غزل 52
1. ساهه ۾ سڪ سندي سکه سِٽِ سار،
پڙهه پروڙي وري ڪڏهن مَ وسار.
2. ربّنا نَشڪُر که لنعمائکه،
واٽ تنهنجي اتي ويهان، موُن وار.
3. زدني الخَير في عواقبنا،
بعليّ وَسبطه الاخيار.
4. مکَش از کوئي عفو و عذرم بين،
هر خطائي که کرده ام بِگذار.
5. تاشود چاره گناهانمه،
هر سحر توبه مي کنم تکرار.
6. همه چيزست زير فرمانتِ،
نفس ناڪس هٿان گناهه مَ ڪار.
7. باز تو به ايئن مَچؤ بس ڪر،
تب اِليٰ الله عَنہُ باالاسحار.
8. غفرالله ماجزى ذنبکه،
ته به پازي ڌيان دِل ۾ ڌار.
9. حرص دنيا سندو مَ ڪر قاسم،
لم تکُن عند و عيِها کا لفار.
***
غزل 53
1. مون رعونت رقيب جي دشوار،
رَبّنا اجعلہ حارقا في الّنار.
2. آهي دنيا دني عروس عجيب،
نازنين ناز ناٽ واريِ نار.
3. مڙس ماري، وڃي ڌَڙن ڌاري،
ڪڏ ڪري سان ڪنهين نه ڪوڏ ڪنئار.
4. لوچ اَحسن عمل، مَٺو مَ رهج،
ڪڻڪ جي ڪين آهي جوڙ جوار.
5. قرب ڪارڻ قريب ڪر قاسم،
دم بدم تون ڌيان دل ۾ ڌار.
***
غزل 54
1. آهي حضرت علي سپہ سالار،
قاتلُ الُمشرڪين وَالڪُفاّر.
2. مُرتَضا مَٽُ نه ڪو مُراتب ۾،
هوُ مِڙِنُ مَقتدا، مِڙن مهندارِ.
3. جو رکي اُن سنديَ محبت مَن،
من سندس هوئي منبع الا سرار.
4. ڏَهه ڏَيو ۽ ڏَڏنِ ڏُهارين ڏڍ،
عالمن آسرو اڙين آڌار.
5. فَهُو کا لَبدر في الدّجي اَلطلعُ،
منهنِ مِٺو مير، مطلع الانور.
6. سڀ سڌَر، پر علي منجهن افضل،
ڪونڌ ڪامل قريب قلب قرار.
7. منقبت مرتضا سندو قاسم،
وِرد ڪَر، بخت تا ٿئي بيدار.
***
غزل 55
1. ڪر چڱي پوک ڪاڻ ڪڙمي ڪار،
ڪيئن کڻن ڪڻڪ جي ڇٽين جُوار.
2. جي توڪّل سندو ٻَڌن تُرهو،
تار تک کان لنگهي پون سي پار.
3. اوُن ۾ بحربره جي عاشق،
ڪين تانگهو تڪن، وڃن ڏنهن تار.
4. سارڻ دنيا دوُرنَگ نينهن نه ڪن،
گرچ هئ نازنين آهي نار.
5. ساڻ لَہُ لا الہ الا اَنُت،
مَن اندرَ ياد رک مع اَلتّڪرار.
6. مَنّ رّآي نَظمُناَ بنعم الصنع،
قال طوُبى لذالکَ الا شعار.
7. قربُ قاسم رکَي قريبن جو،
وير جي ويِر ڪڏهن نه وائي وار.
***
غزل 56
1. جن سندو سانِ سلوڪ وارن سَير،
تن ڪيو آهي تَرڪُ غفلت غيَر.
2. جنگ جنجي جهاد اڪبر آهه،
وَجهه وٺي ساڻ نفس وارن وير.
3. بيخودئ ۾ خدا سُڃاتو جن،
کان خدا خوف ۾ رهي ڪن خير.
4. هوت همراز حَسبةً لله،
عاشقن ساڻ ڪرَمَ آهَکه انڌير.
5. شعر شايان نظم نازڪ ۾،
مور مٽ آهي مثل قاسم ڪير.
***
غزل 57
1. دل سنديم پرت جو پرائي پوُر،
واٽ وحدت وٺي وڃي وهلور.
2. بارک الله، جمعهم برًا،
جن ڪيو آهي جمع محبت موُر.
3. معرفت مئ سندو هٿان هو تن،
مون پيالو ملي ڀلي ڀرپور.
4. ته سندم بيخودي خمار ڪنان،
چَٽُ ٿئي ساڻ هڪ پيالي چور.
5. واهه قاسم سندئي ڪلام ته آهه،
درس دانش سندو منجهس دستور.
***
غزل 58
1. منهن مٺو، جڳ ڏٺو سڄڻ سردار،
دوست دلدار ساهه جو سينگار.
2. حال ڀائي حبيب همدم هوت،
اکڙين آسرو، هنئين جو هار.
3. محبتين سان محبتي مشفق،
قرب وارو قريب قلب قرار.
4. درد وارنِ سندو دوا داروُن
ناز سان ني اندر سندو آڌار.
5. اِسم ٿئي پهريان اکر وٺندي،
پهرين مصرعن منجهان اظهار.
6. هي غزل قرب کان ڪيو قاسم،
طرز توشيح ۾ درس تيار.
***
غزل 59
1. سک فُتّوّ فَنُ؛ مَ ڪرآي دل فتور،
چِاهه ۾ دنيا سندي هو ڪيم چوُر.
2. اِنما آفغا لکم آفعي لِکم،
منجهه ڪمن ڪوجهن ضرور آهي ضرور.
3. اِنما اَلاعمال بالّنيات پڙهه،
نيڪنامئ کان وڌي منجهه قلب نور.
4. جي هجيئي صدق سالم سوُر سانڍ،
سُرت سِٽ، ڪنهن سان سڄڻ رَي سَل مَ سوُر
5. نينهن نَت سانَ نفس اُمّاري رکي،
پاڻسان پاڻهئ ڪيئي ڪيڏو ڪلور.
6. ڪام چنتا ڪر ڪڏهن ڪنهن چيز جي،
منجهه تَوڪّل رهه، رکي سيني سُرور.
7. دَوَرَ مان دنيا سندي درياهه جي،
کان پُسَڻ پالهو اَڇت ڪر تون عبوُر.
8. آدمين سان هوئجي عذب الِلّسان،
کان مُرارت مَرُ ڪجي مرؤنَ مروُر.
9. ڪَرُمَ قاسم ساڻ دنيا دوستي،
هُجُ سندس نَيرنگه کان نِت نِت نَفورُ.
***
غزل 60
1. جني سندو ته هجي فيض علم تازُه وِ تَر،
منجهان محّبَت مئ ڏين جام تازهُ وتَر.
2. اُميد آسَ اٿم مَن اندر ته مانَ مُجيم،
پهي پريت پيادل پيام تازهُ وتر.
3. نياز ساڻ بَسَر نينهن نازنينن جو،
نِجي ته نيٺ سندو نِينهن نام تازهُ وتر.
4. فَلا تمارِ وَسارِع اِليٰ مَحبتّهِم،
ته ڪوڏ قرب سندو ڪلَ ڪلام تازه وتر.
5. سندم محبّ مزيدار گهوٽ گلزخ ڏي،
نماءَ ساڻ صُبا نِج سلام تازه وتر.
6. نهار نيڻ کڻي تون نشاط دل جي لاءِ،
ته آهي محبت وارو مقام تازه وتر.
7. جڏهن ته علم اندر آهي تازگي تَن جي،
ڪَمال ڪثرت ڪم جو ڪمام تازه وتر.
8. سخن سندام ڏسي مر ته محڪم الدين چئي،
ته منجهه طراوت آهن تمام تازه وتر.
9. رکي فضيلت فهرست مير فاضل شاهه،
سخن سٽي ته سندس اِنتظام تازه وتر.
10. سُخن سندوءِ ته سڀ مغز محڪم الدين آهه،
مليح مجلس مهندان مدام تازهِ وتر.
11. ڪنا عُلّو عَمَل قيل قال قاسم جي،
کنيو اُجار سندو اهتمام تازهِ وتر.
***
رديف ڙ
(غزل 61)
1. جُڙيل جاني هَنيمَ جيءَ جان ۾ جَڙ،
ڪيائين قرب جا موُن تي وڏا وَڙ.
2. اَثر کان عِشق ڏيئي عاشقن کي،
هنيائين هَر طرف قابو ڪر ڪڙ.
3. مَ رهه تون نفس جي محڪوم اَيدل،
متان توکان هدايت جي کسي هڙ.
4. هجي جو حال ۾ حيران پنهنجي،
کڻي ڪيئن پاڻ ڌاران ٻئي سندي پَڙ.
5. قيامت ۾ ڇٽي قاسم ڇِيَن کان،
وٺي جو آل احمد جي اچي آڙ.
***
غزل 62
1. ڪانٽَ ڪِذّاب، جي سدا ڪن ڪوڙ،
واسطي سيم ۽ طلاڪن ڪوُڙِ.
2. جِوُف لاّءِ آهي جَيِفَة جنهن حقُ،
مَرد مردار ڪيترَان، ڪن ڪوُڙ.
3. جي طمع خور طالبّ الدّنيا،
مال ميڙين سان دغا، ڪن ڪوُڙ.
4. دين هٿ کان ڇڏين دنيا لاءِ،
بي هنر بوُزبي حيا، ڪن ڪوُڙ.
5. فِڪر فاسِقَ فساد فندَ فُنوُن،
مَنجهه وڏائيءَ وڏي، وڏا ڪن ڪوُڙ.
6. لوڀ ۽ لاڀَ لاءِ قاسم ڪوهه،
لالچي لوُف ۽ لُچا ڪن ڪوُڙ.
***
رديف ز
غزل 63
1. رات هاتف اهو ڏنم آوازُ،
ناز وارن سندو وڃي ڏس نازُ.
2. عارفن دي نه آهي ڪنهنکي ڄاڻ،
عشق جو آهي جيترو انداز.
3. سَگههَ ڀَريو آهي سنڌ سيوهڻ ۾،
مير مروند جو سخي شهباز.
4. مُرغ کي جانِ عاشِقن جي جهَڙپ،
ٿو هڻي هاڻ بَرهه وارَو باز.
5. هيءُ دعا دوست کي ڪريان ته سَدا،
ساڻ عزت هجيس عمر دراز.
6. سڀڪنهين ساڻ ٿو ڪري قاسم،
عَجُز ۽ انساڪر نِرت نياز.
***
غزل 63
1. ڪر ڀلا يار ڪار ڀَلي تجويز،
حب وارن سنديِ هلي تجويز.
2. ڪوهه ڄاڻان ته ڪنهن سُگهڙ توکي،
سال صحبت سندي سَلي تجويز.
3. يار يڪرنگ عاشقن لاّءِ اَڄ،
روُح ۾ رَسَ ڀري رلي تجويز.
4. روز شب آهي رنج راحت ۾،
طالبن جي توڪّلي تجويز.
5. قرب واري اڳيان ڪڏهن بالِله،
ڪنهن سندي ڪا نڪا هلي تَجويز.
6. ڪاڻ ڪُل ڪار بار قاسم جي،
ڪر ڪرم ساڻ يا علي تجويز.
***
رديف س
غزل 65
1. سڄڻ سردار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس،
مٺي منٺار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس.
2. جهليان پَر جو ش کان دل، جهل نه ڏئي ٿي،
پِريان جي پار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس.
3. سندم مشڪل اگرچ آهي اَهکو،
الهه توهار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس.
4. جڏهن آهي اندر منهنجي اُداسي،
يگاني يار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس.
5. رقيبن سان رکي ٿو رمز توڻي،
ڏسڻ ديدار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس.
6. هنيون ڪيئڙم جڏهن هوتن هٿيڪو،
هئين جي هار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس.
7. نه ڄاڻان يار ملندم يا نه ملندم،
طلب تڪرار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس.
8. رکي دل ۾ سدائين قرب قاسم،
ڌئل دلدار کان آءُ ڪيئن ڪريان بس.
***
غزل 66
1. منجهه اندر موُن آهکه ۽ ارمان ڏس،
پڻ هنيون حسرت ڀريل حيران ڏس.
2. ناهي ڪا هن درد جي تو ريءَ دوا،
هي اسانجو درد بي در مان ڏس.
3. نوح ثانيءَ جو چوين طوفان آهه،
مون اکين جي آب جو طغيان ڏس.
4. وڃ ڪڏهن منجه مدرسي محبت سندي
اکه پٽي اُت درد جو ديوان ڏس.
5. جاهلن سان ڪيم اي دل جنگه جوٽ،
مَٽُ مَ پؤن تن سَاڻُ، پنهنجو مانُ ڏس.
6. خلق کارڻ لئي سدائين ٿو کجي،
نفس نت نادان نا فرمان ڏس.
7. مهر ڪيائين مير مرسل موڪلي،
خلق تي آگي سندو احسان ڏس.
8. ٿا علي بعدالنبي برت چون،
شاهه هِنَ جو هِي شرف ۽ شان ڏس.
9. يا اِلهيٰ نّجِنا مِمّا نَخافُ،
منجهه شرارتَ شَومتي شيطان ڏس.
10. قرب ۾ قاسم سنديون ڪوڪون سڻي،
اڄ سندس جوُ دت ڀريو جولان ڏس.
***
رديف ش
غزل 67
1. دل گهُريا دلدار شل هوندين سدائين شاد خوش،
منهن مٺا منٺار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
2. تو وسارايا همت سان وهم، جي دل ۾ هُئَم،
هوت همّتدار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
3. مَنَ سدا منهنجي ميسّر تو هٿان مقصد ٿيا،
کان کلڻ کنڪار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
4. کر کلائج ڪيم مونکان هڪ گهڙي گهاري پري،
اچ کرن ڏيکار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
5. جيءَ جميعت ڏي ته جئ جئ سان ڪريان دل مان دعا،
هيئن ته جيءَ جنسار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
6. دمبدم عاشق غمن گڏ ٿا رهن، ڪو غور ڪر،
غمزده غمخوار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
7. منجه گهنگهر ٿو گهاريان، هڪ هڪ گهڙي ڄڻ سال آهه،
لهه سنديم سڌسار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
8. عشق تنهنجي موُن اندر آزاريو، ڪڍ قرب سان،
مان اَندر آزار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
9. قرب سان قاصد نياپو نينهن جو آندو جڏهن،
ڏانهن پريان پار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
10. منهن مٺا ڏيکار مونکي تا سدا سرهو رهان،
منجهه طلب تڪرار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
11. مانَ قاسم کي پسائين کان ڪرم ڪلفت ڪڍي،
دوست تون ديدار، شل هوندين سدائين شاد خوش.
***
غزل 68
1. وِجُهه نه ڪنهن ساڻ وير رَههُ خاموش،
ڪرمَ عاقل انڌير رهه خاموش.
2. خلق سين خير ساڻ خير ڪري،
خود مَ واکاڻ خير رهه خاموش.
3. جي مَدي ڪو ڪري مدائئ کان،
رکه پري پاڻ پير رهه خاموش.
4. قول ڪنهن سان ڪرين ته پار ڪڏهن،
ڪر ڦڪو ٿي مَ ڦير رهه خاموش.
5. يار سان ڳالهه ڳجهه اندر ڳرِهج،
غم ڀلي کائي غير رهه خاموش.
6. شعر ۾ ڪرمَ هوڏ قاسم سان،
مثل اُن آهي ڪير رهه خاموش.
***
رديف ص
غزل 69
1. نه يڪدم دوُر ٿئي دل کان ڌُئل دلدار جو اخلاص،
هنئين آهيم هر هر هن هئين جي هار جو اخلاص.
2. رکي پڪ پرت پائڻ جو، اسان سان لاڳه لائڻ جو،
سدا موهي ڇڏي موُنکي مِٺل منٺار جو اخلاص.
3. مدامي اندر محڪمه، هجي جئ جان ۾ هردم،
مٺي محبوب مشفق جئ سندي جنسار جو اخلاص.
4. رکي بلبل برهه ڀيروي، ٻڌي جيئن ساڻ گل گهيرو،
اندر ۾ آهي عاشق جي پريان جي پار جو اخلاص.
5. رکي جڙ جان ۾ جنهنجي، ڪري قاسم طلب تنهنجي،
رهُيم منجه روح اسدالله عظمتدار جو اخلاص.
***
رديف ض
غزل 70
1. يار يڪدل جي اطاعت عاشقن تي آهي فرضُ،
دوست ڌاران دلَ اندر ڪنهنجو رکڻ گهرجي نه غرضُ.
2. مَهر مَنَ مون تي ڪري، هيڻن حمايت هٿ ڌري،
عِجز سان ڪريان اڳيان اُن دوست ايُ احوال عرضُ.
3. عشق انسانن کنيو، تيئن پاڪ پرور جيئن چيو،
اُن امانت جو وڏو کان آسمانن طول عرضُ.
4. درد مندن جي دوا ڪا ناهي ساڄن جي سوا،
مهر محبوبن سندي لاهي مٿان مشتاق مرض.
5. اِقر ضُوالله جي سڻي سٽ، سان ديانت جڳه ڌڻي،
بندگي بيحد ڪري قاسم مٿي تان لاهه قرض.
***
رديف ط
غزل 71
1. لکان يڪدل يگاني يارَ ڏي خط،
اکين اوجر مٺل منٺارَ ڏي خط.
2. ڪريان سڀ سڪ سندو احوال ظاهر،
منجان اهڙو پِريان جي پارَ ڏي خط.
3. اچڻ جو ڏئي دلاسو دوست دلبر،
جڏهن پهچي سندم دلدارَ ڏي خط.
4. ٻڌي منجهه بال بلبل جي ڪَيمُ اڄ،
روانو دوست دلرخسارَ ڏي خط.
5. مثل مشهور خط نصف الملاقات،
مُڪُم محبوب جي جنسار ڏي خط.
6. تَضَرعّ ساڻ ڪر قاسم قِلم بند،
سدا سهڻي هِئين جي هارَ ڏي خط.
***
رديف ظ
غزل 72
1. سچه سپريُن جي سوا، لکي اچي مون ڪين حظ،
ساهه سيباڻن سوا، دل کي اچي مون ڪين حظ.
2. تَنَ اندر مون تات تنهنجي تو سوا جي محب منهنجي،
ٿئي ميسّر مدعا، دل کي اچي مون ڪين حظ.
3. سڪ سَندِيَئي اي سونهن سهڻا منهن مٺا محبوب مُهڻا،
لوڇ لاّءِ تنهنجي لقا، دلکي اچي مون ڪين حظ.
4. دل اندر مون درد دائم قرب تنهنجو آهي قائم،
سڀ سهي جيءَ تي جفا، دل کي اچي مون ڪين حظ.
5. جَڙ جَڙَيُم توساڻ جڏهين قرب قاسم ڪاڻ ڪڏهن،
ڪَر سدا نت ڪيئن روا، دلکي اچي مون ڪيئن حظ.
***
رديف ع
غزل 73
1. صبحدم بلبل ڪيا سوُرن سماعَ،
گل ڇڏي گوندر ويم ويٺي وداعَ.
2. دوست ڌارا ڪوپ ڏاڍي سان ڪيا،
مون اندر ۾ انتظارن اجتماعَ.
3. ڪينڪي دنيا نباهي سان ڪنهين،
ساڻ خودبينن رکي خصلت خُلاعَ.
4. ڏس ڀلئ ڀت برهه جي بازار ۾،
مثل محبت مور ناهي ڪا مَتاعَ.
5. ڪين غفلت ۾ رهي قابوُ ڪڏهن،
جي ڏسين اُلفت سندا تون اِنتفاعَ.
6. دل ته ڀر تون لالچين جيئن لوڀ سان،
لاءِ لالچ ڪر نه ڪنهن سان نت لِزاعَ.
7. انت ٻِئي ڪنهن سان نه ڪ اي دل عيان،
ڪُلّ سِّر جاوَ زَالاثنين شاعَ.
8. رکه مَ رَي الله ڪنهن ۾ آسرو،
هيءَ نصيحت آهه لائق اِستماعَ.
9. جي سدائين نفس سان جوٽن جهاد،
لاّءِ شهادت سي وَتن شائق شجاعَ.
10. چنڊُ زُحُل، مرّيخ زهره مشتري،
۽ عَطارد، شمس پروڌِ منجهه شعاعَ.
11. ڪير مٽ قاسم ڪريَ انصاف ڏِس،
منجهه سخن اُنجا عجائب اِختراعَ.
***
غزل 74
1. يار تون پَرتين خدا، کي اَلو داعُ،
ٿو ڇڏين مون مبُتلا، کي اَلوداعُ.
2. مدّعا هُئڙم ملڻ جي لاءِ پَر،
مَنُ نه مِليمُ مدعا، کي الوداعُ.
3. تو وئي اڄ هوش همّت کان وڃي،
جيءُ رسيو منهنجو جفا، کي الوداعُ.
4. عاشقن جي دل دعائن سان ڪري،
دوست دلبر دلربا، کي الوداعُ.
5. ڪوپَ کان قاسم ڪري ڪوُڪار چَؤ،
مُحبَ مُشِفق مَه لقا، کي الوداعُ.
***
رديف غ
غزل 75
1. دوست جي دايدارَ کان، دلڙي ٿئي مون باغ باغ،
۽ کلڻ کيڪار کان، دلڙي ٿئي مون باغ باغ.
2. اچ سڄڻ سردارَ آيو بخت مون والي ورايو،
تنهن سڄڻ سردارَ کان، دلڙي ٿئي مون باغ باغ.
3. نيڻ منهنجي کان نظاري پهه پچايو سان پياري،
نور نيڻن ٺارَ کان، دلڙي ٿئي مون باغ باغ.
4. سو هئين جو هار آهي ساهه جو سينگار آهه،
جنهن هئين جي هارَ کان، دلڙي ٿئي مون باغ باغ.
5. قلب قاسم جو اُداسي لاءِ پِريُن جي پياسي،
دلگهر ئي دلدارَ کان، دلڙي ٿئي موُن باغ باغ.
***
رديف ف
غزل 72
1. رهه مَ غافل کان خدا، اَي دل مَ ٿي تون بيوقوف،
ٻي مَ رٿ ري مُصطفا، اَي دل مَ ٿي تون بيوقوف.
2. منجه گناهن روزگار ڪرمَ غفلت ۾ گذاري،
کان عبادت تون اَبا، دل مَ ٿي تون بيوقوف.
3. چوَ هَوَسَ ۾ هَٿ وجهين ٿو پوءِ خجالت ۾ کجين ٿو،
سچ سنوت سَتُ سِٽِ سدا، اي دل مَ ٿي تون بيوقوف.
4. ڇڏ ضرر جو ذوق ظالم نفع جا ڪرنت سدا ڪم،
جوُف کان پر هو جُدا، اي دل مَ ٿي تون بيوقوف.
5. کان دورنگئ دوُر رهه تون، سر اُتي سهمون نه سهه تون،
ڪري چڱيري ڪرت ڪا، اي دل مَ ٿي بيوقوف.
6. قول قاسم سان ڪيوئي، ڪم چڱي ڪارڻ چيو ٿي،
پوءِ ڪرين دُرڙي دغا، اي مَ ٿي تو بيوقوف.
***
رديف ق
غزل 77
1. نِيهَن نيهم مَنُ بِنِعم الاتفّاق،
جَيئن ڇڏي چَنَڊ چاندنيڙ عندالمحاق.
2. ٿا رکن عاشق سچي سڪ آن سندي،
اِنّهم ڪَانُوا اَشِدّاَءَ الّرِثَاق.
3. تات تارئ ساڻ تنهنجي ٿو تڳان،
ڪ سنديئي آهِم اليٰ يَومِ التّلاق.
4. ڏي خدا جي نانءَ ڪي جيئن چيو خدا،
عِندَ کُم يَنفدُ وَعِندَ الله بَاق.
5. سَاڻ ڪنهن قاسَم م ڪَر ڪلُفت پڙهي،
نَجّنا يا ربّ شَرّ اِلنَفاقِ.
***
غزل 78
1. اچ اسانکي محب ماري ٿو فراقُ،
رکه اسان سان دوست الفت اتّفاقُ.
2. مانَ مونکي سو مٺو مشفق ملي،
جنهن سندو آهم اندر ۾ اشتياقُ.
3. آءُ اَي دل عشق ۾ الله جي،
نرت نوڙت رکه، نه ڪر ڪنهن سان نفاقُ.
4. سوز ۽ سڪ ۾ سدا عاشق رهي،
عشق جو اُوچو رکن ٿا انتساقُ.
5. سان جفائن جفت ٿي قاسم م ڪر،
ڪو تغير منجهه طلب، رهه فرد طاق.
***
رديف ڪ
غزل 79
1. چاهه تنهنجي وڌا جگر ۾ چاڪَ،
آههَ منهنجي وڃي مٿي اَفلاڪَ.
2. دل سنديم درد ۾ گذاري ٿي،
غور اُنجو ڪريو ڏسي غمناڪَ.
3. يار سهڻي سندي صفت سهڻي،
نه اچي عقل ۾ نه منجهه اِد راڪَ.
4. ڏس پگهر مهل ڳَلَ سندا پريُن،
گُل سندي منهن مٿي پوي جيئن ماڪَ.
5. ڪاڻ ڪِنهن ڪاڻ ڪيئن ڪڃن قاسم،
جي وتَن بي نياز ۽ بي باڪ.
***
غزل 80
1. آءٌ سندئي نوڪر نسورو، تون اسان کان ٿئ مَ ڪڪ،
گولڙو تو لاءِ گهورو، تون اسانکان ٿي مَ ڪڪ.
2. سڀ ويا دارا وڄائي، لؤن وِئين مونساڻ لائي،
ڦولهيان ڇا ڦولهه ڦورو، تونَ اسانکان ٿيءُ مَ ڪڪ.
3. برهه واري تيغ برسر عاشقن جي آهي جا پَرِ،
ڪيم ٿيڪي لاءِ ٿورو، تون اسانکان ٿي مَ ڪڪ.
4. مون غرض تنهنجي غلامي، سوز صاحب اهتمامي،
ڇڏ ڇپر ۾ موُن نه ڇورو، تون اسانکان ٿي مَ ڪڪ.
5. ايئن اوهانجي آشنائي، سچه سنوت صحبت صفائي،
ڪچ ڪيم جي ڪوڙ ڪوڙو، تون اسانکان ٿي مَ ڪڪ.
6. يا اِلاهي اَنت حَسبي، جت ڏهارن ڏات ڏسي،
ڪر سندم مَنَ کي سڳورو تونَ اسانکان ٿي مَ ڪڪ.
7. رٿ رکي رَهزن رلاي، رد ٿيا رستا بتائي،
نفسُ ناڪاروندر ورو، تون اسانکان ٿي مَ ڪڪ.
8. هر هُنر حرڪت هلائي، ڪِرت ڪَمَ ڪوجها ڪرائي،
هي بڇو ڀانيان نه ڀورو، تون اسانکان ٿي مَ ڪَڪ.
9. نفس نافرمان آهي، شوم ۽ شيطان آهي،
نت نڀاڳو بخت اورو، تون اسانکان ٿي مَ ڪڪ.
10. قرب قاسم جي ڪمائِن برهه برسائي نڀائن.
تَڪِ طلب جو تور توروَ، تون اسانکان ٿي مَ ڪڪ.
***
رديف ک
(غزل 81)
1. هميشہ دل ڌئل دلدارَ سان رکهُ،
بهِ مَنُ پنهنجو مٺي منٺارَ سان رکُه.
2. وساري وهم دل جا قرب ڪارڻ،
طلب اُنجي گهڻي تڪرارَ سان رکُه.
3. سچائي آهي سهڻو ٽول سڀِ کان،
سچو ٿي سڪ سچي سردار سان رکُه.
4. وڳاڻو جي وتين، منجهه جيءَ رکي جوش،
جميعت جيءَ سندي جنسارَ سان رکُه.
5. ڪرين دنيا سندي جي ڪرت ڪم ڪار،
هِنيو هِت هوت همتدار سان رکُه.
6. ڌنڌن دنيا سندن ۾ ڪيم ڌَر دل،
غَرَضُ تون دوست جي ديدارَ سان رکهُ.
7. ڪري قاسم نظر ۾ نت نزاڪت،
سدائين چِتُ چڱي اشعارَ سان رکُه.
***
رديف گ
غزل 82
1. نيڻ سداءُ نِين ٿا ناز ڪري دليون نسنگ،
آهي عجب اوهان سندي رونق رس رواج رنگ.
2. عاشق جوش ۾ جلي، سور نه ساڻ ڪنهن سلي،
شمع سندي شعاع تي جيئن ڪ جلي پَچي پتنگ.
3. تات طلب اٿم تمام، محب اوهان سندي مدام،
پاڻ سڃاڻ ڪر ڪرم ڏوهه مَ ڏس، نهار ننگ.
4. ساقئ کي چوان ته ڏي، سرڪ سري سندي سڏي،
مُطرب سان مٺيءَ طرح ڳاءِ وڄاءِ چور چنگ.
قاسم زلف يار جي، وَر وَر ساڻ وار جي،
پرت پيار سان وڌو منجهه دل موُن وڪوڙ ونگ.
*** |