رديف ڏ
غزل 39
1. آءُ پرين پاڻ اسان ساڻ گڏُ،
ڏوهه ڏسي ڏورا اسانکي مَ ڇڏ.
2. ريت چڱي ناهي رقيبن سندي،
بي گر بي پير کهيل پُون کڏ.
3. برهه ڪيم جان جڏهانڪر بهار،
چاهه چمن ڏانهن هنيين کي نه هڏ.
4. محب ڪري لطفَ م مشتاق لوِڌ،
پرت رکي پاڻ اکيان کين سڏَ.
5. قاسم جو قول مٺل ڪن ڪري،
ساڻ ڏمر ڏوٺ وٽان اُن مَ لَڏ.
***
رديف ڊ
غزل 40
1. هيئن وڏي سڏِ ٿو چوان جنهن پر ڪري ٿو گوڙ گهنڊُ،
آءٌ پرين سان؛ پرين مونسان گڏيا جيئن کير کنڊ.
2. مون سندو محبوب محبوبن اڳيان آهي ائين،
تاءَ تارن جي اڳيان جيئن ٿو ڪري چمڪارُ چنڊ.
3. باسَ باسي برهه وارو بار مون برسر کنيو،
جيئن ته جوشن جو رکيم ڄاڻي مٿي جيءَ جان جنڊ.
4. ننڊ ۾ نا قص رهي ڦليار ۾ ڦوڪُون ڏئي،
ري عبادت جي رهڻ آهه اجايو گوڙ گنڊُ.
5. نانگ ناتي جي ڏنگيم جيئن ڏيل منهنجو پيو ڏري،
ماڻ ڪنهن مانڊاڻ سان مانڊيءَ هنيم محبوب منڊ.
6. اوچتو منهنجن اکين مان آب تيئن جاري رهي،
جيئن پوي ڪنهن ويل وَهندڙ واهه کي ڪو کاٻُ کنڊ.
7. نفس نا فرمان نت نادان اَمّارو اَپر،
کَرُکِجي لاءِ خلق کارڻ، ٿو اَچي اَڏو اَهَنڊ.
8. ڪيَر تون قاسم ڪهي من من سندا مطلب لِهي،
ڪير تن کان ڪيئن رهي هي، دوست دُرَپٽ ڀانُ ڀَنڊ.
***
رديف ڍ
غزل 41
1. من منجهان غفلت غلاظت غَيرُ ڪَڍُ،
صاف رک سينو، به منهن مان مير ڪڍ.
2. جي گهُرين، منجه آخرت آجو رهان،
ڪر خدا جو خوف ۽ تون خَير ڪڍ.
3. دائري ۾ دوستيءَ جي پير پاءِ،
کان ڪُڌائيءَ ڪَذبَ پاهون پير ڪڍ.
4. نفس کي منَ کان مٽائي چون ٿا،
دُزد ڌارا آهي هن هنڌ ڪير، ڪڍ.
5. سان محبت توُن ڪري مضبوط مَن،
ڦوڪ هي ڦُلهيار، دل کان ڦير ڪڍ.
6. جي گهَرين عقبيٰ اندر ميوا ملن،
ڪو بکئي ڪارڻ اٽي جو سير ڪڍ.
7. قلب کان قاسم ڪڍي ڪوڙي هَؤسَ؛
هيڪ ٿي هل ۽ وچان هي وير ڪَڍُ.
***
غزل 42
1. خَوف ڪر تون کان خدا، ڇَڏ ڏنگ ڏاڍُ،
ڊاءُ ڊپُ ڊڄ رک سدا، ڇڏ ڏَنگَ ڏاڍ.
2. ريت رِٿ سان سچ سنوت نت ڪر نياز،
ڏاڍ ڏنگ ناهي روا، ڇڏ ڏنگ ڏاڍ.
3. ڪا به ڏاڍائي ڏنگائي ڪيم ڪر،
تا ملي مَنَ مُدّعا، ڇڏ ڏنگ ڏاڍ.
4. سان وڏن ماڻهن نَيو نِوِڙت ڪرين،
سان غريبن پڻ ڀلا، ڇڏ ڏنگه ڏاڍ.
5. ڪاڻ سڀڪنهن قرب قاسم جيئن ڪري،
صِدق ۾ رک دل صفا، ڇَڏُ ڏِنگه ڏاڍُ.
***
رديف ذ
غزل 43
1. ناز وارا سندوِءِ نامُ لذيذ،
قُربَ ويلي سَندئي ڪَلام لذيذ.
2. ساهه صدقو ڪريان جڏهن قاصد،
ڏئيم پرين وٽان پيام لذيذ.
3. عمر ويئي عبث تلافئ لاءِ،
جلد ساقي پيار جام لذيذ.
4. خاص خلؤت اندر ڀليءَ ڀَتِ سان،
يار جو آهي فيض عام لذيذ.
5. سروقد سونهن ۾ سچو سالم،
ڪبڪ رفتار خوشخرام لذيذ.
6. عشق وارن اڳيان اصل آهي،
مهر معشوق جي مدام لذيذ.
7. دَوست ديرو جڏهن ڪَيُم دل ۾،
تات اُنجي لڳيم تمام لذيذ.
8. شعر قاسم پڪو پهي ته هجي،
شعر شرين پڪو نه خام لذيذ.
***
غزل 44
1. پرينءَ سان پرت پهه پائڻُ مُلَذّذ،
لڪي کان لوڪ لَؤن لائَڻ مُلذّذ.
2. رُٺو رانجهن ادب جي ريت رٿ سان،
ڪري پر گهور پرچائڻ ملذّذ.
3. حبيبن جي هٿان سان قرب جي ڪات،
ڪُسڻ جي ويل ڪنڌُ نائڻ ملذّذ.
4. سسئي وانگر سدا سان سَوز گهاري،
پنهون منجهه پوُر پِر ڀائڻ ملذّذ.
5. علئ جو اسم اعليٰ سَٿ سَڄئ ۾،
ڀليرو ڀر جهلو ڀائڻ مُلذّذ.
6. نمونا سان عجائب اوٽ اٽڪل
نوان سان ٺهرائڻ مُلذّذ.
7. غزل قاسم سندي ۾ قابلن جي،
فصاحت فڪر فُرمائڻ ملذّذ.
***
رديف ر
غزل 45
1. آهي الله جو عجب اِسرارُ،
انت اُنجي سندو نه شرح شمار.
2. مَاعَرَفَاکُه حَقّ مَعرفتَکه،
ڪيو نبي آخر الزمّان اِظهار.
3. صَلَواة عَليَہ مَنِ هُوَ ڪَانَ،
في النبيّين حيّذ المُختار.
4. مَن هَدَاني اليٰ سبِيل الحق،
هُوَ حَقيق وَ آلہ الاَ طهار.
5. وَحدَهُ لاَشَريڪ لَہُ ڄاڻو،
مَاسويَ الله جو ڪري انڪار.
6. اَلّذَي لَيسڊ مِثلہُ شئ،
پاڻ کان ٿي پري وٺو هي يار.
7. روز شب رب سندو ڌيان ڌريو،
فاتّقوا الله يا اولاالاَ بصَار.
8. مالڪ الملڪ ذوالکمال ڪريم،
آهي سڀ ٽول جو اُپائڻ هار.
9. فَاکثَر والّذ ڪر ڪُلّ اَحيانِ،
اِنّما الله واِحد القهارّ.
10. ڪنهنِ سنديِ ڪاڻ ڪين ڪڍ قاسم
منجهه توڪّل هميشہ هوهشيار.
11. قرب حق جو سدا گهري قاسم،
حَيثُ اِنشَدّ ذاِلکه الاشعار.
***
غزل 46
1. مُحبُ محبوب منهن مٺو منٺار،
حال واقف حبيب يڪ دل يار.
2. حال هيڻو سندم ڏسي من ۾،
ڪهِل ڪامَن ڪري ڌئُل دلدار.
3. مانَ سان محب مان فرمائي،
واسطي عاشقن پريت پيار.
4. دل سنديم، جا سدا رهي مشتاق،
مَن ڏسي دوستن سندو ديدار.
5. قرب مونسان جڏهن رکيو معشوق،
ترت تن ۾ ڪيم طلب تڪرار.
6. اڄ اسانجو اچي قريب ڪيو،
رحم سان رِفع درد جو دشوار.
7. سُرڪَ سِڪَ جي هٿان پيارل پيءُ.
اهکُه انَدوهه سڀ لٿم آزار.
8. موُن سندي مَن سندي کُلي مُکري،
آئيو اڄ عجيب برهه بهار.
9. وٺ ٻنهي مصرعن اکر اُوليٰ،
تادو اِسمي اچي ٿئي اظهار.
***
غزل 47
1. علم سکه علم ري نه ڪرٻي ڪار،
تالَهين عِزّ علم جي پرڪار.
2. سُخنم بَس حُکم حکمتَ يافت،
هزل بگذار وجّد ازو بردار.
3. قيل اَلعلُم کَانَ وَحشياً،
قَيُدّ وُها بِڪَثرة التّڪرار.
4. علم ري آدمي گڏهه گمراهه،
جاهلن گڏ گهڙي به ڪيمِ گذار.
5. حرف با گوش کن که حرف بري،
سعي درکسب علم کَن بسيار.
6. خُذ بِحَرف وَ قُل لّہُ اَلفا،
دل اُتي ون اکرِ اکر بيهار.
7. ڪاڻِ ڪنهن ڪمِ مَ ڪڍ ڪنهين جي ڪِاڻ،
حَسبُنا اللهُ پڙهه با سِتمِرار.
8. آڳ ۾ عشق ايزديءَ جي روُح،
تون رُپي جيئن رِجاءَ آٽ اُجار.
9. بهر تهذيب و خوبي اَخلاق،
پِندما بشنو و بهانه ميار.
10. بَعَد ذالکه اَقول صَلّ عَليٰ،
اَشرفِ الّرسل سيّد الابرار.
11. وَ علَيٰ ما اسمُہ العلّي مَجدَّا،
لاَ تَقَؤمُوا اِذا علي الانڪار.
12. هوت تڏي هل دلون ڌيانُ ڌري،
ڪيم قاسِم ڪڏهن پُرِجُ ٻئي پار.
***
غزل 48
1. مَضّتَ العمرَ مَرّتّ الاَعصار،
لا اَذقَ ما صفا سؤ.
2. اَحسنُو بايوفا مُحَبّتکم،
صاف گهرجي رکڻ برهه بازار.
3. من رهيُم محو آشنائيءَ ۾،
شَغَلَتَ قَلبُنا عَنِ الاَغيار.
4. اِنّما العشق اَحرقتَ قلبي.
ڏُک ڏٺم سڀ پِريان سندي پِرڪار.
5. حُبّہ لَم يَصل اليٰ عدد،
اِن تَعدّ وا ڪَڪَثَرة الامَطَارِ.
6. ٻول اُنجو اچي نه ٻولڻ ۾،
فَرَغَت ذڪره عنِ الاذڪار.
7. ڳجهه ڳجهو يار جو ڳجهو ڳرهڻ،
فَلساني صَمَت عَن الاظهار.
8. جي پيارن پريت وارو جام،
انا والشّرب يا اُولي الابَصار.
9. اَيّها الّطّالبُون بشّرتکم،
بَدَت الوصل رَدّتِ الاَ هجار.
10. اَيّهاالّشائقون لُرو يتہ،
مر رُئو ذوق ساڻ زاروَ زار.
11. سال محبت سدا سندي سکرن،
فاجنبُوا وَ حَذرُوا عن الاَشرار.
12. اللهَ الحمدُ ڪلّ اَحيان،
شُد ميّسر لقاؤ بوس دکهنارً.
13. فعلوالعشق رب ثبتّنا،
برهه جي بات تي ڌڻيم بيهار.
14. عشق جو سوز سهه سدا اي دل ،
ڪن کذا في العشّي والاَ بڪار.
15. مِلِ محبت ۾ لاهه لاڳاپا،
من تعشّق فلم يجزه اِلعار.
16. يا حَبيبي تعال اَدر ڪني،
ٿيا گهڻا ڏينهن منهن مٺل ڏيکار.
17. عاشقن سان پريت رک پريم،
فات بهر جهره سوي الا ستار.
18. سرد رهه، گرم ڪيئن ٿيڻ گهرجي،
لا حلاوة لڪل طعمِ حار.
19. اِن هجرکه اشد مًن سقرِ،
ويهه وٽم دوست دوُر ڪَيم گذار.
20. ريت رٿ ڪل ڪمايد تن تدان،
هر ڪنهين سان پريت رک، پت پار.
21. اِن بيت الحَبيب في قلبت،
يار منجهه پاڻ نيڻ نائي نهار.
22. چؤ غزل هن نئ نموني تي،
مثل قاسم سخن سندو ست سار.
***
غزل 49
1. هل هئين سان حبيب ڏي هربار،
ڪم اچي ڪين قاصداڻي ڪار.
2. اَهکه ارمان سڀ لٿوم جڏهن،
سان عجيبن رکيم اکين جي آر.
3. سڌ سڪاين سندي لهي ساڄن،
ڌار توکان جيڻ ٿيم دشوار.
4. هي سندم حال ٿيو ته هڪ پل پڻ،
ڪا ملڻ لاءِ مُحب وائي وار.
5. منجه اڱڻ مون سندي مٺا محبوب،
سان عِنايت اچي کلي کِيڪار.
6. لاءِ تنهنجي ملڻ مران، مون ڏي،
کڻ کلي نيڻ، ناز سلڻ نهار.
7. حرف پهرئين کي پهرئين مصرع مان،
ڪڍ، ڪڍي سڀ حروف نانءُ سنڀار.
8. قرب ڪر ڪو قريب قاسم سان،
دوست دلبر ڌيان دل ۾ ڌار.
***
غزل 50
1. اَي معلم ڳڀوُر ٻار م مار،
سان غزالن مَ ڪر ڪُتن جي ڪار.
2. قرب واري ڪتاب مان کولي،
ڪو سبق عشق جو اچي سيکار.
3. لاءِ تهديد تاب طفلن جي،
دست دهشت سندو اصل مَ اُلار.
4. تُند اَبرو جڏهن ڏسن آخوند،
منجهه چپن چوُنِ ربّ خير گذار.
5. تا ڪري جو يار جي جلوو،
ساههُ سان ساز عشق جي سينگار.
6. کان سري سِڪ سندي صفا ساقي،
پُر پيالو منجهَان پريِت پيار.
7. حڪم هرجا هلي سندس هر هر،
حڪمراهن آهي حُسن جي سرڪار.
8. آرزو يار جي رکي اَي دل،
تات تاري سنديَس وَسئون مَ وِسار.
9. جوٽ جهُدؤن جهاد اڪبر کي،
نفس جي ويڙهه جو وڏو ست سار.
10. ڇا غني ڇا فقير هر ڪوئي،
ڏينهنَ دنيا اندر رهي ٽي چار.
11. لاَ تسمّو الاَ حَدِ کُم غَيظاً،
مَ ڏيو مان ڏَمرَ ڪنهين کي گار.
12. رِبّ قاسم اُتي ڪو نايو ڪرم،
بَنبيّکه وَ آلٰہ الا طهار.
13. هَهٰنا اَناَ اَقَول للشّعراءِ،
صَنِّفوا مِثل ذالکه الا شعار.
***
غزل 51.
1. مُحب مُشتاق کي وَسئون مَ وسار،
دوستي آن سندي اٿم درڪار.
2. يار جي ياد کان ڪَيَم توبهه،
زين سخن باز گفته شد زنهار.
3. مِذاتِي المَستَشار مَؤتمن،
پَهه پَهي پاڻ پُر پِريان جي پار.
4. مَڪي مَدنيَ حجازي،
مَن لَہُ الا سِمُ اَحَمد المختار.
5. مِن يّها جَراليٰ سبيلِ الله،
نَال فَوزًا حشي عَنِ الا حَصار.
6. والي الله والرسوُل مَعًا،
سارعوا شاغلً بِاسِتغفار.
7. انا ارجوکه يا رسول الله،
ڪڍ ٻڏل ٻاجهه سان منجهان تک تار.
8. وَلّ وَجهکه اليّ واشفع لِي،
ليس غبر که لنا با ستظهار.
9. هيڪڙائيءَ هَوَسَ رَکي يارو،
منجهه ٻيائي مَ منهن وجهو ٻئي پار.
10. حيثُ تڪوى بِها جبَاه الناس،
لم، تکونوُا مدخهَ الدينار.
11. قرب جي ڪرت ڪم ڪري قاسم،
فاعر فوه بذالکه آلا آثار.
*** |