سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان قاسم

باب --

صفحو :2

 

(غزل 54)

حضرت علي رضه جي شان بابت وري ٻئي شعر ۾ فرمائي ٿو ته:

5. جاهلن سان ڪيم اي دل جنگ جوٽُ،

مٽ ۾ پؤ تن ساڻ، پنهنجو مانُ ڏسُ.

 

6. خلق کارڻ لئي سدائين ٿو کِجي،

نفس نت نادان نا فرمانُ ڏسُ.

 

7. مهر ڪيائين مير مرسل موڪلي،

خلق تي آگي سندو احسان ڏس.

 

8. ٿا عليءَ بعد النبي بر تر چون،

شاهه هن جو هي شرفُ ۽ شان ڏس.

 

9. يا الاهي نُجِنا ممّا نخاف،

منجهه شرارت شومتي شيطان ڏس.

 

10. قرب ۾ قاسم سنديون ڪوُڪوُن سڻي،

اڄ سندس جُودت ڀريو جؤلان ڏس.

 

(غزل 66 مان چئن بيتن کان پوءِ)

 

(7) سندس ڪي همعصر ۽ صحبتي معزز ماڻهو

مرحوم محمد قاسم ڪنهن کي به پوري خبر ڪانه ٿي پوي، پر سندس ديوان مان سڀ ڪجهه ظاهر ٿي سگهي ٿو.

حضرت سيد فاضل شاهه صاحب سان هنجي تمام گهڻي دوستي هوندي هئي، هنجون صحبتون تمام گرم رهنديون هيون. پاڻ ۾ شاعريءَ بابت بحث مباحثا ڪندا هئا ۽ بيت بازيءَ تي وڏا بحث ڪندا هئا، ايتري قدر جو ٻيا سندن بحث اَچي ٻڌندا هئا ۽ کين آفرين ڏيندا هئا، مطلب ته مرحوم محمد قاسم شعر سازيءَ ۾ بلڪل قابل ۽ قاعدي موجب شعر چوندو هو.

مرحوم شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ سان به مرحوم محمد قاسم جي گهري دوستي هوندي هئي. ايتري قدر جو آخوند محمد قاسم مرحوم ميرزا صاحب جي شاعريءَ ۾ ڪي غزل لکيل آهن، جي هن ڪتاب ۾ غير واجبي سمجهي نه ڄاڻايا ويا آهن. ميرزا صاحب، مرحوم محمد قاسم کي گهڻي عزت ڏيندو هو، ۽ سندس شعر تي آفرين چوندو هو. مطلب ته انهن ٻن ماڻهن سان گهڻي ۽ گهري دوستي هوندي هئي. شايد ٻين به ڪن ماڻهن سان دوستي هوندس، ڇا ڪاڻ جو اُن وقت ٻيا به شاعر هوندا هئا، پر اُهو چئي نٿو سگهجي ته ڪنهن سان گهري دوستي رکي هئائين، سواءِ سيد فاضل شاهه ۽ ميرزا صاحب مرحوم جي، جيڪڏهن ٻين سان دوستي هيس، ته به سندس ديوان ۾ انهيءَ واسطي وڌيڪ نه لکيل آهي نه بيان ڪيل آهي. باقي هڪ شعر جنهن ۾ مرحوم محمد قاسم ”توشيح جي صنعت“ ڪم آندي آهي، اُن ۾ ڏسبو ته پهريُن مصراعن جي پهرين اکرن کي ترتيب وار ملائڻ سان ”محمد قاسم“ جو نالو ٿو نڪري ۽ تنهن ڪري دستور موجب پوئين مصراعن جي منڍ وارن اکرن ملائڻ سان حڪومت راءُ جو نالو ٿو نڪري، جو شايد سندس دوست يا غزل جي ٺهرائڻ جي فرمائش ڪرڻ وارو آهي. پوءِ نئين بيت ۾ پڻ اهو اشارو شاعر پاڻ ڏئي ٿو. اُهو شعر هيءُ آهي:

1. محب محبوب منهن مٺو منٺار،

حال واقف حبيب يڪدل يار.

 

2. حال هيڻو ڏسي من ۾،

ڪهل ڪامن ڪري ڌئل دلدار.

 

3. مان سان محب مان فرمائي،

واسطي عاشقن پريت پيار.

 

4. دل سنديم جا سدا رهي مشتاق،

من ڏسي دوستن سندو ديدار.

 

5. قرب مونسان جڏهن رکيو معشوق،

ترت تن ۾ ڪيم طلب تڪرار.

 

6. اڄ اسانجو اچي قريب ڪيو،

رحم سان دفع درد جو دشوار.

 

7. سرڪ سڪ جي هٿان پيارل پيءُ،

اهکه اندوهه سڀ لٿم آزار.

 

8. مون سندي من سندي کلي مکري،

آئيو اڄ عجيب برهه بهار.

 

9. وٺ ٻنهي مصرعن اکر اوُليٰ،

تادو اسمي اچي ٿئي اظهار.

 

(غزل 46 مان ورتل)

(8) ديوان قاسم

مرحوم محمد قاسم پنهنجو هڪ شعرن جو ڪتاب ٺاهيو، جنهنجو نالو رکيائين ”ديوان قاسم“. تمام چڱي طرح ۽ چڱن خيالن سان لکيل آهي. ”ديوان قاسم“ اڳيئي ليٿو ٽائيپ ۾ 87صفحن ڌاري مشتمل ٿيل هو جو 1293 هجري مطابق 1875ع ۾ تيار ٿيو. سنڌ ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ جي پسنديءَ پڄاڻا وڌيا ونور ڇاپخاني ڪراچيءَ جي ۾ سنه 1878ع ۾ ڇپجي شايع ٿيو، ڪتاب جي قيمت 8 اَٺ آنا آهي. ديوان فاضل ۽ ديوان قاسم ٻئي اڳي بمبئي جي يونيورسٽيءَ جي امتحانن لاءِ مقرر ٿيا هئا. اهي ٻئي ڪتاب ڪامياب آهن.

ديوان فاضل ۽ ديوان قاسم جيڪڏهن چڱي طرح نظر مان ڪڍبا ته ڏسبو ته ٻئي ديوان هڪڙي ئي نموني تي لکيل آهن. جيئن کڻي چئجي ته هڪڙي شاعر جا اِهي ٻئي ديوان لکيل آهن. شايد سيد فاضل شاهه مرحوم ۽ مرحوم محمد قاسم جي شعر جي چٽا ڀيٽي پئي ٿيندي هئي، ۽ مقرر ڪيل مصرع تي شعر ٺاهيندا هئا يا الهجي ڪهڙي ڳالهه ڪري ٻنهي ڪتابن جو گهڻو ڪري مضمون ۽ ڪلام ساڳيو ئي آهي. مرحوم محمد قاسم وقت جي شاعرن سان طبع آزمائي به ڪندو هو اُنهيءَ جا مثال هن سندس ديوان ۾ ڪيترن هنڌ لڀندا.

”ديوان قاسم“ جيڪو ليٿو ۾ ڇپيو هو تنهن ۾ ڪيتريون ئي چڪون رهجي ويئون هيون ۽ اکر به مونجهاري جهڙا هئس. سنڌي غلط ۽ اڳوڻي زماني جي لکيل هئي. وڏي ڳالهه ته اُن ۾ ڪيترائي غزل کٽل هئا، جي هن ڳولي پورا ڪري وڌا اٿئون. ڪتاب برابر اڻ ملهو آهي پر ليٿي واري ڇاپي ۽ چڪن سندس زيب زينت وڃائي ڇڏي هئي. تنهن ڪري تمام گهڻي محنت ۽ جفاڪشيءَ ڪڍڻ بعد اُها سنڌي مٽائي هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ آندو اٿئون هر ڪنهن غزل تي اڳي وزن ۽ شرح نه ڏنل هئي تنهن ڪري پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ اسان ساري شرح به ڏني آهي. جنهنڪري ڪتاب پاڻمرادو به زيب زينت ورتي آهي. ڪٿي ڪٿي جي ضروري سمجهيو ويو آهي ته غزل ڪهڙي مراد سان شاعر جو لکيل آهي ته اهو مطالبو به درج ڪيو اٿئون. پارسي يا عربي سٽون گهڻن هنڌ ڪم آيل آهن جنهنجي ڪري ماڻهن کي هوند ڏکيائي ٿئي، پر انهن جي سهوليت لاءِ ۽ ڪتاب کي زيب زينت ڏيارڻ لاءِ اُنهن جون معنائون به تمام چٽيءَ طرح ڏنيون ويون آهن. هر ڪنهن غزل تي بحر ۽ وزن به ڏنو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي شعر پڙهڻ ۾ سهوليت ٿئي. مطلب ته هن ڪتاب کي جيترو ٿي سگهيو آهي اوتري محنت سان ٺاهيو ويو آهي. اُميد ته سنڌ جا سڀ ماڻهو هن ڪتاب مان فائدو وٺي اسانجي همت افزائي ڪندا.

(9) علمي مايو

مرحوم محمد قاسم کي عربي، فارسي، سنڌي ۽ اُردو تمام گهڻي ايندي هئي ۽ اُنهن ٻولين منجهه قابل هو. سنڌيءَ ٻوليءَ جا اصطلاح هن کي ياد هوندا هئا ۽ اُنهن منجهه ماهر هوندو هو قرآن شريف جو آيتون ۽ فارسي بيت جون مصراعون پنهنجي شعر ۾ اهڙي طرح سان جڙي ڇڏيون اٿس جو، جن جي ڪري شعر نزاڪت وارو ۽ سهڻو پيو لڳي.

غزل 57. ۾ مرحوم محمد قاسم چوي ٿو ته: بارکه الله جمعهم براً، جن ڪيو آهي جمع محبت موُر، پهرين سٽ جي معنيٰ هاهي ته ”انهن جو گڏ ڪيل مال چڱو آهي. خدا شل برڪت وجهين.“ اِتي عربي سٽ ڪهڙي نه زيب زينت ۽ بامعنيٰ بيٺي آهي. اهڙي طرح وري فارسيءَ ۾ غزل 102. ۾ چوي ٿو ته:-

ازچ بشوخي بر بودي دلم،

شوخ مشو اَي مه نامهربان

مطلب:- (1/1) ڪهڙي سبب تون منهنجي دل شوخيءَ ساڻ کسي وئين.

وري غزل 103. ۾ عربي زبان منجهه چوي ٿو ته:-

فنر جو ابفضلکه و لَسُنعي اَليکه،

اِلاهي وبکه لغتصم ٿو ڏسان.

معنيٰ _ پوءِ اسين تنهنجي فضل ۾ اميد ٿا رکون ۽ توڏي ڊوڙون ٿا. اي خدا اسين تنهنجي مدد وٺون ٿا.

مٿين مصرعن مان ثابت ٿيو ته ڪهڙي قدر مرحوم محمد قاسم عربي يا فارسي جملا پنهنجي شعر ۾ جڙيندو هو. ڪيترائي ڀيرا سندس هن ديوان ۾ ڏسبو ته سڄائي سارا بيت فارسي يا عربي به درج ڪيل آهن. جن مان سندس ڪماليت ۽ قابليت ظاهر آهي.

(10) فطرت جو اڀياس

مرحوم محمد قاسم فطرت تي به شعر لکيا آهن. جهڙوڪ ساوڻ جا ڏينهن، برسات، قدرت، وڻ ٽڻ ٻوٽا، بهاري بوندون ۽ دنيا بابت.

جڏهن بهاريءَ جون بوندون پونديون هيون تڏهن اُنهن تي غور سان نظر ڦيرائي پوءِ پنهنجي شعر جوڪم شروع ڪندو هو. قدرت بابت ته گهڻائي شعر لکيا اٿس جن ۾ خدا جي قدرت جو بيان چٽيءَ طرح سمجهايو اٿس. دنيا بابت به ڪيترائي غزل لکيا اٿس. ۽ اُنهن ۾ سخت شڪايت ڪئي اٿس. جيئن ته هڪ هنڌ پنهنجي ديوان ۾ دنيا جي شڪايت ڪندي چوي ٿو ته:

دنيا ڪوڙ سان ڪوڙ جان گڏ ٿئي،

نه ڪنهن عارفن ري وساري ڪڏهن.

ڪري غير جي ترڪ قاسم طلب،

ڪجي ڪاڻ طاعت تياري ڪڏهن.

ان مان ثابت ٿيندو ته هو ڪهڙي ڪهڙي قسم جو شعر چوندو هو. عشقيه ڪلام به سندس گهڻو آهي ۽ اُهو تمام چڱي طرح، صفائيءَ ۽ چٽائيءَ سان لکيل آهي. نموني طور رديف ”ي“ جو هڪ غزل هت ڏجي ٿو.

1. وڃي قاصد قريبن کي سنيهو ڏي سندم ساري،

سگهو لهه سار منهنجي تون، اَندر ٿو عشق آزاري.

 

2. اچي ڪر هوت هڪواري، پنهل پورهيت جي پوءِ واري،

رلائي واٽ ويچاري، متان محبت سنديئي ماري.

 

3. اوهانجي عشق جو اوري، لڳيم لؤن لؤن اَندر لوري،

ٿيس آءٌ گس سنديئي گهوري، قضا هي هاءُ ڪم ڪاري.

 

4. ڀلا ڪر ڀال جو ڀالڻ، جدا اَهکو ٿيو جالڻ،

پنهل پورهيت سندو پالڻ، ڪريو سان ميٺ موچاري.

 

5. ڪريان قاسم قريبن جي حڪايت هن حبيبن جي،

ڇڏي جي رٿ رقيبن جي، وريا واڳون وٽم واري.

 

(11) اصطلاح

مرحوم محمد قاسم پنهنجي ڪلام ۾ ڪن ڪن هنڌ اصطلاحي جملا به ڪم آندا آهن. انهيءَ مان ثابت ٿيندو ته مرحوم محمد قاسم ڪيتري قدر اصطلاح ۾ ماهر هوندو هو. جيئن ته:

1. جوهر ڪڍڻ.

2. جک مارڻ.

3. پاهه ڏيڻ.

4. مستمند ٿيڻ.

5. ڏانءُ اچڻ.

6. پوُر پرائڻ.

7. وهلور وڃڻ.

8. ڪلور ڪرڻ.

9. نرت ڌرڻ.

10. رمز رکڻ (وغيره - وغيره)

(12) پهاڪا

شعر ۾ پهاڪا وجهڻ آهي شعر کي سهڻو ۽ زيبدار بنائڻ. مرحوم محمد قاسم پنهنجي شعر کي زيبدار بنائڻ لاءِ ڪن ڪن هنڌن تي پهاڪا به ڏنا آهن. جي پهاڪا اُنهن هنڌ سهڻا ۽ پوري مطلب سان پيا لڳن.

جيئن ته:-

(1) سڪن گڏ آلا ٻرڻ.

(2) جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.

(3) انسان خطا جو گهر آهي.

(4) هڪ هنڌ عربي پهاڪو ڏنل آهي

جنهنجو مطلب آهي ته: جهڙي صحبت تهڙو اثر.

(5) همت مردان مددِ خدا.

(6) ڏک سکن جي سونهن.

(7) وقت هٿ نه ايندو تنهنڪري اُنکي اجايو نه وڃائبو.

(8) (عربي پهاڪو جنهنجو مطلب) ماڻهن جو ذڪر چڱائيءَ سان ڪريو ۽ نه گلا ساڻ.

(9) جيڪي پوکبو سو لڻبو. (وغيره - وغيره)

(13) بلاغت ۽ فصاحت

مرحوم محمد قاسم بلاغت ۽ فصاحت جو شعر چوندو هو حضرت فاضل شاهه مرحوم، به بلاغت ۽ فصاحت وارو ڪلام پنهنجي شعر ۾ ڪم آندو آهي ”ديوان گل“ ۾ ڏٺو ويو آهي ته اهڙي بلاغت ۽ فصاحت جهڙو شعر گهڻي قدر نه چيل آهي، جهڙو هنن چيو آهي جيتوڻيڪ بلاغت فصاحت جا ڪي ڀاڱا آخوند گل محمد مرحوم پنهنجي ڪلام ۾ به ڪتب آندا آهن. جهڙوڪ تشبيهه، استعاره، اصطلاح، پهاڪا، لفظي معنوي صنعتون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org