سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان قاسم

باب --

صفحو :3

 

تبصره

مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب جيڪو سنڌي علم ادب جي فن ۾ ڪمال ڪيو آهي سو اظهر من الشمس آهي ۽ ڪنهن جي بيان جو محتاج نه آهي. سندن سوانح عمري ۽ تصنيفات جو بيان سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جا علم مقبوليت حاصل ڪري چڪي آهي. سندن فرزند ميرزا حاجي افضل بيگ مونکي مرحوم شمس العلماءُ جي هي تصنيف دستخط جي صورت ۾ ڏيکاري جنهن مان مرحوم جي ادبي تفتيش جو Literay research اندازو ڪري سگهجي ٿو. ديوان قاسم لٿو گراف ۾ مون وٽ موجود آهي جنهن مان مرزا صاحب مرحوم رباعيون، مخمس وغيره خارج ڪري ڇڏيا آهن ۽ رڳا غزل درج ڪيا اٿن. ڏکين لفظن اصطلاحن ۽ جهونن سنڌي محاورن جي معنيٰ مطلب عام فهم سنڌي ۾ ڏنو اٿن. هي ڪتاب سنڌي علم ادب ۾ چڱو اضافو ڪندو ۽ پڙهندڙن ۾ ادبي ذوق پيدا ڪندو آخوند محمد قاسم هڪ بلند پايه جو سنڌي شاعر ٿي گذريو آهي جنهن کي سنڌي عربي شعر تي خاصي دسترس هوندي هئي. سندس هن ديوان ۾ ڏسبو ته ڪهڙي نه روانيءَ ۽ فصاحت سان موزون هنڌن تي فارسي ۽ عربي بيت چيا اٿس. آخوند صاحب جي قابليت کي خاص امتياز حاصل آهي ته هو في البديهه شعر چوندو هو قدرت جو خاص نظارو، يا ڪوبه واقعو جو سندس دل کي ڇڪيندو هو ته اتي جو اتي شعر چئي ڏيندو هو. آخوند صاحب جي شعر جو مضمون رڳو عشقي نه آهي، پر اخلاقي سبق گهڻو ڪري سڀني شعرن ۾ سمايل آهن آخوند صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترائي عربي ۽ پارسي محاورا ڪم آندا آهن پر تڏهن به شاهه عبدالطيف وانگي ٺيٺ سنڌيءَ جو مشتاق هوندو هو، جنهنجي ثابتي سندس ديوان جي هر غزل مان ملي سگهي ٿي. آخوند صاحب جو همعصر سيد فاضل شاهه حيدرآبادي هو جنهنجو ديوان لٿو گراف ۽ ٽائيپ ۾ ڇپيل آهي. مرحوم سيد فاضل شاه هڪ اعليٰ پيماني جو عالم ٿي گذريو آهي جنهن جي خذمت جو شرف مون کي ننڍي هوندي نصيب ٿيو هو، مرحوم فاضل شاه ۽ آخوند محمد قاسم جي بيت بازيءَ جي چٽا ڀيٽي حيدرآباد ۾ مشهور آهي ۽ انهيءَ ۾ موجود آهن. پڇاڙيءَ ۾ آئون ميرزا حاجي افضل بيگ کي مبارڪون ٿو ڏيان جنهن مرزا صاحب مرحوم جي اهڙي پياري تاليف کي سڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

(محمد صديق محمد يوسف ميمن.) بي اي

پرنسيپال ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ

***

 

(جناب مرزا نادر بيگ صاحب بار ائٽ الا جي ڏنل تنقيد)

حضرت والد صاحب جنجي تصنيف ڪيل ڪتاب تي آءٌ ڪهڙي راءِ ڏيان. مونکي بلڪ منهجي قلم کي اُها طاقت نه آهي جنهن ڪتاب تي حضرت قبله صاحب جنجو نالو آهي سو اکين تي رکڻ جهڙو آهي. پر مونکي برادرم افضل بيگ (ديوان قاسم جي ڇپائيندڙ) گهڻو تاڪيد ڪيو ته آءٌ به ڪي هن ڪتاب بابت لکان. منهنجي دوست مستر محمد صديق صاحب ميمن جيڪو تبصره لکيو آهي اُهوئي ڪافي آهي. ديوان قاسم جي تعريف جيڪا لکي اٿس اُها پوري آهي. منهنجي حقير نظر ۾ مرحوم محمد قاسم صاحب جو ڪلام هڪ عمدو ۽ لذيذ ڪلام آهي. سچ پچ پڙهڻ سان دل کي راحت پئي اچي. وري جو اُنهي ڪلام جي ضروري شرح ۽ آخوند صاحب جي سوانح برادرم ميرزا اسد بيگ ڏني آهي سا به لائق تعريف آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو ته هي ڪتاب سنڌي علم ادب ۾ چڱو اضافو ڪندو ڪتاب جي ڇپائي ۽ ڪاغذ به اعليٰ آهي ۽ ڪتاب چڱي نموني نظر اچيم ٿو. پڇاڙيءَ  ۾ آءٌ پنهنجي ننڍي ڀاءُ ميرزا افضل بيگ کي دلي مبارڪ ٿو ڏيان جنهن پنهنجي والد بزرگوار ۽ پنهنجي ڀاءُ جي ڪيل محنت کي خلق جي آڏو پيش ڪيو آهي. (نادر بيگ ق ميرزا.)

 

 

”ديوان قاسم“

 

از اجمل بيگ، قليچ بيگ ميرزا (فاضل)

 

وزن مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيلن،

1. عجب ديوان قاسم ٿيو، جنهن ۾ ٿيا عجب اسرار،

پروڙي جو پڙهي تنهن کي، حقيقت ساري ٿئي اظهار.

 

2. چوي جڳ آفرين قاسم کي جنهن ههڙو ڪڍيو ديوان،

پڙهي جو هن کي تنهنجي دل، ٿئي پڻ شاد ٿي بسيار.

 

3. اَچي هن مان بهاري بوءِ، جنهن مان ٿئي معطر دل،

ٿئي هن مان اِهو ظاهر، ته شاعر ٿيو گهڻو هوشيار.

 

4. نصيحت جو سکي، سو ڀل پڙهي هن کي ڪري پڻ غور،

نصيحت ملڪ ۾ بيشڪ، هينئر آهي گهڻي درڪار.

 

5. تراوت تازگي ڏي من کي، هي بيشڪ چڱو آهي،

پڙهي جو غور سان هن کي، ڏسي يوسف به منجهه بازار.

 

6. فرد، قطعا، مخمس ۽ قصيدا بي مثل هن  ۾،

رباعيون مثنويون بهتر لڳن، هن ۾ به ٿيون سؤبار.

 

7. شعر شاعر ميسر ڪيو آهي، هر قسم جو اُن ۾،

رکي دل علم وارو هن سان جو آهي ٿيو بيدار.

 

8. ميسّر عشق جو احوال هن ۾ پڻ گهڻو آهي،

پڙهي هن کي سدا عاشق، هجي جو هت پيو بيمار.

 

9. ثنا خواني آهي هر وقت، هر هنڌ جا خدا جي ٿي،

مُحمد مصطفا ۽ فاطمه ۽ حيدر ڪرار.

 

10. چوان شاعر جو ڇا مذهب، تصوف مان گهڻو واقف،

ٿيو مسلم پڪو، صوفي به، ديوان ڪيو سندس نروار.

 

11. سندس اخلاق موچارا، گهڻائي ٿيا به منجهه ديوان،

ڪيائين وعظ حق جا، ۽ ٿيو آخر به هو ديندار.

 

12. وڏو ماڻهو چون جنهن کي، اُهي اِخلاق هن ۾ ٿيا،

غريبي حال هنجو ٿيو ته ڇا، اخلاق منجهه زردار.

 

13. اَباڻو وطن هنجو حيدرآباد ۽ هو هالائي،

هئو پٽ نعمت الله جو ٿيو آخوند نيڪو ڪار.

 

14. غريبي حال هو هن جو، گهڻيون گهرجون نه ٿيون هن جون،

علم پوشاڪ ۽ خوراڪ هن لئي ۽ ٿيو سينگار.

 

15. سندس رستو فاضل سان، ٿيو شاعر به جو مشهور،

۽ پڻ مرحوم ميرزا سان محبت ۽ گهڻو هُس پيار.

 

16. رسيو ڪنهن اؤج کي قاسم، نه آهي ملڪ کان پنهان،

سنڌي اُردو عربي فارسيءَ تي هو سندس اختيار.

 

17. ڪيئَين اڀياس فطرت جو، لکيئَين ڪي شعر پڻ ان تي،

لِکيئَين قدرت جا نظم ۽ ڪانه ڪيئَين ويسار ڪاهر بار.

 

18. پهاڪا اصطلاحون شعر ۾ موجود پڻ آهن،

مؤثر ڪيئَين پنهنجو، ٿيس ديوان هڪ گلزار.

 

19. بلاغت ۽ فصاحت جو شعر شاعر ميّسر ڪيو،

شعر شيرين ٿيو هنجو سدائين، آه ٿيو هموار.

 

20. ولادت هجري ٻارهين سئو ۽ چوٽيهين ۾ ٿي سنديس،

پنجهتر عمر ۾ هي شخص ٿيو آخر دنيا کان ڌار.

 

21. غزل ديوان قاسم جا فقط آهن هتي داخل،

گهڻن قسمن جا مؤلفه، شعر هن مان ڪيا پڻ ڌار.

 

22. ٿئي شل فيض حاصل جڳ کي، هن مان ۽ ٿين سڀ شاد،

عجب سنڌ لاءِ تحفو هاڻ بنجي آه ٿيو تيار.

 

23. ملن ڪي سنڌ کي فاضل مڻيا جي اڻ ملها ٿي ويا،

سڪي دل ٿي اُنهن لئي، شل ملن ڪي هت وري يڪبار.

***

 

ديوان قاسم

 

رديف الف

غزل (1)

1. يا اِللهُ العَالمِين هُدنيِ صراَط المُستَوا،

مشڪلن ۾ موُر ناهي ماڙ منهنجي تو سِوا.

 

2. جِنَّ ۽ انسان تي تنهنجي عبادت فرض عَيِن،

جِيئنِ جَيڻُ اُن کي عبادت ري نه هِن جڳ۾ روا.

 

3. تو مُحمّد موڪليو مرسِل، سندوِ عاصِيُن اَجهو،

عالَمَن جو آسرو، مڙني مُهڙ، جڳَ مقتَدا.

 

4. پڻ سندس اصحاب اَفضلَ چُست چوکا چار يار،

جن ڪيو سرساهه صدقو مير مُرسل تان سدا.

 

5. ڪانه قاسِم آهِ رِحمت رَبّ جي ۾ ڪا ڪَمي،

رَک اَپر اُميّد اُن ۾ تا مڻين ماڻين مزا.

***

 

غزل (2)

1. منجهه روز محشر مهر سان، ڪج مون مدد يا مصطفا،

توري اَجهو عاصبن سندو ڪوڪوِنه اي عاصُين اجها.

 

2. مَنُ نفس ناقص نانئيو، سان شَنع شر شرمائيو،

اڄ پير پارسُ پائيو، لاهَيوِمِ خطرا لڳ خدا.

 

3. قادر ڪئي قرآن ۾، سرَه سندي سامان ۾،

تولاءِ شوڪت شان ۾، سهسين صفت سهسين ثنا.

 

4. حضرت سندم ڏس حال هي، عصيان ۾ احوال اِي،

سان رحم مونِ رکوال ٿي، رَسُ يا رسول الله جا.

 

5. اِذ ڪانِ ذبِني وافِراً، فَاشفَع وکن بي ساتراً،

مَا زال قلمي مضطراً، بينِ المخا فہ والرّجا.

 

6. بطفِيل عزّ ڪمالکم، وِبِحقّ حُسنِ خصالکم،

وبِصَحُبِکم وبا لَکِم، يَسَرّ اُ مؤري ڪُلّها.

 

7. هَرڪو چوي يوم الحَشر، تو ريءَ اسان اين المفر،

دانِهُين سندو اُت دادُ ڪر، جِت سام ناهن تو سوا.

 

8. مونَ تي شفاعت شَاهه ڪر، گَس لاءِ هن گَمراه ڪَر،

بيواه ڪارڻ واه ڪر، لهه ڪارڻي سڌ سارَ ڪا.

 

9. والَئي ڪيا تو ساڻ وڙ، سردار سگهه وارا سُگهڙ،

عاصين سندي ٿي اوٽَ اڙ، آڌار عَالَم آسرا.

 

10. تون دادِ لو درگاه جو، ڏَڍُ هِن ڏُهاري ڏاهه جو،

رِهبرُ ربانَي راهه جو، نت نور نعم الملُتجا.

 

11. من ڪان عَزَّبيا نَہ، في الشّعر طال لَسا نہ،

فَليُشعرکه ماشا نَہُ، کااَّلّدرِ بحرالصّفا.

 

12. قاسم اُتي ڪر ڪو ڪَرم، ڀالَين ڀلا ڀرَجهلِ ڀَرَمُ،

شَر کان بچائي رکه شرم، ورُ ويِر سرور سيّدا.

***

 

غزل (3)

1. هوتَ همارا، نازن وارا، قلبَ قرارا، مُحَب متارا،

پِرت پيارا، سونهن سڌارا، عشق اُجارا، سالم سارا.

 

2. دانهه دلبر، ساڄن سرور، ماَنَ مُفَخر، ڀال ڀلي ڀَر،

اڙيَن آڌر، وانجهن واهَر، داڙو داور، ساکه سَچارا.

 

3. آءُ اسانوٽ، ڪرم گهڙي گهٽ، مهر مڇِڻ مٽِ، سور سندم سَٽِ،

ماڻ جواني، جانب جاني، نينهن نشاني، ناز نظَارا.

 

4. بره بهاريِ، تُرت تياريِ، چش چوڌاري، ڪئي هڪواريِ،

محبت ماريِ، من جندُ ساريِ، ڪَرِ پوءِ واري، جيّ جيارا.

 

5. قاسم ڪائي، ڪرم اجائي، رُوءِ ريائي، تات پرائي،

ڳالهه اهائي، سڻ سک سائي، چال چڱائي، مِهر مدارا.

***

 

 

غزل 4

 

1. محبوبَ مَشفقَ، منٺارَ مُنهنجا،

دِل مُون کسين ٿو دِلداَر منهنجا.

 

2. تُنهنجي جَدائيِ منجهه جان مَنهنجي،

غم ٿي وڌائي غمخوار منهنجا.

 

3. ساري سندم ساههُ توَلاءِ تنُ پڻ،

مُون يادگيريَ ڪر يارَ منهنجا.

 

4. سَؤ سُونهن وارا تُنهنجا سلامي،

اَي سُونهن سالم سردارَ مُنهنجا.

 

5. سان سوز صَيقل ڪر صاف قاسم،

ڪن قلبُ ڪارو ڪردار منهنجا.

***

 

غزل 5

 

1. مَرحبا اي مُحُبَ مُخلصَ مَرحبا،

مَرحبا ايَ دوست دلبر مرحبا.

 

2. ويهه وَٽم، تقصير منهنجي ڪر معافِ،

تان چوان چيٺي سندي من مُدّعا.

 

3. هڪ غزل اخبار نالي سِنڌُ سُڌار،

منجهه ڏٺم وَههَ وَههَ غزل سالم صفا.

 

4. جو چيو اَسلم ته عالَم جي مٿَسِ،

آفرين صد آفرين جسُ جسُ سدا.

 

5. هوش حيرت ۾ پيو ڏانهس ڏسي،

ڇا سندس مضمونَ معنيٰ مغز ڇا.

 

6. هِن غزل ڪارڻ جوابي هي غزل،

جوڙجَڪ ۾ رمزرِٿ رنگين ادا.

 

7. مُون لکيو اسلم عنايُت اوج لاءِ،

صِدِق سالمِ سان ڪري دمدم دُعا.

 

8. اِنّ قلَبيِ قد اَقَرّتَ حُبّہ،

غائبا اِذ هَمّ هيجان اُلوَلا.

 

9. قولَنا قد کان قولاً راسخاً،

خالياً عَمّا اَتت فيها الريّا.

 

10. هي غزلُ سان غور مُر ڏاها ڏسن،

آهِ جنهنم بات بس بيشڪ بجا.

 

11. سان فضيلتَ فَنّ راسخ ٿا رهن،

شاعرن جا شاعرن سان معرڪا.

 

12. عِلم جو اَتُ هيٺ ڳالهائڻ ڳُجهو،

هڏ نه هي منهنجو مخالف ماجرا.

 

13. گوهرن جو گَنجه يعني هي غزل،

جو ڏسي، هر هر ڪري گوهر فدا.

 

14. مَنَ رآئيٰ لَظمنيِ تحيّر عَقلہُ،

مَرہ في مَرّہ جَرَبَتَها.

 

15. سُرڪيان جو لَفظُ اسلم جو چيو،

آهِ سونا مصطلح ۽ نارَوا،

 

16. سُرت جي سوغات قاسم ڪَر تيار،

ڏانهن اسلم مَجُ عَلَيہ الانتها.

***

غزل 6.

 

1. دلدار دلبر دلربا، منٺار مشفق مُنَهن مٺا،

سورن اندر ڀانيان سدا سؤ سَال ساعت تَو سوِا.

 

2. تو هوتُ ڪيو هِن پرهڻي، پا مالُ منُ پيرن پڻَي،

وَهواههَ توکي جا وڻِي، سيباڻيم منجهه ساه سا.

 

3. پريمَ ٿئين جي پلُ پري، دلَ دَرد ۾ دانهون ڪري،

اِن ڳَالَهه ڳاري ۾ ڳري منجهه جوش جلَ جالي جُدا.

 

4. عاشَق گهڻا تو گهائيا، سان ناز نيڻن نائيا،

ڪامِڻُ ڪري ڪيرائيا، توتي ڪئي جندُ جن فدا.

 

5. قَاسمُ اُتي ڪر ڪو ڪرم، ريُ قرب جنهنَجو ناهي ڪم،

وٽِ درد وارن گهارِ دَمُ، لَههُ سارَ اُنجي لڳ خُدا.

***

غزل 7.

1. پريت وارن ڪنان پراهون مَ پؤ هڪ پل پرين پيارا،

نه دوسَت دم دم اُداس تُنهنجي رکن اندر ۾ اُداس وارا.

 

2. ملڻ کلڻ جي سٽي صفائي، گهڙيِ نه گهرجي ڪرڻ جدائي،

ته آهي آخر ڀلي ڀلائي، مَحبتينَ سان رکڻ مدارا.

 

3. قَصَدّتُ نَجوک بقَرط شوق وَماَ رآينا جمال جهکهَ،

لَذاکّ حالِي من المجبته سَواک قَد کَانَ کَالُسّڪَاَرا.

 

4. چو حال زارم همه تو داني، بيا برمن ز مهرباني،

ولِي مفرما اگر توانِي، درين تَعلّل دمي خدارا.

 

5. مڪَر محّبت منجهان ذرو گهٽ دري دلاسي سندي پرين پَٽ،

حبيب ويهه تون اچي اسانوٽ ته نوبنوبُت ڪَريونظَارا.

 

6. نه زور ظاهِر نه مون ذوزر، ڪڏهن ڪرم ڪروٽم وهيان وَر،

اجهو نه مَون ڀر ٻه ٽي قدم ڀر اچج اسان گهرا کيُن اُجارا.

 

7. مثال قاسم بنا بنائڻ، رکي مضامين رَسُ رسائڻ،

انهي نمونن غزل ٺهائڻ جِئين چون جَسُ سخن سڌارا.

***


 

رديف ب

 

غزل 8.

 

1. عشق وارن کان اَچي سکُ برهه بابُ،

آهي ايءُ نڪتو عجائب انتخابُ.

 

2. جي اَمانت عشق جي آڻنِ بجا،

حشر ۾ اُن تي نهَ هُوندو ڪو عذابُ.

 

3. هُونِ ظاهر ۾ ذري جئن جي زبون،

محو معنيٰ ۾ اَندر اُن آفتابُ.

 

4. روزشب رهه رمز ۾ ربَ جي ته ٿين،

نفس ۽ شيطان خجِلتَ ۾ خرابُ.

 

5. معرفت جي مام جي معلومَ ڪن،

آخرت ۾ عَفوُ ٿئي اُن تان عذاب،

 

6. پڻ ڌڻيءَ کان دانَ دُهرا اُو لهنِ،

۽ وٺن جَناّت ۾ جاڳَهه شتابُ.

 

7. ڇڏ هوَس ۽ خانقهَ ۾ خير هي،

پڙهه وڃي قاسم قناعت جو ڪِتابُ.

***

 

غزل 9

1. مليو محُب محَبوب مشفق مُجيبُ،

هيين هار هموار هاتڪ حبيب

 

2. اندر آسرو نوُر نَيڻن سندو،

طراوّت ڀريو تُرت تَنَ جو طَبيبُ.

 

3. اٿس عِزّ اَفَدَيِتُ مُلڪُي عَليکَه،

شَرف ساڻُ شايان ڪامِلُ قَريبُ.

 

4. سڳورو سچو سيدالمرسلين،

نبي نوُر نروار نرمل نَجيبُ.

 

5. جنهنجي جوت جنسار جلوو جمال،

اکين ٺار اسرارُ افضل عجيبُ.

 

6. سندس قَاب قوسَين قاسم ڪمال،

وهنيو ويرِ آڌار اَرشد آديِبُ.

***

 

غزل 10

 

1. مُير مُرسِل مَڪي سندو مَهتاب،

جنهن ججهو وِٽِ الاهه عزّتُ آبُ.

 

2. ڏَڍُ هارينُ سندو، آڙين آڌُر،

جڳ اندر جوت، عالَمَنَ اَربابُ.

 

3. چاريڪرنگه يار سرور جا،

نينهن جا نَخلبُن سدا سيرابُ.

 

4. ڏِسُ ابابڪر پڻ عُمَرُ عَثمان،

پڻ علي دادلو ڌُئَل دُرِ نابُ.

 

5. صَلِ ربّي عَلَيهه از کَانت،

بِره فُّتحت بِها الاَبَواب.

 

6. دور دنيا سندو جٽاءُ جَڏَهن،

ناهي لاّءِ ديندار شوق شتابُ.

 

7. اچ ادا ڪر الاهه جا اَحڪام،

ته سڀان تو اُتي اچي نه عتابُ.

 

8. شومَ شيطانَ جو مَ ٿي محڪوم،

ته هُجي هولناڪ حشر حسابُ.

 

9. زَهد جي زور سان ڪجي قاسم،

نَفسُ ناڪام خُود پسند خرابُ.

***

 

رديف ٻ

غزل 11.

1. روز روهن ۾ نهاريان آءٌ پُنهل جا پير پَٻَ،

پير مُنهنجا ٿيا پُٿون پِئڙا کڙين ۾ لاٻَ کَٻَ.

 

2. جي سچا سچَ سَڃاڻن، کوَٽ ۾ کوٽا رَهنِ،

ڇا پروڙِن مانُ پلائن جي پينِ ٿا روز رَٻَ.

 

3. مُدّعي مُرڪي چوي آهيان سڪارو سَڄاڻ،

آزمودي ۾ نه پورو جي اچي، ڏي دزد دَٻَ.

 

4. قدرُ ڪنهن اشِراف جو اڄ ڪونه آهي ملڪ ۾،

اَهُکُه هن ارمان جا پوَنم اَنَدر ۾ گهاءُ گهٻَ.

 

5. عِلم ڌارا ڪين ڪنهن هنڌ اب ۽ عّزت لهن،

توءِ جَاهل جوڙجڪ سان ڪن هَزارين ڊَؤَلَ ڍٻَ.

 

6. جي هنر هوئي ته قاسِم ڪين تون لوڪَؤن لڪاءُ،

ڏيهه کي ڏيکار، نه تهَ ڪوُڙي نگهر جي چالَ چَٻَ.

***

 

رديف ڀ

 

غزل 12

1. اچ مروتّ ۽ وفا، منجهه آدميَن آهي اَلَڀ،

پڻ صداقت ۽ صفا، منجهه آدميُن آهي اَلڀ.

 

2. آدميّت ۽ مروّت ۽ فتوتّ جو فنون،

آدمين تي جو روا، منجهه آدميُن آهي الڀ.

 

3. خُلقَ خاصي سان گذارڻ خَلق ۾ خوشنود ٿي،

جا محبّت مقتضا، منجهه آدمين آهي الڀ.

 

4. عشق اهڙوئي رکڻ، مَحبوب مون مظلوم سان،

ساه سِر تا ڪن فدا، منجهه آدمين آهي الڀ.

 

5. آدَمين سان آدمي اُلفت رکن ٿا پر ڏسو،

چاههَ چَسُ جا چون ٿا منجهه آدمين آهي الڀ.

 

6. خويءَ خصلت خَنده روئي، جي رکن سان خاص عام،

تا منجهس ماڻن مزا، منجهه آدمين آهن الڀ.

 

7. آدمين سان آدمي دل تي رکن دولاب کي،

خَوفُ تُنهنجو يا خُدا، منجهه آدمين آهي الڀ.

 

8. آدمُين گهرجي سُڃاڻڻ آدمينُ جو عزّ آب،

پر ڪرڻ ايءَ پر بجا، منجهه آدمُين آهي الڀ.

 

9. سان آدب، سان علم، سان عزّت رٿڻ ريتن رٿون،

جُڳه چوي جئ مَرحبا، منجهه آدمُين آهي الڀ.

 

10. قَرب قاسم جئ ڪرڻَ، سان آدمُين انداز سين،

ابتدا تا انتها، منجهه آدمُين آهي الڀ.

***


 

 

رديف ت

 

غزل 13

1. بِرهه ۾ ڪيا بِرهه وارن بندبستَ،

ڏين عاشقن پاڻ کي شوقؤن شڪست.

 

2. پِرت ۾ پارين پَت جو پَههُ ڪري،

انگ جو اُن لاءِ لکيو منجهه اَلَست.

 

3. مَنجهه محّبت محوَ ٿي محبوب جي،

لاءِ ليلي هَون جيئن مجنَون مَست.

 

4. عّزت اُلفت ڏانهن اَي دل عَزم ڪر،

ڪر ڪُڌائي ۾ ڪڏهن تُون ڪيم ڪَست.

 

5. جي خُودئ ڏي قصد ڪن قاسم ته سي،

ڪيئن خدابِين ٿِين ماڻهو خود پرست.

***


 

 

غزل 14

1. ڪوههُ ڪَنهن سان ٿو وڃائين ڪارپَت،

سَرسريِ ڀورا نڀائين ڪارپَت.

 

2. بي پِتياڻي ۾ مَ رههُ بلڪل ڪَڏهن،

ڇو سُڌارين ڪين سائين ڪارپَت.

 

3. جي وڃيئي ڪارپَت ڪم ڪارَ ۾،

وَههَ چڱي واري ورائين ڪارپَت.

 

4. پَت ڀريو ماڻهو سدا سرهو رهي،

صاف رک سڀ سان سدائين ڪارپَت.

 

5. ڪارپَت کي جڏهين مُون رَبَ کان گُهريو،

مهر سان مُون کي ڏنائين ڪارپَت.

 

6. سَاڻُ سڀ ڪنهن ڪارپَت سان رکُ پريت،

ڪُههُ نه قاسم ٿو ڪمائين ڪارپَت.

***

 

غزل 15

1. ٿي چَيُم ڪالهه رات منجهه پرڀات،

رَبّنَا عَافَنا عَنِ العَاهَاتِ.

 

2. رب سندي ڊاءِ کان ڊڄي چئجي،

نجنا من صُعوبة الآفاتُ.

 

3. دل سنديم درد ۾ رهَي دمدم،

حَصّلت حَصّة مِن البَرکاتِ..

 

4. جنهن ڪئي بَندگي بجا بَيحد،

فَهُو قَد فَاَزَ اَعظم الدّرجاتِ.

 

5. جنهن ڪڍيو غير قلب مان قاسم،

قَدنَجا مِن اَهانُة العرصاتِ.

***

 


 

 

رديف ٿ

 

غزل 16

 

1. ڇڏ دوُرنگي ۽ دغا، اهڙي چڱيري ريتِ رِٿ،

رَههُ سچائي ۾ سَدا، اهڙي چڱيري ريتَ رِٿ.

 

2. خَلق سين رکَ خُلق خاصو، خيرخواهي پڻ ضرور،

ملڻ محبت مُقتضا، اهڙي چڱيري ريتِ رِٿ.

 

3. ناز وارن سان سدائين، نينهن جو ناتو رکي،

ڪر صداقت ۽ صفا، اهڙي چڱيري ريت رِٿ.

 

4. حق تعاليٰ جي ڪري هردم عبادت، آڻ تَونَ،

حقّ طاعَت جا بجا، اهڙي چڱيري ريت رِٿ.

 

5. منجهه ڪتابِن ڏَسُ ڏنم ڏاهي ڏسي سالم صحَيح،

سيرسَٽ وڃَ ڏَهن وفا، اهڙي چڱيري ريت رِٿ.

 

6. نفَس نا فرمان جي فرمان جي ناڪَر ڪَري،

لاههِ توُن جئ تان جفا، اهڙي چڱيري ريت رِٿ.

 

7. ڪوڙُ ڪُلفت قلب مان قاسم ڪڍي مڙئي مدام،

ساڻ اُلفت آشنا، اهڙي چڱيري ريت رِٿ.

***

 

 

غزل 17

1. لُڇُ مَ اَي دِل لڳه خدا، ڪر ڪامَ ڪَٿَ،

صبر سِٽِ، رهه منجهه رضا، ڪر ڪامَ ڪَٿَ.

 

2. ضِبطَ ڪَرتون پاڻ، طاقت ۾ ته پوءِ،

حَلّ ٿئي هرُدعاّ، ڪر ڪاَم ڪَٿَ.

 

3. ڪم سدا ڪر، جو ديانت دُرِسِ پِڻ،

رسم ۾ هر هنڌ روا، ڪر ڪامَ ڪَٿَ.

 

4. ٿي برون بيگانگيءَ کانِ هاڻِ هجُ،

آشنا سين آشنا، ڪر ڪاَم ڪَٿَ.

 

5. حُسن حڪمت سان رهي ڪر رِوبِرو،

درد منهنجي جي دوا، ڪر ڪامَ ڪَٿَ.

 

6. خيريت پِنُ رب کان خُورّم رَکيم،

يا نبي المَصطَفا، ڪر ڪامَ ڪَٿَ.

 

7. ڪرِهمه حاجت رَوا قاسم سندي،

يا عَليّ المُجتَبا، ڪر ڪامَ ڪَٿَ.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org