معين
ڪين صحت ۽ شفا ماڻي طبيب
ٿي نه زائل بي عباداتِ جسد
نور حق دل ۾ نه ٿي جلوه فگن
مزد بي محنت نه ٿي هرگز حلال
لــَـيس ل الا نسا اِلاَ ماسـَـعيٰ
بڻجي وڃ مجموعهء صدق و صفا
اُن جي لئه انعام ۾ جنت نعيم
پنج ڪــُـل ارڪان دينِ مومنين
اُن بعد تصديق ختمِ انبيا
ٽيون آهي روزو ۽ چوٿون آ زڪواهِ
جنهن کي ڏي دولت خدا آڻي بجا |
حڪايت
قوم اسرائيل جو هو هڪ پيشوا
نورين کي رشڪ هو اُن جي مٿان
امتحان ۾ پيو سندس حسنِ عمل
هڪ فرشتو جلد تر اُن ڏانهن وڃي
هي ٻڌي هڪڙو فرشتو ٿيو تيار
هئن چيو اُن کي فرشتي رنج مان
تنهنجي طاعت ٿي نه منظورِ خدا |
هو گهڻو مقبول درگاهه خدا
ٿي رکيائون اُن جي طاعت ۾ گمان
حڪم ڪيو هئن بادشاهِ لم يزل
جنهن طرح اُن کي وڻي شبهو ڀڃي
تيز پهتو اُت وڃي اُو نامدار
دوزخي آهين نه ڪر طاعت ميان
آ مليو دوزخ توکي جنت بجا |
هئن چيو درويش اي عالي مقام
دوزخ و جنت جو هت ڪهڙو ڪلام
نيم شب جي اشڪ(1)
شوئي ۽ نماز
هي سڄو ئي سوزِ دل آهي نه ساز
فرض آ بندي تي اُن جي بندگي
جئن نه ٿي اُن جي اڳيان شرمندگي
ٿي ويو آخر فرشتو لاجواب
هي گمان آلوده ساڳو آ بشر
بي نياز آهي سزا جي خوف کان
آ عمل اُن جو صداقت تي رکيل |
اُتِ ڪيو خالق فرشتن کي خطاب
رشڪ ٿي آندو اوهان جنهن تي مگر
نا وري انعام جي لالـچ عيان
ناهه دوزخ يا ڪ جنت تي رکيل |
هي اُهو پاڪيزو آ محڪم يقين
جنهن جو آ انعام فردوسِ برين
بي عمل جو عمل آ سوداي خام(1)
پاڻ فرمايو آ هئن خيرالانام
جي تون بنجڻ ٿو گهرين عالي مقام
خير و شر اعمال جو هر روز تور
آهه فرمايو حسن بصري امام(2)
آهه هڪ ڪامل جو هي قولِ اجل
اُن جي معنيٰ کي نه وٺ ترڪِ عمل
خواهشِ جنت رکي ڪئن بي نـُـوا
هندسه،(5)هيئت، نجوم و نحو وصرف
جي ڪرين اوقات ٿو اُن ۾ خراب
جسم انساني(6)
قفس هاي طيور
جي تون آهين مرغ پروازِ بلند
جيڪڏهن هت تون رهين مثل دواب(8)
ڪر سمند نفس(9) کي محنت سان رام
آ عبادت جي هيءَ معنيٰ بي خبر
قول و فعلِ مصطفيٰ، امرونهي(1)
جي نه آ طاعت بفرمانِ مجاز
شرع جي احڪام جو هي احترام
وقت مڪروهات ۾ ڪٿ ٿي نماز
ٿي سچي طاعت سدائي او شمار
ورنه چاهي روزو آ، چاهي نماز
اُمت سابق جا اعمالِ قديم |
فخر ناجائز جو هر دم آ غلام
جنهن تي صلواتون هزارين ۽ سلام
ڪر حساب نفس دنيا ۾ تمام
ذڪر خالق م سدائي دل کي چور
خواهش جنت آ، بي طاعت حرام
آهه حقيقت ترڪ پندارِ عمل(3)
حق شناسيءَ ۾ سدا رهه مشتغل(4)
بي رياضات و عبادات خدا
سڀ سراپا تابعِ الفاظ و حرف
اُتِ قيامت ۾ وڏو ٿيندءِ عذاب
يا به شڪلِ اصطبل بهرِ ستور
آشيان تنهنجو آ عرشِ حق پسند(7)
اصطبل تنهنجو آهه دوزخ ۽ عذاب
همت عاليءَ سان ڪر منزل تمام
پيروي شارع(10) جي ڪر تون سربسر
هي سڀيئي آ عبادت آگهي
آهه عصيان جي هجي روزو نماز
عيد جو روزو مسلمان تي حرام
خاص ان کان ڇو ڪجي ٿو احتراز
جا رکي شارع جي حڪمن تي مدار
سڀ خلاف شرعِ آهن حرص و آز(2)
اُن ڪري سڀ رد ٿيا بي ترس و بيم(3) |
اُن علومِ ظاهريءَ جي طلسمات
آ ڏسڻ جي چيز - پر آ بي ثبات
شهرت و حرص و هوا کي تون ڇڏي
(4) آ عمل درڪار بي گفت و شيند
تان ٿئي مغلوب هي نفسِ شرير
آ، زيان مطلق دلِ - شهوت پرست
اُن جي خواهش حوسدا ڪر سد باب
نفس جي گمراهين جو داستان
خوف رک اُن جي زيان جو روزو شب
ذوق جون ڳالهيون لکڻ ۾ ڪٿ اچن
تلخ و شيرين جو مزو اُن کي اچي |
ريءَ خدا جي ڳالهه ٻيءَ ڏي ڪـُـن نه ڏي
شوق سان هڻ نعره هل من مزيد
دل ٿئي انوار(5)
حق کان مستنير
خيره سر(6)
ٿي نفس ڏاڍو پيل مست
تان ٿئي تنهنجي حياتي ڪامياب
ابنِ آدم کان ڪٿي آهي نهان
تان رهي توکان پري رنج و تعب
تن کي
سمجهيو ٿي عمل سان ئي سچن
جو شرابِ علم و عرفان کي چکي |
امر ذوقي ڪين آهي علم و فن
جنهن کي سمجهي هر ڪوئي صاحب سخن
ضروريات سالڪ
سالڪِ راههِ خدا کي آ ضرور
ٻيو مٿس لازم آهي توبهء نصوح(1)
ماسوا آهي مٿس حق العباد
حڪم شارع جو رکي هر دم خيال
علمِ باطل ٿورڙو ئي آ ڪمال
حضرت شبلي امام اوليا(3)
چار سؤ اُستاد جي ڪئين اقتدا(4)
چار سؤ اُستاد کان چاليهه سو
اُن حديثن مان ڪڍيائين اختصار
هڪ فقط چونڊي ڪيائين اختصار(5)
علم جنهن ۾ اولين و آخرين |
اعتقادِ پاڪ هر بدعت کان دور
تان نه ٿي زلات کان رد فتوح
جمله عالم کي رکي خوشنود شاد
ترڪ اُن جو آ خسارو ۽ و بال
شل ڏئي پنهنجي حصي ۾ ذوالجلال
رحمتون ان تي ڪري هر دم خدا
درس ۾ شامل رهيو صبح ماسوا(2)
ٿيو سکي ڪامل حديثون نوبنو
ڪين آ درڪار علمِ بي شمار
جنهن تي هو دل جي صفائيءَ جو مدار
هو سمايل صدق، ايمان و يقين |
مختصر مطلب آ، اُن جو تا قيام
توشه عقبيٰ(6) کي حاصل ڪر مدام
حسب حاجت(1)
ڪر عمل بهرِ ڪريم
ڪار دوزخ ڪر وڻيئي ٿو جي جحيم
مرشد ۽ مريد
زيب مسند فقر جو يعني شقيق(2)
هو سندس حاتم(3)
مريدِ با صفا
شيخ کانئس هئن پڇيو اي غمگسار
با ادب حاتم چيو ٽيٽيهه سال
آبديده شيخ ٿي اُن کان پڇيو
هٿ ٻڌي حاتم چيو اي رهنما
پر ٿيا حاصل مون کي صاحب نظر
شيخ حاتم جي وراڻيءَ تي چيو
ڪر بيان اُن فائدن جو صاف صاف
عرض ڪيو حاتم ته اي دلڪش نديم
وقت جا ساٿي بڻائن غمگسار
موت کان پر، پوءِ سڀ خواب خيال
مون ڪيو آ خير کي مونس شفيق |
جو گروههِ اوليا ۾ هو صديق
جو صفوت، فقر جو هو پيشوا
منهنجي صحبت ۾ رهڻ جو ڪر شمار
شڪر ٿيو صحبت ۾ گذريا حسب حال
منهنجي صحبت مان توکي ڇا پڙپيو
گرچه تنهنجو فيض آ لااختيار
فقر جي نڪتن منجهان اٺ مختصر
رائگان تو عمر پنهنجيءَ کي ڪيو
تاڪ ٿي تنهنجي خطا يڪسر معاف
اهل دنيا جو آهي شيوه قديم
پر اُهي ڪي تاصحت ڪي مرگ يار
قبر جو ساٿي نه اَجــُـز ذوالجلال
تار و تيره(4)
قبر جو روشن رفيق |
احسنت(1)
سان شيخ حاتم کي چيو
جلد چئو نڪتو ڀلا ڪهڙو ٻيو
نڪتو 2
هٿ ٻڌي حاتم چيو اي رهنما
اهل دنيا جمله با شوقِ مزيد
مشورو مون آ ڪيو قرآن سان
جو خدا جي خوف کان خواهش ڇڏي
اُن مٿي راضي رهي هر دم خدا
نفس کي پنهنجي ڪيم فرمان پذير |
آهه اُن نڪتي جو مطلب برملا(2)
نفس اَز و حرص جا آهن مريد
حڪم ناطق(3)
هي مليو فرقان کان
نفس جي ناموس ڏي جو ڪن نه ڏي
آ مقام اُن جو گهڻو برتر عــُـلا
طاعتِ حق ۾ ٿيس آرام گير |
نڪتو 3
فائدو ٽيون آهه هي اصلِ جهان
ٿو لکي آُن لاءِ قرآنِ حڪيم
آهه واجب اُن مٿان شڪرِ خدا
جي گهري عقبيٰ جي نعمت کي بشر
اُن ڪري اندوخته(5)
پنهنجو تمام
تا امانت ٿي بدر گاهه خدا |
دولت و ثروت ۾ آهن شادمان
جو مسلمان آهه دولت کان نعيم(4)
سيم زر ڇا چيز، ڏي سر برملا
واٽ ۾ الله جي ڏي پنهنجو سر
راهه ۾ الله جي ڪيم وقف عام
آخرت جي راهه جو ٿي رهنما |
شيخ وهوا سان چيو، حاتم اصم
حڪم قرآن سان سندءِ هر ڪو قدم
نڪتو 4
نڪتو چوٿون آهه هي اڪثر بشر
آهه ڪو دولت جي ڪثرت تي نثار
زور بازو جو آهي ڪنهن کي غرور
صاحب تقويٰ(2) مگر آ پيشوا |
خانداني شرف تي آ مفتخر(1)
ڪو ڪري اولاد تي ٿو افتخار
ڪنهن کي آهي روز و شب عيش ۽ سرور
متقي هڪ محترم پيشِ خدا |
اُن ڪري تقويٰ ڪيم پنهنجو شعار(3)
تاڪِ ٿي منهنجو ڪريمن ۾ شمار
نڪتو 5
شيخ حاتم جو ٻڌي هي داستان
فائدي پنجين کي حاتم ڪيو بيان
اُن جي لئه هيءَ آيت قرآن ملي
ٿي چڪي تقسيم آ سڀ جي معاش(4)
اُن بعد اُن تي حسد آهي فضول
اُن ڪري سڀ سان رکي مون دوستي |
احسنت ۽ آفرين چئي جوش مان
آ حسد ۾ بند هي اهلِ جهان
باهمي هي بغض آ، بي حاصلي
پيش قسامِ ازل جي نان و آش
بغض لاحاصل رکڻ ڪارِ جهول
افتراق(5)
و بغض سان ٿي برهمي |
هي ٻڌي چيو شيخ اُن کي آفرين
تنهنجو هر نڪتو آهي در ثمين
نڪتو 6
آ ڇهون نڪتو ته اهل روزگار
اُن جي لئه مصحف ڏني مون کي خبر
ڇو ته انسان جو نه آ، اُن ري عدو. |
باهمي سڀ دشمنيءَ کان تار تار
هي عدو شيطان جو ڪم سر بسر
روز و شب ناري(1)
آهي، اُو دوبدو |
اُن ڪري شيطان کان ڪئي مون گريز
تان نه ٿئي مون تي جهنم شعله خيز(2)
نڪتو 7
آ ستون نڪتو ته هي اهلِ جهان
اُو توڪل کان پري آ صبح و شام
آهه قرآن جو امر ظاهر ظهور
پاڻ کي ڄاتو مون هڪ ادنيٰ جناب
رزق پهچائي اُهو ٿو بي گمان |
فڪر ۾ آ پيٽ جي مهر سوُ دوان(3)
ٿو ڪري غافل سدا ڪسبِ حرام
رزق جو ضامن خدا آهي ضرور
طاقتِ حق جو رکيم دل تي خطاب
اُن پريشانيءَ کان ٿي مون کي امان |
شيخ فرمايو ٻڌي هي مرحبا
مرحبا حاتم آ توتي مرحبا
نڪتو 8
آ اٺون نڪتو ته هي جمله بشر
ڪوئي ڪاريگر آهي ڪو مالدار
مشورو حڪمِ الاهيءَ سان ڪيم
جو ڪري الله کي پنهنجو ڪفيل(2) |
ٿا رکن سڀ اعتمادِ يڪ دگر(1)
ڪوئي تاجر(2)
آهه، ڪو سرمايه دار
ڪار ڪم پنهنجو توڪل تي رکيم
نيڪ آ اُن جو طريقو ۽ سبيل |
شيخ حاتم جو ٻڌي دلڪش بيان
پنهنجي محنت کان گهڻو ٿيو شادمان
مصحف و توريت و انجيل و زبور
جو ڪري هن فائدي تي ٿو عمل
هن حڪايت کان ٿيو ظاهر فقير
سالڪِ رام خدا کي آ ضرور
دل ۾ جو پوکي ٿو اخلاق حسن |
سڀ اِنهن نڪتن جو مظهر(4) ۽ ظهور
اُن کي حاصل ٿي بلندي بي دغل
بي عمل ڪجهه بي نه آ علمِ ڪثير(5)
پيروي هاديءَ سندو دل ۾ سـُـرور
خار گمراهيءَ جو بڻجي بيخ ڪــَـن |
هر ڏئي جئن سنئين ڪري هاري زمين
تئن ڪري مرشد صفا قلبِ حزين
مرشد جي ضرورت
اهل علم جي هدايت واسطي
بعد تن جي ٿيا خليفا نامور
سلسلو تن جي هدايت جو سدا
ان ڪري هر سالڪ راِهه خدا
پر زماني ۾ گهڻا مڪار پير
رک اُن جي نيڪ و بد جو تون خيال
مختصر ٻڌ وصف و آثارِ
(1)شيوخ
عالم و فرزانه ۽ صاحب حضور
زهد و تقويٰ آ فقط جنهن وٽ قبول
جواب و خور، گفتار جنهن جي آ قليل
ڪبر و بخل و حرص و ڪينه کان پري
اُو تعصب ۽ تڪلف کان جدا
ڊوڙ جلدي ڪر وڃي بيعت سندس
اُن سچي مرشد جي ڪر خدمت بهم
توتي واجب اُن جو آهي هر زمان
احترامِ ظاهري آ، ڪر عمل
احترامِ باطنيءَ جو هي مقام
جي نه آ سينو سندءِ اندر شفاف
وِجهه نه مرشد کان قدم اڳتي ڪڏهن
جي ڏسين مرشد شريعت جي خلاف
پيش مرشد ڪينڪي سجدو روا
رک سدا واجب سياست نفس جي
ڀڄ پري ابليسيت کان دور دور
ٿو ڪري دل ساڻ صادق ارجمند
حب دنيا جو نه آهي جت نشان |
ٿي نبي آيا ته گمراهي نه ٿي
خلق جي لئه جي هئا پڻ راهبر
تاقيامت آهه دنيا ۾ بجا
پنهنجي لئه چونڊي ٿو افضل پيشوا
دام ۾ اڻ ڄاڻ ڪن ڪيئي اسير
بعد ۾ حاصل نه ٿئي توکي ملال
غير کان ڀڄ دفع ڪر اُن جو رسوخ
لوڀ، لالـچ، ريب کان داناءُ دور
سلسلو جنهن جي فقر جو تا رسول
سمجهه اُن سچي جي صادق آ سبيل
برگ نيلوفر(2) ٿي پاڻيءَ تي تري
خازنِ اسرار علمِ مصطفيٰ
ڄاڻ نعمت پنهنجي لئه طاعت سندس
باطن و ظاهر ۾ جو آ محترم
احترامِ ظاهر و باطن ميان
پير جي قول ۽ فعل تي هر مهل
دل ۾ رک اُن جي محبت کي مدام
هيءَ منافق جي نشاني صاف صاف
پيرريءَ ڪن ڪين ڏي ٻي ڏي ڪڏهن
ڪين ڪي اُو شيخ پر زنديق(1)
صاف
سجدو آ مخصوص درگاهه خدا
تا رفيقِ بد کان ٿي آزادگي
تان نه پئي تنهنجي عبادت ۾ فتور
دولت و ثروت(2) کان درويشي پسند
جاءِ او آهي بهار ۽ بوستان |
ترڪ دنيا کان فقط آهي مراد
دل کي رک ذڪرِ الاهي ساڻ شاد
تصوف
آ تصوف ٻن شين جو احترام
حڪم حق تي آرزو کي ڪر نثار
آ خدا جي راضپي جو هي نشان
بندگيءَ جو ٽن شين تي آ مدار
ٻي توڪل آهه، ٽين فقرو رضا
آڻ احڪامِ شريعت جا بجا |
”راستي با حق نڪوئي با انام“(3)
راستبازي(4) باخدا جو آ شعار
خدمتِ خلقِ خدا ڪر جاودان(5)
رهه سدا تقدير سان ٿي هم ڪنار
هي ٽئي طالب جون آهن رهنما
ڄاڻ مرضي حق جي پنهنجي رضا |
توڪل
آ توڪل جي هي معنيٰ آشڪار
آ سندءِ تقدير ۾ جو ڪجهه لکيو
ڪجهه نه ڪوشش جو اُتي چارو هلي |
وعده حق کي سڃاڻڻ استوار
سو اوس توکي نڀائڻ ٿي پيو
ڪينڪي تدبير جو ڍارو هلي |
پر نه جو تقدير ۾ تنهنجي رقم)
اُن جي لئه بيسود آ جهدِ اتم(1)
تسليم و رضا
جي رهي تسليم تي شاڪر سدا
پنهنجي حاجت کي ڇڏي صوفي سچار
ريءَ خدا جي ٻي طلب اُن جي نه ڪا |
آ اُهو صوفي سچو مردِ خدا
ٻي جي حاجت ڏي ڊڪي ديوانه وار
ماسويٰ الله کي ٿو ڄاڻي ڄڻ بلا |
پرخلافِ شرع جي آهي مراد
اُو نظر ۾ صوفي جي فتنو فساد
تقدير
آهه فرمايو جنابِ مرتضيٰ
تون ڪٿي روڪي سگهين اُن کي جوان
پر بلا جيڪا نه اچڻي تو مٿان
آ سڄي تدبير تنهنجي رائگان |
جا بلا تنهنجي مٿان ايندي ڀلا
خوف سڀ بيسود تنهنجو بي گمان
اُن تي ڇا جي لئه ڪرين آهه و فغان
رهه سدا تقدير جو قائل ميان |
تان سندءِ حافظ رهي اُو پاڪ ذات
جنهن جي هٿ ۾ آ سموري ڪائنات
..............................
هيءَ نصيحت آهه جا توکي ڪيم |
حرف سچ وارا سڀئي توکي چيم |
شل خدا توکي هلائي هن مٿي
دين دنيا جي ملي نعمت توکي
---------
(آڪٽوبر 1917)
سي حرفي
سي حرفي
الف- الله جي سدا ڪر ياد تون
وسوسن سان ڪر نه دل برباد تون
فقر ۽ فاقي ۾ رهه ٿي شاد تون
غير کان رک دل سدا آزاد تون
تان مرڻ ويلي نه ٿيئي ڪو انتظار
ب. بلا دنيا جو هي آهي گذر
تون هتي آهين ميان ڪو دم پهر
زندگي بي ڀروسي ۽ مختصر
جنهن کي تو سمجهيو هميشه مستقر(1)
بي بقا شي تي ڀلا ڇا افتخار
ت- تياري موت جي ڪر ڪاميان
گم ٿيا هن واٽ تي لک ڪاروان
رات ڏينهن آ قافلن جي هل هلان
ٿو چوين هن کي خوشيءَ جو تون مڪان
نانگ کي سمجهيو ٿي ساٿي غمگسار
ث - ثنا خوان رهه فقيرن جو سدا
جي سهن سر تي سدائين سؤ بلا
گودڙيءَ ۾ ٿا رهن پر رهنما
بادشاهن کان مٿي تن جي بها
ظاهري ميرا، وسوڻا، خاڪسار
ج- جولانيون جهان جون بي ثبات
ڪارڪر سڦري ٿئي حاصل حيات
آهه اُو موجود هر دم هر جهات
ذڪر اُن جي ريءَ سڄي بيڪار لات
اُن جي نالي کان سوا ٻيو اِنتشار
ح- حمايت وٺ انهيءَ جي تون مدام
آ طلب جنهن جي سڳوري نيڪنام
ذڪر و فڪر اُن جو رکج تون صبح و شام
خير سان مقصود ٿي تنهنجو تمام
قلب کي تنهنجي ملي ابدي قرار
خ - خيالن خام آهه مون کي مٺو
ڪات قهري نفس جي هينئڙو ڪٺو
روز مون تي مينهن سورن جو اٺو
راهه کان بيراهه نئي ڊاڙي ڊٺو
پنهنجي اعمالن کان آهيان شرمسار
د- دم آدم جو ڪهڙو اعتبار
ڪجهه وفا اُن ۾ نه آهي زينهار(1)
تو انهيءَ سمجهو ٿي زيب ۽ نگار
سمجهه ڪجهه ڇاتي ڪرين ٿو افتخار
نقد سودو آ هتي، ڇا جي اُڌار
ذ- ذرڙو رک خدا جي ذوق جو
ذڪر ريءَ اُن جو سڄو ٻيو وسوسو
راز هيءُ ڄاڻي ٿو مانجهي مرد ڪو
ٿو هڻين ڳالهن ٻين تي ڇو مٿو
ريءَ خدا جي خام ٻيو سڀ ڪاروبار
ر- رضا ان جي کپي ٿي هر زمان
جنهن جي هٿ ۾ آ زمين و آسمان
آ اُهو رزاق، قادر بيگمان
غير جي اڳيان نمڻ آ رائگان
اُن جو هرشي جي مٿان آ اختيار
ز- زيان آهي، سڄي اُوءَ زندگي
جا خدا جي ياد کان غافل رهي
زندگي بي بندگي شرمندگي
لوچ جوانيءَ ۾ اِها چــُـٽڪو اَٿي
ٿو ڪرين پيريءَ تي ڪهڙو اعتبار
س- ساجهر ٿي، اڃا ڪر ڪو عمل
آهه دنيا هيءَ سڄي مڪر و دجل(1)
ٿو مرين، اُن تي اَجايو هر مهل
ريءَ خدا جي ٻيو سڀوئي ٿي خلل
ڇڏ خلل کي، حال پنهنجي کي سڌار
ش - شاڪر رهه سدائي شڪر ڪر
ڏس نه ٻي ڏي، آ اِها مڪروهه پــَـرِ
رزق جو ضامن خدا آ ڌيان ڌر
جو ڏئي سڀ کي ٿو يڪسان جهنگ جهر
آ اُهو تنهنجي ڪفالت(1)،
هوش ڌار
ص - صابر ٿي، اِها نعمت عجب
صبر راحت جي ڪنجي، راحت عجب
رنج ۾ ڪرصبر، هيءَ دولت عجب
ٿي ٽري آفت اِنهيءَ سان نامدار
ض - ضايع عمر جون ٿيون جي گهڙيون
تن جو مشڪل آ ملڻ هاڻي ڪڙيون
روءُ نه تن تي تون ڪري واڪا رڙيون
جي بچيون باقي اُنهن سان جيءَ جڙيون
رهه خدا جي ياد ۾ ليل و نهار
ط - طاعت ڪر خدا جي مهربان
خذمتِ خلقِ خدا جو رک ڌيان
سڀ اسين خلقيا خدا جا بيگمان
پوءِ دوئي ڇا جي رکين ٿو خلق سان
ڪار ڪر،جنهن ۾ ٿئين تون ڪامگار(3)
ظ - ظهور و ذات جو مقصود رک
سامهون هر دم هــُـوَ المو جــُـود(1)
رک
نفس کي نابود ڪر مردود رک
روءُ راتين جو ۽ اک آلود(2)
رک
تان ٿئي رحمت خدا جي آشڪار
ع - عارف آ اُهو صاحب ڪمال
جو گذاري فقر و فاقه ۾ نهال
خلق جي خوشنودي جو جنهن کي خيال
غير کان وانجهيو آ جنهن جو حال وقال
اُن جي مجلس ۾ سدا باغ و بهار
غ - غم دنيا جو ڇا جي لئه رکين
ٿو ڌڪا ڌوما اَجايا سر سهين
ڊوڙ، ڪنهن درويش جي وٺ آستين
تان ٿئي سرهو سندءِ دنيا ۽ دين
ڪر اِهو سودو سجايو، ٿي سچار
ف - فنا جو وٺ مزو جيئري مري
تان کــُـلي ديدار جي توتي دري
(3)
نفس اَماري جي هيءَ جادوگري
ٿي نه توکي واٽ جي سنئين رهبري
لڙهه لڳي ڪنهن خضر جي ٿي خبردار
ق - قائم رهه شريعت جي مٿان
پوءِ رڙهه رستي طريقت جي مٿان
ڪر وڃي قبضو حقيقت جي مٿان
پئو نه تون ڪشف ۽ ڪرامت جي مٿان
معرفت جي راز جو ٿي رازدار
ڪ - ڪرتون ذڪر ذاتي روزو شب
ريءَ خدا جي ٻي نه رک ڪنهن جي طلب
ڪنڌ مونن ۾ وجهي رهه سان ادب
رات جو جاڳي روئڻ آهي عجب
مرتبو اُن سان ملي ٿو بيشمار
ل - ليڪو نفس جو آ نامراد
(1)
وڃ اِنهيءَ گهيري مان نڪري ڪر جهاد
ڌوڙ دنيا ٿي سڄي شر ۽ فساد
جن ڇڏيو هن کي ٿيا سي شاد شاد
تون به هل تن جي رهت، ٿئين باوقار
م - مرشد جي هدايت هيٺ رهه
ذڪر ذاتيءَ کان سواءِ ٻيو پهه نه پهه
پاڻ ۾ پيهي سڄو اسرار لهه
قرب ريءَ ٻي قال ڪاهل ٿي نه ڪهه
پوئتان تنهنجي اَٿي دشمن هزار
ن - نازڪ آهه دنيا جو گذر
پل صراط آهي ميان ٿي هوشور
لنگهه اِنهيءَ تان خوف سان، سارو خطر
هڪ طرف دوزخ جي آتش جو اثر
ٻي طرف جنت جي نعمت کي نهار
و- واقف ٿي وطن جو خامڪار
هيءُ نه آ ساڙيهه تنهنجو هوش ڌار
ديس آ تنهنجو ٻيو، ڪر اعتبار
ڪر سمر اُن جو، سنڀاري ڪاروبار
تون هتي آهين مسافر ڏينهن چار
هه - هدايت جو طريقو جو ڏسين
وٺ اِنهيءَ کي، ويجهڙو ٿي، رک يقين
درد ۾ دنيا جي ٿي نادلحزين
هن دورنگيءَ تي اجايو غم ڪرين
ٿو چوان توکي چڱائي بار بار
ي - يقين رک رب ۾ پنهنجو تمام
رهه خدا جي ياد ۾ مانجهي مدام
جي وڻئي پڙهه منهنجو هي ڪمتر ڪلام
مختصر ”خادم“ چيو جو، والسلام،
حال کي وٺ، قال کي ڪر واگذار(1)
- ( نومبر 1917)
-----------
معجزو نانگ وارو
(مصنف هن نظم کي وزير آباد
تعلقي سکر ۾ شعبان سنه 1314هه
۾، لکيو هو. هن روايت جو ماخذ
”گلشن معجزات“ تصنيف مخدوم
محمد صالح وزير آبادي آهي.
- مؤلف)
نانگ جو معجزو
(هڪ يهوديءَ کي جناب رسول الله صلي عليـه و سلم جي
دربار عاليءَ ۾ سوال جو جواب ملڻ ۽ سندس هٿ ۾ جيڪو
نانگ مئل هو، تنهن جو جيئرو ٿي نبوت جي شاهدي ڏيڻ
۽ يهوديءَ جو سڄيءَ قوم سميت مسلمان ٿيڻ.)
*
حمد رب جا ٿو چوان جو آهه مالڪ مهربان
جنهن پنهنجي قدرت سڳوري سان اُپايوآ جهان
سج، چنڊ، تارا بڻايائين زمين ۽ آسمان
هر ڪنهين مخلوق، جو رازق آهي روزي رسان
ظاهر و باطن، مهڙ آخر، اُهو ئي پايدار
(2)
جوڙ جڳ جي ڪانه هئي، هو پاڻ هڪڙو هڪ خدا
نور پاڪيزي پنهنجي جو پاڻ ڪيائين ٿي لقا
ٿي محبت خاص پيدا، سڪ صاحب کي صفا
جوڙيان محبوب مونس، جو هجي ساڻم سدا
تنهنجي خاطر پوءِ ڪيان ڪيئي عجائب آشڪار
(3)
خاص پنهن جي نور مان محبوب کي پيدا ڪيو
عشق کان الله اُن تي اسم احمد جو ڌريو
پڻ محمد مصطفيٰ شوقؤن وڏي تنهن کي سڏيو
خوب خاصي شڪل سان قنديل(1)
نوري ۾ رکيو
نور پنهنجي جو نظارو ٿي ڪيو ورهين هزار
(4)
اُت سچي سردار انور پاڪ سجدا ٿي ڪيا
رب جي تعريف ۾ تسبيح جا الفاظ چيا
سي سڀي حق پاڪ وٽ مقبول ۽ منظور پيا
تنهن کان پوءِ هر شي جي پيدا ٿيڻ جا ٺهراءُ ٿيا
حسن صورت گل رنگا رنگ ۽ چمن، بادِ بهار
(5)
رحمتن جي آب مان اُت نور کي ڪيو پاڪ رب
پاڻ سرور، نور انور، شڪر ڪيو ٿي سان ادب
رب سائين اُت چيس اي سيد عجم و عرب(2)
چور پنهنجا عضوا سڀ ظاهر ڪيان ڪيئي عجب
جي ڪريا قطرا ڪيا مخلوق خالق بيشمار
(6)
سڀ زمينون اُڀ، تارا، چنڊ، سج ، لوح و قلم
عرش ، ڪرسي، واءُ، پاڻي، خاڪ ۽ آتش گرم
علم و دانش، نيڪ و بد، ديد و نظر، غور و فهم
پڻ مقدس(1)،
بيت اقصيٰ(2)، بيت معمورو(3) حرم(4)
نور مان حضرت نبيءَ جي جمله عالم ٿيو تيار
(7)
ٺاهه سڀ ٺاهي خداي پاڪ خلقيا روح عام
ڪي ولي عابد ۽ عالم، ڪي نبي ٿيا نيڪنام
ڪي ارادتمند صاحب، خوش سخن شيرين ڪلام
ڪي مجموسي ۽ منافق سيـه باطن(5)، قلب خام(6)
جي هــِـتي توڙي هــُـتي، هوندا هميشه خوار و زار
(8)
خاڪ مان جبار جوڙيو پوءِ آدم بوالبشر
نسل مان جنهن جي ڪيو آباد سارو بحر و بر
نور نرمل کي پيشانيءَ ۾ رکيائين ڪا القمر(7)
چمڪيو ٿي سج وانگر روز و شب، شام و سحر
نور جي باعث ڪري مــَـلڪن ڪيو ٿي سر نثار
(9)
نرڙ ۾ مڙني، نبين، نور نرمل جو هو صاف
جنهن جي حرمت ٿي اُنهن کي جڳ ۾ عزت ۽ عفاف
نور حقانيءَ جي خاطر جسم تن جا هئا غلاف(1)
معجزا تن جا پسي تابع ٿيا، جي هئا خلاف
نيڪ صالح ٿي پيا، توڙي هئا جي گنهگار
(10)
خاص حضرت مير مرسل مصطفيٰ جا معجزا
بي عدد، بي حد آهن، جن جي ڪانهي انتها
ڇو ته رب سڀئي پسارا خاص اُن لئه خلقيا
شان اُن جي ۾ خدا ”لولاڪ“ چيو آهي صفا
(2)
رحمـة اللعالمين آ شافعِ روزِ شمار(3)
(11)
هي عجائب معجزو هت ٿو چوان سو پڻ ٻڌو
مومنو، ايمان وارو، صدق دل جي سان سڻو
ياد هوندو جي ڪنهين کي معجزو سهڻو سڄو
ملندو قيامت ڏينهن دوزخ کان اُنهيءَ کي ڇوٽڪو
خاص جمع رات پڙهندڙ کي ثواب آ بيشمار
(12)
جي پڙهي توڙي ٻڌي آهي ٻنهي کي هڪ ثواب
مون تنهن سولو ٿئي ۽ قبر ڏي خوش جواب
اجر ٿيندس زندگيءَ ۾ سال ستر جي حساب
قبر ۽ محشر ۾ ڏسندو ڪينڪي هرگز عذاب
زال توڙي مرد لهندو منجهه جنت جي قرار:
(13)
منجهه مڪي پاڪ مسجد ۾ هئو مرسل ڪريم
ساڻ صحبت ۾ صحابي سڀ هئا شائق(1)
سليم(2)
و عظ ويٺي ٿي ڪيو، فياض(3)، فائق(4) ۽ فهيم(5)
اوچتو ناجنس آيو، اُت هليو بي خوف و بيم(6)
ڳوٿريءَ سان ساڻ خنجر هيس اُگهاڙو خونخوار
(14)
جاهلن وانگر پڇيائين ڪهڙو آ حضرت رسول
جو سڏائي ٿو نبي آخر زمان صاحب(7) عقول
ساري مجلس ٿي ٻڌا الفاظ اُن جا بي اُصول(8)
جوش مان سلمان فارس(10) چيس ته اي احمق فضول(9)
تون آهين انڌو، سڃاڻي جو نه ٿو مرسل مڻيار
(15)
چنڊ چوڏهينءَ جان ٿو چمڪي وچ ستارن ۾ نبي
سمجهه ڌاري هوش ۾ اچ، سرت سان ڏس تون غبي(1)
پوءِ ٺهرجي(3) ٿيو ڏسڻ هــُـو مرد متوالو قوي(2)
نور انور تي نظر پيس چيائين هيءُ آهي سخي
پوءِ لرزو پيس لڱن ۾ ڪـِـرڻ ٿيس هٿ مان ترار
(16)
دل جهلي جرات ڪري، جلدي ڪيائين هي سوال
تون ئي آهين جو سڏائين ٿو نبي صاحب ڪمال
تو تي ڪلمو ٿا پڙهن، تون آنهه رسولِ ذوالجلال
ڏيو وراڻي، تالهي هي منهنجي دل جو سڀ ملال
آزمائڻ تنهنجي جو دل کي گهڻو آ انتظار
(17)
هئن چيو سرور سچي صاحب نبين جي امام
آءٌ نبي آهيان خدا جو موڪليل رب العلام(4)
دين جي دعوت ڪريان ٿو هر ڪنهين کي صبح و شام
وحي مون کي ٿو رسائي پاڪ پرور جا پيام(5)
رحم رب جو مون تي آهي، هر گهڙي ليل و نهار(6)
(18)
پوءِ اڳيان حضرت نبيءَ جي اُن يهوديءَ عرض ڪيو
معجزي جي ڏي دوا، هي ڪفر جو آ مرض ٿيو
جئن نبين ٿي ڪيو، حضرت اوهين الغرض(1)
ڪيو
تان قبوليان قوم سوڌو، دين تنهنجو، فرض ٿيو
پوءِ سچو سمجهان اوهان کي مان پيغمبر نامدار
(19)
جي اوهان کان نا ٿيو ۽ نا ڏيکاريــُـو معجزو
سچ چوان ٿو مون کي سنهن آهي پنهنجي معبود(3) جو
هيءَ اُگهاڙي تيغ جنهن کي آهه پاڻي زهر جو
بي شبهه(2) توتي هلائيندس نه ڪندس خوف ڪو
سر تريءَ تي کنيو اٿم هٿ ۾ آهي زهري ڪٽار
(20)
هي توڙي انبوهه ماڻهن جو اڳيان تنهنجي ڏسان
ســِـرَ جو سانگو کنيو اٿم مان ڪين ڪنهن کان ٿو
ڊڄان
شهر مڪي جو سڄو مان رت سان تنهنجي رڱان
ٿئي ٻين کي خوف تان مرسل (4) سڏائي ڪو متان
جوش ۽ جولان کان ڏاڍي ڪندس آءٌ ڪار زار
(21)
پوءِ محمد مصطفيٰ، ڏانهن ڪئي نرمل نظر
اي يهودي مرد مون کي ڏي پنهنجي دل جي خبر
ٿو گهرين چئو معجزو ڪهڙو، ڦٽا ڪر هي ڏمر
حال پنهنجو ڪر تون ظاهر ڏس طلب هن ئي پهر(2)
مون سان آ همراهه هر دم منهنجو مالڪ ڪردگار(1)
(22)
چيائين آهن سوال ٻه خدمت ۾ تنهنجي صاحبا
هڪ ته نالو منهنجو ڇا، پڻ پيءُ منهنجي جو آ ڇا
ٻيو ته هن ٿيلهي ۾ ڪهڙي چيز پئي آهي ڀلا
چئو چٽائيءَ سان چڱا ، ڪر دفع دل جا وسوسا
بخش گستاخي ۽ بي ادبي گهڻو آ حال زار(3)
(23)
ٿيو رجوع اُت طرف مولا جي محمد مصطفيٰ
توکي سڀ معلوم آ، مشڪل ڪشائي ڪر خدا
حڪم ٿيو جبريل کي چئو دوست منهنجي کي صفا
سعد پٽ آ قيس جو نالو اٿس اِيءُ برملا(4)
ڳوٿريءَ ۾ نانگ آهي، جو ڪيو هن آ شڪار
(24)
جان يهوديءَ هي ٻڌو، گم ٿي ويس سڀئي حواس
سحر(1)
جي نسبت ڏني خيرالو را کي تنهن خناس
سحر جاتو وٽ هزارين علم آهن بي قياس
ڪونه غالب تو مٿان تون آهين اعليٰ شناس(2)
ٻيو نه هرگز ٿو ڏسان، مان تو جيان ڪو سحرڪار(3)
(25)
ڪي(4) منع حضرت نبيءَ، جو اِئين نه چئو اي بي يقين
ڪين ٿي تون بي ادب نه ته جاءِ لهندين منجهه
سجين(5)
سحر جادو ڪين آهه، قدرت الاهي آ مبين(6)
مون کي ڄاڻايوم مولا، معرفت روالامين(7)
ڊڄ خدا کان، ڪجهه حيا ڪر، ڪفر کان ڀڄ، هوش ڌار
(26)
جان يهوديءَ هي ٻڌو سردار عالم جو عتاب
اُت ڪيائين عرض ٻيهر ٻڌ ته اي عالي جناب
سحر ۽ جادو نه آهن، جي چئو ٿا خوش خطاب
معجزو ٻيو ڀي گهران ٿو سو ڏيکاريو فيض ماب(1)
پوءِ ٿئي پڪ ۽ يقين، دل کي تسلي اعتبار
(27)
جي نبي آخر زماني جو آهين صادق رسول
هي جو مون وٽ نانگ ڀڳل آهه مروڙيل ۽ ملول
جيئرو جي ٿئي پوي ۽ جان تنهن کي ٿئي حصول(2)
تنهنجي قدمن کي چمي ڏاڍي ادب سان ذوالعقول(3)
شاهدي تنهنجي نبوت جي ڏئي هو پاڻ مار(4)
(28)
شوق اَشهدُ(5)
پڙهي تو تي چوان دل سان درود
ڪلمئه طيب(6)
پڙهي ، واضح صفا اي بحر جود
پڻ مبارڪ معجزي سان حل ٿين قلبي عقود(7)
پوءِ آڻيان ايمان توتي ۽ ڏيان سڪ سان سجود
دين تنهنجي ۾ اچان دل تان لهي زنگ ۽ زنار
(29)
پوءِ سچي سرور ٻڌي اُن جي اندر جو سڀ بيان
ڏيئي دلداري چيائين هي به رب کي آ عيان
تنهن کي مشڪل مور ناهي، جنهن اُپايو آ جهان
آهه صاحب صنعتن جو بحر بي پايان سمان
بادشهه، بي انت، بيشڪ ڪل جو آهي ڪردگار
(30)
تنهن گهڙيءَ ۾ رب کان هيءُ حڪم ٿيو هئن وحيءَ کي
ڏي وڃي جلدي تسلي ۽ تکو وڃ دوست ڏي
بعد صلواتن سلامن منهنجا نياپا اُن ڏي ني
اُن جي مون کي مرضي گهرجي، غم نه آڻي دل مٿي
خاص جنهن خاطر ڪيو آ جوڙي جڳ مون پيداوار
(31)
چئو ته اي خاتم رسل(1)
۽ مرسلن مڙني جا شاهه
تنهنجي وس ۾ مون ڇڏي آ پنهنجي ساري بارگاهه
جئن چوين تون تئن ڪريان اک ڇنڀ ۾ آءُ عالي جاهه(2)
هن خدائيءَ جي ٺهڻ مان هئي فقط هڪ تنهنجي چاهه
آءٌ آهيان قادرِ ڪل، مون کي آهي اختيار
(32)
آءٌ جياريان ٿو مئن کي دم اندر، جي ٿو گهران
بيوسيلي، بيواهي کي بادشاهي ٿو ڏيان
بحر آڻيان بر پٽن ۾، ڪلر کي گلشن ڪريان
جيڪي گهر جئي، مون کان گهر، اي دوست منهنجا آءٌ
منڃان
پورو ۽ سهڻو بڻايان تنهنجو سڀ ڪو ڪاروبار
(33)
پوءِ اَچي وهندو وحي پهچايو حضرت کي پيغام
پهريان پيش ڪيائين تحفا صلواتون سلام
فرمودو مالڪ جو ٻڌي خوشحال ٿيو خير الانام
شڪر جا سجدا ادا ڪيا سرورِ عالي مقام
ٿيا شگفته(1)
شاد خوش، گم ٿي وين غم ۽ غبار
(34)
هيج مان تنهن دم کنيا، سردار رب ڏي هٿ ٻئي
تون آهين معبود مالڪ، توکي آ، روشن سڀئي
نانگ مئو جيئرو ٿئي، هيءَ گهــُـر يهوديءَ آ ڪئي
پڻ ڳالهائي مثل ماڻهو، راز کولي ڏي چئي
ڏي نبوت جي گواهي(2)
سڀ اڳيان هــُـو آشڪار
(35)
دعا گهري فارغ ٿيو، سڪ سان جڏهن سرور سچو
حق تعاليٰ پاڪ جي، اي مومنو، قدرت ڏسو
نانگ ڀڳل هٿ يهوديءَ جي ۾ ٿيو ڪو سو سڄو
نرم ٿي ڳنڍجي پيو، پوءِ ڪئنرو ۽ گرم ٿيو
ساڻ قدرت پاڪ حق جي، اُن جو قالب ٿيو تيار
(36)
نانگ ٿي جيئرو پيو، اُن ۾ لڳي نا ڪا پلـَـڪَ
هٿ اُنهيءَ جي مان ٽپي پيو، جنهن کي هئا شبها ۽ شڪ
پاڻ گهوريائين مٿان مرسل نبين جي مـَـرَڪ
ڏسي مبارڪ معجزو، پيغمبريءَ جي ٿيس پڪ
ڪئي قدمبوسي ڪاريهر، صدقي ٿيو ٿي بار بار
(37)
صدق دل جي سان ڪيا پوءِ نانگ سرور کي سلام
صاف، ظاهر ۽ بلند ههڙا ڪيائين خوش ڪلام
يارسول الله انور نـُـور، نافع(2)
نيڪنام
تنهنجي لئه هي جڳ جڙيو آ، اي نبين جا امام
پاڪ رب تعريف تنهنجي، جا بجا ڪئي وار وار
(38)
تون پيغمبر هئين تڏهن، آدم اڃاگل آب(1)
هو
تنهنجو مادح(2)
۽ ثنا خوان، پاڻ آهي رب سچو
حشر ۾ شافع ٿيڻ جو حڪم توکي حق ڏنو
راز پنهنجي جو سچو قرآن پاڪيزه مڪو
تون نبين جو نبي ۽ مرسلن جو آهين سالار
(39)
پوءِ يهوديءَ ڏي ڏٺو اُن نانگ ڏاڍي ڏمر سان
ڪر ڦٽي هيءَ هوڏ حجت، چئه تون نرميءَ ٺــَـهرَ(3)
سان
بي ادب تون ڪين ٿي سردار شافع حشر سان
ڪم فهم نادان تو ٽڪرو لاتو آ ٽڪر سان
ڪر توبهه، تون باز اَچُ، اي بي حيا ٿي هوشيار
(40)
معجزن جي ٿو رکين، دعوا ديوانا تون اڃان
ڪجهه تسلي دل تنهنجي کي ڪين ٿي ٿئي جهل کان
ڪر توبهه، تسليم(1)
۾ اچ، ٿو چوان توکي چڱيان
جو رکي حجت اَٿي، حضرت حيات النبيءَ(2)
سان
ڇڏ اِها مستي جهل جي، بي خبر ڪجهه هوش ڌار
(41)
جيڪو منڪر(3)
آهه هن کان، تنهن کي ڪاٿي جاءِ ناهه
دين روشن آهه هن جو، هن جي آئي وئي اونداهه
ٻن جهانن جو وسيلو روز محشر شفيع آهه
هي نبي المصطفيٰ آ، غير وارا فڪر لاهه
خوف خطرا ڪر ڦٽي ۽ ڪجهه مئل دل کي جيار
(42)
سان پسڻ هن معجزي جي سينو سائل جو ٿيو صاف
دفع ٿيس ديدار سان، جي خوف ويٺا هيس خلاف
ڪسوٽي تي قلب پنهنجي، سون سمجهي ٿيو صراف
پوءِ قدمبوسي ڪيائين ترت تعظيمي طواف
ساهه صدقو ڪيائين پـِـرَ تان جسم پنهنجو وار وار
(43)
پوءِ ڪري قدمن چيائين سڀ مدايون ڪر معاف
وجهه توجهه قلب تي ڪس لاهه، شافع ڪر شفاف
هوت پنهنجو دين ڏس، مون ڪفر جي لاٿي لحاف(1)
منجهه گناهن عمر گذري شرم کان سينو شگاف
توکي مون ورتو وسيلو، وڙ ڪريو ڪو نامدار
(44)
پوءِ مٿو تنهن جو مٿي ڪيو، مهر سان مرسل نبي
پاڪ ڪلمو تنهن کي پاڙهيو پاڻ پيغمبر قوي
شرط سڀ اسلام جا سيکاريس سرور سخي
رب جي توحيد جي تلقين ڪيائون سڀ صحي
دين مرسل جو مڃيائين، مهر تنهن تي ٿي اَپار
(45)
ذات ڀاين اُن جي سڀني پڻ قبوليو پاڪ دين
پاڪ ڪلمو تن پڙهي، پر تئون مڃيو احمد امين
جو شفيع المذنبين(2)
آهي منور مهه جبين
سي ڀلارا بي شبه، ايمان جن آندو يقين
هر دو عالم ۾ حمايت تن سان آ سرور سچار
(46)
اِهڙا ڪيئي معجزا، حضرت نبيءَ جا ٿيا درست
ڪي مئا جئرا ٿيا، ڪي مرض وارا تندرست
ڪي انڌا ٿيا نور وارا، ڪي جڏا ٿيا چاڪ چست
ڪيئي ڪافر دين ۾ آيا هئا جي شوم سست
اهڙي پيغمبر مٺي تي سهس صلواتون هزار
(47)
مومنو مرسل مٺي تي لک صلواة ۽ لک سلام
پيا پڙهو پاڪيزگيءَ سان روز شب پرتئون مدام
پيش پيغمبر پرين جي، تحفو هي خاصو تمام
ٿيندو رب راضي گهڻو ۽ خوش ٿيندو خير الانام
ڪونه ڏسندا ڪڏهن بي، هر گز اوهان ڏک ۽ ڏڪار
(48)
سرورا اسلام تي ڪر استقامت تون عطا
پيرويءَ پنهنجيءَ تي رک تون وٺ بچائي ڏهن خطا
خوف خطرن کي وڃائي ڏينم سنئين راهه خدا
رزق وافر، بخش برڪت، لاهه محتاجي مدا
ڪر صفا سيد سچا، دل جي ڪٽوري تان زنگار
(49)
اُمتي ادنيٰ اوهان جو، هي ”امام بخش“ عيبدار
لاڳ جي لالــچ رکان ٿو آهيان منگتو مڱڻهار
ڏيو وٺي فرزند فائق، پڻ پسايو پنهنجو پار
ڪج شفاعت منجهه قيامت آهيان عاصي گنهگار
ساڻ مڙني مومنن ڪلمي سان ڏين قلبي قرار
------------
لاالــه اِلاالله محمد رسول الله، صلي الله عليـه
وسلم
سٽ 1- طوس، خراسان جو مشهور شهر آهي، جنهن کي
ايران جي ڪيترن عالمن جي تولد گاهه هجڻ جو شرف
حاصل آهي. ايران جو مشهور شاعر فردوسي به هن
شهر ۾ ڄائو ۽ وڏو ٿيو.
(5)
هندسه = حساب. هيئت = آسمان جي سيارن جو علم . علم
نجوم = ستارن جي حساب جي وسيلي، معلومات حاصل
ڪرڻ.
حضرت شقيق
بلخي رحمــتهِ
الله عليـه،
حضرت جنيد بغدادي رحمـته
الله
عليـه
جي مريدن مان هو. اڪابر اوليا ۾ شمار ٿئي ٿو.
(1)
اعتماد يڪ دگر = هڪ ٻئي ۾ ڀروسو.
(3)ڪفيل
= سنڀاليندڙ سبيل = واٽ.
(4)
مظهر = صورت
(5)
ڪثير = گهڻو.
(6)قلب
خام = خراب دل وارا.(7)
ڪا القمر = چنڊ وانگر روشن.(8)
عفاف = عصمت، پاڪيزگي
عقود =
”عقد“
جو جمع - ڳنڍيون. زنار = جڻيو. بي پايان =
جنهن جو ڪنارو نظر نه اچي.
|