ديوان قاسم جي شرح
رديف الف
***
(غزل 1)
(بحر رمل سالم مثمن وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن)
(1/1) عربي مصرع_اي عالمن جا خدا مونکي سئين رستي هدايت ڪر.
(2/1) ماڙ - واهر (1/2) فرض عين=
[ع] خاص يا ضروري فرض (2/2) ان
کي
=
انهن کي يعني جنن ۽ انسانن کي (1/3)
مرسل=
[ع] خدا جو موڪليل رسول،
پيغمبر. عاصمين= [ع] گهنگارن (2/3) مُقتَدا=
[ع] مهندار سردار، اڳواڻ.
(1/4) اصحاب افضل=
[ع] ڀلارا دوست يا يار. چست=
پهلوان بهادر. چوکا=
چڱا ڀلا. (1/5) ڪمي
=
]ف[ گهٽتائي (2/5) مڻين
=
گهڻا، مڻن جا مڻ.
***
(غزل 2)
(بحر رجز سالم وزن - مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن)
(1/1) روزمحشر=
[-]
وري اٿڻ جو ڏينهن يعني قيامت مصطفا [ع] چونڊيل،
خدا جو، حضرت محمّد. (3/1) عاصي
= گهنگار، مٿي به آيو آهي (1/2) ناقص
=
[ع] ندورو، نقصان پهچائيندڙ.
نانئيو نوايو، مغلوب يا زيردست ڪيو، مفعول اٿس من.
شنع [ع] بڇڙائي، نيچائي. شر=
خرابي (2/2) پارس=
پارس پهڻ جهڙو ڇٽائيندڙ يا ٽامي مان سون ڪندڙ حالت
ندا ۾. خطرا
= خوف. لڳه خدا= خدا جي واسطي (1/3) سارهه= ساراهه تعريف(2/3) ثنا
= [ع] تعريف (1/4) عربي بيت - جڏهن منهنجا
گناهه گهڻا آهن تڏهن منهنجي شفاعت ۽ منهنجو پوش يا
ڍڪ ٿي (2/4) هميشہ منهنجي دل پريشان آهي خوف ۽
اُميد جي وچ۾. (1/6) عربي بيت پنهنجي ڪمال عزّت جي
صدقي، ۽ پنهنجن چڱن خصلتن جي صدقي ۽ پنهنجن دوستن
۽ پنهنجي اؤلاد جي محابي منهنجا سڀ ڪم آسان
ڪر(1/7) يوم الحشر
=
[ع] روز محشر، قيامت جو ڏينهن.
اَينَالمفر= قرآن مان - ڀڄڻ يا لڪڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ (2/7) دانهي
فريادي. سام=
پناهه ڏيندڙ بچائيندڙ (1/8) سفارش ڇوٽڪارو. گس
لاءِ
= هن گمراهه کي رستي تي آڻ (2/8) ڪارڻي= وسيلو، سام، شفاعت حمايت ڪندڙ(1/9) والي=
خدا. وڙ=
ڀلايون، مهربانيون (2/9) اوٽ ۽ اڙ=
روڪ، بچاءُ (1/10)=
دادلو=
لاڏلو، پيارو. ڏڍ=
واهر، مدد. ڏاهه=
ٻانهو (2/10) نعم الملتجا=
[ع] عرض ڪرڻ جو تمام چڱو هنڌ
(1/11) عربي بيَت - جنهن جو بيان وڏو يا ڏکيو آهي
۽ جنهنجي زبان شعر ۾ ڊگهي آهي (2/11) انهي جو
سمورو حال توکي اهڙو معلوم آهي جهڙو سمنڊ ۾ موتي
(2/12) اتي=
تي، مٿي. ڀرجهل=
پاسو جهليندڙ، ٽيڪ ڏيندڙ، مدد ڪندڙ (1/12) شر= [ع] خرابي، شرارت. خير جو ضِد. سيّدا اي
سردار.
(اشارو هن غزل ۾ هيءَ صنعت رکيل آهي ته هر هڪ بيت جا پهريان ٽي
اڌيا تڪون ساڳئي قافئ واريون آهن. هن غزل ۾ جي
ٻارهن کان وڌيڪ بيت آڻي ها ته اهو قصيدو ٿي پوي ها
- نه غزل)
***
(غزل 3)
(بحر رجز مشمن مطوي وزن مفتعلن فع، مفتعلن فع، مفتعلن فع، مفتعلن فع.)
اشارو (هي هڪڙو ڊگهو بحر آهي، منجهس هيءَ صنعت آهي ته هر ڪو
مصراع ۾ چار ٽڪر بارڪن آهن جي سڀ هڪڙي قافئ تي
آهن، بلڪ ٻي مصراع جا ٽي رڪن به اهڙائي آهن.)
(1/1) همارا=
اردو، اسانجا، قلب قرار=
دل کي قرار ڏيندڙ (2/1) عشق اجارا=
عشق کي روشن ڪندڙ يا وڌائيندڙ (1/2) مان مفخّر= عزت تي فخر ڪرڻ وارا. (2/2) اَڙِيَن=
ڦاٿلن مصيبتن ۾ گرفتار. وانجها=
ضعيف، ڏٻرا، مسڪين. داڙو=
شفيع، مددگار، فرياد رس. ڪرم گهڙي گهٽ- هڪ گهڙي به
دير نه ڪر، جَلد آءُ. مهر مڇڻ مٽ=
پنهنجي محبت هرگز متان مٽين، يا ڇڏين. سٽ=
لاهه اڇلاءِ. (1/3) چش=
لذت، فرحت (1/5) اجائي=
اجائي ڪار. روءِ ريائي=
پاسداري ڏيک (2/5) مهر مدارا -
]ف[
توتي محبت جومدار يا ڀروسو آهي.
***
)غزل
4(
(وزن - فعلن، فعولن، فعلن، فعولن)
(2/1) مون_مونکان يا منهنجي (2/2) غمخوار=
]ف[
غم کائيندڙ يا ونڊيندڙ، همدرد. (2/3) مون=
منهنجي (2/4) سالم - [ع] ڪامل حسن وارا (1/5) سوز
-
]ف[
عشق جو درد يا ساڙو. صيقل=
[ع] ڪٽ کرڙي لاهڻ، يعني سوز جي
صيقل سان دل جي ڪٽ يا ڪس لاهه (2/5) قلب [ع] دل.
ڪردار=
]ف[
افعال، ڪم.
***
)غزل
5(
(بَحر=
رمل مسدّس وزن فاعلاتن فاعلاتن، فاعلات)
(1/1) مرحبا - [ع] ڀلي آئين، خوش آمدي، مُحبّ= [ع] اصل محب، دوست، محبوب. مخلص=
[ع] سچو (2/2) چيٺي سنڀالي، يا
ڌيان سان. مدّعا [ع] مطلب. (2/3) منجهه= لڳي ٿو اخبارن سان. انهي طرح حرف جّر فقط ٻي مصراع ۾ ڪم
نه ايندو آهي. هي غزل اَسلم جي غزل جي جواب ۾ آهي
جو انهي وقت سنڌ سڌار اخبار ۾ ڇپيو هو. محمد قاسم
اُنجي تعريف به ڪري ٿو ۽ شڪايت به هيٺين بيتن ۾.
(2/5) مغز=
حقيقي يا باطني معنيٰ. رنگين=
]ف[
پسندئ جهڙي وڻندڙ. (1/7) عنايت اوج لاءِ [ع]
نهايت مهرباني جي نظر يا خيال سان. (1/8) عربي بيت
تحقيق منهنجي دل ۾ هنجي محبت جاءُ وٺي ٿي (2/8)
غير حاضريءَ ۾ يعني پس غايبانه جڏهن هنجي دوستي
زور رکي ٿي يا غلبو ڪري ٿي (1/9) عربي بيت - اسين
جيڪي چئون ٿا سو تحقيق سچ ٿا چئون (2/5) انهي ۾
ڪوبه ريا يا ڏنگه ۽ ڪوڙ ڪونهي(1/11) سان فضيلت فن=
فضيلت جي فن سان (2/11) معرڪا [ع] جهيڙا جهڳڙا
(1/12) اَت= انت، اندر جو حال، حقيقت. (رسالي ۾ به اهو لفظ اچي ٿو)
(2/12) ماجرا [ع] حقيقت، احوال (1/13) گنجه
]ف[
خزانو، دٻلو (1/14) عربي بيت - جنهن منهنجو شعر
ڏٺو تنهنجو عقل حيران ٿي ويو (2/14) ڪيترائي ڀيرا
مون اها ڳالهه آزمائي آهي. (2/15) سُرڪيان - اَسلم
پنهنجي غزل ۾ هي لفظ آندو آهي هن معنيٰ سان ته
سُرڪيون ڀريان شراب پاڻي وغيره جون پر سُرڪڻ انهي
معنيٰ سان سنڌئ ۾ ڪم نه ايندو آهي. اها چوڪ ٿو
ڄاڻائي (2/15) نامصطح= جو اصطلاح يا رواج ۾ به هجي ناروا. (1/16) سوغات=
سوکڙي تحفو. سرت - خبرداري، هشياري، قابليت (2/16)
عليه اَلانتها - انهي ڳالهه تي آءٌ هيءُ غزل پورو
ٿو ڪريان.
اشارو هن غزل ۾ 16 بيت آهن تنهنڪري انهي کي قصيدو چئبو نه غزل
جو 4 يا 5 بيتن کان وٺي 12 تائين ٿئي ٿو.
***
)غزل
6(
(بحر رجز سالم وزن مستفعل مستفعلن مستفعلن مستفعلن)
اشارو (هن غزل ۾ ٻئي غزل واري صنعت ڪم آيل آهي ۽ بحر ۽ وزن به
ساڳيو آهي.)
(2/1) ساعت=
[ع] هڪ گهڙي (1/2) هوت=
اي هوت هڻي=
ماري ڪٽي. پامال=
]ف[
پائمال پيرن هيٺ لتاڙيل. پڻي=
مٽي، خاڪ (2/2) سيباڻيم=
مونکي وڻي، پسند آئي (2/3) ڳالهه=
ڳالهه جي ڪري. جل=
جلڻ، سوز ساڙو (1/4) نائيا=
نوائيا، نوڙائيا ڪيرائيا (2/4) ڪامڻ - جادو (1/5)
قاسم اُتي= قاسم تي، يا مٿانس. لڳه خدا= خدا جي واسطي.
***
)غزل
7(
(بحر - تقارب اثرم - وزن فعول فعلن، فعول فعلن، فعول فعلن، فعول فعلن)
(1/1) م پَؤ=
نه پئو (1/2) اُداس=
سڪ، انتظار. (2/2) سٽي=
رٿي(2/2) مدارا=
[ع] مهرباني، مروّت (1/3) عربي
بيت=
منهنجو تنهنجي پاسي اچڻ ڏاڍو شوق آهي ۽ تنهنجي
منهن جي سونهن آءٌ نٿو ڏسان. (2/3) انهيڪري تو کان
سواءِ محبت جي ڪري منهنجو حال نَشيئَن يا بيهوش
جهڙو آهي (1/4) فارسي بيت=
جڏهن منهنجي خراب حال جي توکي خبر آهي تڏهن ڀلائي
ڪري مون وٽ آءُ (2/4) مگر خدا جي واسطي جيترو ٿي
سگهيئي ايئن ڪرڻ ۾ دير بلڪل نه ڪر. (1/5) دري= دلاسي جي دري يا در کول، يعني مونکي دلاسو ڏي (2/5)
نوبنو بت=
تندرست بدن سان (1/6) وَٽِمِ وهيان ور=
اي وهيان يعني تونگر دوست مون وٽ موٽي آءُ (2/6)
مون ڀر= مون وٽ، منهنجي پاسي ۾ (1/7) بنا بنائڻ=
بنياد وجهڻ. شعر جي عمارت ٺاهڻ (2/7) سخن سڌار=
شعر سڌارڻ وارا، شاعر.
***
رديف ب
)غزل
8(
(بحر - رمل مسدس. وزن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) برهه باب=
برهه جا باب يعني الف بي، يا سبق (2/1) نڪتو=
[ع] باريڪ ڳالهه. اِنتخاب=
[ع] چونڊيل (2/2) حشر=
[ع] محشر قيامت(1/3) هون=
هجن ذرو=
[ع] سج جِو ترورو، ذرڙو. زبون=
[ع] خسيس، ڪي ڪيِنَ. (2/3)
معنيٰ=
[ع] باطن، حقيقت، ضد ظاهر جو.
آفتاب=
]ف[ سچ، يعني انهنجي اندر ۾
خود سچ آهي (1/4) رمز= [ع] ڳجهه، يادگيري. (2/4) خجلت=
[ع] شرمندگي (1/5) مام=
حقيقت مطلب، معنيٰ (2/5) عَفوُ=
[ع] معاف، بخشِ. (2/6) جنّات=
[ع] جمع جنت جو يعني باغ بهشت
جا. شتاب= ]ف[ جلد (1/7) خانقه
= [ع] خانقاه، مڙهي، مدرسو.
***
)غزل
9(
(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن)
(1/1) مجيب=
[ع] قبول ڪندڙ، يا قبول. ڀل
(1/2) هئين جو هار. هموار= ]ف[ هميشه هاتڪ= [ع] ڏاهو، هشيار بهادر. حبيب=
[ع] دوست يعني خدا جو دوست. هي
سارو غزل حضرت محّمدﷺ بابت آهي. (2/2) عزِّ=
[ع] عزت. افديت ملڪي عليکه=
آءٌ پَنهنجو سارو ملڪ تو تان قربان ٿو ڪريان (2/3)
شايان ]ف[ لائق، شائسته. سيدالمُرسلين=
[ع] رسولن جو سردار. (2/4)
نرمل=
روشن، صاف، پاڪ. نجيبِ=
[ع] شريف (1/5) جوت جنسار=
سونهن. زينَتِ زيب. (2/5) افضل=
[ع] ڀلارو، گهڻي فضيلت وارو
(1/6) قاب قوسين= معراج. اصل يعني ٻن ڪمانن جو ويڇو. قرآن ۾ آهي ته معراج
وقت نبي خدا کي ٻن ڪمانن جي ويڇي تائين مٿي ويو.
(1/6) ارشد=
[ع] گهڻو رشيِد يا سڳورو. اديب=
[ع] ادب وارو. اخلاق وارو، ادب
سيکارڻ وارو.
***
)غزل
10(
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) مهتاب=
اصل چانڊوڪي پوءِ چنڊ. (2/1) وٽ الاهه=
الله وٽ. آب=
]ف[
عزت، آبرو. (2/2) ارباب سردار
(1/3) يڪرنگه ]ف[ ڪجهڙا، برابر (2/3) نخل بن=
]ف[ کجين جا وڻِ. سيراب
=
]ف[
ڍاول يا پاڻي ڏنل. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر
سني آهي ته شيعو جو سبني يارن کي هڪجهڙو ٿو چوي.
ڌئل=
ڌئيل چونڊيل. دُرّناب=
]ف[
ڳاڙهو موتي، نج. هن بيت ۾ حضرت جا چارئي يار ڏنا
اٿس. (1/5) عربي بيت= اي ربّ منهنجا انهي تي صلواة يا برڪت موڪل
ڇا لاءِ جو انهي جي چڱائي سڀني دروازن کي کولڻ
واري آهي. (1/7) اداڪر=
]ف[ بجا آڻ، پورا ڪر. احڪام=
[ع] حڪم. (2/7) سڀان
=
سڀاڻي، هن جهان يا آخرت ۾. عتاب=
[ع] ڏوراپو، اوڀالو، الزام
(1/8) شوم= بدبخت. محڪوم= [ع] مغلوب. (2/8) ته= ڇا لاءِ جو، نه ته. هولناڪ=
]ف[
خوف جهڙو. هيبت ناڪ (1/9) زهد=
[ع] پرهيزگاري (1/9) ناڪام=
]ف[
نامراد.
***
رديف ٻ
(غزل 11)
(بحر - رمل. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) روهن ۾=
جبلن ۾. پير پٻ=
پيرن جي پٻن جا نشان. (2/1) پٿون=
پرزا. کاٻ کٻ - ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا، يعني وڍ،
زخم (1/3) مَرڪي=
فخر ڪري، خوشيءَ مان. سڪارو=
نيڪ، ڪمائتو. (2/3) دزد دٻ=
دزد کي يعني اهڙي بدمعاش کي دٻ ڪڍ، يا ڌمڪاءِ،
عتاب يا مار ڏي (2/4) اَهکه=
اوکه، مشڪلاتون. گهاءُ گهٻَ=
ٻئي لفظ قريب هڪ معنيٰ وارا يعني زخم. لڦون،
ڦرڙيون. گهٻ به چون (2/5) توءِ=
ته به، انهيءَ هوندي به. ڊؤل ڍٻ=
ٻئي لفظ قريب هڪڙي معنيٰ جا يعني ڏيکه، مڪر،
تجويزون، هنر. (2/6) چَٻَ=
ڪوُڙي اڙتي، ڪوُڙي دعوا.
***
رديف ڀ
(غزل 16)
(بحر - رمل. وزن- فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(2/1) صداقت=
[ع] صدق، سچائي، صفا=
صلح، دل جي صفائي (1/2) فتوّت=
] ع[
مردانگي، جوانمردي. فنون=
[ع] جمع فن جو، هُنر، انهي ڪري
جو جي بدران جا بهترهو. (2/2) جور= جيڪي (2/3) جا محبت مقتضا= [ع] جيڪي محبت جي ضروري يا گهربل يا درڪار
آهي. (2/5) چاهه چس=
الفت، محّبت، خوش خُلقي. جا چون ٿا
=
جنهنکي چئجي ٿو (1/6) حذئ=
]ف[
عادت، خلق. خنده روئي=
]ف[
کِلُ مکه رهڻ(1/7) دولاب=
دغا ٺڳي (1/8) عِزّ= [ع] عِزت. آب=
]ف[
آبروُءَ (2/8) ايءَ پَر=
رسم، ريت (2/9) جيءَ= خوشئ سان سڏَ جو جواب ڏيڻ (1/10) اندازسين=
[ع] پوري انداز ۾، مناسب درجي
۾2/10] ابتدا= [ع] شروع. اِنتها= [ع] پڇاڙي ٻئي ضد لفظ.
***
رديف ت
(غزل 13)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/2) پارين=
پورو ڪن. مفعول اٿس انگه ٻيءُ مصراع ۾ (2/2) الست= ازل، اوّل. اشارو اَلست بربکم قالوابليٰ جو قرآن ۾ آهن.
(2/3) هون=
هجن (1/4) [ع] عزم=
قصد، لاڙو (2/4) ڪڌائي=
بُرائي، ڏنگائي، ضد الفت جو. ڪست=
قَصدُ، شعر جي ڪري رواجي سنڌئ ۾ غلط لفظ ڪم آندو
اٿس، جو ٻئي بيت ۾ ٿو اچي. (2/5) خدابين=
]ف[ خدا پرست ضد خودبين يا
خودپرست جو.
***
(غزل 14)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) ڪوهه=
ڇو، ڇالاءِ (2/1) سَرسري=
]ف[
رواجي، غير ضروري، خسيس. ڀورا=
اي ڀورڙا يا نادان. نِڀائين=
نه ڀائج (2/3) وَه=
واهه، واهواهه. واري=
وري، موٽائي (2/6) ڪُهه=
ڪوهه، ڇو نه. ڪمائين=
ڪم ۾ آڻين، انهنجي استعمال ڪرين.
***
غزل 15
(بحر خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
اشارو=
هن غزل ۾ هر هڪ بيت جي پوئين سٽ يا مصراع عربي
آهي.
(1/1) اي ربّ اسانجا کي آفتن ۽ بلائن کان بچاءِ (1/2) ڊاءُ= ڊپ (2/2) اسانکي آفتن ۽ مصيبتن جي سختيءَ کان ڇڏائج
(2/3) برڪتن جو ڪو حصو مونکي ڏيار (2/4) پوءِ
انهيءَ کي وڏا درجا حاصل ٿيندا. (1/5) غير=
[ع] خدا کان سواءِ ٻيو سڀ
ڪجهه، يا ڪدورت، ڪوڙ وغيره (2/5) تحقيق اُهو زمانن
جي تڪليف يا خرابيءَ کان آزاد ٿيو.
***
رديف ٿ
)غزل
16(
(بحررمل - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) دورنگي=
ٻيائي، ٻه چاپڙائي، ٺگي (1/2) محبت مقتضا=
[ع] محبت لاءِ جيڪي ضروري آهي
سو ماڻ يا حاصل ڪر (2/4) حّق طاعت= فرمانبرداري يا بندگيءَ جا حق ۽ فرض بجا آڻ. (2/5)
سِيرسَٽ=
سِڌوَ وچان، سنئون ئي سَنئون. (1/6) ناڪر=
نهڪر، نافرماني (1/7) ڪُلفت=
ڪينو، ڪارنهن. (2/7) آشنا=
]ف[
واقف.
***
)غزل
17(
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) لُڇڻ=
ڦٿڪڻ بي آرام ٿيڻ. ڪَٿ=
ڪَٿِ ڪٿان، دل هڻڻ، (2/1) صبر سِٽِ=
صبر جي سِٽ يا رٿ يا ارادو ڪر. رضا
=
[ع] جيڪي ٿئي تنهن تي راضي رهڻ
(1/2) ضبط ڪر= پاڻ تي حڪم يا زور هلاءِ، پنهنجي نفس کي ملريا
فرمابنردار ڪر (2/2) حَلّ=
[ع] پوري ٿئي. (1/3) جو ديانت
درس=
اهو ڪم ڪر جو دينداريءَ جي نظر تي درست ۽ برابر هي
(2/4) برون=
]ف[
ٻاهر. (1/5) حسن حڪمت=
[ع] حسن جي حڪمت يا حسن ۽ حڪمت
يا چڱي حڪمت يا ڏاهپ ۽ تجويز سان. خورم=
]ف[
خوش (2/6) يا نبي المصطفا=
[ع] اَي خدا جا پسند ڪيل نبي
(1/7) حاجت روا= مراد يا ڪم پورو ڪر (2/7) يا عليّ المجتبا=
[ع] اَي خدا جا قبول پيل علي
المُجتَبا جي بدران علي مرتضا لکي ها ته بهتر هو،
جو اهو اصطلاح عام آهي.
***
رديف ٽ
(غزل 18)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلن)
(2/2) مرغ جان کي=
جان جي مرغ يا پَکئ کي
(2/3)
ڪارو ڪٽ= نڀوُر ڪارو، ڪٽ جهڙو ڪارو ڪَٽيل (1/4) گونا گون=
]ف[ قسم قسم جو. (2/4) گرم
بازار=
مَتَل، گهڻو هلندڙ. (2/5) وَلولو=
]ف[
گڙ ٻڙ، ڦڙڦوٽ. ونگه وٽ=
ٻئي لفظ قريب هڪ معنيٰ وارا. وڪڙ، پيچ. (2/6) ڦچ
ڦٽ=
ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا وڍ، چير، زخم. (2/7)
نازڪن نال= نازڪ بدنن ۽ محبوبن سان نال پنجابي لفظ آهي. نٽُ=
ناٽ نخرو، ناز. (1/8) ڪاڻ=
لڳي ٿو قريب سان نه قاسم سان. (2/8) گهيڙ=
تڙ، لنگهڻ جون جايون. گَسُ گهٽ=
ٻئي لفظ هَمُ معنيٰ واٽ، پيچرو.
***
(غزل 19)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) کوٽ=
ٺڳي، دغابازي. (2/1) بوڇ=
بڇ، بڇڙائي جيئن بڇُو بڇڙو. ڀل=
غلطي، قصور. آنءِ=
هائو، بيشڪ، سچ. (1/2) ساري کڻين=
چوپڻ جي راند جو اشارو - گوءِ کڻين، ڪثر کڻين.
(2/2) ڪيئن= استفهام انڪاري يعني ڪين، هرگز نه(1/3) کينئندينءَ=
اي دل کائيندينءَ، يعني جهليندينءَ. ڏانو ڏائڻ=
حرڪتون يا فريب ڪرڻ، مڪر هلائڻ. ڏانءِ اچڻ=
ڪري سگهڻ، عمل ۾ اچڻ. (2/4) کَپُ مَ=
هلاڪ نه ٿي، پاڻ کي نه کپاءِ، بلڪ کوٽ کي باهه ۾
وجهي ساڙي ڇڏ. (2/5) ڏنگه=
ڏنگاني. روڳي=
اي گدلا، ڪِنا. رانءَ=
رانئڻ مان ڪم نه آڻ، ورزش نه ڪر، پسند نه ڪر.
(2/6) ڇاپڻ=
ڇپائڻ، لڪائڻ، ڍڪڻ. ڇانءَ=
ڍڪ، لڪاءِ (ڇائنڻ مان).
***
(غزل 20)
(بحر رمل مسدس. وزن- فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
اشارو - هن غزل ۾ 12 کان وڌيڪ بيت آهن تنهنڪري قصيدو چئبو نه
غزل.
(1/1) هيج=
خوشئ. يگانو=
لاثاني. (2/2) ساءُ=
سواد، لذت. هج وارو=
گهرو، گائل مائل. (1/3) غيرت=
[ع] ريس، رشڪ. (2/3) اغيار=
[ع] جمع غير جو، ٻين يا ڌارين
وٽ. (1/4) واجهه وَجهه= ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا (2/4) جنسار=
سونهن، زيور، حسن جو سامان (1/5) سرواهه=
قربان، سرواهي چون ترار کي(1/6) عربي مصراع=
چيائين يعني يار فرمايو ته تون وڃي جتين واري
پونئين قطار ۾ ويهه جيئن ٻي مصراع ۾ ٿو چوي (2/6)
پيراز=
جتي (1/7) عربي مصراع
=
اي رسول خدا جا تحقيق آءٌ پريشان آهيان (2/7) ڏکن
ڏهڪار وٽ= ڏهڪار يعني خوف. انهنجي سنڀار لهه جن کي ڏکن جو خوف
آهي. وٽ جي منعيٰ هتي ”جي“ آهي. يا انهن وٽ اچي
انهنجي ساراهه (2/8) تڙ ڀيڙ=
سختي، تڪليف. وٽ=
منجهه جي معنيٰ ٿو ڏئي (1/9) عربي مصراع=
اي واءَ صبا جا دير ڪرڻ يا ترسڻ کان سواءِ وڃ
(2/9) هرگونه دان=
]ف[
سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ (1/10) ڪمال الدين جي غزل جو هي
جواب آهي (2/10) احسن الاشعار=
شاعر، جنهنجا شعر چڱا هجن. (2/11) عربي مصراع=
اوهان جو شعر جڏهن منهنجي نظر ۾ آيو (2/11)
اُولوالا بصار= [ع] ڏاهو ۽ سمجهو ماڻهو، لفظي معنيٰ اکين
وارو]1/12[
ملاحت=
[ع] خوبي،
]2/12[
ردا راسخ=
مخالف جي بحث ۽ تڪرار ڪن ۽ اعتراض اٿارين تنجي
لاءِ پورو رد آهي ڪمال الدين جي شعر جي تعريف ٿو
ڪري
]1/13[ جوڙ جڳمڳه=
ٺاهه ٺوهه، تحّمل
]2/13[
غرض= [ع] مطلب، مدعّا
]1/14[
مست=
ڪمال الدين کي ٿو چوي. موزون=
[ع] وزندار، وڻندڙ. (2/14) مجُ=
موڪل. مَجمعُ الا سرار=
[ع] جنهن ۾ گهڻا اسرار اچي
گڏيا آهن. اها به صفت ڪمال الدين مست جي آهي.
***
رديف ٺ
(غزل 21)
(بحر - رمل. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) ڦٺ=
حيف، ڦٺڪار. هزارين=
گهڻي، ڦٺ سان هزارين ڪم اچي نٿو سگهي. يا ته
هزارين ڦٺيون چئجن. (2/) پهه پارن=
شرط بجا آڻڻ. (1/2) پڇائي=
پڪو ڪري. (1/3) سال=
سالم، چڱي (2/3) ناڪارو=
نڪمو، نجس. (2/4) پاهون=
پوءِ تي
]1/5[
غير غفلت=
غير ۽ غفلت. غير يعني خدا کان سواءِ ٻيا دنيا تي
ڪم. آٽ اُلفت=
الفت يا محبت جي سڪ يا بخار يا ساڙو، باهه.
***
(غزل 22)
(بحر هزج مسدس وزن مفاعلين مفاعيلن مفاعيل)
(1/1) دل=
اي دل. ڌئي=
ڌڻيل، چونڊيل (2/2) مٺو مختار=
يعني حضرت محمدﷺ (1/3) ملي منهن اچ=
وڃي خاڪ تي سجدو ڪري اچ. اَسرع الفيض=
[ع] جلد فيض پهچائڻ واري (2/3)
مطلع اَلانوار= نوُر جي ظاهر ٿيڻ جي جاءِ (1/4) پيشاني گهڻ=
سجدو ڪرڻ. وهم غم=
[ع] ٻئي هڪ معنيٰ وارا لفظ.
غمخوار=
]ف[
غم کائيندر يا لاهيندڙ يا ٽاريندڙ. (1/5) مبارڪ=
[ع] گهڻو برڪت واري مشتاقن
لاءِ (2/5) سڌر سرور= وڏو سردار، زور ۽ طاقت وارو (1/6) پر=
هل. اِنّ خيرالزاد تقوى=
حديث تحقيق پرهيز گاري تمام چڱو سمر آهي (1/7) لڳي
لالا نگهري= آسري لڳي. (1/8) ٻڌي احرام= [ع] احرام اڻ سبيل ڪپڙو آهي جو ڍڪي حاجي حج
ڪندا آهن (2/8) سعادت=
[ع] نيڪبختي، مفعول آهي ڏيڻ
فعل جو، جنهنجو فاعل آهي چانٺ. سيّد البرار=
[ع] خلق جو سردار يا مهندار
يعني حضرت محّمدﷺ (2/9) ڪوهيار= ياڪوهيارو،. دوست سڄڻ، يعني پنهون.
***
رديف ث
(غزل 23)
(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن فعول)
(1/2) قول=
انجام. دورنگي=
ٻِيائي، بيوفائي، (مٿي به آيو آهي) (2/3) سندي= جي بدران سندا گهربو هو، يعني قرب جا ڪم نه ڪارڻ. ڪارڻ=
ڪرائڻ. (1/4) دزد=
]ف[ چور. اکين جي چوري آهي دل
کسڻ يا چورائڻ. (2/4) په= پر، مگر. ڌارڻ= رکڻ. سبب=
لاءِ. (2/5) پيالو=
شراب محبت جي جو. (1/6). جڏي=
بيمار. (1/7) ساؤ=
سُڃن جو ضد، يعني دولتمند پنهنجئ وارا. (2/7) ته= تڏهن پوءِ. ڪُنو= رڌڻ جو، ديڳڙو ٺڪر جو. اُٻارڻ= باهه تي چاڙهڻ، رڌڻ. (1/8) ڪذب= [ع] ڪوڙ. (2/8) ڌتارڻ= ٺڳارڻ، گمراهه ڪرڻ.
***
(غزل 24)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) الغياث=
[ع] فرياد (2/1) نظاري=
[ع] نظر، نگاهه، اکه ڏيکارڻ.
(1/2) چشم= ]ف[ اکيون. مذڪر ڪم آندا اٿس. چورڪن=
چورت يا چرت ڪن، چورين، حرڪت ڪن ناز ڪرڻ سان.
(1/4) ووءِ ووءِ= واءِ واءِ، هاءِ هاءِ، افسوس. (2/4) قطاري=
[ع] هڪ ٻين سان اٽڪائي قطار
ڪري هليا ويا (1/5) مان اندر= اندر مان، (2/5) سان= لڳي ٿو اشاري سان (1/6) زُهد وارا=
زاهد، پرهيزگار. (1/6) ويسلو=
غافلم بي خيال، مونکي وساري. جئين=
شال جيئرو هجين. (2/6) ساهه مون=
منهنجو ساهه. تولاءِ=
توکي. ساري=
تانگهي، ياد ڪري. (1/7) جهِڄي=
روئي رڙي، عذاب کائي، (2/7) گوندر=
غم، ڏکه.
***
رديف پ
(غزل 25)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
]1/2[
چکي ماڻي=
ٻئي ماضي معطوفيءَ ۾ آهن وسارڻ سان لاڳو (1/3) عجز=
[ع] عاجزي=
نياز. (2/3) پرين=
اي پرين. (1/4) واعدو=
[ع] اصل صحيح لفظ وعدو. وفا
ڪرڻ=
پورو ڪرڻ.
]2/4[
نڪارڻ=
نه پورو ڪرڻ، انڪار ڪرڻ. (2/5) غير=
دوست کانسواءِ ٻئي ڌارئين ڏي.
***
رديف ڦ
(غزل 26)
(بحر - رمل مثمن. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) سرت=
خبردار، هشياري، سهڻل=
پياريا لاڏ ڪري ”لام“ گڏيل آهي جيئن پنهون=
پنهل، مٺو=
مٺل. ڪڏائي=
ڏنگائي، بڇڙائي (مٿي به آيو آهي) ٿڦڻ=
زور ڪري هڪڙي شئ تي ٻي لڳائڻ. (1/2) اڄ اوهان
مونکي اهو ارشاد يا حڪم ڪيو يا فرمايو ته ڀَلن کان
ڀَلائي ٿيندي آهي (2/2) اها ڳالهه تمام چڱي آهي پر
ڀلائي سان گڏيا پٺيانس زور ڪري برائي ته نه ڪر.
(1/3) تهمت=
مفعول آهن ٿڦ جو ٻي مصراع ۾. (2/3) محرم=
حال جو واقف، حال ڀائي. (1/4) نامور=
]ف[ هتي معنيٰ مشهور، پر اهو
غلط اصطلاح آهي ماڻهو نامور ٿيندو پر نه نالو يا
ڪا ٻي شئ، جا فقط مشهور ٿي سگهي ٿي. (1/5) واڌو= سڀکان زياده ضروري. حيثيت= [ع] لياقت، گڻ. (1/6) تو ري=
توکان سواءِ (2/6) نثر هئڻ آهي=
جنهنجو تو ساڻ اهڙو رس آهي. ۽ تو کان سواءِ ٻين
سان واسطو نٿو رکي تنهن تي اٽلندو ٻيائي نه ٿڦ،
يعني اهو الزام نه لڳائينس ته ٻين سان واسطو ٿو
رکي. پاڻ=
اٽلندو.
***
(غزل 27)
(بحر - رمل مثمن. وزن. فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(اشارو هن غزل جي بحر ۾ غلطي آهي پهرين مصراع ۽ سڀ ٻيون مصراعون
مٿين وزن جون آهن مگر ٻين ستن جون پهريون مصراعون
ٻئي وزن جون آهن. يعني فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن
فاعلاتن - يعني انهن ۾ پونيون رڪن فاعلاتن آهي ۽
هنن ٻين ۾ فاعلاتن.)
(1/1) ٻاڦ=
اُٻ يعني دانهن، فرياد. (2/1) آڙاهه=
آڙاهه، باهه جا مچ. (1/2) ٻاڻ=
تير (1/3) لوڇ=
لڇڻ، ڦٿڪڻ، لوساٽ=
کامڻ، پچڻ (2/3) پرتڪي=
پريت جي، محبت جي. پَرِ=
رسم، دستور. (1/5) جل=
جلڻ، ساڙو. جهوري
=
ڳڻتي، فڪر. (1/6) قاسم=
اي قاسم، (2/6) اُلا=
شعلا باهه جا.
*** |