سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان قاسم

باب --

صفحو :4

رديف ٽ

 

(غزل 18)

1. ڪو سَندئي مُحبَ موُر ناهي مَٽُ،

چاههَ وارا ڪرين هزارين چَٽُ.

 

2. نيِڻ جي نازَ ناٽ نخري سانِ،

ڊزَ جيئن مرغ جانِ کي هِڻُ جهَٽُ.

 

3. جي رهن ڪينِ رمز ۾ ربَ  جِي،

تِن سندو قلَبَ آهي ڪارو ڪَٽُ.

 

4. جي رکن ياد عِلمُ گونا گوُن،

گرم بازار ڪنَ هُنَر جو هَٽُ.

 

5. هي نه دستُور دوستدارن جو،

وَصل ۾ وَلوَلو وجهن ونگه وَٽُ.

 

6. دوستن جي دوا منجهان دائم،

ٿَو فِراقن سندو ڇُٽي ڦَچُ ڦَٽُ.

 

7. رههُ سدا صاف دل سچو سالِم،

نازڪن نال ڪر نه ڄاڻَي نَٽُ.

 

8. ڪاڻ قاسم قريب جي قُربؤن،

گهيڙ گهٽيوُن گهُمي ڏسي گَسُ گهَٽُ.

***

 

غزل 19

 

1. ڪَيم ڪراي دل خدا جي نانءِ کوٽُ،

بوڇ سڀ ڀُلَ کان رکي ٿو آنءِ کوٽُ.

 

2. کوٽَ سان ساري کڻين جي جڳه ڪنا،

ڪيئن چڱي هئ چالَ، بڇڙو ڀانءِ کوٽُ.

 

3. نيٺَ کيئندين کوٽَ کان منهن موچڙا،

ڏاَنو ڏائَينِ جي اچيئي ڏانءِ کوٽ.

 

4. کوٽ وارا نيٺ ويندين کوٽِ ۾.

کَپُ مِ، کوُري ۾ وجهي تُون کاَنءِ کوٽُ.

 

5.کوٽُ ٻَن ڏي، پِڻ ڏنگائئ ڏي مَ وڃُ.

ڪيمَ ڏنگ ڪر ۽ مَ روڳي رانءِ کوٽُ.

 

6. کوَٽُ قاسم جيئن ڪڍي ڇڏ قلب مان،

ڪيمِ ڇاپڻ سان ڇپائي ڇانءِ کوٽُ.

***

غزل 20

 

1. هيج سان هلجي يگاني يار وِٽ،

دوست دلبر دل گهُرئي دلدَار وٽ.

 

2. ساءُ صحبت جو چکيمُ چَسَ چاهه سان،

هوت هُج واري هئينِ جي هارَ وٽ.

 

3. منجهه اندر آيو مِ غيرت جو غُبار،

يار کي وِيندڙ سُڻي اَغيارَ وٽ.

 

4. واجهه وجَههَ پايان ته مَنُ ويجهو ٿيان،

جوت جلويدار جي جنسارَ وٽ.

 

5. ساههُ سر سَرواهه جي ڪَنَ تن ٿئي،

ساههُ سرهو ساهه جي سينگاَرَ وٽ.

 

6. قالَ اِجلس اَنتَ في صَفَّ الَنّعالَ،

ويُهه يَعني پريت سان پيزارَ وٽ.

 

7. يا رَسوُلُ الله اِنيّ مُضطَرِ،

سَارَ لههُ سيّدَ ڏکن ڏَڪارَ وٽ.

 

8. ماَن فرمائين ٻُڏا ڪارِڻ ٻُڏن،

لَهرَ جي تَڙ ڀيڙ ۽ تکهَ تارَ وٽ.

 

9. رُح بِغَير المَڪثِ يا رِيح الصبّا،

هو شَورَهَرِ گَو نه دَان هَشَيار وٽ.

 

10. ڪاههَ قُربؤن ڪر ڪمال الدّين ڏي،

عَرضُ چؤ اُن اَحَسن الاشعارَ وٽ.

 

11. نَظلُمُڪم لَمّا اتَاني في اَلّنظَر،

آبُ پاتائين اولوالايصارَ وٽ.

 

12. وهه غزل مضمون ملاحت واهه واهه،

ره راسخه بَحث ۽ تَڪرارَ وٽ.

 

13. جوڙ جڳ مَڳ سان جوابي هي غزل،

غرضُ سمجهي ني صبا غَمخوارَ وٽ.

 

14. مستَ جو قاسم ڏسي موزوُنِ ڪلام،

هي غَزل مُجهَ مجمع الا سرارَ وٽ.

***

رديف ٺ

غزل 21.

 

1. دوست کان جي دوُر گهارِن، تن هزارين هوئي ڦِٺِ،

پرتُ جو پَههُ جي نه پارِنِ، تن هَزارين هوئي ڦِٺِ.

 

2. آشنائي ساڻُ آغيارن پچائي يارَ کي،

جي وسؤن پنهنجي وسَارِن، تن هزارين هوئي ڦِٺِ.

 

3. ڏُوُر ڏوهن کانَ نه جي منجهه سال صحبت منهن رَکَي،

نفس نا ڪارو نه مارن، تن هزارين هوئي ڦِٺِ.

 

4. جي پِريان جي پارَ کان پاهون پراهون ٿي سدا،

گوُندرن سان گڏ گذارِن، تن هزارين هوئي ڦِٺِ.

 

5. غير غفلت ۾ گذاري ڪين جي پنهنجو اندر،

آٽ الفت سان اُجارن، تن هزارين هوئي ڦِٺِ.

 

6. سوز ۽ سڪ سان سدائين قرب قاسم جئن ڪرَي،

جي سَڄڻُ پنهنجو نه سارن، تن هزارين هوئي ڦِٺِ.

***


 

 

غزل 22

 

1. چَلي چُم دل ڌُئي دلدارَ جي چانٺِ،

سَڄَڻَ صُحَبت سٺي سرداَر جي چانٺِ.

 

2. زيارت ذَوق سان ڪرتُون ته آهي،

چَڱي چؤکي مٺي مختارَ جي چانٺِ.

 

3. ملي مُنهُن اچ ته آهي اَسرَع الفَيضَ،

مُحَمّدَ مطلَع الَانوارَ جي چانٺِ.

 

4. ڪري دل پاڪُ پيشاني گَهَڻَ سان،

وڃائي وَهَمَ غَم غمخوارَ جي چانٺِ.

 

5. مبارڪ لاءِ مشتاقن اَپَرَ آههِ،

سَڌر سَرور هئين جي هارَ جي چانٺِ.

 

6. پَڙهي پُراِنَّ خَير الُزاد تقوى،

ته لاهي ڏُکهَ ڏيهن ڏاتارَ جي چانٺِ.

 

7. لکي لالانگَري سان لوڀ لالچَ،

وٺي ويُهه ڪِين دنيا دار جي چانٺِ.

 

8. ٻَڌي اِحراُم حَجَ جو هَلُ ته هُت ڏئي،

سَعادَتَ سيّد اَلابراَر جي چانٺِ.

 

9. سَسُئي جيئن سِرُ ڪري قربان پَنهنجو،

ڪَهي پَسُ قُرَب سان ڪوهيار جي چانٺ.

***

 

رديف ث

 

غزل 23

1. سَدا غَير سان گَڏُ گذارَڻُ عَبَث،

وَسَؤن يار پنهنجو وسارڻُ عَبَث.

 

2. ڪِيل قَولَ پنهنجا دوُ رنگي ڌري،

پَرينءَ پت ڀَرئي سان نه پارِڻُ عَبَث.

 

3. چوان هيئن هئي هئي حبيبَنِ هٿان،

سندي قُرب ڪَمَ ڪين ڪَارَڻُ عبث.

 

4. اَکيوُن رب رکيوُن دزد سچ تو سنديون،

په ڌاڙي سبب دُزد ڌارڻُ عَبث.

 

5. نه ڄاڻن نشو نينهن جو، لاءِ تِن،

ڪري پُر پِيالوَ پيارڻُ عَبث.

 

6. ڪڏهن ڪيِن منجهه رمز رب جي رهي،

جڏي جانِ پنهنجي جِيارنُ عَبث.

 

7. سُڃا سُڌ لَهن ڪين سائنُ سنديِ،

ته سکڻيَ ڪُني جو اُٻارڻ عَبث.

 

8. رڳا ڪوُڙ ۽ ڪذب قاسم ڪري،

سنديِ خلق دلڙيِ ڌُتارڻُ عَبث.

***



 

غزل 24

 

1. مُحبَ موُنکي وَڃُ مَ ماري الغياثُ،

ساڻ نيڻن جي نظاريِ الغياثُ.

 

2. چشم تُنهنجا چاههَ چَسَ سان چور ڪن،

عاشقن جي دلِ ڌُتاري الغياثُ.

 

3. پرتَ وارن کَان مَ پؤ تون پَلُ پَري،

برهه واري باهه ٻاري اَلغياثُ.

 

4. سوز کان سسئيءَ چيو ووءَ ووءَ ويا،

ڪالهه ڪيچي اُٺ قَطاري الغياَثُ.

 

5. مان  اندَر آرام عالم لُٽيٽُي،

سان اکين جي هڪ اشارَي الغياثُ.

 

6. زُلف تُنهنجي زهد وارن کان نيو،

صبر جو سامانُ سادي الغياثُ.

 

7. ويُهه مَ موُنکان ويسلو جاني جِئَين،

ساهه موُن تولاءِ ساري الغياثُ.

 

8. قلب قاسم جو جُدائيءَ ۾ جهڄي،

گوندرن سان گڏ گذاري اَلغياثُ.

***

 

رديف پ

 

غزل 25.

1. دوست ڌاران دوُر گهارڻُ آهي پاپُ،

گوندرن سان گڏ گذارڻُ آهي پاپُ.

 

2. ساءُ صحبت جو چکي ماڻي مُراد،

يا رکي وادي وسارڻُ آهي پاپُ.

 

3. عرض ڪريان وَٽِ عجيبن عجز سان،

پَت، پِرين پنهنجي نه پارڻُ آهي پاپُ.

 

4. واعدو پَنهنجو ڪَرڻُ گهرجي وَفا،

قولَ پنهنجي جو نڪارَڻ آهي پاپُ.

 

5. دوستيءَ جو دم هڻي قاسم ڪڏهن،

غَير ڏي نِوِڙي نهارڻُ آهي پاپُ.

***

 

رديف ڦ

 

غزل 26.

1. سرت رک سهڻل سچائيءَ سان ڪُڌائي ڪَيم ٿِڦِ،

آشنائي سان وري نا آشنائي ڪيمَ ٿڦ.

 

2. اَچ ڀلارن کان ڀلائي، ايُءَ ڀلو ارشادَ ڪَيوم،

رٿ ڀلائي، پر ڀلائيءَ سان بُرائي ڪيمَ ٿِڦِ.

 

3. قرب ري ڪُلفت ڪدورت مٿَم تُهمت ڪَڏَهن،

مُحبَ مُحرم، هوت همدم، حال ڀائي ڪيمَ ٿِڦِ.

 

4. نام تُنهنجو منجهه وفاداري جڏهن ٿيو نامَوَر،

سان وفاداري ڪڏهن تون بيوفائي ڪَيم ٿِڦِ.

 

5. وصف واڌوءَ ۾ حيا جي حيثيت هردم هَلاءِ،

بس ڪري بلڪل حياسين بيحيائي ڪَيم ٿِڦِ.

 

6. يار توري ڪين قاسم رس رکي اغيار سَانَ،

پاڻ توسان جنهن سَندو تنهن تي ٻيائي ڪيم ٿِڦِ.

***

غزل 27

 

1. درد جا دوُنهان دُکيا، ته به ٻَهرنڪتي ڪين ٻاڦَ،

عشق جا آڙهه اُٿيا، ته بهِ ٻهرنڪتي ڪيِن ٻاڦَ.

 

2. ٻاڻ تُنهنجي باهه ٻاري جنهن جلائي جان ساري،

مَنَ مَٿي مون مَچَ مَتا، ته بِه ٻَهرنڪتي ڪيَن ٻاڦَ.

 

3. مَنجهه اَندرِ آتش اڙائي لوڇ ۽ لَوساٽ لائي،

پر تڪي جي پِر اِها، ته بِه ٻَهَرنڪتي ڪيِن ٻاڦَ.

 

4. نَينهن تنهنجي نتُ نِهوڙي جيءَ سَندم منجهه جاءُ جوڙيِ،

سوز سان ساريُم سَدا، ته بهِ ٻَهرنڪتي ڪين ٻاڦَ.

 

5. جوش جل جهَوري جگر ۾، آَگ الَفت موَن اندر ۾،

قرب جي هي ڪَمَ ڪَيا، ته به ٻَهَرنڪتي ڪين ٻاڦَ.

 

6. کان اشاري اکه اوهانجي جِند اَنَدَر قاسم اَسانجي،

جي اُلا اَندر وهَه جا، ته بهِ ٻَهِرِنڪتي ڪِين ٻاڦَ.

***

رديف ج

 

غزل 28

 

1. ساڻ موُن ڪا مَهرباني ياَر ڪَج،

گوشَ رکه گوشو ڪنا اغياَر ڪج.

 

2. مون سندي دل کي ته آهي درد مند،

دَڙُ دلاسو دِل گهُريا دلدارَ ڪج.

 

3. ڀالُ ڪج توري نه آهم ڀروسو،

واهه منهنجي سان چڱي وَهنوارَ ڪج.

 

4. مهر ري تنهنجي ٿُيُم اَڄُ مَنُ مَلول،

مِهَر مونسان ڪا مِٺا منٺاَر ڪج.

 

5. دل ويُرم هَٿ کانَ مٿي دل رکي،

دلبري هّمت ڀريا هموارَڪج.

 

6. مَن اَحَبّ الشيءِ اَڪَثر ذِڪر،

ڪَن ڪري اَي دِل مَ تون ڪنٽارَ ڪج.

 

7. جو ڏکن ۾ روز ڏرمائي اُڀو،

سان ڪرم قاسم سندي سڌ سارَڪج.

***


 

 

غزل 29

 

1. اَٿم اَي دِلِ، يگاني يار جي گُهرجَ،

رکن جيئن بلبليون گلزارِ جي گهُرجَ.

 

2. رهي ٿي روز شب هر حال هردم،

هئين کي هن هئين جي هارَ جي گهُرجَ.

 

3. وَضَعنَا عَنکه وزَرَکهَ وَڙُ سَندو جنِ،

ڏيهن کي هُن ڏيهن ڏاتارَ جي گهُرجَ.

 

4. رسولن اَنبيائُن کي آوُس آهه،

سدا اُن سيّد الابُرارَ جي گهُرجَ.

 

5. رکي اُمّت قيامَت روز قاسِم،

به اُن اُمّت سندي آڌارَ جي گهُرجَ.

***


 

 

رديف ڄ

 

غزل 30.

1. دِلدارُ منهنجو، آيو وَٽم اَڄُ،

مَنٺارُ مُنهُنجو آيو وَٽِمَ اَڄُ.

 

2. دِل جيئن سپاهِن سهڙي اَڳِيان اُن،

سردارُ منهنجوَ آيو وَٽم اَڄُ.

 

3. اِي دِل دُعا ڪر، منهُن ڏَنهه خدا ڪر،

مَهندَارُ مُنهُنجو آيو وَٽِم اَڄُ.

 

4. دل مون سندي دم جنهن ري نه خالي،

مختارُ مُنهنجو آيو وَٽِم اَڄُ.

 

5. ڪَر شُڪُر قاسم مَڃُ مَهَرباني،

سالارُ مُنهُنجو آيو وَٽِمِ اَڄُ.

***


 

 

رديف جهه

 

غزل 31

1. ڊَپُ ڇڏي سَڀَ ڪَم مٿي ڪلتَار وجهه،

پيرُ هِن پڙ ۾ الهه توهارَ وجهه.

 

2. جي شريعت جا شرائط ٿو گهُرينِ،

نت نظر هِت ري تَڪُن تڪرار وجهه.

 

3. جي گهَريِنِ مَنجهه آخرت عزت لهَان،

پيڙهه هِن پَهه جي ڌريائين ڌَارَ وجهه.

 

4. ڪيئنَ وسارين مائٽن جا مُقبرا،

هل هتي پڙهه فاتحه ۽ هارَ وجهه.

 

5. مُطمَئّنيءَ سان ملي ماڻي مزا،

هوش سان هَلُ، ڪم مٿي هشيار وَجهه.

 

6. فالِ ڏس فيروز قاسم ڪر قبول،

نازَ نِعمت تي ورائي وارَ وجهه.

***

 

رديف ڃ

 

غزل 32

 

1. ڪمائي قُرُب يڪدل يارَ ڏي وَڃُ،

پچائي پَهه پِريان جي پارَ ڏي وَڃُ.

 

2. سچائيءَ جو کڻي سامان سچ سان،

سچي سُهڻي مٺي مَنٺاَر ڏي وَڃُ.

 

3. عنايت جي اندر ۾ آسَ آڻي،

ڌُڙي دلبر ڌُئل دلدارَ ڏي وَڃُ.

 

4. وَٺي سڪَ جو سَمَرُ همراهه هردم.

رمي رَستو سڄڻ سردارَ ڏي وَڃُ.

 

5. سدائين قرب پنهنجو سان قريبن،

ڪري ڪارڻ ڏسڻ ديدارَ ڏي وَڃُ.

 

6. جهلي جانئ سندو تون جوش جيءَ ۾،

رکي رُخُ جيءَ سندي جِنسارَ ڏي وَڃُ.

 

7. اکين مان آبُ، قلمؤنَ ڪذب قاسم،

ڪڍي مُنَ نورَ نيڻَنِ ٺارَ ڏي وَڃُ.

***

رديف چ

 

غزل 33

 

1. ٻري ٿو مَن اندر محبت سندو مَچُ،

سڙي ٿو ساههُ سُهڻل ري چوان سچ.

 

2. مليو مونکي جڏهن محبوب مَنٺارُ،

پراهون ٿي وڃي کَرَ کامُ ۽ پچُ.

 

3. صداقت جو کڻي سامانُ ساري،

ڪَڍيِن اي دل ڪُڇن مان ڪوڙ ۽ ڪَچُ.

 

4. اندر مَنهنجي لڌو منجهه عشق آرام،

مڇڻ اي مدّعي اِنڪارَ ۾ اچُ.

 

5. وّلي الله حيدر جي وٺي سام،

قيامت ڏينهن قاسم ڀَؤ ڪنان بَچُ.

***

 

رديف ڇ

 

غزل 34

 

1. صدقُ سِٽ، ڪوڙَ کي، ڪڍي کان ڪَڇَ،

هَوتَ هَن ڳَالهه جي ڪندا پُڇ ڳَڇَ.

 

2. دِل ڪُڏي قُربَ تي قريبن جيِ،

سَچُ ڪلي هار ڪُڏ ڪري ٿو وَڇَ.

 

3. نِينهنِ جيِ نوُر کي ڪري نروارُ،

ڪوُڙ ڪارنهن ڪڍيِ اندرَ ڏِئي اَڇُ.

 

4. قَد تَرُ شخّ اَناءُ کُم مّافِيہ،

سا چڪي چيز جا رهي مَنَجهه رَڇَ.

 

5. ڪَمّ ڪوجها ڪَڏهن نه ڪر قاسم،

تا نَه ڀُلڪار جي سڀان ٿئي بَڇَ.

***

 

رديف ح

 

غزل 35

 

1. ڪري دِلِ دِلگهُرئي دلدارَ جي مدح،

په مونَ مَشفَق مِٺي منٺار جي مَدح.

 

2. ڏسي ديدارُ دلبرَ جو ڏهاڻي،

ڪريان دلبر سندي ديدار جي مَدحَ.

 

3. اکُين اوجُر، اندرَ آڌارُ آهي،

اکين اوجَرَ اندر آڌار جي مَدح.

 

4. بهشتَن سان برابر بَرتَريءَ ۾،

ڪَيم پُوري پِريان جي پارَ جي مدح.

 

5. سپاهين کي سَدا سان قربَ قاسم،

ڪرڻ گهرجي سڄڻ سَردار جي مداح.

***

 

رديف خ

 

غزل 36

 

1. ڪيم هو آي دلگهريا دلدارَ شوخ،

هڏ مَ ٿي هرهر هيئن جا هار شوخ.

 

2. ڪَڍي ڪُڌائيءَ قصد ڪاوڙ قلب مان،

مَنِ رکي مُحبت مَ ٿي منٺار شوخ.

 

3. يار ياريِ رکه اپر سان عاشقن،

رهه سدائين صاف سان اَغيار شوخ.

 

4. جن طلب ۽ تات تاري تو سندي،

ٿيءُ م تن سان تون يگانا يار شوخ.

 

5. داد ڪر بيداد ڏسڻِ، پڻ ڪيمَ هو،

ڪن ڪري قاسم سندي ڪوُ ڪار شوخ.

***

 

رديف د

 

غزل 37

 

1. ڪريان مَن ۾ مِٺل منٺاَر کي ياد،

پِه دل ۾ دل گهُريل دلدار کي ياد.

 

2. بچي دل مون سندي کان درد جنهن دم،

ڪريان دلبر سندي ديدار کي ياد.

 

3. وڃائي وهم سڀ، اي دل، وڃي ڪر،

پرائي پهه پِريان پارکي ياد.

 

4. سندم جيءَ تان لهي جنجال جهوري،

رکان جنهن ويرجيءَ جنسار کي ياد.

 

5. رسائي يار سان رَسُ ڪرمَ قاسم،

اندر جي اَهکه ۽ آزار کي ياد.

***

 

رديف ڌ

 

غزل 38

 

1. رکان منجهه روُح يڪدل يار جي سَڌَ،

اٿم دل ۾ ڌُئل دلدار جي سڌ.

 

2. رهي ٿي روز شب ساعت بساعت،

سدا من ۾ مٺل منٺار جي سڌ.

 

3. نهايت نينهن جي آهي نشاني،

ڪرڻ همدم ڏسڻ ديدار جي سڌ.

 

4. تني جي ناصُيته ۾ نُور نروار،

جني جيءَ مَ پريان جي پار جي سڌ.

 

5. غزل قاسم سندو جيڪو ڏسي سو،

ڪري هن لعل قيمتدار جي سڌ.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org