رديف ج
(غزل 28)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(2/1) گوش، که=
ڌيان ڏئي ٻڌ. (1/2) ته=
هتي معنيٰ جا. (1/3) توري=
توبنا. آهم=
آهيم، اٿم، مونکي آهي. (2/3) واهه=
مدد. سان=
لڳي ٿو وهنوار سان، يعني منهنجي مدد چڱي=
وهنوار يا رستي يا اپاءَ سان ڪج. (1/5) مٿي دل هٿ
رکي پنهنجي دل تي هٿ رکي يعني انصاف جي رستي يا
منهنجي دل تي هٿ رکي ٻارن کي هانوُ يا مٿي تي هٿ
رکي دلاسو ڏبو آهي. هموار=
]ف[ هميشہ، يا پاڻ تي هموار
ڪج، يا ذمي ڪج يا پاڻ تي کڻج. (1/6) عربي قول=
جنهنجي، ڪنهن به شئ تي محبت هوندي آهي ته گهڻو ڪري
انهيءَ جو ذڪر ڪندو آهي (1/7) ڏرهائي=
ڪرڪي، ارمان ڪري، رنج رهي. اُڀو=
بيٺو.
***
(غزل 29)
(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل)
(1/1) يگانو=
بي مثل. (1/2) گلزار ]ف[ باغ (1/3) قرآن مان آيت= يعني خدا پنهنجي نبي کي ٿو چوي ته اسان تنهنجي مٿان
تنهنجو بار لاهي ڇڏيو. وڙ=
لائق. (2/3) ڌاتار=
اشارو نبيءَﷺ ڏي. (1/4) اَوس=
ضرور، يقين (2/4) سيّد الابرار=
خلق جو سرادر، يعني حضرت نبيﷺ. (1/5) رکي=
جو فاعل آهي اُمّت ۽ مفعول آهي گهرج. قيامت روز= قيامت جو ڏينهن. قاسم= اي قاسم. اُمت= [ع] مخلوقات، پيروي ڪندڙ حضرت نبيءَﷺ جا
يعني مسلمان با خلق عام.
***
رديف ڄ
(غزل 30)
(بحر - تقارب مثمن اثلم. وزن - فعلن فعولن فعلن فعولن)
(1/1) دل=
فاعل فعل سهڙي جو. سهڙي=
گذاري، رهي. جيئن سپاهين=
سپاهين يا نوڪرن وانگي. (1/4) دم=
هڪڙو دم يا لحظو. مختار=
[ع] مون تي اختيار هلائڻ وارو.
(2/5) سالار= ]ف[ سردار.
***
رديف جهه
(غزل 31)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) ڪلتار=
ڪرتار، ڪردگار، خدا تعاليٰ. (2/1) پِڙ=
ميدان. الهه توهار=
خدا جي آسري. اصل الهه تواهر يعني ڌڻي منهنجي مدد.
(1/2) جي= جيڪڏهن. شرائط= [ع] شرط، فرض. (2/2) هِت=
هن جهان ۾. ريتڪڻ=
تڪڻ هڻڻ يا حسد کان يا لالچ کانسواءِ. تڪرار=
[ع] تاڪيد جو لفظ. (2/3) پهه=
ارادو. رٿ، ڪم. ڌريائين=
شروع کان. (1/4) مقبرا=
[ع] قبرون (2/4) هُتي=
هُنن يعني مائٽن تي يا انهن جي قبرن تي. فاتح= [ع] قرآن جي پهرين سوره الحمد الله واري،
جا اڪثر قبرن تي پڙهي، مئن کي ختمو ڏيندا آهن. هار= گلن جا هار. قبرن تي گل وجهندا آهن. (1/5) مُطمئني=
[ع] خاطر جمعي، تسلّيٰ، آرام.
(2/5) ڪم مٿي هشيار وجهه= هشيار ماڻهوءَ تي ڀروسو رکج يعني هشياري دنيا ۾ ضرور
ڄاڻج. (1/6) فال فيروز=
چڱي يا سڻائي يا فتح جي فال. (2/6) ناز نعمت=
خوشي، خير، تندرستي، سڀاڳه. ورائي وارُ وجهه=
وري انهي جي ڪرڻ جو سعيو ڪر، يا موٽي انهي تي آءُ.
***
رديف ڃ
(غزل 32)
(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعلين مفاعيلن، مفاعيل فعولن)
(1/1) ڪمائي قرب=
عشق ڪمائي، عشق جي استعمال ڪري. (1/3) عنايت=
[ع] مهرباني. ڌُڙو=
مکيه، معتبر، وڏو. ڌئل=
ڌڻيل، پسند ڪيل. (مٿي به آيو آهي) (2/4) رمي رستو= رستو. وٺي، رستي تان هلي. (2/5) ڪري=
قُرب ڪري. ڪارڻ ڏسڻ=
ڏسڻ لاءِ ديدار جي (2/6) جنسار=
سينگار، زيور. (1/7) آبُ=
مفعول آهي ڪڍي جو ۽ ڪِذب يعني ڪوڙ به مفعول آهي
ڪڍي جو. (2/7) قلبئون=
قلب مان.
***
رديف چ
(غزل 33)
(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل)
(2/2) کر=
خر، کريل، حالت ندا ۾، رقيب يا دشمن کي ٿو ائين
چوي. (1/3) صداقت= [ع] سچائي. (2/3) ڪَڇّن=
بغل مان، سيني مان، اندر مان پاڻ مان. ڪچ=
ڪوڙ، سچ جو ضد. (2/4) مڇڻ=
متان، هرگز نه. (1/5) ولي الله حيدر=
حضرت عليؑ. سامَ=
پناهه.
***
رديف ڇ
(غزل 34)
(بحر - سريع. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلن)
(1/1) سٽ=
رٿ، ڪرڻ جو ارادو ڪر. ڪڇ=
جئن مٿي غزل جي ٽئي بيت ۾. (2/1) پڇ ڳڇ=
پڇا ڳاڇا، پڇاڻو (1/2) ڪُڏي=
فخر ڪري. (2/2) سچ=
اهو پهاڪو سچو آهي. ڪلي هار=
ڪلي آهر (2/3) ڪوڙ ڪارنهن=
ڪوڙ جي ڪارنهن يا ڪاراڻ. (1/4) عربي پهاڪو يا قول= تحقيق اوهانجن ٿانون ۾ جيڪي آهي سو انهن مان سمندو.
(2/4) انهيءَ عربي پهاڪي جو مختصر ترجمو. چِڪِي= ٽمي، سمي. رڇ= ٿانو، ڪنڀر جا، رَڇ مشهور آهن. (1/5) ڪوجها=
خراب. (2/5) ڀلڪار=
ڪاوڙ، خدا جو غضب، عتاب. سڀان=
سڀاڻي، قيامت جو ڏينهن. بَڇ=
سزا جي ڪاهه، سزا جو حڪم.
***
رديف ح
(غزل 35)
(بحر هزج. وزن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل)
(1/1) مدح=
[ع] تعريف. (2/1) په=
پڻ. مون مشفق=
منهنجي مهربان منٺار جي. (1/3) اکين اوجر=
اکين جو سوجهرو. (1/4) بهشت=
مڙئي اَٺ بهشت آهن. بهشت يعني بهشت جا باغ. برتري=
]ف[
درجي جي وڏائي، مٿانهين. (2/4) پار=
ملڪ، وطن طرف.
***
رديف خ
(غزل 36)
]بحر
- رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات[
(1/1) ڪيم هو=
نه ٿيءَ. (2/1) هڏ=
هرگز. (1/2) ڪڌائي ۽ ڪاوڙ جو قصد يا ارادو. (2/2)
من= من ۾. (1/4) تات تاري= ٻئي لفظ هڪ معنيٰ جا يعني طلب، سڪ، يادگيري. (1/5) ڪيم
هو يعني شوخ ڪيم هو. شوخ ٻي مصراع جي پڇاڙي ۾ ٿو
اچي. (2/5) ڪوُڪار=
فرياد، دانهن.
***
رديف د
(غزل 37)
]بحر
- هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل[
(1/2) کان درد=
درد کان. (2/3) پرائي پهه=
ٻين هنڌن ۽ ڪمن ڪارين ۾. (1/5) رسائي رس=
يار سان دوستي رکي. (2/5) آهکه=
اوکه، مشڪلات.
***
رديف ڌ
(غزل 38)
(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن فعولن)
(1/3) نهايت=
[ع] حد کان گهڻائي. (1/4)
ناصيته=
[ع] پيشاني (2/5) لعل قيمتدار=
قيمتي لعل يعني محبوب يا محبوب جا چَپ، جن سان
اڪثر شاعر لعل جي مشابهت ڏيندا آهن.
***
رديف ڏ
(غزل 39)
]بحر
- سريع. وزن - مفتعلن مفتعلن، فاعلن[
(1/2) رقيب=
[ع] محبوب تي چاري، دشمن.
(2/2) کهيل= کٿل، کهه پيل. پوُنِ= پون. (1/3) بهار=
]ف[
خوش. (2/3) چمن=
]ف[
باغ بستان. (1/4) مشتاق=
[ع] عاشق. (2/4) پاڻ=
اُٽلندو، بلڪ. (2/5) ڏوٺ=
ڪاوڙ، رنج.
***
رديف ڊ
(غزل 40)
(بحر - رمل مثمن. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(2/2) تاءَ=
سيڪ، روشنائي. چمڪار=
چمڪاٽ، روشنائي. يعني منهنجو محبوب جند جي مثال
آهي ۽ ٻيا محبوب تارن جي مثال. (1/3) باس باسي=
خوشيءَ سان، ڪڏ ڪري، مڃتائون ڪري. (2/3) مطلب= انهن جي ثابتي اها ته مون پنهنجي جان جند تي اندر جي
جوش ۽ عشق جي مچڻ جو، جنڊ جيترو بار رکيو اٿم،
جنهن ۾ پيو ڳهان. (1/4) ناقِص=
[ع] غافل، عبادت نه ڪندڙ.
(2/4) گوڙ گنڊ=
گنڊ گوڙ، ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا، گڙٻڙ، مونجهارو
(1/5) ناتو= دوستي، محبت، واسطيداري. ڏيل= بت، زهر جي اثر کان بت ڦاٽي پوندو آهي. (2/5) ماڻ=
ماڻو، ناز، نخرو. مانڊاڻ=
پورو بندوبست. مانڊي=
نانگ وغيره جي ڏنگيل تي منڊ هڻندڙ، مطلب آهي ته
محبوب مانڊي تي ڪنهن چڱي تجويز ۽ رٿ سان ماڻن جو
منڊ هنيو. (2/6) کاٻ ۽ کنڊ=
ٻئي لفظ هڪ معنيٰ وارا، ڪناري جو، هڪڙي هنڌان ڀڄي
پوڻ. (1/7) نفس اُماره=
[ع] اهو نفس جو ماڻهوءَ کي
چوري خراب ڪم ڪرائي ۽ حڪم نه مڃي، ٻيا به نفس آهن
نفس لَوامّه يا عتاب ڏيندڙ ۽ نفس مطمئنه يا تسليٰ
ڏيندڙ. (2/7) کجي= خفي ٿئي، ڪرڪي. کر= خر يا کريل ۽ کاريندڙ، نفس جي صفت. اهنڊ=
هوڏي، سرڪش. (1/8) ڪيرتون=
زاريون راڳه ۾، عرض احوال. (2/8) ڀان ۽ ڀنڊ=
مڱڻهار، ڀَٽُ. هي اشارو آهي يا لڳي ٿو ڀان ڀنڊ
سان. دوست= اي دوست درپٽ، جو سوالي ٻاهر بيٺو آهي ڪير تون ڪري ٿو.
***
رديف ڍ
(غزل 41)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) غلاظت=
[ع] غير غليضائي، گند ڪچرو
ڪدورت. (2/2) خير= خيرات. (1/3) دائرو= مڪان، پڙ ميدان. (1/4) مٽائي= ٻي طرح انهي جو برعڪس. (2/4) ڪڍ= انهي کي ڪڍ هتي من ۽ نفس جي وچ۾ مقابلو ٿو ڪري ۽ فرق ٿو
ڏيکاري ۽ نفس کي چور ٿو چوي ۽ من کي، گهر جو مالڪ
يا دل ۾ رهڻ جو حقدار. (2/5) ڦير=
ڦيراءِ، پري ڪر يا ڦير اسم جي معنيٰ سان يعني ڏنگه
ڏانءُ. (1/6) عقبيٰ=
[ع] آخرت. (1/7) قاسم=
اي قاسم. هوس=
]ف[
حرص. مؤنث ڪري ڪم آندو اٿس تنهنڪري ڪوڙي ٿو چوي پر
اڪثر هوس مذڪر اسم آهي ۽ تنهن ڪري ڪوڙو چوڻ گهرجي.
اشارو ڏسڻ ۾ ايندو ته هن غزل ۾ قافيه جا لفظ آهن. ڪير، مير،
پير، وير، ڦير، سير، تنهنڪري غَير ۽ خَير ٻئي
قافيه جا آهن. علم عروض جي قاعدي جي پورائي ناهي ۽
چوڪ آهي. لاچار سنڌيءَ ۾ روا ٿو رکجي.
***
(غزل 42)
(بحر - رمل مسدسءَ وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) ڏاڍ=
ڏاڍائي، ظلم، زبردستي. (1/4) نِيو=
نميو، جهڪيو.
***
رديف ذ
(غزل 43)
(بحر – حفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن، فعلات)
(2/2) پيام=
]ف[
پيغام. (1/3) تلافي=
[ع] دليري، دڙ دلاسو، نقصان جو
عيوض ڏيڻ. (2/3) ساقي= [ع] شراب پياريندڙ، محبوب. جام=
]ف[
پيالو، يعني شراب. (1/4) پت=
دستور، پَرِ. (2/5) ڪبڪ رفتار=
]ف[
ڊيل جي چال وارو. خوشخرام=
]ف[
چڱي پنڌ ڪرڻ وارو، ٽلندڙ (1/7) ديرو=
منزل، جاءِ. (1/8) پڪو پهي=
پڪو شعر رٿي. (2/8) يعني پڪو شعر لذت وارو ۽ وڻندڙ
آهي پر نه خام يا ڪچو.
***
(غزل 44)
(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل)
(1/1) پرت پهه پائڻ=
پريت جو پهه لائڻ. ملذذ=
[ع] لذيذ، لذت وارو. (1/2)
رانجهن=
دوست، محبوب. (2/2) پرگهور=
پرگهر، ڳڻتي، خيال. (2/4) پور=
خيال، پهه. پرڀائڻ=
پرچائڻ، ٺڳائڻ، راضي ڪرڻ. (1/5) سٿ=
جماعت. (2/5) ڀائڻ=
وسهڻ. (1/6) اوٽ=
اٽڪل، خيال، تخمين. هن بيت ۾ عربي پهاڪو لڪل جديد
لذهُ حال ۾ اٿس يعني سڀ ڪنهن نئي شئ يا نموني ۾
لذهُ آهي. (2/7) فصاحت=
[ع] زبان جي چالاڪي ۽ چٽائي،
قابليت.
***
رديف ر
(غزل 45)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) اَنت ڳجهه، منجههُ، حقيقت. شرع=
[ع] بيان، سمجهاڻي. (1/2) حديث=
اسان توکي ائين نه سڃاتو آهي جيئن سڃاڻڻ جو حق
آهي. (2/2) نبي آخر الزمان=
پوئين زماني جي نبيءَ يعني حضرت محّمد ﷺ. (1/3)
عربي بيت=
انهن تي صلواتون ۽ دروُد هجن جو هو. (2/3) نبين ۾
چڱو اختياريءَ وارو. (1/4) عربي بيت جنهن مونکي حق
يا خدا جي واٽ ڏي هدايت ڪئي. (2/4) اُهو سچو آهي ۽
پڻ سندس پاڪ اؤلاد (1/5) عربي=
اُهو هڪڙو آهي ۽ انهيءَ جو ڪوبه شريڪ ڪونهي. (2/5)
خدا کان سواءِ سڀ شئ جو اهو انڪار ٿو ڪري. (1/6)
عربي مصراع=
اهو، جنهن جهڙي ٻي ڪابه شئ ڪانهي. (2/6) پاڻ کان
ٿي پري=
پاڻ کي وساري، پنهنجو نفس ماري. (2/7) قرآن مان
آيت= پوءِ اي سمجهه ۽ عقل وارؤ خدا کان ڊڄو. (1/8) اهو ملڪ
جو مالڪ ۽ ڪماليت ۽ ڪم وارو آهي (1/9) عربي بيت= پوءِ انهن جو ذڪر هر وقت گهڻو ڪندا رهو. (2/9) تحقيق
خدا هڪڙو ۽ زبردست آهي. (2/11) عربي مصراع= جتي ڪٿي اهي شعر پڙهڻ ۾ پيا ايندا.
***
(غزل 46)
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
اشارو- هي غزل توشيح جي صفت وارو آهي پهرين مصراعن جي پهرين
اکرن کي ترتيب وار ملائڻ سان محمد قاسم جو نالو ٿو
نڪري ۽ تنهنڪري دستور موجب پوئين بيت ۾ شاعر
پنهنجو نالو نه آندو ۽ پوئين مصراعن جي منڍ وارن
اکرن ملائڻ سان حڪومت راءِ جو نالو ٿو نڪري، جو
شايد سندس دوست يا غزل جي فرمائش ڪرڻ وارو آهي.
پوئين بيت ۾ انهيءِ صنعت جو اشارو ڏنو اٿس (2/5)
تڪرار=
[ع] يقين، گهڻي قدر. (2/6)
رفع= [ع] دفع، لاهڻ، ٽارڻ. دشوار=
]ف[
ڏکيو صفت آهي درد جي. (1/9) اوليٰ [ع] پهريون. دو
اسمي=
ٻه نالا.
***
(غزل 47)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) عز
=[ع].
پرڪار=
موافق، انداز موجب. (1/2) پارسي بيت=
منهنجي ڳالهه اها ڪافي آهي ته علم يا حڪمت کي حڪم
يا اختيار آهي يا علم اهڙو ضروري آهي جهڙو حڪمت.
(2/2) اجايون ڳالهيون ڇڏي ڏي ۽ ضروري مطلب انهي
مان حاصل ڪر. (1/3) عربي بيت=
چيل آهي ته علم جنهنگلي حيوان وانگي ٽهندڙ آهي.
(2/3) انهن کي گهڻي محنت يا وري وري ڪرڻ سان
ڦاسائي هٿ ڪر. (1/5) پارسي بيت=
منهنجي ڳالهه ڪن ڪر ته فائدو حاصل ٿيئي. (2/5) علم
جي حاصل ڪرڻ ۾ گهڻي ڪوشش ڪر. (1/6) عربي مصراع=
هڪڙو اکر وٺي انهن کي هزار ڀيرا وري وري پڙهه.
(2/6) دل اُتي= دل تي. (1/7) ڪاڻ= لاءِ. ڪاڻ ڪڍڻ= گهرج ظاهر ڪرڻ، پرواهه ڪرڻ. (2/7) حسبنا الله=
خدا اسانجي لاءِ ڪافي آهي. به استمرار=
[ع] هميشهه هميشگيءَ سان.
(1/8) ايزدي= ]ف[ خدائي. (2/8) رجاءِ آٽ اُجار= [ع] ٽيئي امر حاضر - پگهار، ساڙ ۽ چلڪاءُ
(1/9) پارسي بيت=
چڱن اخلاقن سڌارڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ. (2/9)
اسانجي ٻڌ ۽ ڪو عذر ۽ بهانو نه آڻ. (1/10) عربي
بيت=
انهن کان پوءِ آءٌ صلواة ٿو پڙهان. (2/10) رسولن
مان جيڪو زياده شرف وارو اخلاق جو سردار آهي
تنهنتي. (1/11) عربي بيت=
۽ انهي تي جنهنجو نالو علي آهي ۽ جو وڏو آهي.
(2/11) ڪڏهن به انهن کان منڪر نه ٿي. (2/12) پرج= هلج.
***
(غزل 48)
(بحر - خفيف مسدس - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
اشارو - هن کي شاعر غزل ٿو سڏي پر آهي قصيدو جو ٻارهن کان وڌيڪ
منجهس بيت آهن) (1/1) عربي بيت=
عمر لنگهي ويئي ۽ زمانا گذري ويا. (2/1) جيڪي صاف
۽ پاڪ آهي سو آءُ نٿو چکان سواءِ.......... (هتي
هڪڙو لفظ گم آهي خبر ناهي ڇاهي) (1/2) عربي= پنهنجي محبت کي وفا سان سينگار. (2/3) عربي=
اسانجي دل ڌارين کان پري رهي آهي. (1/4) عربي=
تحقيق عشق منهنجي دل ساڙي ڇڏي. (2/4) پرڪار=
موافق. (1/5) هنجي محبت ڳاڻيتي کان ٻاهر آهي.
(2/5) جي انهي کي ڳڻبو ته مينهن جي ڦڙين جيترو
گهڻو آهي. (2/6) انهنجو ذڪر، ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
(1/7) ڳرهڻ=
اورڻ، ظاهر ڪرڻ. (2/7) منهنجي زبان انهي جي ظاهر
ڪرڻ کان ماٺ ۾ آهي. (2/8) آءُ ۽ شراب آهيون اي
سمجهه وارا صاحبو. (1/10) اي مشتاقو هن جي ڏسڻ
لوءِ. (1/19) طالبو اوهانکي خوشخبري هجي. (2/9)
وصال شروع ٿيو ۽ فراق رد ٿيو. (1/11) سال= سالم. (2/11) شرير ماڻهن کان گوشو ڪريو ۽ ڊڄو. عربي=
هروقت خدا جو شڪرانو واجب آهي. (1/12) فارسي=
ديدار ۽ چميون ۽ ڀاڪر حاصل ٿيا. (1/13) عربي=
اي رب عشق تي اسانکي ثابت قدم رکه. (1/13) ڌڻيم
بيهار= اي ڌڻي مون کي بيهار يا اي منهنجا ڌڻي بيهارئينم.
(1/14) عربي=
صبح ۽ شام اهڙو رهه. (2/15) جيڪو عشق ڪمائي ٿو
تنهنکي عار يا شرم ڪونه ٿو اچي. (1/16) عربي=
اي منهنجا دوست اچ ۽ اچي منهنجي مدد ڪر. (2/17)
انهي وٽ ظاهر ظهور ۽ لڪڻ يا پردي کان سواءِ اچ.
(2/18) عربي=
سڀني گرم طعامن ۾ مٺاڻ نه ٿيندو آهي. (1/19) تحقيق
تنهنجو فراق دوزخ جي باهه کان زيادهه سخت آهي.
(1/20) ڪماتدين تدان=
عربي پهاڪو يعني جهڙي تون ڪندين تهڙي ٻيا تو سان
ڪندا. (1/21) تحقيق دوست جو گهر تنهنجي دل ۾.
(2/21) نيڻ نائي=
اکين هيٺ ڪري. (1/22) نئون نموني جي معنيٰ شايد
آهي سنڌي ۽ فارسي ۽ عربي بيت ۽ مصراعون گڏي آڻڻ.
(2/22) سخن سندو ست سار=
شعر چوڻ جي همتّ ڪر.
***
(غزل 49)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
اشارو - هي غزل موستحه آهي يعني هر بيت جي پهرين اکرن ملائڻ سان
نالو نڪري ٿو جيئن بيت ۾ سمجهاڻي ڏني اٿس ۽ اهو
نالو هاسه مل آهي. (1/1) هن بيت ۾ شاعر کي شاهه
صاحب ڀٽائي جو انهيءَ مضمون وارو بيت دل ۾ آهي.
اهو بيت هي آهي - هل هئين سان هوت ڏي پيرين پنڌ
وسار. قاصداڻي ڪارڪين رساڻي ڪيچه ڏي. (2/2) اکين
جي آر=
اکين جو ميل يا لاڙو يعني اکيون اٽڪايم. آر
مذڪرآهي پر هن مؤنث ڪري آندو آهي. (2/5) کيڪارڻ يا
کنڪارڻ=
خوش خير عافيت=
ڪرڻ، حال احوال وٺڻ، مرحبا ڪرڻ، (1/3) لهي=
هئڻ گهرجي لهين ڇا لاءِ جو ساري غزل ۾ يار مخاطب
آهي.
***
(غزل 50)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
اشارو - هن غزل ۾ به ٻارهن کان هڪ بيت وڌيڪ آهي تنهنڪري غزل نه
چئبو (1/1) معلم=
[ع] استاد، علم سيکاريندڙ.
ڳڀور=
معصوم، ننڍڙا. (1/2) غزال=
]ف[
هرڻ جو ٻچو (1/3) تهديد=
[ع] دڙڪو ڏيڻ، فهمائش. طفل=
[ع] ننڍڙو ٻار. (2/3) دست=
]ف[ هٿ. (1/4) تندابرو=
]ف[ شوخ يا گهنڊپيل ڀرونءَ
وارو.
=
(2/4) خيرگذار=
خير سان گذار. (1/5) جوت=
روشنائي، ڏيو، جلوو=
[ع] تجلو. (2/5) ساز=
سينگار، زيور. ”سان“ لڳي ٿو ساز سان ۽ ساهه آهي.
مفعول فعل سينگار جو. (1/6) سرد=
شراب. رسالي ۾ گهڻو اچي ٿو. (2/7) حڪمران=
]ف[ حڪم هلائيندڙ، حاڪم. (1/9)
جوٽڻ=
لائڻ. جهدؤن=
[ع] جهد يا ڪوشش يا محبت سان.
جهاد اڪبر= [ع] وڏي غزانا جنگ يعني نفس سان وڙهڻ بيدين
ماڻهن سان جنگ کي کي جهاد اصغر چون. معنيٰ ٻي
مصراع ۾ ٿو ڏئي. (1/10) غني=
[ع] دولتمند. (1/11) عربي=
اوهين ڪنهنکي به ڪاوڙ مان بد نه چئو يا گار نه
ڏيو. اها معنيٰ ٻي مصراع ۾ ٿو ڏئي. (2/12) عربي=
پنهنجن نبي ۽ انهي جي پاڪ اولاد جي صدقي
]2/13[
عربي بيت=
اجهو آءٌ شاعرن کي چوان ٿو ته....... (2/13) ههڙا
شعر ٺاهي ڏيکاريو.
***
(غزل 51)
]بحر
- خفيف - وزن - فاعلاتن، مفاعلن فعلات[
(2/2) فارسيِ=
انهيءَ ڳالهه کان وري به توبهه ڪئي وئي يا پناهه
گهري وئي. (1/3) عربي=
جڏهن اها حديث آئي آهي ته جيڪو صلاح مشورت ڳوليندو
سوامن ۾ رهندو.
]2/3[
تڏهن پهه پهي يا خيال ڪري صلاح مصلحت ڪري پوءِ
پريان پار هل. پريان اشارو آهي حضرت پيغمبر ڏي، ۽
انهنجو پار آهي مڪو ۽ مدينو.
]1/4[
عربي بيت=
اهو مڪي جو ۽ مديني جو ۽ حجاز جو رهاڪو آهي.
]2/4[
جنهنجو نالو احمد مختار آهي يعني حضرت محمد ﷺ.
(1/5) عربي= جيڪو هجرت ڪري خدا جي واٽ ڏي هلندو.
]2/5[ انهن کي مراد حاصل ٿيندي ۽ اُهو ڪوٽن مان ڇُٽي نڪرندو.
]1/6[
۽ الله جي پاسي ۽ انهن سان گڏ رسول جي پاسي.
]2/6[
تڪڙا هلو ۽ توبهه ڪرڻ ۽ بخشش گهرڻ ۾ مشغول ٿيندا
رهو.
]1/7[
اي رسول خدا جا آءٌ تو ۾ اميد ٿو رکان. (2/7) تِکه
تار=
درياهه جي سير جتي پاڻي تار ۽ تکو آهي. يا تکه
منجهان مونکي تار، ۽ ٻڏڻ کان بچاءُ. (1/8) عربي= تون پنهنجو منهن مونڏي ڦيراءِ ۽ منهنجي شفاعت ڪر.
(2/8) تو کان سواءِ اسانجي ٻي ڪا به پٺ يا مدد
ڪانهي. (1/10) عربي=
جتي ڪٿي ماڻهن جي پيشانئ تي سون رپو تپائي
ڏنڀيندا. (2/10) تنهن ڪري دينار جا، سون جا طالبو
نه ٿيو. اهو اشارو قرآن جي هڪڙي آيت مان ورتل آهي.
(2/11) عربي=
انهي کي انهن نشانين سان سڃاڻو.
***
(غزل 52)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) سِٽ سار=
سٽ يا سبق ياد ڪر. (1/2) عربي=
اي اسانجا تنهنجن ڏنلن نعمتن لاءِ اسين شڪرانا ٿا
ڪريون. (1/2) مون وار=
مونکي ورائي انهيءَ واٽ تي آڻ. (1/4) اسانجي
عاقيبت جي ڪمن ۾ گهڻو خير موجود ڪري ڏي. (2/4)
مُحابي عليءَ ۽ انهيجي ڀلي اؤلاد جي. (1/4) فارسي=
بخششن جي گهٽئ مان لوڌي نه ڪڍ.
]2/4[
جيڪا خطا ڪئي هجيم تنهن تان گذر ڪر. (1/5) فارسي=
انهي لاءِ ته منهنجن گناهن جي ڪو چارو. ٿئي.
]2/5[
تنهنڪري ڏهاڙي صبح جو وري وري توبهه ٿو ڪريان.
(1/6) فارسي= سڀڪا شئ تنهنجي حڪم هيٺ آهي.
]2/6[
م ڪار=
نه ڪراءِ.
]1/7[
پاڻ کي ٿو چوي ته ائين نه چؤ ته مونکان گناهه نه
ڪراءِ وري انهيءَ کان توبهه ڪر.
]2/7[
انهنکان خدا ڏانهن معافي لاءِ موٽ صبح صبح جي وقت.
(1/8) عربي= جيڪي تو گناهه ڪيا آهن سي خدا معاف ڪيا.
]2/8[ ڀر=
تڏهن به. پازي=
اي پاڄي، غلام، ڪمينا. (2/9) عربي=
دنيا جي گڏ ڪرڻ ۾ ڪوُئي جهڙو نه ٿيءُ.
***
(غزل 53)
(بحر - خفيف - مزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) رعونت=
[ع] ناسازي، رنج، دشمني. مون=
مون لاءِ. (2/1) عربي=
اي رب اسانجا انهي کي باهه ۾ ٻرندڙ رک. (1/2) دني= [ع] ڪميني، نيچ. عروس= [ع] ڪنئار. (1/3) دڙا= وڏا، زور وارا. ڌاري= وٽ. (2/3) ڪوڏ= لاڏ، پيار، مؤج. (1/4) لوچ= ڳول. اَحسن عمل= چڱا ڪم (2/4) جوڙ= برابر، مٽ. (1/5) ڪارڻ، لڳي ٿو قريب سان ۽ قرب آهي
مفعول ڪر جو.
***
(غزل 54)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(2/1) عربي=
مشرڪن ۽ ڪافرن جو قتل ڪندڙ. (1/2) مرتضيٰ=
[ع] حضرت عليءَ جو لقب. مراتب
۾=
مرتبن ۾. مقتدا
=
[ع] پيشوا، مهندار. (2/3) منبع
الاسرار= اسرار جو چشمو. (1/4) ڏهه ڏيو= ڏهن ڌيائن وارو، تمام دهشت ۽ حشمت وارو. (2/4) اڙين=
ڦاٿلن، مشڪلات ۾ پيل. (1/5) عربي=
اُهو اڀرندڙ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگي آهي اونداهئ ۾.
(2/5) مطلع الانوار= نور يا روشنائي جي نڪرڻ جي جاءِ. (1/6) سڀ سڌر=
يعني حضرت ﷺ جن جا سڀ يار ۽ اصحاب چڱا ۽ ڀلا آهن.
اَفضل=
بهتر، زياده فضيلت وارو. ڪونڌ
=
جوان، بهادر. قلب قرار=
دل جو آرام. هن بيت مان ظاهر ٿو ٿئي ته شاعر شيعن
وارو مذهب ٿو رکي، ڇا لاءِ جو سني ائين نه ڄاڻندا
آهن. (1/7) منقبت=
[ع] تعريف جو شعر. (2/7) ورد
ڪر=
وظيفوڪر، وري وري پڙهه.
***
(غزل 55)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/3) اون ۾=
اونهي ۾. (1/5) لهه=
لاڙو، دل جو ميل، محبت. لا الله الاانت=
[ع] توکان سواءِ ٻيو خدا
ڪونهي. اهو هڪڙو ڪلمو آهي. (2/5) مع التڪرار=
ذري ذري، وري وري. (1/6) عربي=
جنهن منهنجو شعر چڱي صفت سان ڏٺو. (2/6) تنهن چيو
ته اهڙن شعرن جي لاءِ آفرين هجيس. (2/7) وير=
دشمني، ضد قرب جو. وير=
پهلوان، بهادر.
***
(غزل 56)
]بحر
- خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات[
(1/1) سلوڪ وارا=
صوفي، سالڪ، درويش. (2/1) غير=
[ع] خدا کان سوءِ ٻيو سڀ ڪجهه
غل غش. (2/2) وارن وير= وير وجهڻ دشمني لائڻ. (1/3) بيخودي=
]ف[
مستي. (1/4) هوت همراز=
اُهي دوست جا همراز آهن. حسبةالله=
[ع] خدا جي ليکي، خدا ڪارڻ.
(1/5) شايان= ]ف[ جڳائيندڙ، لائق چڱو. مور=
هتي همعنيٰ آهي. هيمشه اهو حرف فعل نفي سان ڪم
ايندو آهي. يا ته ڪير جي معنيٰ ڪجي ڪوبه ڪونه.
جنهن کي استفهام انڪاري چوندا آهن.
اشارو - جئن مٿي هڪڙي هنڌ ڏيکاريو ويو آهي ته سير، غير ۽ خير
قافين سان عروض جي قائدي موجب وير، ڪير، انڌير نه
اچڻ گهرجن اهو عيب آهي.
***
(غزل 57)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) پِرائي=
حاصل ڪري. پور= پهه. خيال. (2/1) وهلور= وهلو، جلد. (1/2) عربي= انهن جو گڏ ڪيل مال چڱو آهي. خدا شل برڪت وجهين. (2/2)
محبت مور=
محبت جي موڙي، خزانو. (1/3) معرفت مئي سندو=
خدا جي معرفت جي شراب جو. ڇا؟ پيالو. (2/3) مون= مونکي. (1/4) خمار= [ع] نشو، مستي. (2/4) چٽ ۽ چور=
ٻئي هڪ معنيٰ وارا لفظ، (2/5) درس دانش=
ڏاهپ يا حڪمت جو سبق يا تعليم.
***
(غزل 58)
]بحر
- خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات[
(2/4) ني=حرف
زائد پڻ، ته
]1/5[
اسم=
[ع] نالو. (1/6) غزل ڪيو جي
بدران غزل لکيو يا چيو هجي ها ته بهتر آهي. هن غزل
۾ صنعت توشيح ڪم آيل آهي. پهرين چئن بيتن جي پهرين
مصراعن جي پهرين اکرن ملائڻ سان محمد جو نالو ٿو
نڪري.
***
(غزل 59)
(بحر - رمل مسدس - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) فتوت=
[ع] مردانگي، آدميت. فتيٰ چون
جوان مرد کي. فتور= [ع] فساد، حرڪت، ٺڳي. (2/1) چاهه=
محبت. چور=
محو، زبون، فنا. (2/2) عربي=
تحقيق اوهانجا ڪم اوهانجي لاءِ نانگ بلائون آهن.
(2/2) ضرور= [ع] نقصان. (1/3) [ع] حديث=
تحقيق ڪم نيت تي منحصر آهن. (1/4) سايد=
اندر ۾ رکه ۽ لڪاءِ. (2/4) سرت سِٽ=
سرت جي سٽ ڪر، هشيار ٿي چڱي رٿَ ڪر. (1/5) سان= لڳي ٿو نفس سان. اُماره= مٿي آيو آهي نفس خراب ڪم ڪرائيندڙ (2/5) ڪلور=
ظلم، جٺ. (2/5) چنتا=
فڪر، ڳڻتي. (2/6) سرور=
[ع] خوشي، سرهائي. (2/7) اُڇت=
هڪدم لحظي ۾ اَڇت به چئي سگهجي يعني چهڻ يا پسڻ
کان سواءِ پر پهريون بهتر آهي. عبور=
[ع] پار لنگهڻ. (1/8) عذب
اللسان=
[ع] مٺي زبان وارو. (2/8)
مرارت=
[ع] ڪڙائي. مرور=
[ع] گذر. (2/9) نيرنگه=
]ف[ مڪر، ٺڳي، دغابازي. نفور=
[ع] نفرت ڪندڙ، ڀڄندڙ.
***
(غزل 60)
(بحر - مجتث - وزن - مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن)
(1/1) ته=
حرف زائد آهي، تازه وتر=
]ف[ هميشهه تازو. (2/1) محبت
مئي=
محبت جي مئي يا شراب مان. (1/3) بسر ]ف[ مٿي، تي
جيئن اکين تي لڳي ٿو فعل نجي سان (2/3) عربي=
پوءِ نه جهيڙو ڪر پر هنن جي محبت ڏي جلد وڃ (2/4)
هن مصراع ۾ هجي فعل لڪل آهي. (1/5) مزيدار=
محبت جي صفت آهي ليڪن نا مناسب آهي مزيدار شيءِ
ٿيندي آهي ۽ مزي جو ماڻهو به کڻي چئجي پر نه
مزيدار (1/6) نشاط=
[ع] خوشي، سرهائي (2/6) مقام=
[ع] جاءِ (1/7) علم اندر=
علم ۾ (2/7) ڪمام=
ڪم ڪار، بندوبست مال اسباب (1/8) محڪم الدين شاعر
کي اهڙي غزل لاءِ طلب ٿو ڪري (2/8) طروات=
[ع] تازگي (1/9) فهرست [ع]
ياداشت يا باب يعني گهڻي فضيلت. مير= سيّد (2/9) انتظام= [ع] جوڙجڪ بندوبست (1/10) سڀ مغز=
نسورو مغز، پُر مُعنيٰ (2/10) مليح
=
[ع] سلوڻو (2/11) علوُ=
[ع] وڌائي. قيل قال=
[ع] گفتگو (2/11) اُچار=
سڌارو يا سوجهرو ڪرڻ اِهتمام=
[ع] ڪوشش، بندوبست، ڪارپرداي.
***
رديف ڙ
(غزل 61)
(بحر - هزج مسدس - وزن - مفاعيلن مفاعيلن فعولن)
(1/1) جڙيل.
=
صحيح سالم تندرست جئن چوندا آهن ته شل جڙيو هجين
جهان ۾. جڙ= ڪِلي، ميخ (2/1) وڙ= احسان ڀلايون (1/2) کان لڳي ٿو عشق (2/2) ڪڙ=
ڪنارو، بند جيئن پاڻيءَ کي اٿلڻ کان ڪندا آهن
(1/3) محڪوم=
[ع] مغلوب، تابع، حڪم ۾ (2/4)
پڙ=
ڍڪ، پناهه، پردو، جيڪي کڻجي، بار (2/5) آل احمد= حضرت محمدﷺ جو اؤلاد. آڙ= پناهه
***
(غزل 62)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) ڪانٽ=
سست، نڪما. ڪذاب=
[ع] ڪوڙ ڳالهائيندڙ (6/1) سيم=
]ف[ رپو، چاندي. طلا [ع] سون
(1/2) جيفتٌه= [ع] ڍونڍ، مردار. جنهن حق=
جنهنجي بنسبت ۾ يعني جنهن جي نسبت ۾ جيفته واري
حديث يا قول چيل آهي جنهنجو اشارو ٻئي بيت ۾ به
آهي. اُهو هي آهي. اَلدنيا جيفته وطالبا ڪلاب يعني
دنيا هڪڙو ڍنڍ آهي جنهنجا طالب يا ڳوليندڙ ڪتا آهن
]1/3[
طالب الدنيا=
دنيا جا طالب (2/3) سان=
لڳي ٿو دغا سان.
]2/4[
بوز= ڄٽ جاهل، بوُزان= شايد فارسي لفظ بز، يعني ٻڪر يا بوُزينه يعني ڀولڙي مان
نڪتل آهي.
]2/5[
نثر هي ٿيندو=
وڏيءَ وڏائيءَ يا اوج ۾ وڏا ڪوڙ ڪن.
]1/6[
لوڀ= لالچ. لاڀ=
فائدو (2/6) لوف=
لفنگا لوٺيا، لچ، جيئن انگريزي لوفر.
***
(غزل63)
(بحر - خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) هاتف=
[ع] هڪڙو ملائڪ يا روحاني شخص
جوغيب مان سوال جا جواب ڏيندو آهي، غيبي آواز
ڏيندڙ (1/2) ڄاڻ=
خبر، واقفيت. جيترو=
انهنجي بدران ڪيترو بهتر هو. سنڌ سيوهڻ ۾=
سنڌ ۽ سيوهڻ ۾ يا سنڌ ديهه واري سيوهڻ ۾. مير
مروند= مروند شهر جو اصل رهاڪو سيد يا سردار، شهباز=
]ف[ شاهي باز قلندر. (1/3) نثر
هي آهي=
عاشقن جي جان جي مرغ يا پکيءَ کي- جهڙپ=
جهٽ. باز=
(ن) باز ۽ شهباز هڪڙوئي پکي آهي. تنهنڪري شعر جي
قانون موجب ياز قافيه ۾ ٻه ڀيرا نه اچڻ گهربو هو،
جو ساڳئ لفظ جون ٻه معنائون ناهن. (2/4) دراز= ]ف[ ڊگهي= اِنڪسار=
[ع] نياز نماڻائي. نِرت=
نظر، نگاهه، ڌيان صدق.
***
(غزل 64)
]بحر
- خفيف - وزن - فاعلاتن، مفاعلن فعلا[
]1/2[
سگهڙ=
سنجيدو، اٽڪل ۽ تجويز وارو
]2/2[
سال= سالم چڱي - مٿي به آيو آهي، سَلي= ڏسي (2/3) رلي= گڏي، مِلائي. فاعل اٿس يار
]2/4[
توڪلّي=
[ع] توڪل واري.
]1/5[
با الله
=
خدا جو سنهن (قسم) (1/6) ڪاربار=
]ف[ ڪم ڪار.
***
رديف س
(غزل 65)
]بحر
- هزج مسدس - وزن - مفاعيلن مفاعيلن فعولن[
(1/2) پر=
مگر ليڪن (2/3) الهه توهار=
چوڻ کان يعني الله جي آسري. مٿي به آيو آهي. (1/4)
اداسي= اُٻاڻڪائي، ملولائي، غمگيني (1/5) رمز=
[ع] ريجهه ميلاپ (2/7) طلب
تڪرار=
گهڻي طلب يا وري وري طلب ڪرڻ کان (2/8) ڌئل=
ڌڻيل چونڊيل.
***
(غزل 66)
(بحر - رمل مسدس - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) مون=
مونکي يا منهنجي (2/1) حسرت=
[ع] پريشاني، پشيماني، افسوس
(2/2) درمان= ]ف[ دوا، علاج. (1/3) نوح ثاني=
ٻيو حضرت نوح، جنهنجي وقت ۾ طوفان آيو هو ۽ سارو
جهان ٻوڙي ڇڏيائين. (2/3) طغيان= بيحد چاڙهو، پلٽ، ليٽ، اٿل، طوفان. (2/4) ديوان=
]ف[ دفتر، شعرن يا غزلن جو
ڪتاب. (1/6) کجي= کپي خفي ٿئي، ڪُرڪي. (1/7) مير مرسل=
حضرت محّمدﷺ (1/8) بعدالنبي=
نبيءَ کان پوءِ ٻئي درجي. برتر=
]ف[
افضل، مرتبي ۾ زياده. هي ٻيو دفعو شاعر شيعن وارو
اعتقاد يا مذهب ٻڌائي ٿو. (1/9) عربي=
اي خدا اسانکي انهن کان ڇڏاءِ جنهنجو خوف رکون ٿا.
(2/9) شرارت=
[ع] بڇڙائي. شرمتي=
شوم، بدبخت. شومتي صفت جو، عام لفظ ناهي. پنهنجو
ٺاهيو اٿس. مٿي به آندو اٿس. (2/10) جودت=
[ع] تيزي، تکائي چڱائي. جؤلان=
]ف[ مستي، بيحد ڪوشش ڊوڙ،
ڪاهه.
***
رديف ش
(غزل 67)
(بحر - رمل مثمن - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) شاد خوش=
]ف[ ٻئي لفظ هم معنيٰ (1/3)
يعني منهنجي من سندا (1/4) کر= خر کريل دشمن. (1/5) نثر هي آهي. تون مونکي جيءَ جي
جميعت يا تسليٰ ڏي ته پوءِ جيءُ جيءُ چئي توکي دل
وجان سان دعا ڪريان. (2/5) هيئن دعا ڪريان ته اي
اي جيءَ جا جنسار يعني سينگار شل سدائين خوش هجين.
دل مان، جي بدران دل سان هجي ها ته بهتر هو (1/6)
غور ڪر= ڌيان ڏي، انصاف ڪر. (2/6) اي غمزدن جا غمخوار يعني اي
غمن وارن جا غم ميٽيندڙ. (10/7) گهنگهر= ڳڻتي، فڪر (1/8) مون اندر= منهنجو اندر (1/11) کان ڪرم= گهرجي سان ڪرم. ڪلفت= [ع] رنج، ڪاوڙ.
***
(غزل 68)
]بحر
- خفيف - وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات[
(1/2) خير سان
=
چڱي نيت سان. خير ڪري=
خيرات يا ڀلائي ڪري. (2/2) خير=
خيرات يا ڀلائي. (2/4) ڪڏهن=
شروع ۾ پڙهڻ گهرجي. هيئن اها مصراع هجي ها ته بهتر
هو. ”قول ڪنهن سان ڪڏهن ڪرين تا پار.“ (2/4) ڦير=
ڦرڻ، بدلجڻ ٻي ڳالهه يعني ڦڪو ٿي ڦير نه ڪر. (1/5)
ڳجهه اندر= ڳجهه ڳوههَ ۾، لڪي. ڳرهج= بيان ڪج، حال ڏج. (2/5) غير [ع] ٻيا ماڻهو، ڌاريا.
اشارو
=
جيئن مٿي به ڏيکاريو ويو آهي ته خير ۽ غير قافيا،
قانون موجب وير، انڌير، پير، ڪير ۽ ڦير سان اچي نه
سگهندا.
***
رديف ص
(غزل69)
(بحر - هزج سالم. وزن - مفاعيلن مفاعيلن، مفاعيلن
مفاعيلن)
(1/1) اخلاص=
[ع] سچي محبت. (1/2) پڪ=
يقين آهي، ته پرت پائڻ=
دوستي لائڻ. لاڳه لائڻ=
واسطو رکڻ، دوستي ڪرڻ. (1/4) برهه ڀيرو=
برهه جو ڀيرو وري وري اچڻ، گهمرو. گهيرو=
چوڌاري ڦرڻ. (2/5) اسدالله
=
خدا جو شينهن، شير خدا، لقب حضرت عليءَ جو. عظمت
دار= وڏائيءَ وارو.
***
رديف ض
(غزل 70)
(بحر- رمل مثمن - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) اطاعت=
[ع] فرمانبرداري. (2/1) غرض=
[ع] مطلب. (1/2) نثر هي ٿيندو=
هيڻن تي حمايت يا پناهه جا هٿ ڌري. (1/3) پاڪ پرور= خدا تعاليٰ رب پاڪ. (2/3) امانت= مٿي به اهو اشارو آيو آهي ته عشق جي امانت جو بار زمين
آسمان نه کڻڻ گهريو پر انسان کنيو. جيئن قرآن ۾
آهي. طول عرض= [ع] ڊگهائي ۽ ويڪرائي. عرض قافيو هن غزل ۾
ٻه ڀيرا آندو اٿس پر ٻن معنائن سان. تنهنڪري
باقائدي ۽ روا آهي.
]1/5[ اقرضو الله=
قرآن مان. يعني خدا کي قرض ڏيو يعني خدا جي واٽ ۾
خيرات ڏيو. سٽ= آيت. سان ديانت= دينداريءَ سان.
***
رديف ط
(غزل 71)
(بحر - هزج مسدس - وزن - مفاعيلن مفاعيلن فعولن)
(2/2) منجان=
موڪليان. (1/4) بال=
]ف[ کنڀڙاٽي پکيءَ جي. بلبل=
بلبل سان خط ٻڌي روانو نه ڪندا آهن پر ڪبوتر سان
جنهنکي نامه بر چوندا آهن. ٻيو پيغام نيندڙ ۽
آڻيندڙ سنڌ ۾ کنياتو يا ڪانگه آهي. پر بلبل ڪڏهن
به پيغام نه آڻيندي نه نيندي آهي. صبا به قاصد
ٿيندي آهي پر نه بلبل. (1/5) الخط نصف الملاقات=
عربي ضرب المثل آهي يعني خط اڌ ملاقات آهي. (2/5)
مڪم=
موڪليم. (1/6) تضرع=
[ع] نياز، زاري، نيزاري.
***
رديف ظ
(غزل 72)
(بحر - رمل مثمن - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) سچ=
يقين. اها ڳالهه سچي آهي ته. سپرين=
پرين. حظ
=
[ع] لذت فرحت (2/1) ساهه
سيباڻن=
ساهه کي وڻندڙن، محبوبن. اشارو=
ٻنهي مصراعن ۾ قافيه جو لفظ ”سوا“ آندو اٿس جو بي
قاعدي آهي ٻِين مصراعن ۾ برابر آهي جيئن ته مدعا،
لقا، جفا، روا بهتر هو ته پوئين مصراع ۾ ”سوا“ جي
بدران ”بنا“ آڻي ها. (1/2) جي=
جيڪڏهن، جيتوڻيڪ. (2/2) ميسر=
[ع] حاصل. دلکي=
ته به اتي ڳجهو آهي، جي جو جواب. (1/4) مهڻا=
موهڻا، موهيندڙ. (2/3) لوڇ=
لڇڻ، بي آرامي. (2/5) سدا ۽ نت=
هڪ معنيٰ جا لفظ آهن، هتي انهن جو گڏ اچڻ ضرور نه
هو. ڪئن= ڪيئن به. بهتر هو ته چوي ها ته. ”ڪر صدا اُنجي روا.“
جتي صدا جي معنيٰ ٿئي فرياد يا عرض ۽ روا جي معنيٰ
منظوري يا پوري.
اشارو=
اهڙي ساڳي بحر ۽ وزن جو غزل مٿي به آيو آهي ۽ انهي
واري ساڳي چوڪ عروض جي قاعدي جي هن ۾ نه آهي يعني
پهريون بيت ۽ ٻين بيتن جون پونيون مصراعون مٿي ڏنل
بحر تي آهن ليڪن باقي چار پهريون مصراعون هن بحر
تي آهن. فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن يعني
پڇاڙيءَ وارو رڪن پهرين بحر ۾ فاعلن آهي ۽ پونين ۾
فاعلاتن. تنهنڪري ٻئي علحدا ، گڏ هڪ غزل ۾ نه اچي
سگهندا.
***
(غزل 73)
)بحر
- رمل مسدس - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات(
(1/1) صبحدم=
]ف[ صبح جي وقت. سماع=
[ع] راڳه. اهو راڳه ٻي مصراع ۾
آهي. (2/1) وداع= [ع] موڪلاڻي يعني گل، جو بلبل جو محبوب
آهي. سو مون وٽ گوندر يا غم ڇڏي ويٺي موڪلائي هليو
ويو يعني فراق ڏيئي ويو. (1/2) ڪوپ=
ڏمر، ڪاوڙ، سختي (2/2) اجتماع=
[ع] جماعت، گڏ ٿيڻ (1/3) نباهي=
وفا ڪري. (2/3) خودبين=
]ف[ پاڻ ڏسڻ وارا، مغرور،
هٺيلا. خصلت= [ع] عادت. خلاع= [ع] زال جو مڙس کي ڇڏڻ، طلاق. دنيا زال کي
چوندا آهن تنهنڪري فلاع چيو اٿس جو شريعت جو هڪڙو
اصطلاح آهي. (2/4) متاع=
وٿ واپار جي. (2/5) انتفاع=
نفعا، فائدا. (2/2) ذزاع=
جهيڙو (1/7) انت=
اندر جو ڳجهه. عيان=
[ع] ظاهر (2/7) هي عربي پهاڪو
آهي ته:
السر اذا جا وزالاثنين فشاع
يعني جڏهن ڪا ڳجهي ڳالهه ٻن ڄڻن کان لنگهي تڏهن پکڙي ويندي.
(2/8) اِستماع=
[ع] ٻڌڻ يعني ٻڌڻ ۽ ڌيان ڏيڻ
جي لائق (2/9) شجاع= [ع] بهادر. شائق= [ع] شوق وارا، مشتاق (1/10) پنج سيار يا
گهمندڙ تارا ۽ ڇهون عطارد ۽ ستون آهي شمس يا سج،
جو پڻ اڳي هڪڙو گهمندڙ تارو شمار ڪيل هو. پر=
اچڻ گهرجي شمس جي اڳيان. مطلب آهي ته فلاڻا فلاڻا
ڇهه تارا آهن مگر سج انهن سڀني کان شعاع يعني
روشنائيءَ ۾ زياده آهي. (1/11) يعني انصاف ڪري ڏس
ته قاسم سان ڪير برابر ٿي سگهندو. (2/11) سخن=
شعر. اختراع=
[ع] نوان نوان هنر نڪتا ۽
تجويزون.
***
(غزل 74)
(بحر - رمل مسدس - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) الوداع=
[ع] خدا حافظ، الهه واهي،
موڪلاڻي. (2/1) مبتلا= [ع] گرفتار، مصيبت زدو. (1/4) ڪري لڳي ٿو
الوداع سان يعني الوداع ڪري. (2/5) مه لقا= ]ف[ چنڊ جي منهن وارو.
***
رديف غ
(غزل 75)
(بحر - رمل، مسدس - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/3) کان لڳي ٿو نظاري ۽ پياري سان ( ) اُڃو
اشارو=
جئن هن بحر جي وزنن ۾ مٿي چوڪ ٿيل هئي تئن هن ۾ به
آهي يعني پهرين بيت ۽ ٻين بيتن جي پونئين مصراعن
جو وزن مٿي ڏيکاريل جهڙو آهي مگر پهرين مصراعن جو
ٻيو آهي يعني پڇاڙيءَ وارو رڪن فاعلات جي بدران
فاعلاتن آهي، جو غلط آهن.
***
رديف ف
(غزل 76)
اشارو - ساڳيو بحر ۽ وزن آهي، جهڙو مٿي ۽ هن ۾ ساڳي اهڙي قاعدي
جي چوڪ آهي.
(1/2) روزگاري=
گذر ڪرڻ. گذاري=
گذارو (1/3) خجانت=
[ع] شرمندگي (2/3) ست=
سچ سپتيائي (1/4) ضرر=
[ع] نقصان ذوق=
[ع] شوق (1/5) سهمون=
جٺيون، ڇڙٻون، ڏوراپا. (2/6) درڙي=
حرڪت بازي، ٺڳي.
***
رديف ق
(غزل 77)
(بحر - رمل مسدس - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1) نيهم من=
منهنجو من نيهي يا پورو ڪري ڇڏيو. بنم الاتفاق= [ع] چڱي اتفاق سان. (2/1) عندالمحاق=
[ع] چنڊ جي پونين تاريخن يا
اونداهين جي وقت (2/2) تحقيق هو آهن تمام سخت شوق
رکندڙ. (2/3) اليٰ يوم التلاق=
[ع] قيامت جي ڏينهن تائين جڏهن
ماڻهو خدا سان ملاقي ٿيندو. (2/4) قرآن جي آيت آهي
ته
مَا عند کم ينفد و مَا عندالله باق
يعني جيڪي اوهان وٽ آهي سو فنا ٿي وڃڻ وارو آهي ۽ جيڪي خدا وٽ
آهي سو بقا وارو آهي. (1/5) پڙهي=
مفعول اٿس ٻي ساري مصراع. (2/5) قرآن مان=
اي ربّ اسانکي خرابين ۽ بدڪارين کان بچاءِ.
***
(غزل 78)
(بحر - رمل مسدس. وزن فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلات)
(2/2) اشتياق=
[ع] شوق. انتساق=
دستور، رواج، رستو، بندوبست، جوڙ جڪ (1/5) جفت
=
]ف[
ٻٽ، شامل، گڏيل، جوڙو. (2/5) تغير=
[ع] ڦير گهير. فرد طاق [ع] ٻئي
لفظ هم معنيٰ. ڇڙها، يڪا، آزاد.
***
رديف ڪ
(غزل 79)
افلاڪ=
[ع] جمع فلڪ جو. آسمان (2/3)
ادراڪ=
سمجهه فهم. (2/5) بي نياز=
]ف[
بي پروا، بي احتياج بيباڪ=
]ف[
بي ڊپا. ڪڍڻ جو فاعل آهي بي ڳجهو.
***
(غزل 80)
(بحر - رمل مثمن - وزن - فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلن.)
(اشارو هي غزل به 75 ۽ 76 غزل واري بحر تي آهي ۽ منجهس ساڳي
اهڙي چوڪ آهي).
(1/2) گهورو=
طالب، ڳوليندڙ (1/3) پَرِ=
دستور، ريت (2/3) ٿيڪڻ=
ترار کپ ۾ وجهڻ (1/4) اهتمامي=
[ع] ڪوشش ڪندڙ ۽ بندوبست ڪندڙ
يعني سوز وارو ۽ ڪوشش ڪندڙ آهيان (2/5) جي=
جيتوڻيڪ. ڪورو=
نسورو. ياالهيٰ انت حسبي=
يا خدا تون منهنجي لاءِ ڪافي آهين. (1/6) جت
ڏهارين ڏات ڏسي= جتي گهنگارن کي گناهن کان بخشش ملندي، يعني قيامت ۾
(1/7) رهزن=
]ف[
ڦورو، چور، بدمعاش صفت نفس جي (2/7) ناڪارو=
نڪمو (2/8) بڇو=
بڇڙو، بدڪار. ڀورو=
ڀورڙو، نادان (2/8) بخت اورو=
خراب بخت وارو. اوري چون مصيبت ۽ بدبختي کي.
(1/10) قرب= عشق. نڀائڻ=
نباهڻ، وفا ڪرڻ (2/11) تور تورو=
ٻئي لفظ ساڳئ معني جا يعني وزن، بار، يعني ”طلب يا
سڪ جو قدر خيال ڪري معلوم ڪر.“
*** |