غزل 132
1. ميان محڪم الّدين حرفت هلائي،
بنا منجهه سخن مرد محڪم بنائي.
2. سخن ۾ سُخنَ جي رٿي ريت ساري،
اٿس چال حڪمت هنر جي چلائي.
3. ڪري فڪر جو غور هڪڙي غزل ۾،
سِٽي ساڻ سيّد سچي جنهن سچائي.
4. وجهي وصف واکاڻ سان ماڻ محبت،
مزيدار مضمون جي چَشَ چکائي.
5. اندر اَرٿ هر حرف جي ڏس نه آهِس،
محبّت سندي مام معنيٰ لڪائي.
6. سدا آهي سادات جو سوُد سارَههَ،
تني جس جني ساڻ اُن لاڳه لائي.
7. سَڻاوا سندس سَوَ سُڻم شعر شايان،
ڪچي ڪانه اُن ۾ عبادت اُڻائي.
8. جوابي قصيدو ڪلان جلد جوڙي،
مُڪو مير فاضل، نه ڪيئين دير ڪائي.
9. اندر پُل ڪيو شاهه وهواهه پورو،
اِها اِبتدا اِنتها پڻ اِهائي.
10. مُواخات جو مَرڪَ سان مير منهنجو،
غلامئ سندو غرض وَهَوَههَ وڏائي.
11. چوي خَلقَ اُنجو ڏسي خُلقُ خاصو،
عجب آهي قادر سندي ڪبريائي.
12. سندس نظم ۾ آهي نازڪ خيالي،
سخندان سمجهن سخن جي صفائي.
13. ڪني جو سخن صاف ڪن جي سخن ۾،
مضامين نامُصطَلحَ ڌوڙ ڇائي.
14. ڪڏهن ڪيئن هڻي طفل دم شاعرن جو،
ته ڦُلهار ۾ ڦوُڪ اُن لاءِ ڦِڪائي.
15. ڏِسي فارسئ فَنّ خورشيد وارو،
مَدو يا چڱو سا چڱا ڪن چِٽائي.
16. خيالات خوش خود ڪجن آفرينش،
ڪرڻ ڪنهن هنڌان ڪين گهرجي گدائي.
***
غزل 133
1. سخن ۾ سنديم آهي ساري سچائي،
ڪريان ڪِين ڪنهندم روايت ريائي.
2. لکانٿو زماني سنديِ زور دستي،
ڪري سان بزرگن بُري بيحيائي.
3. اَٿم ڏَنهن بزرگن سدا ظُنّ اَحسنَ،
بزرگي بزرگن سندي ربَ رکائي.
4. ڪندو آهي گردوُن دوُن دوُن نوازي،
نه آهي سندم هيءُ سخن افترائي.
5. لهن جڳه اندر جَسُ وفادار ماڻهو،
ڪجي ڪين ڪنهنسان ڪڏهن بيوفائي.
6. ڪڏهن ڪونه اشراف جو قدر ڄاڻن،
نَلائق لفنگا لُچا لالچائي.
7. رهي روز جنکي سندي خير خواهش،
وجهن جا بجا خير جي خوب ڌائي.
8. سدا دين کي دوست رکجي ته آهي،
سندو دوَر دنيا ڏهاڙا اڍائي.
9. پِنان عَفوَ ۽ عافيت ڌُر ڌڻيءَ کان،
گَناهن اندر عمر ويَيم اجائي.
10. الاهي لَقَد ڪُنتَ ربًا رحيماً،
اَجب دعوتي تلکه واسمع دُعائي.
11. اِذاَ اشتدَّ حاليَ بسوُءِ الّنوائب،
فَقَرِّب اِليٰ حُسنِ سَمِعکهَ ندائي.
12. سخن تو سندو سڀ ڏسي چوُنِ قاسم،
سخندان بلبل اَندر باغَ آئي.
***
غزل 134
1. ٿو سڻايان تو ڌئل دلخواههَ کي،
معرفت مطلع مُنَوّر ماههَ کي.
2. سچ چوان اِن پر ته اڄ ڪنهنکي نه آهه،
جا فضيلت آهي فاضل شاهه کي.
3. هر هنر چالاڪ منجهه هر گفتگو،
علم وارن کان وٺي وهواهه کي.
4. بامُسَمّي اسم فاضل ۾،
اَنت جنهنجي جي خبر الله کي.
5. صرف ۾ پِڻ نحو ۾، پڻ فِقه ۾،
دسترس هن مير حق آگاهه کي.
6. ري تڪڻ تغسير ۾ قرآن جي،
ٿو بتائي راستئ جي راهه کي.
7. فارسئ جو فَنّ چستئ چال سان،
آهي حاصل هن هنر همراههَ کي.
8. ڪابه گهٽ قاسم نه ان ۾ جنهن ڪيو،
هٿ هٿيِڪو علم جي چس چاهه کي.
9. مهرباني مير جي جنهن گڏ ڪيو،
ساڻ سنگت مون ڏهاري ڏاهه کي.
***
غزل 135
1. سوا تو ڪير ڪل لهندم، رکانٿو ڌيان تو ڌاري،
سدائين ساههَ تو سيّد سَڌ رکي ٿو سِڪي ساري.
2. برهه مون تي پيو باري، ڪري دل ذوق سان زاري،
اکين مان آب ڪيو جاري، اوهانجي عشق جي آري.
3. اَلهه جو آهي انکي اَتُ، سچو سرور اوهانجو ست،
سنديئي عاشق رئن ٿا رت، هَنجون حسرت ڀريون هاري.
4. محّبت مبتلا ڪيو مَن، اٿئي راسِخ سَڀئي روشن،
اچڻ تو در عجب اَحسن، ٻيا سڀ ڪم ٺلي ٺاري.
5. اوهانجي بارگه عالي، نڪو تنهن کان وڃي خالي،
مديني ماڳه ڏي والي، سنديم من واڳه پڻ واري.
6. ڪرمُ قاسم اُتي سائين، ڪري وٽ پاڻ ڪوٺائين.
مدد في الفود فرمائين، گهڙي دل ڪين هِتِ گهاري.
***
غزل 136
1. تو ڏٺي عاشقُ ڪِنهن پار نه ڪو ڦيرُ ڪري،
۽ نه ڪنهن وار ڪڏهن سوئي چمن سَير ڪري.
2. اَبياري نه ڪري يارُسندو وصل اگر،
بس نه ٿئي بِرهه سندي باهه خدا خَير ڪري.
3. دِل سنديم دوُر رهي عقل سندي عالَم کان،
هيئن سندس حُسن حَيا سوز سوا ڪير ڪري.
4. مرد منصوُر اُهو آهي ته هر حالت ۾،
نفسَ نقصان طلب ساڻ وڳي وير ڪري.
5. ديد بازان همه هرگوشه سرا سيمه چويار،
ناز سان نيڻ کڻي ۽ به ڀِرنُ ڀير ڪري.
6. جنهن لڌي دسترسي دائرهُ دولت ۾،
پر ڪنان پِرتِ سنديئي پَلُ نه پري پير ڪري.
7. مُتّقي مرد خدا مَحو مُحُردّ ڇا لاءِ،
زر سندو جَمع بَهم جِيفه صفت ڪير ڪري.
8. هي غزل جو ته ڏسي واهه ڪري چئي والله،
ٿو اَندر نظم نئ قاسم اَنڌير ڪري.
***
غزل 137
1. اڄ کڻڻ لاءِ سَمر تُرت تياري گهرجي،
ڪاڻ عُقبيٰ به ڪرڻ تِرت تياري گهرجي.
2. واسطي وير وٺڻ دشمن دَيوّثَ سندي،
دل هنرور همه گوُن همت واري گهرجي.
3. سان ادب عقل هلي آءُ مُحَبَن مُهندان،
واٽ وٺ سا ته وٺڻ ڀيتِ ڀَلاري گهرجي.
4. عاشقن ساڻ اچي مانَ رضامند رَهن،
روبروُ پيش پريان ذِلّت زاري گهرجي.
5. مان اندرَ آههَ ڪيم ڪَن نه ڪئي دوستَ جڏهن،
دل چيو درد منجهان دانهن دوُباري گهرجي.
6. نفس ناڪام مٿي چِيره دليُ سان چڙهجي،
هِن نِٺرتي نه ڪڏهن سُست سواري گهرجي.
7. چِتُ رکي چست چڱي چال سندو چاهه ڪري،
ريجِهه رَسُ سُٺي سيِرتِ ساري گهرجي.
8. نينهن سان نيٺ نباهي نه ڪجي تلِ تاويل،
حُبّ ۾ هيجَ مِلڻ لاّءِ به نه گهاري گهرجي.
9. مانَ سان مانَ ڪري مِهرَ مٿم مُحب مٺو،
روز شب روُح اندر جُڳه جُڳه جاري گهرجي.
10. دمبدم دوست سندي صاف صفت ۾ جاسا،
پرکه منجهه پوُر اَچي پرت پياري گهرجي.
11. عاشقن لاءِ ته بيحال وَتن بلبل جيئن،
برهه جي باغ سندي بوُءِ بهاري گهرجي.
12. گهُرج ۾ ڪوبه گرفتار نه ڇڏجي توکي،
بخت بِهه، فَيض فزوُن، منصب باري گهرجي.
13. نفس سان نينهن نه رِکِه نفسِ دڙو دشمن آهه،
هي نجس نجس نِڌَڪَ مات مياري گهرجي.
14. ڪُم ڪَٻَر ڪانوُ سندو ناهي هِئين ساڻ هنڊاءِ،
واسطي صَيد ته شهباز شڪاري گهرجي.
15. جي ڪري ڪاوڙ ۽ قصد منجهان قهري ڪاهه،
خَصم جي قتل ڪرڻ لاءِ ڪٽاري گهرجي.
16. تاڪ شابان شرط صرف بجا ڪُلّ اَچن،
لاءِ قرآن پڙهڻ حافظُ قاري گهرجي.
17. لله المنتّه وَالحَمد مصنَت حِينئَذِ،
شقُة القلب نِپَت ناز شُعاري گهرجي.
18. نحنُ ننصر بنعّما کهَ وَنويّد لعَطالکه،
دل سندي ريجهه اندر ربّ ڏهاري گهرجي.
19. گهُرج ويلي به رکي روح تَوڪّل تَڪَ ۾،
ڪنهن ڪنان ڪين ڪڏهن چيزاُڌاري گهرجي.
20. دُرّلله لِمن قال ڪَذالکهَ شعراً،
جو چوي چاههَ سندس مُنهن مَنجهه ڇاري گهرجي.
21. مَستَ جو آهي مگر قاسم مؤزوُن ڪلام،
هِن غزل لاءِ سنديس جلوه گذاري گهرجي.
(پورو ٿيو) |