رديف ڳ
غزل 83
1. هوت همدم هو سندو آسائتن آڌارُ اڳهُ،
ڪوهه ڄاڻان قرب جو اڄ ڪيئن ڇڏيو اُن دوست دڳهُ.
2. ملنَ مشتاقن سندي پوُري ڪري سو مَنَ مُراد،
منجهه جگر ۽ جلنِ جنهن ڪارڻ رکي ٿو جوش جڳه.
3. من طَلَبَ شَيئًا سُڻي اَي دل طلب ۾ رهه تيار،
جيئن سسئئ ڪَر ساهه صدقو وٽ پنهل جي پير پَڳه.
4. جي گهرين منجهه آخرت اندوهه کان آجو رهين،
ٻي هَوَسَ هَٿَ کان ڇڏي لالن سندي لڙهه لام لَڳُه.
5. مَن اَّحبّ الشئ اَڪثر ذڪُرهُ هيءُ ٻول ٻُڌُ،
هن سري جي سُرڪ چکَ ۽ رهه سدا مخمورُ مُڳه.
6. قلب قاسم صاف ڪرسڪَ جو سدا صيقل هڻي،
سان رقيبن زهزنن روڳيُن مڇڻ ڪنهن وير وڳ.
***
غزل 84
1. لِڄَ ڀرئي سان لڳي جڏهن مَنَ لاڳَه،
رند وٺي ٿو وڃان محبّت ماڳه.
2. پرتِ وارو ٿئي پراهون پنڌ،
پارانُ وکه وڌاءُ جرپٽ جاڳه.
3. جَا ڇنئ ڇِوهه جي ڇِڪئ سان سا،
دل طَلبَ تار سينَ ورائي تاڳه.
4. لاّءِ اچڻ يار قُرب ڪهگل سان،
سڪ سندو صحنُ رمز رٿ سان راڳه.
5. غَير سان غرض ڪيم رکه قاسم،
سان سڄڻ ساهه وهم واري واڳه.
***
رديف گهه
غزل 85
1. هئين سان هَلُ پريانجي پار، ڪر سيگهه،
گهڙي گوندر گمائي گهارِ، ڪَر سيگهه.
2. ڪرڻ جي ڀانئين ڪو وڻج واپار،
وِڃي ڏس برهه جي بازار، ڪر سيگهه.
3. مَڇڏ آزردهه دل عاشق آڱڻ آءُ،
وٽن پهچي پرين پت پارِ، ڪر سيگهه.
4. مٽائي غير کان منهن، ساڻ معشوق،
لَڙي لائج اکيُن جي آر، ڪر سيگهه.
5. ڪڍي قاسم ڪسون هل، تا سڄڻ سان،
ڪرين سان قرب ڳالهيون چار، ڪر سيگهه.
***
رديف ڱ
غزل 86
1. دُوئي ڇڏ، ڌَر ڌُئل دلدار سان سَڱَه،
وجهي من قَرُبُ، ڪر منٺار سڱه.
2. ٻيائي ٻَنِ ڏيئي کوءِ ۾ هڻي کوٽُ،
سچو سِٽ سونهن جي سردار سان سڱه.
3. سڄڻَ سردار آهم ساههَ سينگار،
رکان تنهن ساههَ جي سينگار سان سڱه.
4. لڪي کان لوڪ مخفي مام سين ماڻ،
سدا سهڻي يگاني يار سان سڱه.
5. نباهي نيج قاسم قُرب ڪارڻ،
مٺي مشفق اندر آڌار سان سڱه.
***
رديف ل
غزل 87
1. اَنبيائن ۾ اُتم خاصو خليل،
جنهن اڳيان جُرئَت نه آئي جبرئيل.
2. رَحَمة للِعا لَمِين رهبر رسول،
ٿو رکَي جنهنَجي رضا رَبّ الجليل.
3. کان کلڻ کنڪار دلبر جي درست،
ٿو سڃاپي دڙ دلاسي جو دليل.
4. سّيد اَلمدني مَڪي مڪّي مُڪين،
ڪارڻي ڪارڻ تبه ڪارڻ ڪَفِيل.
5. في تَڪَلمّہِ دواءٌ للمريض،
في تَبَسمّہِ شفاءُ لَلعليلَ.
6. اَلذي قَد عَظّمَت دَرجاتہ،
اِذ عطًاهُ الله نِعماءَ النّبيل.
7. رب نه رحمت ۾ سندس خلقيو نظير،
۽ نه عزّت ۾ سندس آهي عَديل.
8. منجهه اُولوَ العزمن ٿيس عزّت عطا،
آهي عالم ۾ نه اُن جهڙو اصيل.
9. روبرو رب جي ويو معراج رات،
اِتّفاقًا لَيس فيها قال قيل.
10. يا رسُول الله اَدرڪنِي ڪما،
ڪان للِعصاة اَلطافکه جَزيل.
11. مشڪلنَ ۾ مضطرب اَيدل مَه رهه،
حَسبناً الله الّذي نعم الوَڪيل.
12. ڪيم قاسم ڪر مَٺائيءَ ڏي مهاڙ،
خُذ بَقولي وَاصفح الصّفح الجَميل.
***
غزل 88
1. يار جانيءَ ري، جيئڻ وهه يا ويال،
جنهن سندي صحبت سدائين آهي سال.
2. عاشقن جي زندگاني زهر آهه،
دوست ڌاران پڻ مرڻ آهي مال.
3. کان ڏسڻ ديدار دلبر جي سندم،
ٿي وٺي دل ساڻ عسرت اِتّصال.
4. اچ رسڻ ڪارڻ قريبن جي رَقيب،
تهمتون مون تي رکي ڪن ترڪتال.
5. محب ٿو ماڻا ڪري مونسان جڏهن.
غير جو مون ناهي منجه خاطر خيال.
6. جي توڪّل مَحو، سي قاسم نه ڪن،
رَبَ سوا ڪنهن ڪم سندو ڪنهنکي سوال.
***
غزل 89
1. چند باشي خيرهُ و محو هلال،
دم بدم اي دل سڄڻ پنهنجو سنڀال.
2. بسکه الصّحبت مؤثر گفته اند،
کان چڱن ماڻهن چڱي سکه چست چال.
3. تا تواني طعنه بر مردم مگير،
وٺ ڀَلي ڀَتِ، جا ڀلارن وٽ محال.
4. گاه در عشرت گذارو گاه گاه،
دل رکي سان درد منجهه جنجال جال.
5. نيست عالم خالي ازاهل سلوکه،
توءَ قاسم آهه اڄ قحط الرّجال.
***
غزل 90
1. آهي منهنجو ڪلام قَلّ وَ دلّ،
عيب واري منجهس نه آهي اَل.
2. طبع منهنجي ڪڏهن طوالِت ۾،
ٿي ڪري کان عُلُوّ اوتَ اُڇل.
3. منجه سخن دستگه درست ڏِني،
آهي مونکي خدائي عزّ وجلّ.
4. اَنا في النّظم مَفخَر الفُصَحاءِ،
ٿيا سخن ۾ سندم نه ونگه نه وَل.
5. دوست منهنجا سخن سڻي خوش ٿيِن،
دُزد دشمن ڇڏيِنِ کاڻا کَلّ.
6. ڪوهه قاسم سندئي ڪلام ڏسي،
هوءِ حاسد سندي جگر ۾ جلّ.
***
غزل 91
1. لاءِ جانيءَ جي رکين جنجال جَلُ،
ڏنهن سپريُن سان چڱيرئ چال چلُ.
2. وهم واري وڃ قريبن ڏي ته ڪن،
دکه جني تنهنجا ڪيا هيئن حال حَلُ.
3. مَحو ٿي محبت اندر تون، ڪيم هو،
ڏوُر کان سهڻي سڄڻ سکپال پُل.
4. پيش پريُن داستاني درد جي،
ڳالهه ڳوڙهي ساڻ صحبت سال سَلُ.
5. عاشقن جي ڪنهن به اٽڪل اوٽ سان،
دوست ڪي دل ساڻ هڪڙي تال تلُ.
6. نفس ناقص رب ڪنا غافل رهي،
هوئي هردم ڪاڻ ميڙڻ مال ملُ.
7. پاڻ ڪر سؤدو سٺو سوڌو ته ناهه،
لاءِ سؤدي سوُد منجهه دلال للُ.
8. بت اندر پنهنجي مَ پڻ هڪ وار جو،
وار ڪنهن سان منجهه ڪنهين احوال ولُ.
9. هَٿَ جني جا منجهه حماقت ٿا هلن،
هوُن سي کان هن شرارت شال شل.
10. فاضلَن جي فيض کان تون منهن مٽي،
ڪيِم قاسم وٽ ڪنهين جهال هُل.
***
غزل 92
1. وٺين ڇو نه اي دل ديانت دليل،
ضَلالت اندر ڪيم هو تون ذليل.
2. رهين جي مشّقت اندر مبتلا،
فَقُل حَسبي الله نعم الو ڪيل.
3. نبيءَ کي خدا خوب نعمت ڏني،
ٿيو ڪارڻي ڪاڻ عاصين ڪفيل.
4. فصلوُ اعليٰ اَشرف الا نبيا،
جنهين خاص خادم ٿيو جبرئيل.
5. عليٰ آلہ ثُمّ اَصحابہ،
ته هڪ هڪ منجهن آهي اعليٰ اصيل.
6. چڱائي چوان، رهه چڱي حال ۾،
درستي ڇڏي ٿيءُ مَ دعوا دخيل.
7. قيامت سنديِ ڪَلَ نه قاسم ڪنهين،
وَما حصّل اَلِعلم الاّ قليل.
***
رديف لهه
غزل 93
1. جا سڄڻَ کان سُيمَ سجائي ڳالهه،
سا سُڻڻ ۾ عجيب آئي ڳالهه.
2. عشق جو علم سکه ته عالَم ۾،
عشق ري آهي سڀ اجائي ڳالهه.
3. ربَ سندي رمز ۾ رهي ايَ دل،
ٻي سڀئي سمجهُه ڌوُڙ ڇائي ڳالهه.
4. عاشقن وَٽِ مَنجهان ٻِين ڳالهين،
سِڪَ سنديَ سَرسُ ۽ سَوائي ڳالهه.
5. ڳَالهه ڪنهنجي ڪرِين ته سهڻي ڪر،
ڇو گِلا سان گڏين پَرائي ڳالهه.
6. قُربَ ڌاران قريب جي قاسم،
ڪِين اڄ ٿي وڻيم ڪائي ڳالهه.
***
غزل 94
1. پَرَ وَٽان قاصدَ ڏنُم پيغامُ ڪالههَ،
سو سُڻي آيَمُ اَندر آرامُ ڪالههَ.
2. مَنَ ملڻ وارو ڪري مونسان وَفا،
يار قربؤن جو ڪيو انجامُ ڪالههَ.
3. دوست ڌاران ڪر نه ڪنهن ٻئي جو ڌيان،
اِنطرح هاتف ڪيُم الهامُ ڪالهه.
4. خاص خلَوت ۾ حبيبن هيج سان،
موُن ڏنو عِزّ ۽ اڪرامُ ڪالههَ.
5. سو سدا سرهو هجي قاسم قريب،
پِرتَ جو جنهن پُرِ پيا ريُم جامُ ڪالههَ.
***
رديف م
غزل 95
1. گهارِ سهڻي وٽِ سدا، ٻيو سَڀ ڦِٽو ڪر ڪارِ ڪُم،
رهُه مَ جانيءَ ري جدا، ٻيو سڀ ڦِٽو ڪر ڪار ڪُم.
2. ويسلو رهه ڪيمَ هِتِ هُت نيٺ ايندُئي ڪم خدا،
خوفُ ڪَرُ، ڊِڄُ کان خُدا، ٻيو سڀ ڦِٽو ڪر ڪارڪَمِ.
3. تَنُ رکي طاعت اندر، اُٿُ ڏَنهن عبادتَ عَزَم ڪر،
ماڻ هيءَ من مدعا، ٻيو سڀ ڦِٽو ڪر ڪَار ڪُم.
4. ڪارڪُم دنيا سندو آهي ضلالت ۽ زيان،
سُچ چَوان، سَچ جي سوا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
5. رَبّ جي رههُ رمز ۾ ري ربّ غافل ڪيم گهار،
جا چڱي، ڪر ڪار سا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
6. ڪنِ ڪري، ڪرڪوت ڪم اهڙا ته توکي ڪم اچن،
اَرِجعي جو نِت نِدا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
7. دوست ٻئي هنڌ ناهي، تو ۾ آهي ديرو دوست جو،
لوچُ، وجهه من ۾ لِيا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪَار ڪم.
8. جِنسَ جا پوکين کڻين هت، جَو جَوَن جهَڙا ملن،
ڪَڻڪ پوکي ڪڻڪ کا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
9. ڪين آهين، نيٺ ٿيندين ڪين، ڪو ڪارج ڪماءِ،
جو اچيئي ڪم سڀا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
10. پاڻ پاسي پاڻ کان ٿي، ڏس پرينءَ کي پاڻ ۾،
ڪرت ڪر قاسم اِها، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
***
غزل 96
1. نينهن ۾ رهه تون نشان، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪَار ڪمُ،
گهارِ اِنَ عِنوان سان، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪَار ڪم.
2. هَٿ ڪنان هٺ کي ڇڏي ڪر نامُ پنهنجو منجهه نياز،
سان ادبَ عزّت عيان، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪَار ڪمُ.
3. خير ڏي وڃ سان ڏيڻ آهي، ڏيڻ ڪم خير جو،
خير ڪر، خوش هَلُ هِتان، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
4. جيئن ته ڪا ڀِت تو آڏيِ، تنهنجي جَيڻ جو تيئن جٽاءُ،
کان ڪِرَڻَ بچَ، وڃُ وچان، ٻيو سَڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
5. اَمُرُ مڃ الله جو قاسم، سندس پڻ خوف رکه،
سُڻ سخن، سچه ٿو چوان، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
***
غزل 97
1. وڃايو عشقَ تنهنجو، عقل آرام،
ڪيو ڪُل کي برهه جي باتِ بدنامُ.
2. اچڻ جي واسطي وعده وفائي،
ڪري سان قُرب مَنَ هو وُيُرِ وَريامُ.
3. ڏٺم سڀ حال ۾ چؤکو چڱيرو،
عجائب عشق جو آغاز اَنجامُ.
4. لڳائي نينهن نِت لَؤنُ لاڳه لوري،
وَمَرّت في بَلاَءِ العشق اَيّام.
5. مدامي لاءِ مشتاقنَ مُحّصلّ،
مُشَقّت مچ مڱر موجود ماتامُ.
6. منجهاران قلبَ ڪَسُ قاسمَ وڃائي،
ڀري ڀرپُور ڏئي جاني جڏهَن جامُ.
***
غزل 98
1. ڪئي درد دلدار جي دل دوُنيم،
جڏي جان پڻ سُورَ ساڙي سقيمِ.
2. حبِيبن نِيو هوشُ کان عاشقن،
نطَر سان فجاؤ اِبسِحر عظيمُ.
3. مِٺا مُحبَ ماکي ۽ مصريءَ ڪنان،
اَڃا واهوهه وَڌِ وهنيان ٿو وڻينمُ.
4. سندئي سِڪ ڦٽايو سندمُ ساهه سُکُه،
وِٽم وِيرَ وِيههُ وَرههُ واڌو وٽِيم.
5. ڏسي ڏيهه ڏاتارَ جا ڏاڻ ڏڍَ،
فآمَنتُ با الله موليٰ الڪريمُ،
6. هٿان شّر شيطان جي مُنهن مُٺي،
فَتوُلُوا اِلي الله ربّ الرحيمُ.
7. ڪري قربُ قاسم سڄڻ کي سڻاءِ،
ته ڏاڍي ڏمر ڏوٺ سان ڏکه مَ ڏينمُ.
***
غزل 99
1. منجهه محبت مشتغل آهيان مدامُ،
سارَ سارههَ ۾ سڄڻ جي مستدامُ.
2. حُبّ جنهنجي قلب قابو ڪيو،
حُبّ جنهنجي ننڊ نيڻن تي حرامُ.
3. ڪيئن ڪريان ڪنهنکي چوان ڪيڏهن وڃان،
عشق جي اندوهه آندم اڙدهامُ.
4. پُر ڪري پنهنجن هٿن سان کان پيار،
پِرت جي پَهه جو پياريو يارَ جامُ.
5. مَهر مان مون مُبتَلا تي لڳه خدا،
آهيان تنهنجن غلامن جو غلامُ.
6. آءُ قاسم وٽ خدا ڪارڻ هلي،
وِرههَ تنهنجي سُکه وڃايُس والسلامُ،
7. هِن غزل تي مَستُ مَنَ جوڙي جواب،
جنهن سندو کان قبح متسغني ڪلام.
***
رديف ن
غزل 100
1. رَهن صاف سالِڪ ديانت دروُن،
لَهُم مايَشائون مَايشتهوُن.
2. بِرهه جي بلائن ڪَيُنُ گرچ مَحو،
نِڀائن ٿين هِن بَلا کان بُرون.
3. سَڃاڻن شريعَت سندي شان سان،
عجب خادم الشرّح خَيرُ القُروُن.
4. حقيقت هلائِن مَٽي مُنهن مجاز،
سدائين سراسيمه دل بي سُڪون.
5. ڪري تَرڪ دنيا سندي سڀ طمع،
خُشوُعًا اِليٰ رَبّهم راغبوُن.
6. وٺي واٽ مُرسلَ مُحمّد سندي،
اُو لائکه بآثارهٖ مُقتدَوُن.
7. ڏٺم شرح شايان صفت ۾ سنديَن،
مضامين اَنجام تانِت متون.
8. ڪرامت سنديُن آهي قاسم عيان،
وتن توءِ دنيا اندر تِيرگوُن.
***
غزل 101
1. سَندمَ هوُنِ حاسِدَ زدا ۽ زبوُن،
رهن سوز ۾ سڀ سدا سرنِگون.
2. ڇڏي طمعِ دُنيا سندي ڇوههَ مان،
فَانّا اِليٰ ربّنا راغبوُن.
3. چَوان سچ ته اَي دل عبادت سوا،
ڪڏهن ڪين ڪنهن پار ڪر قصد توُن.
4. ڪئي نفس ناڪاره دت دشمني،
مَٿِم موڪليا جنهن ڪَسالت قَشوُن.
5. ٿيا نفس شيطان دشمن سندم،
رهيا لاءِ ڪوجهن ڪمن رَهنموُن.
6. ڪيئي مرد مقبول ڪاهل ڪيا،
نَثَر نِفس ناقِص نَجَس نَحس دوُن.
7. هَوَسَ هيجَ جيئن اَهل عُرفان جا،
اِليٰ ذالکه الامرَ لا يَرغبوُن.
8. عَبَث ري عبادت تناول طلب،
الف وِچِ، پس و پيش انجي ٻه نون.
9. جني مامَ مَن يسفڪون الِدّماءِ،
سِٽي فِسق جا فڪَر ڪن ڪُشت خون.
10. دَغلباز ۽ دُزد دعوى پرست،
لِسُوءِ العواقب ڪَذا يَفعلون.
11. دورنگيءَ سندي دوَر ۾ دل دکي،
شَرفناڪ ڄاڻن شقاوت شگون.
12. مَٿِن مامَ مخفي نه رهندي جڏهن،
يلا قَوا بِيوَمِ الّذي يُوعَدون.
13. ڇڏي حق پرستيءَ سندي هوش کي،
گڏي جيئن اندر جو جِهالت جُنون.
14. چَڱا سي رهن جي چڱي چالَ ۾،
وَمّمِا رَزَقنا لُهم يُنفقون.
15. ڪري تُرت توبهه قبايح ڪنان،
بِنعِم الا وامر اذا شاغلوُن.
16. ارهن رَب سندي رمز ۾ روز شب،
وَڪانُوا عَن اللّغوِهُم مُعرضُون.
17. هُويّت سندي حَال ۾ محو ٿي،
وَتَن معرفت ملڪ ۾ بيچگون.
18. پڙهي حَسبُنَا الله نِعمَ الوڪيل،
ڏجن دل سندي سست گهر کي سُتونُ.
19. نَموني نئي هئ قصيد وچيم،
ڪُم صرف قاسمِ فصاحت فنون.
***
غزل 102
1. عشق سندو خوُب اَثر ٿيو عيان،
روح ڪيو آبُ اکين جو رَوان.
2. توءِ سڙي ساهه سندم سوُر ۾،
يار سِوا سوُر نه ڪنهنکي سليان.
3. جالڻَ توري نه اچِي جان کي،
دوست اڳيان وَسَ نه پُڄي ڪيئن وڃان.
4. مڪتِب ۾ مِهر محبت سندي،
روز سَبق سُوَر سِڪَڻ جو سکان.
5. آزچ بشوخي بربودَي دلم،
شوخ مشو اَي مه نامهربان.
6. قاسم، ٿو لاءِ قريبن رڙي،
آهي سندس قول صداقت نشان.
***
غزل 103.
1. جڏهن منجهه مندر هوُ صنمَ ٿو ڏسان،
سندم بت وٽِس منعدم ٿو ڏسان.
2. مٿي دوستَ دَرفالِ فيروز سين،
رقيبن سندو سِرُ عَلمَ ٿو ڏسان.
3. پچائين جي مَشق محبت سندي،
سنديُن يڪ قلم جندُ قلم ٿو ڏسان.
4. هرڻ سونهن صحراءَ جو ڏس ته هاءِ،
سندس لاءِ آرام رَم ٿو ڏسان.
5. اندرَ اَهَکهّ ۾ آس آهِم ته ڪيئن،
ڪري ڪِبريا جو ڪرم ٿو ڏسان.
6. عجب اَوَج اِقبال جو آفتابُ،
وهيون ويِر والا همِم ٿو ڏسان.
7. خجل ۽ خفي جيءُ جڏهانڪر رقيب،
مُعَزّز وٽس مُحترم ٿو ڏسان.
8. ڏسي مُنهن مبارڪ محبن سندو،
خوشي خورمي ٻئي بهم ٿو ڏسان.
9. مَلاذُ المحّبين وَالطّا لبين،
جنهنجي جَسُ جَميل الشّيم ٿو ڏسان.
10. قدم جي کڻن ڪينڪي دوست ڏي،
سندن درد کان دوُر دم ٿو ڏسان.
11. ستمگار عَيّار جو لوڪ لاءِ،
سدائين ستمُ تي ستم ٿو ڏسان.
12. نه پَتِ آهي پيمان شڪن يار تي،
ته ڪاذب سندس پڻ قسم ٿو ڏسان.
13. اِذا اضطّر حالي فعندي تعالي،
ته منجهه هِجر غمخوار غم ٿو ڏسان.
14. چوشد ساقَي آن يار بخشيدمي،
بَدَل عيش سان سڀ الم ٿو ڏسان.
15. چيو مست مرغوب موزون غزل،
ته منجهه علم اعليٰ اُتم ٿو ڏسان.
16. غزل ڇا چيو آهي عبدالطيف،
ته ان ۾ ڪمالات ڪم ٿو ڏسان.
17. خدا عفو خاطيءَ سندي ڪر خطا،
ته جڳه سان خطا، مُّتِهم ٿو ڏسان.
18. حياتيءَ سندو خوب آهي خيال،
ملاحت منجهس مغتنم ٿو ڏسان.
19. ڪنان قلب قاسَمِ وِلم ڪَسُ ته هو،
حمايت ڌڻي همقدم ٿو ڏسان.
20. قصيدو سندم آهي ڪل کان ڪسر،
ته اُن ۾ نه حامي نه خم ٿو ڏسان.
21. فَنر جوابفضلکه وَنَسعي اَليکه،
اِلاهي وبکه نَعتصم ٿو ڏسان.
***
غزل 104
1. ساهه سندم وئين کسي گوندر ۾ گذاريان،
سير اوهان سندو سدا نت نت ٿو نهاريان.
2. جانئ جو ڏسن جمال، آهي سندم اهو خيال،
اَٽڻ سان عشق جي، اندر کي اُجاريان.
3. هاڻ هوس اٿم اِها، آس اُميد منجهه خدا،
عشق سوا الله جي، هڪ گهّڙي نه گهاريان.
4. اي دل درد جو دلِيل، ڪر مَ مٿي زدو ذليل،
حَسبکه ربّکه الجليل، صاف سخن سنواريان.
5. فڪر فصيح ذوُفنون، آهي سندم سدا فزون،
جيئن ته سخن سٽي چڱو سُرت رکي سُڌاريان.
6. قاسم هيِ نئون غزل، آهي بليغ بي بدَل،
باغَ اَندرِ بيانَ جي، طوطيءَ جيئن تنوارِيان.
***
غزل 105
1. دل ٿيم خوشُ دوست جي ديدارَ کان،
ساههُ ٿيو سَرهو سَڄڻ سَردار کان.
2. قَلب منهنجي جيئن ڪيو برسر قبول،
ڪيِن ڪَڪ ٿي ڊرهه واري بار کان.
3. يادگيَري يار جي دل ۾ ڌري،
پلَ ۾ پاسي ٿي پِريان جي پارَ کان.
4. دوُر دنيا جي ڌنڌي کان ڌار ٿي،
سير رکه، رهه صاف هِن سنسار کان.
5. کَرَ کجڻ لاّءِ يار قاسم سَاڻ کل،
جو روئي رَتُ عشق جي آزار کان.
***
غزل 106
1. دُنيا سان مَ رکه يارَ ياري ڪڏهن،
ته ڪنهن ساڻ اُپ پت نه پاري ڪڏهن.
2. ٿِئين غرق جي غم سندي بحر ۾،
ڪندئي ڪين هو غماري ڪڏهن.
3. طِلب اُن سندي محض تاوان آهه،
مَ ڪر لاءِ تنِهن تاتِ تاري ڪڏهن.
4. دنيا ڪوڙَ سان ڪوڙ جان گڏ ٿئي،
نه ڪنهن عارفن ري وساري ڪڏهن.
5. ڪَري غير جي ترڪ قاسم طلب،
ڪجي ڪاڻ طاعت تياري ڪڏهن.
***
رديف ڻ
غزل 107
1. يا الهيٰ عجيب مُنهنجو آڻِ،
نه ڪريون رات ڏينهن روحَ رَهاڻِ.
2. ايئن نه آئيِن عَشق جي آهي،
دوست ڌاران رکڻ ڪنهين جي ڪاڻ.
3. حُسن تُنهنجي ڪيا همه حيران،
محبَ مشفقِ مٺيون مُرادون ماڻ.
4. آي معلُم مّ وَڙِههَ خُٿابِنِ سان،
تُند ٿي تون ڳڀوُر طفلَ مَ تاَڻ.
5. شدّ مَدّ جَزم پيشُ زير زير،
هيئن هُنن کي هجي ڪري ڏَس هاڻِ.
6. جيڪڏهن نه ته جَفا سِوا جُس ناهه،
ڳالهه ڳوُڙهي ڪيم ڇنڊي سا ڇاڻ.
7. قرُب سان هر ڪنهين ڪري قاسمُ،
ريجهه راحَت رکي مَ رنجُ رساڻ.
***
رديف و
غزل 108
1. پرت جو پيچ پاڻَ پائين ٿو،
پوّءِ وريِ مُحب منهن لڪائين ٿو.
2. ڳالهه تو ساڻ جا ڳجهي ڳرهيان،
سان رقيبن سڄڻ سڻائين ٿو.
3. چاههُ چِت ۾ چڱو رکي چيٺي،
مون سندي ساهه ۾ سمائين ٿو.
4. دِل ڌُتارڻ سندي ڪري دعوا،
نازَ سان خَلقَ کي نوائيڻ ٿو.
5. هڪ نظر سانِ هزار حيرت ۾،
تَنُ وجهي وَسَ ڪنان وڃائين ٿو.
6. ڇو اسان سين رَکِين رُسڻ جو ريت،
هر ڪنهين ساڻ رس رسائين ٿو.
7. منجهه اسانجي اڱڻ اچ رات،
ڀالُ پنهنجو ڀلا ڀلائين ٿو.
8. ناٽَ نَخرا ڪري اسانجي دل،
پِرتِ جي باهه ۾ پچائين ٿو.
9. مَنَ سندي حال ۽ حقيقت جو،
هر ڳلي ڳوٺ هُلُ هُلائين ٿو.
10. ڪيترا عشقباز عُمر سڄي،
رهزنن سان رَلي رُلائين ٿو.
11. چشم چوري هزارَ چوُر ڪَيئي،
دل لُٽڻ لاءِ لوُٽ لائين ٿو.
12. پيُ پيالو پريت جو پريم،
اڄ گهڻا گهُور ساڻ گهَائين ٿو.
13. سَؤ سجهائي ڇڏين جڏهن جاني،
عاشقن ساڻ اکه آڙائين ٿو.
14. قرب جي ڪاتَ سان ڪُهي قاسم،
مِهرَ جو مُنهن مِٺا مَٽائين ٿو.
***
غزل 109
1. اُوِهه عاشقُ اَدا سڏائين ٿو،
پوءِ وري پاڻ ڪيئن پڏائين ٿو.
2. حق شناسئ سندي حقيقت ۾،
پاڻکي پير شيخ چائين ٿو.
3. ظاهًرا فِڪر فَنَ فقيرئ جا،
باطًنا ٻي بنا بنائين ٿو.
4. آهي جِن حق يُخادِعُون الله،
تن سندي صف اندر سمائين ٿو.
5. تون ڌڻئ جو ڌيان ڌرِ دم دم،
ڪوه دِل لوڀ ساڻ لائين ٿو.
6. دوست جي دَرَ اُتي اُڀي عارِف،
بختَ پنهنجي کي آزمائين ٿو.
7. قُربُ قاسِم سندي قريبن جي،
ڳالهه هر ڳوٺ ساڻ ڳائين ٿو.
***
غزل 110
1. ڏِٺُم هڪ هوت همدم حُسن وارو،
سِڪي جنهنجي ڏسڻ لاءِ ڏيهه سارو.
2. اچي مَنٺارُ مون وُٽ مَنَ ته اُنجو،
اسانجا نيڻ ڪن نتِ نتِ نظارو.
3. عمارت عشق جي جن لاءِ سي مرد،
وڄائن نينهن جي ناتي نقارو.
4. اڱڻ آسائتن جي شال ايندو،
سدا سهڻو پرين پارسُ پيارو.
5. سِڪڻَ سارڻ ملڻ جو آهي اَوّل،
ملڻ ري ناهي ري هن حال چارو،
6. بَجا الله جا اَحڪام آڻي،
هئڻ گهرجي نه ڪنهن ڪم ۾ ڪَٿارو.
7. سناسي سَير ڪن منجهه نفي اثبات،
اُنهنجو پَنٿُ آهي نِتُ نِيارو.
8. اَٿئي لاَتَقنطوُا مِن رحمةالله،
ڏهاريُن ڏانهن آڌر جو اشارو.
9. تَو ڪلّ تن رکي پڙهه حَسبي الله،
مَ گهُر قاسم ڪنهين کان ڪي اُڌارو.
***
غزل 111
1. هاءِ هرگز ڪونه ڪو وِسُ آهي هن وهلوُر جو،
ڪيئن تري مَنجهه سمنَڊ آڻ تاروُ ستايل سوُر جو.
2. تو ڏٺي بي حَسّ حرڪت حال مون مهجور جو،
ڄڻ ڏٺو موُسيٰ ڪليم الله شُعلو طوُر جو.
3. مَنَ ٿئي تَنُ تو اڳيان ڪَتّان جيئن ٽڪرا جڏهن،
ٿو وجهين جلوو، ڪٿهن ماهِ فلڪ جيئن نوُر جو.
4. هوئي هر حلقو محَڪ محذوب بيخود لاءِ ته آهه،
ذوق جي رنجِير وِڌ پَههُ چريَن کي پوُر جو.
5. عقلُ اَلحق قيد قابو آهي عِندَالعارفين،
نانهن ۾ نابُود ٿي ڀَڃُ مغز هر مَستوُر جو.
6. جنهنُ مَسخّرُ ملڪ معنيٰ سو بصورت في المثل،
ڪوبه فرمانبر رهي خاقان ۽ فغفور جو.
7. واه لِله دُرَ قائلہ چيو جنهن ڪنهن ڏٺو،
هئ غَزل منهنجو جوابي مٽ مجازئ موُر جو.
8. معرڪي معيوب آهين ڪلُ مضامين مُستعار،
منجهه مضامين مُجدّد مردَوَسُ مقدور جو.
9. سنڌُ ٻولئ ۾ صفا انصاف قاسم ڪيم ڇڏ،
مستَ جو جوڙيو غزل آهي عجب دستور جو.
***
رديف هه
غزل 112
1. موُن اڳيان اَي دوست يڪدل يارَ رَههُ،
جيئن گهُري دل تيئن وَٽِم دلدارَ رَههُ.
2. ساهه توکي ٿو سڪي ساري سدا،
ڏينَهن ٻاٽي ساههَ جا سينگارَ رَههُ.
3. مانَ سان اڄ منجهه اڱَڻ منهنجي اچي،
مهربانئ کان مٺا منٺارَ رَههُ.
4. پرت وارن کان مَ پاسي پير پاءِ،
منجهه سندن صحبت سڄڻ سردارَ رههُ.
5. جو گذاري ڪِينَ تو ري هڪ گهڙي،
ڪاڻ قاسم لاّءِ لهڻ سڌُ سارَ لههُ.
***
غزل 113
1. هلي هوت ڏي ويسلو ڪيِم ويههُ،
ڀري پير ڏَنهن پرت پَههَ پار پيههُ.
2. وجهي آڳه اُلفت رُپي جيئن رِجاءِ،
اندر عشق سان آٽ، ڏي رِيجهه ريههُ.
3. سندي فڪرِ ڦَٽَ کي تهَ دنيا ڪيو،
ڏجي ذِڪر رَبَ جي ڇُرئ ساڻ ڇيههُ.
4. اُٿي سنبههُ، کڻ تون سمر، ڪيم ڀانءِ،
ته ڪو اصل وارو اٿئي ڏوُر ڏيهه.
5. فَفِر وّاِلي الله جو فَنُ سکي،
ڪَري قرب قاسم رکج نينهن نيههُ.
***
غزل 114
1. ساڻ تو دل لڳيم وريِ وَهواههَ،
اَچُ پُڄايم اُميد آسَ اَلله.
2. منجهه اڱڻ مون سندي الَہ لڳُه آءُ،
دوستَ دِلدارَ دِل گهريا دِلخواهه.
3. لاءِ بسمل اگر سڏين عاشقَ،
سڏ قبوُلين ساڻ بسم الله.
4. منَ اندر موُن سندي ڏِهاڻي ڏي،
مُحب مشفق سندي ملڻ چس چاهه.
5. قربُ قاسم نه جن قريبن جو،
گَسُ ڇڏي سي گٿُل ٿيا گمراههَ.
***
غزل 115
1. يار ڪرنِتُ نازَ سان موُن نگاههَ،
نه ته ڪندس کان عشق جي اَندوههَ آههَ.
2. ڪن سدا عاشق اُداسي قربَ مان،
صدق سا صدقي مَٿِنهن صد بار ساهه.
3. جي سڙن ٿا تو سندي سڪ سار ۾،
سي ڪُهين ٿو ڪوههُ عشق بيگناه.
4. جي رعوُنت ٿا رکن مونسان رقيبُ،
شوُم شَر شل ترت سي ٿيندا تَباهه.
5. مُحبُ مشفق مِهربان مونکي مليو،
اچ عِنايت ڪئي اٿم قاسم اَلله.
***
غزل 116
1. سَيّد لِلانامِ صَلّ عَلِيہ،
هٰهُناَ اَلجسم وَ الفواد لديہ.
2. نَحنُ نَرجُوا اَليہ لَمّاڪانَ،
لِلشَفَا عَةِ لِنا الملاذُ اَليہ.
3. رمز حُبّ الوَطَنَ سندي رکه تون،
وير وڃڻو اَٿئي جڏهن ساڻيهه.
4. سي وطن لاءِ مر سڪايل هوُنِ،
سان سفر سانگه جي پُرَنِ پر ڏيِهه.
5. جي اٿئي آس تا ملان جَتَ کي،
وڃ جبل، جهنگ ساڻ ڦيرن ڦيههِ.
6. قال اَحسنتُ اَيّها اَلقاسمِ،
مَدحُنا مَن بَلَغ اَليٰ اُذ نَيِہ.
***
رديف همزه
غزل 117
1
. ساههُ سندمُ ٿو سِڪي، دلبرَ دلدارَ لاءِ،
حُبّ هئين ۾ هَلي، هوت هئين هارَ لاءِ.
2. نينِهن نهوڙي نيو، گهاءُ گلي ۾ پيو،
مانَ اَڱڻ موُن اَچي، يارُ سَماچارَ لاءِ.
3. روُحِ رتل ياد يار، قُربُ سندس نئي قرار.
آسَ اَندر ۾ اَٿم، دَم دَم ديدارَ لاءِ.
4. عشق سندي اِبتدا، چوُن ڪُسَڻ ڪيفيت،
آهي عجب امتحان، عشقَ طلبگارَ لاءِ.
5. هوئي هَوَسَ هر دوُسو، روح اڳيان روُبرو،
خوف خدا يا هوَس، يار سندي يارَ لاءِ.
6. وڃ مَ وٺي هَٿ ٺلَها، ڏيهه ڏسڻ ۾ سَدا،
محبت معشوق جي، عاشق زردارَ لاءِ.
7. ساههُ گهنگهر ۾ گهتان، مهر مَٽائي متان،
روز هوائي وَتان، يار هوادارَ لاءِ.
8. آسَ اٿم منجهه اندر، قُربَ ڪَنان ڪُل ڪسَر،
حيدر حامي حشر، همّت هَموار لاءِ.
9. لئوُن نه ڪڏهين لڪي، چاڪ جگر ۾ چِڪي،
ساهه سدائين موُن سڪي، دُلدل هسوارَ لاءِ.
10. رحم رعايت سنديس، عنايت سنديس،
آهي شفاعت سندس، عام گنهگارَ لاءِ.
11. صنعت ساري سئين، آڻ نزاڪت نئين،
ڇَندُ مُجَوّز چئين، قافيه تڪرارَ لاءِ.
12. قاسم ڪَهُه هي غزل، ساڻ مزي مشتمل،
ڏور ڏسڻ لاءِ مُجُ مُحبَ مزيدارَ لاءِ.
***
غزل 118
1. اَي يار اڱڻ اسان سندي آءُ،
تاصحبت تو سنديءَ وٺون ساءُ.
2. سان وصل اچي وچاءِ جوئي،
آهيم ڏنو فراق اَهنجاءُ.
3. جُڳ ۾ نه اوهان جيهو ڏٺم ڪو،
مَنٺارَ محبّ دوست داناءُ.
4. قَد اَدرقَني الفراقُ فَالضرن،
اَلّنار لَينطفي لهَا الماءُ.
5. هڪ پَلُ به پرين جڏهن پري پوءِ،
کان پوُر پويمِ گهاءُ تي گهاءُ.
6. کان قرب مِليم قريب قاسم،
اَڄ وصل سندو وري وَٺم واءُ.
***
غزل 119
1. اَٿم دوستَ ري دل اَندر هاءِ هوُءِ،
چوان حالُ رانجهن اَڳيان روُبروءِ.
2. مَدن جو رکڻ ڪين گهُرجي گُمانُ،
وَاِنهُم لَيظُنوّن اِلاّ بسوُءِ.
3. جنهين جاءِ ۾ جُوءِ جائي سندي،
وَسان ڪيِئن وِسارِيان اُها جاءِ جوُءِ.
4. چَمَن چاهه جي ۾ پُري پِرت سان،
بِهاريو سندم بُت سُنگهي برهه بوُءِ.
5. قُل اَلحمد لِللہ لِنعمانہ،
خُدا خوُب خلقيو سندُن خُلقُ خوُءِ.
6. رَسيلا رهي روح ۾ رَسُ رکن،
سدا ساڻ اَسائتن ايئن اُوءِ.
7. ڪجي قربُ قاسِمَ دِلِيَؤن دوست سان،
ڏسي ڏکه وڃي جَنهن سندي رمز روءِ.
***
غزل 120
1. رَکهُ مَ اي دل اُداس لالچ لاءِ،
ٻولِ ڪنهن سان نه ٻول صدق سواءِ.
2. اِنّماالکذب باطِل فاترُڪہُ،
سُچ سِٽَي توُن ڪڏهن مَ ڪوڙ ڪماءِ.
3. پاڻ پنهنجو م تون گلا سان گڏ،
ڏانهن واکاڻ واٽ واڳ وراءِ.
4. اُذڪُرّالناسَ ڪُلّهُم خيراً،
اَنا وَالله لَستُ بِانهجّاءِ.
5. جنگ جو فن مَ جوٽ فا عرض عَنہ،
قَلبُ قاسم ڪنهين سَندو مَ رَنجاءِ.
***
غزل 121
1. اگر مَحو دل آهه دِلدار لاءِ،
اِها ساهه لاّءِ سڪ سَدا مَرِ سُهاءِ.
2. هَمه حال هموارهو، رَڪُ مَ رههُ،
مداراءِ مِهر هردم هلاءِ.
3. م ڪَر مُور دل ڪو مَدو ڪار ڪم،
مدو حرصُ معدُو م ڪر هاءِ هاءِ.
4. مَ سَهه سوُر ڪر ڪو اَلهه در سوال،
اَلا اَهُکه وارو مَ وارو وراءِ.
5. اِلاها دَواماً عَليٰ ڪُلّ حال،
لکه الحمد حَمداً ڪَعَدهَ الحصَاءِ.
6. محّمد مُڪو آهه اَحمدُ الله،
اَمُل لاءِ عالَم اَعَمّ العطَاَءِ.
7. اماُم المُڪُرّم مدار المَهَام،
اَسَدُ اِسُم اَعليٰ اَهُمّ الو لاءِ.
8. سموُرا سکر لعل ۽ دُرّ لَههُ،
اکر مَهمِلا ڪُل ڪَمالؤن ڪماءِ.
9. سَمَر سارِ، هَلُ وهَم قاسم مَ ڪر،
سکر سال سالڪ ويا واءِ واءِ.
***
غزل 122
1. سڄڻ توکي سدائين ساهه ساري،
ڪڏهن منهنجي اڱڻ آءُ.
محبت تو سندي ٿي موت ماري،
وِڌُم جنهن گهاءَ تي گهاءَ.
2. نَمائي سر سندم سان نينهن ناتي،
ڪيو منجهه قرب قابوُ،
نسوري ناز نٽ نيڻن نظاري،
سِٽي مُحبت سندو ساءُ.
3. برهه جي باهه ڀَڙڪي جيءُ جلايم،
پِيم پڻ منجهه جگر جوش.
اوهانجو عشق ايئن آتش اُٿاري
تکيرو، جنهن سندو تاءُ.
4. هڻن منهنجي هنئين ۾ ڏَنگَ ڏاڍا،
وجهي وَر نانگ وانگي،
جڏهن ڇوڙي ڇڏين توُن وار واري،
اندر کي ڏِين ايذاءُ.
5. اکين تنهنجي ڪٿان ڪامڻ سکيو آهه،
ته قاسم تي ڪري ڪاهه،
لُٽن لَههَ سندن دل کي ڌتاري،
لهي دزدئ سندو داءُ.
***
غزل 123
1. آفرين اڪمل اٿئي، تيئن بات تنهنجي جيئن بجاءِ،
صُلح حق الصّلح خيرّ آهي، جَسُ توکي جڳاءِ.
2. تو چيو هڪ نظم منجهه اخبار نالي سنڌ سڌار،
ڇا سندس مضمون موچارو بِحُسن الاحتواءِ.
3. جا سفارش تو ڏني سيّد سچي کي سر بسر،
سا سڄي دل ۾ وڻيم جا دل وڻيل آئي وٽاءِ.
4. مير فاضل شاهه کي کان وير وارن ساڻ مون،
منع ڪئي، تو واهه تنهنجي خيرخواهي لڳه خداءِ.
5. سُرتِ تُنهنجي صاف سوُڌي، سَمجهه سالم ۽ سئين،
مير کي مون لکيوئي پِرت جو پڙ پير پاءِ.
6. پر پروڙيو هُن ڪدورت جو ڪِنايو، سو ڪٿان،
وچ اسان سان سُرت سُڌ ڏِئي پاڻ ٿو هِن ڀَت ڀَلاءِ.
7. علم تُنهنجي آهي اَڪمل نِعمَ عِلم راسخ،
علم تنهنجو اِسم وانگر آهي اڪمل لوءِ لاءِ.
8. شاعرن کي ڏين شاعر سچ سڻڻ جوڳو جواب،
فارسئ سنڌئ اندر، وڃ اِن سخن کي آزماءِ.
9. غرض انجو مان غزل جوڙڻ جوابي آهي ايءُ،
تان طراوت طبع انجي جي عيان ٿئي جا بجاءِ.
10. ڪو ڪدورت ڪاڻ مطلب ان سندو ناهي ڪڏهن.
جهِلَ کان ٿيجي جدا الِجٰهل سوُءِ الاِ دّعاءِ.
11. درسخن گر حرف مچشمان هم چَشمک زنند،
بر حريفي حکم حکمتها است حَمل مُدّعاءِ.
12. مامَ جا معلوم نامعلوم سا توکي مگر،
ڪَلَ نه ڪنهن شئ جي ڪنهين کي سرت سالم جي سواءِ.
13. نکتئه درباب يعني هر سخن دانسته گوئ،
ورنه چون دانش ورايان ازدر دانش دراءِ.
14. قرب قاسم سان سدائين ٿو رکي سيّد سچو،
دوستئ ۾ دُرس دانههَ رَسُ رسيلو ٿو رساءِ.
15. آءٌ پڻ ساڻس سدا دعوا غلامئ جي رکان،
عاقلن کي فاضلن جي سال صحبت ٿي سُهاءِ.
16. فَضلُہُ کالا سم صَارَت نفِع ڪُلّ النّواح،
نَحو عَطر الورد مَايا تي بَها ريحُ الصَبّاءِ.
17. قيل اَنّ المرءِ يُعرف علمہ عند الڪلام،
قُلت في تحسينہ لابدّ نظماً هَوُ لاءِ.
18. نظمِنا قدِ ڪان موزوناً لابدّ مبصدق المليح،
ما شَعتَ بَين الخلائق بالصّباحة والصّفاءِ.
19. نغمه ام هرهمصفيري بخواند زانکه من،
در گلستان خيالم عندليب خوشنواءِ.
20. اڳ نه توسان ڏيٺِ منهنجي منجهه سخن توکي ڏٺوم،
غائباني ڏيٺ ڏينهان ڏينهن وَرُ ڏيئي وڌاءِ.
21. انّمَا اضغاثُ اَحلا ۾ ڪلام ماصنعت،
عَنها لاَنّ النفّس يُوخَذُ بالهواءِ.
23. هَنٰهنُاَ جمسي وقَدَ ڪانَت فُوادي عندَ دکُم،
جُد اِذًا فاڪتب جواباتًي.
***
رديف ي
غزل 124
1. وڃي قاصد قريبن کي، سنيهو ڏي سندم ساري،
سگهو لهه سار منهنجي تون، اندر ٿو عشق آزاري.
2. اچي ڪر هوت هڪواري، پنهل پورهيت جي پوءِ واري،
رلائي واٽ ويچاري، متان محبت سنديئي ماري.
3. اوهانجي عشق جي اوري، لڳيم لؤن لؤن اندر لوري،
ٿيس آءٌ گَسَ سنديئي گهوري، قضا هي هاءِ ڪم ڪاري.
4. ڀلا ڪر ڀال جو ڀالڻ، جدا اَهکو ٿيم جالڻ،
پُنهل پورهيت سندو پالڻ، ڪريو سان ميٺ موچاري.
5. ڪريان قاسم قريبن جي، حڪايت هن حبيبن جي،
ڇڏي جي رِٿ رقيبن جي، وريا واڳوُن وَٽِم واري.
***
غزل 125
1. ڀَلا يارَ موُنسان مَ ڪبي وفائي،
اَٿم آسَ توسان رَکڻ آشنائي.
2. تنهنجي تات تاري رکان عمر ساري،
وَسئون ڪيئن وساريان سنديئي ورهه وائي.
3. سنديئي يار سائين اٿوُن سڪ سدائين،
اچڻ جي اَسانڏي ڀلا ڪر ڀلائي.
4. وِئين دل ڌُتاري محبت ۾ ماري،
ڏِسي حال هيڻو ڪريو ڪَهل ڪائي.
5. غزل لُطف لائق چيو فڪر فائِق،
سخن ۾ سنديس پر نه ثابت صفائي.
6. چڱو قُرب جو ڪَم رکڻ دوستئ دمَ،
نه جيئري ڪرڻ ساڻِ قاسِم جُدائي.
***
غزل 126
1. جا دل نه هلي ٿي ڌيان ڌري، سا پيئي اوهانجي عِشق اَري،
مون تو ري ساعِت ڪيِن سَري هڪ پَل نه اسانکان پوءِ پري.
2. هَئي توکان موُر نه ڪريان بس، وِسهج ته نه آهي دل مون وَس،
هن درد سندو ڪر دارو ڏَسُ، ڪيئن ڏِسُ ته قضا ٿي ڪم ڪري.
3. چِتُ چشمن سن تو چوُر ڪيو، مَنُ ماڻن سان مَهجوُر ڪيو،
تَنُ وِرههَ اَندر وهلوُر ڪيو، سان گهوُرن گهائي نت نظري.
4. منجهه جوش اسانجي جان جلي، مت ڏيئي سا ڪنهن ڪين پلي،
هي مشڪلِ حل ڪرهوت هلي، اچ اڱڻ اسانجي پير ڀري.
5. تون جان جياپو، توکي جس، تون سونهن ڀَرين ۾ سوُنهن سَرسُ،
مون گهُرجي تنهنجي گولپَ گَسُ، سر سوگهو ڪُيِئي سان ڳُڻ ڳَري.
6. جو خالص خوُب ڪلام ڪَهي، منجهه هِنّ غزل هي ريتَ رهي،
سو لوڪَ ڪَهان شاباسِ لهي، هر هنڌ مٿس وَهَواهه وري.
7. ٿي سونهن سنديئي کان ڪل قَمر، ڪر قاسم تي ڪا ناز نظر،
ڇَڏُ ڏاڍايوُن ۽ ڏوٺ ڏَمر، هي ٿوري ٿو مشتاق مري.
***
غزل 127
1. رَکُ قرب سان قريبن، رَههُ ريتِ رمز واري،
ته عجيب آهي اُن منجهه سِٽَ سوڀَ سَرت ساري.
2. مَنَ مون سندي محّبت ته قريب ڪاڻِ سائي،
نه ڪجي بيان ڪنهن سان ته اها نه ڀَتِ ڀلاري.
3. اڄ آهي دوست ڌاران، دل درد مند منهنجي،
سچ ٿا چون سياڻا ته نباءِ برهه واري.
4. نه اچي سوا سپريُن سکه صبر ننڊ نيڻن،
ته قرار قلب ڪڏهين، بُت بِات بيقراري.
5. مَٽ موُر آهي قاسم نه ڪڏهن قرب جي ڪو،
ته تِنهين سِٽي سدائين نِت ناز دِلِ ڌتاري.
***
غزل 128
1. اڄ مِڙئي مونسان ملي محبوب موچاري ڪئي،
پَت ڀرئي پارس سندم پَت ساڻ پوّءِ واري ڪئي.
2. موُن سندي دل درد ۾ دلگير درماندي ڏسي،
سان دلاسي دِل دلدار دلداري ڪئي.
3. دِل مَٽي مونکان ويو دلخواهه ڏيکاري ڏمر،
ڪوهُ ڄاڻان مون سنديس ڪهڙي گهنگاري ڪئي.
4. جيئن وڃڻ ويلي ڪيو وعدو اچڻ ڪارڻ قريب،
تيئن وري مونسان تِنهين وعده وفاداري ڪئي.
5. بخت باري ڏس ته مونسان ڪالهه قاسم قُرب مان،
ريجههَ رَسُ جي ريت جاني جَسُ ڀَرئي جاري ڪئي.
***
غزل 129
1. محبوُب ڪر ملڻ جي مونساڻِ مهِرباني،
ڏيکار کي ڏُکويَن جلووَ جَمالُ جاني.
2. جاني جيئن سدائين، لؤن يار لال لائين،
ڪو پيچ پِرت پائين، ٿي زهر زندگاني.
3. منٺارَ يارَ منهنجا، جيءَ جا جيارَ منهنجا،
اَکڙين اُجارَ منهنجا، نازڪُ مجو نشاني.
4. شمس وقمر ڪواڪِب، ثابت سيار ثاقب،
رادف رقيب راڪبَ، سهڻا سندئي نه ثاني.
5. بيڪار بيوفائي، آهي اَصل اجائي،
ساجن رکو سچائي، هيءُ جڳه جهان فاني.
6. لقمان لطف هاڻي، هنجي ڏيو وراڻي،
ڪوڙي ڇڏيو ڪَهاڻي، ظاهر چوڻ زباني.
7. جوڙي جواب جوئي قاسم مثال ڪوئي،
آخر لهي اُهوئي، شاباس شادماني.
***
غزل 130
1. ڪئي دل دَرد دَرماندي، ڏيو دلدار دلداري،
ٿي ورهن کان اُها واندي، وٺي تو واهه ويچاري.
2. سڄڻ مون ساهه سيِباڻا، مَڪرُمُشتاقَ سان ماڻا،
سڏي ڪرهوت هيڪاندي، برههُ جنهنکي لڳو باري.
3. مري مُشتاق مورت جو، سڪايل سونهن صوُرت جو،
اچي اُنجا ٿيو ڪانڌي، لهو سڌ سار سڀ ساري.
4. وسيلا ڪر سڏي واصل، نماڻي کي هلي حاصل،
پنهون تو پاڪ پيراندي، ٿئي آجي آجها عاري.
5. چو رَفتي درغم دوُري، شُدم محزون زِمهجوري،
بَجاَنَمُ شعله بنشاندي، زچشمم آبُ شُد جاري.
6. چوُديِدي محو هجرآنم، حزين وزار و حيرانم،
دلا صد شَرحَ بر خواندي، زآه وناله وزاري.
7. سنديَئي صورت ته ساريَم ٿي، سدا نت نت نهاريم ٿي،
اڱڻ قاسم اَلهه آندي لٿا غم هَمّ هڪواري.
***
غزل 131
1. سخن ۾ جنهين رَمَز رس سان رسائي،
تنهين طبع پنهنجي عجب آزمائي.
2. مراعات محڪم سخن صنع سالم،
سندي فاضلن ڪرت آهي اهائي.
3. فضيِلتِ سندو فَن سُخن آهي سوُڌو،
جُڙي جنهن منجهان روُح کي روشنائي.
4. سخن محڪم الدين محڪم چوي ٿو،
منجهس چاههَ چَٽ سان چڱيري چِتائي.
5. ملاحت سندي معرڪي ۾ مڪرّر،
الهه کان اٿس سوڀ البت عطائي.
6. سخن سُچ ته صد آفرين آهن اُن تي،
جنهين وصف واکاڻ ۾ وِکهَ وَڌائي.
7. ڪري وصف وَهواهه سيّد سچي جي،
بنهه دين جي مرد محڪم اُٺائي.
8. مضامين اُنجا مدارات معنيٰ،
عيان آهي جنهن ۾ صداقت سچائي.
9. لکي لوح ۾ جَسُ جني، سي سدائين،
دکن اهلبَيتن سندي آشنائي.
10. چوي لوڪ منهن موڪ وهواهه وهواه،
به شاباس ڪري خوُبُ خَلقتَ خدائي.
11. ڏسو محڪم الدين منجهه دين محڪم،
سخن جو سٽي سو سراسر صفائي.
12. چوان آءٌ اڻڄاڻ هيءَ مام محڪم،
ته فاضل سندو مٽ ڪٿي ڪونه جائي.
13. اگرچ اٿم طبع ۾ وُسع واڌو،
عَبث ساڻ اُن ٻن ڪرڻ ٻيلپائي.
14. ڏسي محڪمي محڪم الدين جَي چَؤ،
بنا محڪم الدين محڪم بنائي.
15. سندي شاهه فاضل فضيلت عجب فن،
جنهين بحر جيئن منجهه سخن موج لائي.
16. نه مقدور منهنجو ته سان پخته ڪارن،
سخن خام جوڙي ڪريان خود نمائي.
17. سخنگوئي ڪم ۽ سخندان ٿورا،
سخن پڻ ڪمي ناهي ڪرنرت ڪائي.
18. سچي وصف واکاڻ آنديم اُنهنجي،
نه آنديم اندر رُخُ رعايت ريائي.
19. مثل فَاذ ڪُرُوا النّاسِ بالخير وارو،
ڪيو ڪَن جني، ڪَن نه ڪوجهي ڪمائي.
20. ڪري نَفس نابود رکهَ رمز رب سان،
ڪري قلب کان ڪس دورنگي دوتائي.
21. محمد مَڪي مير مُرسل متارو،
جنهين اؤج اُت افضل الانَبيائي.
22. پَيمبر پڄاڻا علي آهي اعليٰ،
نه مَٽُ ٻيو موُر، من ڏي ٻيائي.
23. سندن آل ۽ اهل جو محب جوئي،
عجب عِزّ جي بات بي مُنتهائي.
24. جڏهن طَول تڪرار ۽ بحث بيجا،
اڳيان فاضلن آهي اُڻ تُڻُ اَجائي.
25. تڏهن تن منجهان سڀ وڃائي تعصّب،
چوان چست چالاڪ ٿي هيءَ چڱائي.
26. ته عبّاس خورشيد جنهنجو تَخلّص،
ذري جيئن ڇڏي ڇوهه تابش تکائي.
27. سندي مشڪ خوشبو عيان خود ٿئي جا،
نه عطّار جي ساکه آهي سجائي.
28. جڏهن هي قصيدو چيو چست قاسم،
اُٿي خلق ۾ خوب وَهواهه وائي.
*** |