رديف ک
(غزل 81)
(بحر - هزج، مسدس وزن - مفاعيلن مفاعيلن، فعولن.)
بهِ=
پڻ، ۽ (2/2) تڪرار=
[ع] تاڪيد، سعيو. (2/3) سچو
سردار=
يعني حضرت پيغمبر ﷺ. (1/4) وڳاڻو=
ويڳاڻو، بيگانو، مست، ملول (2/4) جميعت=
[ع] خاطر تسليٰ. جنسار=
سينگار. (2/6) غرض=
مطلب (1/7) نزاڪت=
ع نازڪائي، نازڪ خيالي (2/7) اشعار=
[ع] شعر (جمع شعر جو).
***
رديف گ
(غزل 82)
(بحر منسرح. وزن - مفتعلن مفاعلن، مفتعلن مفاعلن)
(1/1) سنداءِ=
تو سندا، تنهنجا. نسنگه=
بي پرواهيءَ سان (2/1) رس=
صحبت، طرز. رنگه=
طرز، رستو، دستور (2/2) شعاع=
[ع] روشني (2/3) نهارننگ=
ننگ ڏي نهار، نهارڻ متعدي فعل ٺاهي ڏسڻ وانگي جيئن
هتي ڪم آندو اٿس (1/4) ساقي=
[ع] پاڻي يا شراب پيارڻ وارو.
سرڪ=
چُڪو، ڍڪ. سري سندي=
شراب جي. (2/4) مطرب=
[ع] ڳائڻو، وڄائڻ وارو. چنگ=
]ف[
وڄائڻ جو هڪڙو ساز (2/5) وڌو=
فاعل اٿس زلف ۽ مفعول اٿس وڪوڙ ونگ، جي ٻئي هم
معنيٰ لفظ آهن يعني پيچ وڪڙ.
***
رديف ڳ
(غزل 83)
]بحر
رمل مثمن وزن= فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن[
(1/1) اَسائتن=
آس اميد وارا سڪندڙ.
]2/1[
دڳ= رستو. (1/3) عربي قول يا حديث آهي ته من طلب شيئاً
جدوجد يعني جنهن ڪنهن شئ جي ڳولا ڪئي ۽ انهيءَ
لاءِ ڪوشش ڪيائين تنهن اها شئ نيٺ لڌي. (2/3) جيئن
سسئي=
سسئيءَ جيئن. پير ۽ پڳ=
ساڳي معنيٰ وارا لفظ. منهنجي نظر ۾ هي غلط آهي ۽
صحيح آهي وٺ پنهل جو پير پڳ يعني سر صدقو ڀلي ڪر
پر انهنجا پيرا کڻي جڏهن هلندين تڏهن سسئي وانگي
انهنکي ملندين. (1/4) اندوهه=
]ف[
ڏکه. (2/4) هوس=
مونث ڪري آندو اٿس جئين مٿي به آندو اٿس پر آهي
مذڪر لڙهه لام= ٻئي لفظ هڪڙي معنيٰ وارا ڏار ٽار يعني آسرو، ڀروسو
(1/5) حديث جا مٿي به هڪڙي هنڌ آئي آهي. يعني
جنهنکي ڪنهن شئ سان محبت هوندي آهي اُهو انهنکي
اڪثر ياد ڪندو رهندو آهي. (2/1) مخمور= [ع] مست، نشي جي خمار ۾ مڳ=
مست (1/6) صيقل=
[ع] ڪٽ لاهڻ جو اوزار. مڇڻ=
ڪڏهن به نه. وڳڻ=
بڪڻ، اجائي بڪ ۽ تڪرار ڪرڻ، بد چوڻ.
***
(غزل 84)
(1/1) لاڳ=
لاڳاپو. (2/1) رند=
رستو واٽ. ماڳ=
جاءِ، هنڌ. (1/2) ٿئي=
هن جي بدران ٿيو هئڻ گهربو هو ۽ پراهون ٿيڻ گهربو
هو پراهين يعني محبوب پراهين پنڌ تي آهي. (2/2)
وکه وڌاءِ
=
وڌي هل، تکو هل. جرپٽ=
پاڻي ۽ سڪي اڪثر بر پٽ يا جهر جهنگ چوندا آهن نه
جرپٽ جاڳ= يعني رات جو به جاڳي پنڌ ڪندو هل ته جلد پهچين. منهنجي
نظر ۾ جاڳ غلط آهي جهاڳ صحيح آهي يعني جر جهنگ
جهاڳيندو هل (1/3) جا ۽ سا=
اشارو آهن دل ڏي. ڇوهه=
شوخي، تڪڙ. (2/3) تار=
ڌاڳو تند. ورائي=
وري، موٽي. تاڳڻ=
ڌاڳي سان ڳنڍڻ. هندستانيءَ ۾ ڌاڳي کي تاگا چوندا
آهن. (1/4) يار پٺيان جي لڪل ۽ قرب سان به جي لڪل.
ڪهگل=
]ف[
ڪهه يا ڪاهه يعني ڪکه ۽ گل يعني مٽي معنيٰ گارو
]2/4[
صحن= [ع] اڱڻ، اَيوان. راڳڻ= لنبڻ، پوچو ڏيڻ. انهمان اسم راڳو آهي يعني گارو
]2/5[ واڳڻ=
ڳنڍڻ، اٽڪائڻ، رسي سان ٻڌڻ. نثر هيئن آهي سڄڻ سان
پنهنجو ساهه توري پنهنجو خيال موٽي ڳنڍي ڇڏ.
اشارو=
وسڻ ۾ ايندو ته قافيه جو پويون حرف ڳ آهن انهي تي
سڀني مصراعن ساڳي حرڪت اچڻ گهرجي پر هتي لاڳ ۽ ماڳ
۾ ڳ تي زبر آهي پر جاڳ ۾ هن ڳ هيٺ زير آهي.
***
رديف گهه
(غزل 85)
]بحر
- هزج مسدس. وزن= مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل[
(2/1) گوندر گمائي=
ڏکه گم ڪري يا وساري، غم غلط ڪري. گهار=
گذار (1/3) آزرده دل=
]ف[ رنجايل، دردمند. (2/3)
پرين=
اي پرين. (1/4) غير=
[ع] دوست کان سواءِ ٻيا،
ڌاريان. (2/4) لڙي= زور ڪري به. آر= آرو، ميل، قرب، شوق، خواهش (1/5) ڪسون=
قلب يا دل جي ڪس.
***
رديف ڱ
(غزل 86)
(بحر - هزج مسدس وزن - مفاعيلن، مفاعيلن فعولن)
(1/1) ڌر=
ڪر. ڌئل جي ويجهڙائي ڪري ڌر چيو اٿس. (1/2) کوءِ ۾= کهه هڻي، کڏ ۾ وجهي. (1/4) مخفي مام=
ڳجهو ارادو، حقيقي مطلب.
***
رديف ل
(غزل 87)
(بحر رمل مسدس. وزن فاعلاتن، فاعلاتن فاعلات)
اشارو - هي سارو غزل حضرت پيغمبر ﷺ صاحب بابت آهي.
خليل=
[ع] دوست يعني خدا جو. اصل لقب
حضرت ابراهيم نبيءَ جو ۽ حضرت جن جو به. (2/1)
جبرئيل=
[ع] سڀني ملائڪن مان وڏو جو
حضرت جن کي معراج تي وٺي ويو. رحمةالعالمين=
سڀني عالمن جي لاءِ، رحمت، لقب حضرت رسول ﷺ جو.
(2/2) رضا=
[ع] مرضي، خواهش. رب الجليل=
وڏي وڏائي وارو ڌڻي. (1/3) درست=
يقين، سچ آهي ته. (1/4) سيد المدني مڪي=
يعني مدينه ۽ مڪي وارو يا اتي جو رهندڙ سردار. مڪي
مڪين= [ع] مڪي جو رهندڙ تبه ڪار=
]ف[
تباهه ڪار بڇڙا ڪم ڪندڙ، گناهگار، ڏوهي. ڪفيل=
[ع] ضامن. (1/5) عربي بيت=
هنجي ڳالهائڻ ۾ مرض وارن جي لاءِ دوا آهي. (2/5)
عربي بيت= اُهو جنهنجا بيشڪ وڏا وڏا درجا آهن (2/6) جڏهن ڌڻيءَ
هنکي وڏيون ۽ چڱيون نعمتون عطا ڪيون آهن. (1/7)
نظير= [ع] جهڙس، ثاني، مٽ، برابر. (2/7) عديل=
[ع] مٽ (1/8) اولوالعزم=
[ع] وڏائيءَ جو صاحب، وڏن نبين
جو لقب. (2/8) اصيل= شريف، اعليٰ اصل يا بنياد وارو. (1/9) معراج=
حضرت نبيءَ ﷺ جو رات جي وقت مٿي عرش تي وڃڻ خدا جي
ملاقات لاءِ. (2/9) عربي= اوچتو ۽ هڪدم ويو. انهي ۾ ٻيو شڪ شبهو، يا بحث تڪرار جو
سبب ڪونهي. (1/10) عربي بيت=
اي رسول خدا جا مونکي اچي پهچ جهڙي طرح ڪ. (2/10)
تنهنجون وڏيون ۽ گهڻيون مهربانيون گهنگارن سان
ڪيون ويون. (1/11) مضطرب=
[ع] پشيمان، پريشان. (2/11)
عربي=
خدا تعاليٰ، جو تمام چڱو وڪيل يا طرفدار آهي، سو
اسانجي لاءِ ڪافي آهي. (1/12) مَٺائي=
بڇڙائي، گناهه. (2/12) عربي=
منهنجي ڳالهه يا صلاح وٺ ۽ چڱي رستي منهن موڙ.
پونيون ڀاڱو قرآن مان آهي.
***
(غزل 88)
(بحر رمل مسدس وزن - فاعلاتن، فاعلاتن فاعلات)
(1/1) وهه=
زهر. وبال=
[ع] مصيبت. چٽي (2/1) سال=
صحيح سالم، عمدي (1/2) زندگاني=
]ف[ حياتي. (2/2) مال=
[ع] چڱي پڇاڙي، نتيجو. (2/3)
عسرت=
[ع] ڏک ضد مسرت جو. اتصال=
[ع] پيوند، ڳنڍ. ساڻ=
لڳي ٿو عسرت سان. (2/4) ترڪتال=
تال پخال، بهانا، ڪوڙ. (2/5) مون=
مونکي. خاطر=
[ع] دل.
]1/6[
جي توڪل محو=
جي توڪل ۾ محو آهي، يعني جنهنجو توڪل تي پورو
ڀروسو آهي.
***
(غزل 89)
(1/1) پارسي=
ڪيترو نئي چند تي تون حيران ۽ پريشان هوندين.
(1/2) الصّحبت مؤثر= عربي پهاڪو يعني صحبت ۾ اثر ٿيندو آهي. (2/2) چڱي ۽ چست=
صفت حال جي ۽ چست يعني پوري، مناسب. (1/3) فارسي= جيترو ٿي سگهئي اوترو ماڻهن کي طعنه نه هڻ.
اشارو=
طعنه زدن چوندا آهن نه طعنه گرفتن يا ته طعنه جي
بدران عيب هجي ها ته پوءِ مگير برابر اصطلاح هو.
(1/4) پارسي=
ڪڏهن ڪڏهن عيش عشرت يا خوشيءَ ۾ گذار ۽ ڪڏهن ڪڏهن.
(1/5) پارسي= جهان سالڪن کان خالي ناهي. (2/5) توءِ=
ته به، تڏهن به. قحط الرجال=
سچن پچن مردن يا ماڻهن جو ڏڪار.
***
(غزل 90)
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلن)
(1/1) عربي پهاڪو آهي ته اَحسن الّڪلام ماقلّ ودّل يعني چڱو
گفتو اُهو آهي جو مختصر آهي لفظن ۾ ۽ پڪو ۽ مضبوط
آهي يا حُجّت دليل ۾. (2/1) اَل= ڪوتاهي عيب. (1/2) طوالت= [ع] ڊگهائي، گهڻو شعر چوڻ. کان عُلّو=
[ع] وڏائي يا مٿانهين درجي
ڪري. اَوت= پاڻيءَ اوتجڻ گهڻائي کان. اُڇل= پاڻي جو اُڇلجڻ گهڻائي کان، جيئن درياهه ڪندو آهي.
منهنجي نظر ۾ اوت اُڇل جي بدران اوت اُٿل چوي ها
ته بهتر هو. (1/3) دستگه=
]ف[ دستگاهه، طاقت، قوت. (2/3)
عزوجل=
وڏي وڏائي وارو خدا. (1/4) عربي=
شعر ۾ آءٌ فصيح يا قابل ماڻهن لاءِ فخر جو سبب
آهيان. (2/4) سخن= شعر. ونگه وّل= ور وڪڙ اصل ۾ ٿيا جي بدران ته آهي پر اُهو غلط آهي.
(2/6) هوئي جو جاءِ تي اصل ۾ هول آهن پر اُهو غلط
آهي.
***
(غزل91)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(1/1) جنجال جَلّ=
جنجال جو جل، مصيبت جو درد يا ساڙو. (1/2) وهم
واري= غم يا وهم ۽ وسوسو ڇڏي يا وساري يا لاهي. (2/2) حال=
[ع] في الحال، هنوقت هڪدم. حَل=
[ع] گم نابود. (2/3) سکپال=
سک سان پاليندڙ يا پليل سکيال ۽ سهڻي صفت آهن سڄڻ
جي - نثر ٿيندو- سهڻي سکيال سڄڻ کان پل به ڏور ڪيم
هو. (1/4) داستان=
]ف[
بيان، احوال، دفتر، قصو. (2/4) ڳوڙهي=
مشڪل، ڳُجهي.
]2/5[
دوستڪي دل=
دوستاڻي دل. اهو هندي اصطلاح سنڌي شعر ۾ ڪم ايندو
آهي. رسالي ۾ به آهي. تال= طرز، رستو، دستور. تَل= تر، هَلُ، چَلُ. (1/6) ناقص= [ع] ڪامل جو ضّد ڪمقدر، گهٺ - مٿي نفس سان
ناڪس ڪم آندو اٿس ۽ هتي ناقص. (2/6) مل= هشيار، بهادر، پڪو. (1/7) ته ناهه=
جو ناهه، ڇا لاءِ جو ناهي. (2/7) لاءِ سوڙي سود=
واپار جي فائدي لاءِ لل=
حال، سوجهرو، هشياري. (1/8) م پڻ هڪ وار جو=
هڪ وار جو به نه. (2/8) وار=
وارو وجهه، وقت، ڪنهن وير. ول=
ڦير ور. (1/9) حماقت=
[ع]
احمقائي، بيعقلي. (2/9) شرارت=
[ع] خرابي بدي حرف کان انهي
سان لاڳو. شل= ]ف[ ساڻا، بيحواس، صفت هٿن جي. (1/10)
جهاّل=
[ع] سخت جاهل يا نادان حالت
جري ۾ حرف وٽ جي ڪري.
***
(غزل 92)
(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعول)
(1/1) ديانت=
[ع] دينداري. سچائي جو پٺياس
لڪل. دليل= [ع] سونهو، حمت. (2/1) ضلالت=
[ع] گمراهي. ذليل=
[ع] خوار خراب. (2/2) قرآن مان
. پوءِ چؤ ته خدا تعاليٰ سڀ کان چڱو وڪيل يا ڪار
ساز آهي. (2/3) عربي=
پوءِ نبّين مان جيڪو سڀکان زياده شريف آهي تنهن تي
صلوات چؤ. (2/4) خادم=
[ع] خذمت ڪندڙ، نوڪر. (1/5)
عربي=
۽ صلوات چؤ پڻ اُنجي اولاد تي ۽ انجي يارن تي.
(2/6) دخيل= [ع] داخل، گهڙندڙ - يعني ڪوڙي دعوا يا
ڳالهه ڪرڻ وارو نه ٿي. ڪنهين=
کي پٺيان لڪل. (2/7) عربي=
۽ انهي بابت يعني قيامت بابت ماڻهنکي ڪا ٿوري خبر
حاصل آهي.
***
رديف هه
(غزل 93)
(بحر خفيف وزن فاعلاتن مفاعلن فعلات)
***
(غزل 94)
(2/3) هاتف=
[ع] غيب مان آواز ڪندڙ ملائڪ.
1
=
[ع] خدا جي طرفان دل ۾ ايندڙ
ڳالهه. اڪرام= آبرو، مان يا انعام.
***
رديف م
(غزل 95)
(بحر - رمل مثمن وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
هِت=
هِن دنيا ۾. هُت=
هُن جهان يا آخرت ۾. (2/2) کان=
لڳي ٿو خدا سان. (1/3) طاعت=
[ع] فرمانبرداري، عبادت. عزم=
[ع] قصد، ارادو. (1/4) ضلالت=
[ع] گمراهي مٿي به آيو آهي.
(1/5) جا چڱي= لڳي ٿي ڪار سان. (1/6) ڪن ڪري= ٻڌي مفعول اٿس ندا ٻي مصراع. ڪم= آءٌ ڀانيان ٿو ته هي غلط آهي. اتي هئڻ گهرجي. ڪر يعني
ڪر ڪوت ڪر اهڙا. ته=
جي (2/6) اَرجعي=
قرآن مان ارجعي اليٰ ربّکه........ يعني تون
پنهنجي رب ڏي موٽ. ندا=
[ع] سڏ، آواز، منادي انهي مان.
ندا مونث آهي ته مذڪر - تنهنڪري جي هئڻ گهرجي.
(2/7) ليا=
جهاتيون.
]2/8[
کا= کاءُ، همزو قافيه جي ڪري ڇڏي ڏنو اٿس.
]2/9[ سڀا=
سڀاڻي يعني قيامت ۾، تون قافيه جي ڪري ڦيريو اٿس.
***
(غزل 96)
(بحر - رمل مثمن وزن - فاعلاتن، فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)
(2/1) عنوان=
[ع] منڍ، رستو، طرز.
]2/3[
وچ وچان=
پاڻکي مئل ڄاڻ، جيئري مر، نيست ٿي. ڪِرڻ=
فنا ٿيڻ. فنا في الله ٿيڻ سان ماڻهوءَ کي بقا با
الله حاصل ٿئي ٿو. (اشارو=
هن بيت جي پهرين مصراع اصل ۾ غلط ٿي ڏسجي).
***
(غزل 97)
(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل)
آغاز انجام=
]ف[ منڍي ۽ پڇاڙي. (1/4) لؤن
لاڳه لوري= ٽئي لفظ قريب هم معنيٰ لاڙو، ميل، ڳڻتي، بي آرام. (2/4)
۽ عشق جي مصيبت ۾ ڏينهن گذري ويا. (1/5) محّصل= [ع] حاصل. (2/5) مڱر= باهه.
***
(غزل 98)
(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول)
(1/1) دونيم=
]ف[ ٻه اڌ. (2/2) فجاؤالسحرِ=
قرآن مان. پوءِ هو (يعني جادوگر وڏو جادو کڻي آيا)
(1/5) ڏاڻ= ڏاتيون، انعام، بخششون. (2/5) عربي=
پوءِ مون ايمان آندو الله تي، جو رحم وارو ڌڻي
آهي. (1/6) شر=
[ع] خرابي، شرارت. منهن مٺي=
صفت شيطان جي، مُٺِل منهن وارو. (2/6) قرآن مان -
پوءِ لِللہ ربّ رَحيم ڏي موٽو ۽ توبهه ڪريو، يا
پناههَ وٺو.
***
(غزل 99)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن، فاعلاتن فاعلات)
(1/1) مشتغل=
[ع] مشغول. مستدام=
مدام هميشه. (2/3) ازدهام=
]ف[ انبوه گوڙ. (2/4) پهه=
پور. (2/5) هن مصراع جو مضمون پهرين سان موافق نٿو
اچي. شڪ ناهي ته ڪنهن ٻئي بيت جي آهي جنهنجي پهرين
مصراع گم ۽ هن جي وري ٻي مصراع گم آهي. والسلام=
[ع] بس، وڌيڪ مونکي چوڻو ناهي.
(2/7) قُج=
عيب، خرابي. مستغني=
خالي، آزاد، بي پرواهه.
***
رديف ن
(غزل 100)
(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول)
(2/1) قرآن مان=
انهنکي ملي ٿو جيڪي چاهين ٿا ۽ جيڪي خواهش ڪن ٿا.
(2/3) عربي= چڱي زماني ۾. يعني جنهن ۾ حضرت ﷺ جن پاڻ هوندا هئا.
شريعت جي خذمت ڪرڻ وارا چڱا ماڻهو هوندا هئا، اها
هڪڙي حديث آهي. (2/4) سراسيمه دل=
]ف[ پريشان دل وارا، بي سڪون=
]ف[
بي آرامي. (2/5) عربي=
قرآن مان، ڊپ کان اُهي پنهنجي پروردگار ڏانهن رغبت
رکن ٿا. (2/6) عربي اُهي سندس پيرن تي هلندڙ آهن.
تيرگون=
]ف[
ڪاري رنگه جا، گدلا، سادا، خراب حال وارا.
***
(غزل 101)
(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول)
(2/1) سَرنگون=
]ف[
اونڌا. (1/2) عربي=
پوءِ تحقيق اسانجي رب ڏي رغبت رکڻ وارا آهن. دَت=
بيوقوف، سست. (2/4) ڪسالت=
[ع] ڍرائي، سستي. قشون=
[ع] لشڪر. (2/5) رهنمون=
]ف[ رهنما، واٽ ڏيکاريندڙ.
]2/6[
هن مصراع ۾ سڀ لفظ نفس جون صفتون آهن. نٽر=
اڻ ٽر. (1/7) اهل عرفان=
[ع] عارف، معرفت وارا. (2/7)
عربي=
اُنهي ڳالهه ڏي هو رغبت نٿا ڪن. تناول=
[ع] کاڌو. يعني عبادت کان
سواءِ کاڌو اجايو آهي.
]2/8[
هن مصراع ۾ هڪڙي پرولي آهي جنهنجو جواب آهي ”نان“
يعني ماني - مطلب ته اُهو لفظ جنهنجي وچ ۾ الف جو
اکر آهي ۽ انهيءَ جي ٻنهي پاسن کان نُون ۽ ماني
مفعول آهي. تناول طلب جو. يسفڪون الدّماءِ=
قرآن مان معنيٰ اٿس ته اُهي رت هاريندا يعني خون
ڪندا.
]2/9[
فسق=
[ع] گناهه، بدڪاري. ڪشت خون=
]ف[ قتل ڪرڻ، رت وهائڻ. (2/10)
عربي=
خراب پڇاڙيءَ وارن ڪمن جي لاءِ هو ائين ٿا ڪن.
شقاوت شگون=
]ع
ف[
بدبختي وارو، نڀاڳو يعني خراب ڪمن يا ماڻهن کي چڱو
ٿا ڄاڻن. (1/12) مخفي=
[ع] ڳجهي. (2/12) عربي=
جنهن ڏينهن جو هنن کي واعدو ڏنو ويو آهي يعني
قيامت جو. (2/14) قرآن مان ۽ جيڪا روزي هنن کي ڏني
ويئي آهي تنهن مان هو خرچين کائين ٿا. (1/15)
قبائح=
[ع] جمع قبح جو، خراب ڪم.
(2/15) عربي=
پوءِ هو چڱن ڪمن ۾ مشغول ٿا رهن. (2/16) عربي -
قرآن مان - ۽ اهي اجاين ڳالهين کان منهن موڙيندڙ
آهن. (1/17) هويّت=
خدائي، وحدت. (2/17) بيچگون=
]ف[ بيمثل، جنجي پوري حقيقيت معلوم ناهي. (2/18)
قران مان - اسانجي لاءِ خدا تعاليٰ چڱو وڪيل يا
ڪار ساز آهي. (2/19) صرف ڪيم=
لڳايم، ڪم آندم. فصاحت فنون=
قابليت يا فصاحت جا هنر، اشارو=
هي غزل ناهي قصيدو آهي جو منجهس ٻارهن کان زياده
بيت آهي.
***
(غزل 102)
]بحر
- سريع وزن - مفتعلن مفتعلن فاعلن[
(1/5) پارسي=
ڪهڙي سبب تون منهنجي دل شوخئ سان کسي وئين.
]2/5[
اي ظالم چنڊ اهڙو شوخ نه ٿي.
***
(غزل 103)
]بحر
- تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول[
صنم=
[ع] بت، معشوق. منعدم=
[ع] نيست نابود. (1/2) فال
فيروز=
(ع ف) سڀاڳي فال. (2/3) يڪقلم=
]ف[ هڪدم. قلم=
]ف[ وڍيل. (2/4) رم=
]ف[ گم. (2/6) والاهمم=
[ع] وڏي همّت وارو. (2/7) معزز
۽ محترم= [ع] ٻئي هم معنيٰ لفظ، عزت آبروءَ وارا،
منظور نظر. (2/8) بهم=
گڏ. (1/9) عربي=
دوستن ۽ طالبن جي پناهه جي جاءِ. (2/9) جس=
آفرين، تعريف. جميل الشيم=
[ع] چڱين عادتن وارو. (1/11)
ستمگار عيار= ظالم ۽ مڪار. (1/12) پيمان شڪن= ]ف[ انجام ڀڃندڙ. (2/12) ڪاذب - [ع] ڪوُڙو.
(1/13) عربي=
جڏهن منهنجو حال پريشان آهي تڏهن مون وٽ هلي آءٌ.
(2/13) غمخوار= اي غمٽار يار. ته= جو، ڇا لاءِ جو. (1/14) فارسي - جڏهن اُهو يار ساقي ٿيو
تڏهن مونکي شراب ڏنائين. (2/14) بدل - [ع] بدليل،
مٽيل. (1/17) خاطي وري ٿيو شاعر آهي. لفظ جي معنيٰ
خطا ڪندڙ.، (2/17) مهتم - [ع] تهمت لڳل، يعني
انسان خطا جو گهر آهي. (2/18) خيالي چوٿون شاعر
آهي جنهن پڻ اهڙو غزل چيو. (2/18) مغتنم [ع]
ڀرپور، ججهي. ملاحت [ع] سلوڻائي، لذت. (1/21) عربي
پوءِ اسين تنهنجي فضل ۾ اميد ٿا رکون ۽ توڏي ڊوڙون
ٿا. (2/21) اي خدا اسين تنهنجي مدد وٺون ٿا.
اشارو=
هي به غزل ناهي قصيدو آهي جو 12 بيتن کان مٿي آهي.
***
(غزل 104)
(بحر - منسرح. وزن - مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلن)
(1/4) زدو ذليل - ٻئي لفظ قريب هڪ معنيٰ جا، بد حال، خوار خراب.
(2/4) عربي - وڏائي وارو تَنهنجو ڌڻي تَنهنجي لاءِ
ڪافي آهي. (1/5) دوفنون - [ع] هنرن وارو. فصيح -
[ع] فصاحت وارو. فزون - ]ف[ زياده وڌندڙ. چڱون -
فنون ۽ فزون سان برابر قافيه ۾ ناهي تنهنڪري هن
بيت ۾ اهو عيب آهي. (1/6) بليغ - [ع] بلاغت وارو،
چٽو.
***
(غزل 105)
(بحر - رمل مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(2/4) سيِر=
سيل، سچائي، ستيا=
کرکجڻ لاءِ=
رقيب يا دشمن جي خفي ٿيڻ ۽ سڙڻ پوسرڻ لاءِ.
***
(غزل 106)
(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعل)
(1/3) محض=
[ع] خلاصو، خاص، نجه. تاوان=
]ف[ نقصان (1/5) غير=
[ع] خدا کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه
ترڪ=
[ع] ڇڏڻ مؤنث ڪري آندو اٿس پر
هئڻ گهرجي مذڪر تنهنڪري غير ترڪ (2/5) طاعت=
عبادت، فرمانبرداري.
***
رديف ڻ
(غزل 107)
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) عجيب=
[ع] محبوب. (1/2) آئين=
]ف[ رسم، دستور، فائدو.
]1/3[
هَمه=
]ف[ سڀ ماڻهو. ڳڀور=
ننڍڙا ٻار=
طفل
]ع
[معصوم
ٻار. (2/5) هِجي= [ع] هجا يعني اکر ملائي پڙهڻ. ڏَسِ=
سيکار، سمجهاءِ.
***
رديف و
(غزل 108)
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(2/2) سان=
جي بدران کي هجي ها ته بهتر. (1/10) عشقباز=
عاشق عشق ڪمائيندڙ. (1/11) چشم چورڻ=
اکيين جا ناز ڪرڻ، اشارا ڪرڻ. (2/11) نوٽ لائڻ= لٽڻ، ڦرڻ، ڦرون ڪرڻ. اشارو= هي غزل 12 بيتن کان وڌيڪ آهي تنهنڪري قصيدو چئبو.
***
(غزل 109)
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) اوُهه=
افسوس، حيف. (2/2) پير شيخ=
(ف ع) ٻئي لفظ هم معنيٰ. يُخادعون الله=
قرآن مان - يعني جي خدا سان ٺڳي ڪن ٿا. (2/5)
لائين ٿو= ملائين ٿو، ميري يا پيلت ڪرين ٿو. عارف=
اي عارف.
***
(غزل 110)
(بحر - هزج مسدس. وزن - مفاعيلن مفاعيلن فعولن)
(1/7) نفي اثبات=
[ع] ٻه مخالف لفظ، نه ۽ هائو،
نابود ۽ بود، لا الله ۽ الا الله. (2/7) پنٿ=
مذهب، فرقو. (1/8) قرآن مان=
خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو. حسبي الله=
قرآن مان - منهنجي لاءِ خدا ڪافي آهي.
***
(غزل 111)
(بحر - رمل مثمن. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/2) بي حس حرڪت=
[ع] حواس ۽ چرڻ جي طاقت کان
سواءِ، بيهوش ساڻو ٿيل. مهجور= [ع] فراق وارو، وڇڙيل
]2/2[
موسيٰ ڪليم الله=
حضرت موسيٰ نبيءَ جو لقب ڪليم الله آهي، جو خدا
ساڻس ڳالهايو طور جبل وٽ، جتي خدا جي نور جو تجلو
ڏسي بيهوش ٿي ڪري پيو يعني بي حواس ۽ بي حرڪت.
(1/3) ڪتّان=
[ع] - سڻي.
]2/3[
ماه فلڪ=
]ف[ آسمان جو چنڊ. اهڙو اعتقاد
آهي ته چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جي روشنائي جو اثر سڻيءَ
تي ٿيندو هو يا انهي کي ساڙيندو آهي. (1/4) حلقو= [ع] زنجير جي ڪڙي. محڪ= [ع] پرکڻ جو اوزار،. مجذوب=
[ع] ديوانو، مست. بيخود=
]ف[ مست.
]2/4[
ذوق= [ع] يعني عشق، شوق. چرين کي زنجير وجهي ٻڌي
ڇڏيندا آهن.
]1/5[
الحق=
سچ آهي، محقق. عندالعارفين=
[ع] عارفن جي نظر ۾. مستور=
[ع] ستر وارو، جنهنکي پنهنجي
ستر يا اوگهڙ جو سماءُ هجي. ضد مست جو، جنهنکي
اهڙو سماءُ نه ٿو پوي،
]1/6[
مسخر=
[ع] تابع هي مصراع ۾ آهي فعل
لڪل آهي.
]2/6[
خاقان= ]ف[ ايران ترڪ ۽ ڪن ٻين ملڪن جي بادشاهه جو
لقب. فغفور=
چين جي بادشاهه جو لقب
]1/7[
لِللہ دُرّ قائلہ=
قسم خدا جو جنهن ائين چيو آهي تنهن سچه چيو آهي.
يعني جيڪو منهنجو هي غزل پڙهندو سو ائين چوندو. مٽ
مجازي موُر جو=
يعني منهنجي غزل جو مضمون حقيقي آهي ۽ مست جو غزل
مجازي مضمون جو آهي. انهي سان برابر آهن معيوب=
[ع] عيبدار. مستعار=
[ع] اُڌارا ورتل. مست جي غزل
تي ٽوڪ ٿو ڪري.
]2/8[
مضامين محدّد=
نوان مضمون نه اڌارا وٺ مقدور=
[ع] طاقت اختيار يعني اي مرد
نَوَنِ مضمونن آڻڻ لاءِ وڏي طاقت گهرجي.
***
رديف هه
(غزل 112)
]بحر
رمل مسدس وزن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن[
***
(غزل 113)
]بحر
- تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول[
]2/3[
ڇيهه=
شگاف، چير=
جيئن طبيب يا ڊاڪٽر نشتر سان ڦرڙيءَ کي شگاف ڏئي
گند ڪڍندا آهن.
]1/5[
ففروّا الي الله=
قرآن مان - پوءِ ڀڄو خدا ڏانهن.
***
(غزل 114)
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
]1/3[
بسمل=
[ع] ڪهڻ، رنجه ڪرڻ، ڇا لاءِ جو
ڪهڻ مهل بسم الله - الله اڪبر چوندا آهن جنهنکي
تڪبير وجهڻ به چوندا آهن.
]2/3[
سان بسم الله=
يعني بسم الله چوڻ سان جواب ڏين، يعني حاضر آهيان،
مونکي قبول آهي، خوشيءَ سان.
***
(غزل 115)
(بحر - رمل، مسدس. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
]1/4[
رعونت=
[ع] دشمني - مٿي به آيو آهي.
***
(غزل 116)
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/1) عربي بيت=
خلق جو سردار، يعني حضرت نبيﷺ، جنهن تي صلواة هجي.
(2/1) اجهو اسانجو جسم ۽ دل انهي وٽ آهن. (1/2)
عربي بيت=
اسين انهي ڏي اميد ٿا رکون، ڇا لاءِ جو. (2/2)
شفاعت جي لاءِ اسانجي پناهه جي جاءِ انهي ڏي آهي.
]2/5[
ساڻ= لڳي ٿو ڦيرن. ڦيرن= ڦيرا ڏيڻ، گشت. آءٌ ڀانيان ٿو ته ڦيرن جي بدران پيرن
بهتر هو. (1/6) عربي=
چيائين يعني محبوب چيو ته اي قاسم توکي آفرين آهي.
(2/6) جڏهن اسانجي تعريف هن جي ڪنن تائين پهتي.
***
رديف همزه
(غزل 117)
(بحر - مسنرح مطوي. وزن - مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن)
ڪيفيت=
[ع] حقيقت (1/5) هر دو سوُ=
]ف[ ٻنهي طرفان يعني عاشق توڙي
معشوق جي طرفان (2/8) حيدر= [ع] حضرت عليؓ. حامي حشر=
[ع] قيامت ۾ حمايت ڪندڙ. (2/9)
دلدل هسوار=
حضرت عليؓ. هنن ٽن بيتن ۾ شعار جو مذهبي خيال شيعن
وارو ٿو ڏسجي اگر پاڻ سني گهراڻي جو آخوند هو.
]2/11[
صنعت هن غزل ۾ شاعر اها صنعت ڪم آندي آهي جو هر هڪ
بيت ۾ پهريان ٽي اڌيا فقرا هم قافيه آهن ۽ پونيان
سڀني بيتن جا پاڻ ۾ هم قافيه آهن، اگرچ ڪن بيتن ۾
اها صنعت بهاري نه سگهيو آهي.
]2/11[ ڇند=
ڦند، تجويز هنر. مجوز=
[ع] جائز. جئن مٿي چيو ويو
صنعت ۾ گهڻا قافيه وري وري ٿو آڻي، پنهنجي نسبت ۾
چوي ٿو ته هنر يا تجويز جائز آهي. مستمل= [ع] شامل، گڏيل.
***
(غزل 118)
]بحر
- هزج اخرب وزن - مفعول مفاعلن مفاعيل[
]1/4[
عربي - تحقيق فراق مونکي ساڙي ڇڏيو آهي تنهنڪري
مونکي اچي مدد ڪر، جو باهه کي پاڻي اجهائيندو آهي.
]1/6[ وٺم=
آءٌ ڀانيان ٿو ته هي غلط آهي. واءُ وسندو نه آهي
پر مينهن وسندو آهي. هتي وريم بهتر هو.
***
(غزل 119)
]بحر
- تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول[
]2/1[
رانجهن=
محبوب.
]2/2[ قرآن مان - تحقيق انجو گمان ڪرڻ خراب يا اجايو آهي.
]2/4[ يعني محبت جي باغ ۾ آءٌ شوق مان گهمڻ ويس ته اتي عشق جي
بانس سنگهڻ ڪري منهنجو جسم بهي رهيو.
]1/5[
عربي - چؤ ته خدا جي نعمتن ڪري سندس تعريف يا شڪر
گذاري لازم آهي.
]2/5[ خلق خود=
]ع ف[
ٻئي لفظ هم معنيٰ عادت، خصلت، اخلاق
]2/7[
نثر هيئن آهي. جنهن سندي رمز روءِ ڏسي ڏک وڃي.
***
(غزل 120)
(بحر - خفيف. وزن - فاعلاتن مفاعلن فعلات)
(1/2) عربي - تحقيق ڪوڙ خراب شئي آهي انهي کي ڇڏي ڏي. (1/4)
عربي بيت - سڀني ماڻهن جو چڱائيءَ سان ذڪر ڪر
]2/4[ قسم خدا جو آءٌ هجو يا شڪايت ڪرڻ وارن مان ناهيان.
]1/5[ فاعرض عنہ=
انهن کان منهن موڙ (2/5) نشر - ڪنهين سندو قلب
يعني دل نه رنجاءِ.
***
(غزل 121)
(بحر - تقارب. وزن - فعولن فعولن فعولن فعول)
اشارو=
هن غزل ۾ هيءَ صنعت آهي ته سڀ اکر مهمله يا ٽٻڪن
کان سواءِ ڪم آندا اٿس جيئن بيت ۾ اشارو ڏنو اٿس.
(2/3) معدوم=
[ع] ناس، نيست نابود (1/5)
عربي - اي خدا هميشه ۽ هر حال ۾ (2/5) تنهنجا گهڻا
شڪرانا آهن. ايترا گهڻا جيتريون پهڻيون آهن. (1/6)
محّمد ﷺ ۽ احمد، ساڳيو نالو آهي اعم العطاءَ=
عام خلق جي لاءِ هڪڙي بخشش آهي. (1/7) عربي=
عزت وارو مهندار ۽ سڀني ڪمن جو بندوبست ڪندڙ.
(2/7) اسد اسم اعليٰ= [ع] شينهن هڪڙو وڏو نالو آهي. اشارو حضرت
عليؑ ڏي جنهن کي اسدالله يا خدا جو شير سڏيندا
آهن. اهم الولاءِ=
جنهنجي محبت يا دوستي گهڻو ضروري آهي. (1/8) سمورا
سکر=
سڀ چڱا ۽ عمدا موتي اشارو هن غزل ۾ ڪم آيلن اکرن
ڏي. (2/8) مهملا= [ع] نقطن کان سواءِ. (2/9) سکر سال=
نيڪ سالم، صعنت سالڪن جي.
***
(غزل 122)
(اشارو - هي غزل مستزاد آهي يعني هر هڪ مصراع جي پٺيان ٻه رڪن واڌو اچن ٿا.)
(1/4) هڻن=
مفعول اٿس ڏنگ ۽ فاعل اٿس وارَ. (2/4) واري=
ورائي، اٿلائي. (2/5) لهه=
اشارو، لاڙو. لهي دزدئ سندو داءُ=
چوري يا ڦرمار جهڙ و مڪر يا فريب ڪري.
***
(غزل 123)
(بحر - رمل مثمن. وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
اشارو (هي به قصيدو آهي جو 12 بيتن کان زياده آهي. ٻين ڪن
شاعرن جي غزل جي جواب ۾ آهي.)
(1/1) اڪمل=
شاعر جي غزل تي، هن جي غزل لکيو آهي ۽ انهي جي
تعريف ٿو ڪري،
چوي ٿو ته جيڪي تو چيو آهي سو سڀ برابر آهن. (2/1) صلح حق ۽ فرض
آهي جيئن قرآن ۾ به آهي ته صلح چڱو آهي ۽ تون جس ۽
آفرين جو لائق آهين. (2/2) بحسن الاحتواءِ=
منجهس چڱي چڱي معنيٰ سمائي سگهجي ٿي (1/6) ڪدورت
جو ڪنايو=
[ع] دشمنئ جو اشارو يا نشان
(1/7) اڪمل= هتي وري به اڪمل کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته تنهنجو علم ڪامل
آهي. نعم علم راسخ=
عربي پهاڪو مضبوط علم چڱي شئ آهي.
]2/7[
جهڙو تنهنجو نالو اڪمل آهي تهڙو تنهن جو علم اڪمل
يا ڪمال وارو آهي. (2/9) طراوت طبع جي=
[ع] شاعرن جي تازگي، عيان=
[ع] ظاهر. الجهل سوءِ الاد
عاءِ
=
بيعلمي يا ناداني سڀکان خراب خواهش يا دعوا آهي يا
مدعا آهي. (1/11) پارسي=
شعر سازيءَ ۾ جيڪڏهن ٻيا شاعر پاڻ ۾ اکيون ڀڃن ۽
ڳجهي طرح ٺٺوليون ڪن. (2/11) ته هر هڪ تي اهو فرض
آهي ته پنهنجو مدعا حڪمت جي رستي ظاهر ڪري. (1/12)
شاعر جي اندر جو مطلب سو توکي معلوم آهي يا ته
تنهنجي توکي خبر (2/12) حقيقت جي خبر انهي کي ئي
پوندي جو عقل ۽ هوش وارو هوندو. (1/13) پارسي - هي
نڪتو سمجهه ته جيڪي چوين سو سمجهي پوءِ چئو (2/13)
نه ته ڏاهن وانگي ڏاهپ جي رستي پنهنجو مطلب ظاهر
ڪر. دراءِ= اصل فارسئ ۾ درائ آهي تنهنڪري دراءِ قافيه جي لاءِ لکڻ
غلط آهي. (2/14) رس رسيلو=
پورو سلوڪ (2/15) سهاءِ=
سهائي، جڳائي، ٺهي.
]/16[
عربي=
هنجو يعني سيد فضل شاهه جو فضل سندس نالي جهڙو
گهڻو آهي ۽ هر طرف فائدو رسائيندڙ آهي
]2/16[ جيئن گلن جي عطر جي خوشبوءِ ٿيندي آهي جا صبح جي وقت
جي هير آڻيندي آهي. (1/17) چوڻي آهي ته ماڻهوءَ جي
علم سندس ڪلام مان ظاهر ٿيندو آهي.
]2/17[
مون هن جي تعريف ۾ اجهو هيءُ شعر ٺاهيو آهي.
]1/18[
اسانجو شعر ملاحت جي نظر تي وزن وارو ۽ وڻندڙ هو 2]/18[
تنهنڪري خوبيءَ ۽ صفائي جي ڪري خلق ۾ پکڙي ويو.
]1/19[
پارسي منهنجي مٺي ٻولي ٻئي سڀڪنهن شاعر کي سڏي ٿي،
ڇا لاءِ جو آءٌ (2/19) خيال جي باغ ۾ مٺي ٻولئ
واري بلبل جهڙو آهيان. (1/21) تحقيق جيڪو شعر تو
چوريو آهي سو پريشان خواب وانگي واهيات آهي.
(2/21) انهي کي ڇڏي ڏي ڇا لاءِ جو نفس حرص ۽ خواهش
جي وسيلي ٻڪڙجي سگهي ٿو. (1/22) اجهو منهنجو جسم
هتي آهي مگر منهنجي دل اوهانجي اڳيان آهي. (2/22)
تون ڪوشش ڪر ۽ منهنجي غزل جو جواب لک.
اشارو - پونين ٻن بيتن ۾ ڪي لفظ اصل ڪتاب ۾ گم ٿيل آهن.
***
رديف ي
(غزل
124)
(بحر - هزج سالم. وزن - نفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)
(2/2) رلائي=
انهيجي بدران وڃائي واٽ هجي ها ته بهتر هو. لوُنءَ=
رونءَ، بت جي وار جي پاڙ. (1/4) ڀالڻ=
ويچار ڪرڻ. (2/5) وريا=
نثر آهي - واڳون واري يا ورائي مون وٽ وريا يا
موٽيا.
***
(غزل 125)
(بحر - تقارب سالم وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن)
]1/5[
لطف= آخوند لطف الله جي غزل جي جواب ۾ هيءُ غزل لکيو اٿس پر
هن کي مجرائي نٿو ڏئي. چيو فڪر فائق=
اعليٰ قسم جي خيال سان چيو
]2/6[
ساڻ= لڳي ٿو قاسم سان. ساڻ جي بدران کان زياده صحيح هو.
***
(غزل 126)
(بحر - هزج اخرب. وزن - مفعول مفاعيلن فعلن، مفعول مفاعيلن فعلن)
]1/1[
ارو= اصل گاڏيءَ جي ڦيٿي جي ڪاٺي، اٽڪ، انگڙو. مهجور=
وڇڙيل، فراق ۾ ڦٽيل.
]2/6[ وري=
اچي پوي، ور ڪري اچي
]1/7[
ڪل= ]ف[ زدو، مات. اصل گنجو يا مٿي ڦٽيل. ڪلا،
چنڊ جي قطر جي سورهين حصّي کي چون، يعني ٽڪر،
پزرا. قمر= [ع] چنڊ
]2/7[
ڏوٺ ڏمر=
ٻئي هم معنيٰ، مٿي به آيل آهي ٿوري=
ٻانهو، غلام، نيچ، ڪمينو. يا ٿوري جي معنيٰ ٿورڙي
به ٿي سگهي ٿي يعني هي مشتاق ٿورڙي ناز سان مري ٿو
تنهن سان ڏاڍائي يا ڏمر نه ڪر.
***
(غزل 127)
]بحر
- رمل مشڪول. وزن - فعلات فاعلاتن فعلات فاعلاتن[
]2/4[
بت بات بيقراري=
يعني بدن به بيقرار ٿو رهي ۽ جيڪي ڳالهائجي تنهن ۾
بيقراري آهي. منهنجي خيال ۾ بت بات غلط آهي صحيح
آهي تپ تاب بيقراري جيئن اڪثر فارسي شعر ۾ ايندو
آهي يعني تپ ۽ ساڙو ۽ بي آرامي.
***
(غزل 128)
(بحر - رمل وزن - فاعلات فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)
(1/1 مڙئي موچاري=
سڀ هلت چلت ڳالهه ٻولهه وغيرهه چڱي ڪئي.]1/2[
درماندي=
]ف[ عاجز، موڙهل، غمگين (1/5)
بخت باري=
زور، چڱو.
***
(غزل 129)
(بحر - مضارع سالم. وزن - مفعول فاعلاتن مفعول فاعلاتن)
]1/4[
شمس و قمر ڪواڪب=
[ع] سجه چنڊ ۽ تارا. ثابت سيار
ثاقب=
[ع] بيٺل تارا، گهمندڙ تارا ۽
کڙندڙ تارا (2/4) رادف، رقيب راڪب= [ع] پٺيان لڳندڙ ۽ آمهون سامهون ٿيندڙ ۽
سوار ٿيندڙ اهي ٽيئي تارا ۽ انهنجي ميڙن يا برجن
يا قسم آهن
]1/6[
لقمان ۽ لطف=
آخوند محمد لقمان ۽ آخوند لطف الله جي شعر چوندا
هئا انهنکي ٿو چوي ته ههڙو غزل بنائي ڏيکاريو.
***
(غزل 130)
(بحر - هزج سالم - وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)
]2/3[
ڪانڌي=
مئي جي جنازي کڻڻ وارو. قانون موجب واندي، آندي
وغيره قافين سان ڪانڌي قافيه برابر ناهي، ڇا لاءِ
جو ان ۾ دال جي بدران ڌال آهي.
]1/5[
پارسي بيت=
جڏهن تون هليو وئين تڏهن آءٌ توکان ڏور رهڻ جي ڏکه
۾ فراق ۽ غمگين ٿيس.
]2/5[
منهنجي جان ۾ مچه ٻاري ڏنئ ۽ منهنجن اکين کان پاڻي
جاري ٿيو.
]1/6[
پارسي بيت=
جڏهن تو مونکي فراق ۾ بيخود ڏٺو ۽ غمگين، پريشان
۽ حيران ڏٺو.
]2/6[
تڏهن اي دل تو سوين بيان ۽ داستان پڙهيا دانهون
ڪوُڪون ۽ زاري نيزاري ڪئي.
]1/7[
سدانت نت=
ٻئي هڪ معنيٰ وارا - ٻه ڀيرا خراب ٿا لڳن.
]2/7[
غم هم=
[ع] ٻئي لفظ هم معنيٰ. هم جي
بدران وهم چوي ها ته به خراب نه هو، جو اڪثر گڏ
ايندا آهن ۽ مٿي آندا به اٿس.
اشارو- هن غزل ۾ ذوالقافيتن جي صنعت ڪم آيل آهي. يعني ٻه قافيا
گڏ آندا اٿس جو البت مشڪل ڪم آهي.
***
(غزل 131)
(بحر - تقارب سالم - وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن)
اشارو=
هي غزل ناهي قصيدو آهي جيئن پوئين بيت ۾ شاعر پاڻ
ٿو چوي. انهيءَ ساڳئي غزل جي نتيجي تي گهڻن شاعرن
شعر لکيا هئا جنجا نالا هن ۾ اچن ٿا. يعني آخوند
محڪم الدين سيد فاضل شاهه، جن ٻنهي جي هو تعريف
ڪري ٿو ۽ انهنجو پاڻ ۾ ۽ خود پاڻ سان به مقابلو
ڪري ٿو ۽ ميرزا عباس خورشيد به غزل چيو هو جنهن تي
ٽوڪ ڪري ٿو. هنکان هيٺ ٻه ٻيا قصيدا به انهئ وزن،
بحر، رديف ۽ فاقيه تي آندا اٿس. انهن مان ظاهر آهي
ته هن غزل تي گهڻن شاعرن جي جنگه لڳي هئي. مونکي
ياد آهي ته مون به انهئ جي جواب ۾ هڪڙو غزل لکيو
هو جو اخبار ۾ ڏنو ويو آهي.
(1/2) مراعات=
شعر ۾ واسطي رکندڙ لفظ مضمون ۾ آڻڻ. انهي صنعت کي
مراعات نظير ٿا چون. منع=
[ع] صنعت، يعني شعر ۾ صنعت
سالم ۽ پوري آڻڻ ۽ واسطي رکندڙ لفظ مضبوط آڻڻ اهو
فاضلن ۽ قابل شاعرن جو ڪم آهي.
]1/5[
ملاحت= [ع] لذت، صلوڻائي. معرڪ=
[ع] لڙائي، مجلس. مڪرر=
[ع] وري وري. مدارات معنيٰ=
معنيٰ جي پوري طرح نڪرڻ جا اپاءُ آهن. (2/9) لوح= [ع] پٽي، تختي يعني قسمت ۽ نصيب
]2/9[ اهلبيت=
حضرت نبيءَ ﷺ جي گهر جا ڀاتي يعني سيد اشارو - سيد
فاضل شاهه ڏي (1/13) وسع [ع] وسعت، ڪشادگي، طاقت.
مقدور=
طاقت. پخته ڪار=
]ف[ استاد شاعر. (2/16) خام
=
]ف[ ڪچو. (2/18) اندر رخ=
منهن ۾. (1/19) فاذکرو الناس بالخير=
عربي پهاڪو - يعني ماڻهن جو ذڪر چڱائي سان ڪريو، ۽
نه گلا سان. مرسل=
[ع] رسول، خدا جو موڪليل. افضل
الانبيائي=
[ع] سڀني نبين کان ڀلارو.
(1/22) اعليٰ= [ع] وڏا، افضل. هن مان به شاعر جي شيعي هئڻ
جو گمان ٿو گذري. (1/26) عباس خورشيد= شاعر جو نالو ۽ تخلص.
***
(غزل 132)
]بحر
- تقارب سالم. وزن - فعولن فعولن فعولن فعولن[
(1/6) سادات جو سوُد سارهه=
هئڻ گهرجي سادات جي معنيٰ سيدن جي ساراهه ڪرڻ
مسلمانن جي لاءِ فائدو آهي. (2/8) ڪلان=
]ف[ وڏو. (1/10) مؤاخات=
[ع] ڀائپائي.
]2/11[
ڪبريائي=
وڏائي، بي پرواهي.
]1/15[ خورشيد
=
ميرزا خورشيد، جو فارسي شعر ۾ جواب ڏيندو هو سنڌي
نه ڄاڻندو هو. سندس طرفان مون انهئ ساڳئي بحر ۾
جواب ڏنو هو، جيئن مٿي چيو ويو آهي - ميرزا عباس
خورشيد لکنؤ جو ويٺل هو ۽ سنڌ ۾ صاحبلوڪن کي پارسي
به پڙهائيندو هو.
***
(غزل 133)
(بحر تقارب سالم. وزن فعولن فعولن فعولن فعولن)
(1/3) ظن اَحسن=
[ع] نيڪ گمان.
]1/4[
گردون
]ف[
آسمان، زمانو، دوُن=
]ف[ ڪمينو. دوُن نوازي=
ڪمين جي نوازش ڪرڻ.
]2/4[
اِفترائي=
[ع] ڪوڙو ٺاهيل. (1/7) هن بيت
۾ اشرافن جي وصف ڏنل آهي نه لچن لفنگن جي. ڌر=
خود، سڌو. درهجي ها ته بهتر هو يعني ڌڻيءَ جي دران
يا درگاهه مان. (1/10) عربي بيت - يا خدا تحقيق
پروردگار ۽ رحم وارو آهين (2/10) منهنجي هي خواهش
پوري ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ.
]2/11[ عربي بيت - جڏهن خراب آفتن يا مصيبتن ڪڙڪڻ ڪري منهنجو
حال اهڙو سخت آهي. (2/11) تڏهن منهنجي فرياد چڱي
طرح ٻڌ يا ڪن ويجهو ڪر.
***
(غزل 134)
)بحر
- رمل مسدس - وزن - فاعلاتن فاعلاتن فاعلات(
(2/1) معرفت مطلع=
[ع] جو معرفت جو چڱو واقف آهي
يا جنهنجي منهن مان معرقت پئي بَکي. منور ماهه=
[ع] چمڪندڙ چنڊ
]1/4[
اسم بامسمي=
[ع] نالو جنهنجي معنيٰ واري
لياقت انهي ماڻهوءَ ۾ هجي. اهو عربي اصطلاح آهي
تنهن ڪري اصل ۾ يا غلط آهي يا صحيح آهي. (1/5) فقه=
[ع] دين علم. (2/5) دسترس=
]ف[ طاقت، قابليت. راستِي=
]ف[
سچائي ڏاهه=
ٻانهو، غلام.
(اشارو - هي سارو غزل سيد فاضل شاهه جي تعريف ۾ لکيو اٿس.)
***
(غزل 135)
)حر.
هزج سالم. وزن - مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن(
(اشارو - هن غزل ۾ حضرت نبي ﷺ جي تعريف ڪيل آهي.)
(2/2) آري=
آسري، خواهش، شوق، لاڙو
]1/3[
ات - اَنت
]1/4[ راسخ=
هادي، سچا سنوان. (2/4) عجب اَحسن=
[ع] تمام چڱو. ٺَلي ٺاري=
برطرف ڪري، ڇڏي، وساري، ٺلڻ کي ٺلهڻ به چون. (1/5)
بارگه=
]ف[
بارگاهه، درگاهه (2/6) في الفور=
[ع] هڪدم، جلدي.
***
(غزل 136)
(بحر - رمل مخبون مثمن - وزن فاعلاتن فعلاتن، فعلاتن فعلات)
]1/2[
آبياري=
]ف[
ريجه ڏيڻ، پاڻي ڏيڻ. سندو=
آبياري مونث آهي. تنهنڪري هئڻ گهرجي سندي (1/4)
منصور= [ع] فتحمند. (1/5) پارسي مصراع - اکيون
اٽڪائيندڙ عاشق سڀڪنهن ڪنڊ ۾ پشيمان آهن - جڏهن
يار (پوءِ ٻي مصراع) (2/5) ڀرن ڀير ڪري=
ڀرن ۾ گهنجه يا گهنڊ ياور وجهي. (1/7) متقي=
[ع] تقوى يا پرهيزگاريءَ وارو.
مجرد=
ڇڙهو اڪيلو (2/7) زرسندو جمع بهم=
پيسو گڏ ڪرڻ. جيفه سفت=
[ع] ڍونڍ يا مردار وانگي.
والله
=
قسم خدا جو.
(اشارو - جيئن مٿي به ڪنهن هنڌ چيو ويو آهي ته سَير، خَير ۽
غَير قافيا ڪير، ڦير، وغيره سان قانون موجب اچي
نٿا سگهن ڇاڪاڻ جو اهو عيب آهي.
***
(غزل 137)
(بحر - رمل مخبون مثمن. وزن - فاعلاتن فعلاتن، فعلاتن، فعلات)
(2/1) عقبيٰ [ع] آخرت. (1/2) ديوث=
اصل ڀڙوو پوءِ بيشرم يا بيحيا - همه گون=
]ف[ هر طرح. مهندان=
اڳيان. ڀيت=
عادت. (1/4) ذلت=
[ع] خواري. چيره دلي،
=
]ف[ همت، بهادري. سيرت=
[ع] عادت، اخلاق. تل=
هڪڙو تر. ذرو. تاويل=
بيان، سمجهاڻي. آءٌ ڀانيان ٿو ته تاويل غلظ آهي.
صحيح لفظ تاخير آهي يعني دير يا سستي. (1/9)
پهريون مانُ=
عزت ۽ ٻيو مانُ=
من. (2/9) جڳ جڳ=
هر زماني ۾. (2/13) بهه=
]ف[ چڱو ڀلو. فزون ]ف[ زياده.
منصب باري= وڏو درجو.
]2/13[ نجس=
[ع]، ناپاڪ، پليت، نحس=
[ع] نڀاڳو. بدبخت. نڌڪ=
نڌڙڪ بي ڊپو. (2/15) خصم=
[ع] دشمن.
]1/16[
تاڪ= جيسين ڪ. مشايان= ]ف[ جوڳا، لائق. يعني جيسين سڀئي شرعي يا
مذهبي شرط پوري طرح بجا ٿين. (2/16) حافظ= [ع] بر زبان قرآن پڙهندڙ. قاري=
[ع] قرآن پڙهندڙ (1/17) عربي -
خدا جو شڪرانو ۽ اَحسان آهي ته هن وقت لنگهي وئي.
ناز (2/17) شعاري=
ناز يا فخر جي لائق. (1/18) عربي - اسان تنهنجن
نعمتن جي واهر ٿا وٺون ۽ بخشش لاءِ مدد ٿا گهرون.
(2/18) خدا ۾ دل جي مشغول رهڻ لاءِ گهنگار هئڻ
ضرور آهي. (2/19) تڪ ۾=
انتظار ۾. (1/20) سچ چيو اُنهيءَ جنهن اهڙو شعر
لکيو. (2/20) ڇاري= ڇار، خاڪ، ڪيري. (1/21) مست= شاعر جنهنجي احوال ۾ هي غزل لکيل آهي. موزون=
[ع] پورو وزن وارو. (2/21)
جلوه گذاري=
]ف[
هشياري يا قابليت.
(پورو ٿيو) |