...ٻي ڀر سورج ناهي!
اهڙي ڪهڙي سُرنگ آهي؟
جنهن جو ٻيو ڪو ڇيڙو ناهي!
اهڙي ڪهڙي ڌرتي آهي؟
جنهن جي ٻِي ڀر سورج ناهي!
اهڙيون ڪهڙيون اکڙيون آهن،
جن ۾ ڪوئي بادل ناهي!
اهڙي ڪهڙي جندڙي آهي؟
جنهن ۾ ڪائي سنڌڙي ناهي!
اهڙي ڪهڙي ڪَوِتا آهي؟
جنهن کي ڪائي معنا ناهي!
هڪ نظم آهي!
مِلڻ سندس
هڪ رسم آهي
۽ وڇڙڻ
هڪ زخم آهي!
۽ منهنجو پنهنجو ڇا هي؟
(پُورو) اڻ پُورو هڪ نظم آهي!
جيڻ چاهيان ٿو!
ٻِنِ مان هِڪِ ٿِيَڻِ چاهيان ٿو
پر اها ڳالهه چَئِي ڪونه سگهان
هاجيڻ آءٌ جِيَڻِ چاهيان ٿو
ٻِنِ مان هِڪِ ٿِيَڻِ چاهيان ٿو!
ڏات ۽ ڏانءُ ڏِيَڻِ چاهيان ٿو
پر اها ڀيٽَ ڏَئِي ڪونه سگهان
ٻِنِ مان هِڪ ٿيڻ چاهيان ٿو
پَر اِها ڳالهه چَئِي ڪونه سگهان!
تون چوين ٿو!
تون چوين ٿو:
’رتَ جو پياسو نه آهين‘
ڄڻ ته تون
اِنءَ چئي ٿورو اسان تي ٿو ڪرين!
پر ٿورڙو
واڇَ پنهنجي کي اُگهي ڇڏ!
سا پِرهه پَسون..!
سمهون؟
گڏ؟
ڌارَ !
ڌار سمهڻ کان ته سٺو آهي
ته گڏجي جاڳون
۽ چئن اکڙين سان
سا پِرهه پَسُون
جا آدجڳاد ڪنان
تنهنجي لاءِ
منهنجي لاءِ
پنهنجي لاءِ
ارهه اُهاءُ ڪري اچڻي آمي
سينڌ سندور ڀري اچڻي آهي
ڪرڻن جانُورا پائي نچڻي آهي!
هِيرَ به آهي
گُهلي گُهلي
دري به آهي کُلي کُلي،
هِيرَ به آهي گُهلي گُهلي!
ڀريل ساغر وانگر دل،
ڇاتيءَ ۾ پئي ڇُلي ڇُلي!
هڪڙي ڳالهه اسان ٻن جي،
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هُلي هُلي!
گُل ٿي ويندو چنڊ آخر،
ڀٽڪي ڀٽڪي رُلي رُلي!
ڀُليون نه چوندو تن کي ڪو،
ڀاڻ آيون جي ڀُلي ڀُلي!
ڳُوڙها تيئن وڃون ٿيندا،
ڳالهايون جنءَ کُلي کُلي!
رات ڪٽيسين!
ڏيئي جي آڌار وو يارَ
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪَٽِيسِين!
اوڻٽهينءَ جي گُهگُهه اونداهي، اُها به اَپرم پار
وويارَ
ڏيئي جي آڌار وويارَ
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪَٽِيسِين!
ڪچي ڌاڳي ساڻ ٻَڌل هئي، تارونءَ تي تلوار وويارَ
ڏيئي جي آڌار وويارَ
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪَٽِيسِين!
ڏيئي سان، مون سان گڏ جاڳي، تنهنجي سارَ سنڀارَ
وويارَ
ڏيئي جي آڌار وويارَ
هيڏي ساري
ڪيڏي ڀاري
ڪاري ڪاري رات ڪَٽِيسِين!
سُر ڪيڏارو
بيت
داستان پهريون
1
کُنهبا پائيندياس، آئي پَرڻي راتڙي،
ويهي سرتين وِچَ ۾، مُنهن مَرڪائيندياس،
رڻ ۾ رائيندياس، ڳاڙهي ڳڀرو گهوٽ کي!
2
هَڻِي هوڪاري هَڻي، هَڻِي هوڪاري،
پَرِ پُريءَ جي پِڙَ ۾، پاونگ ٿو پاري،
ماري يا کاري، ڌَڪُ اِنهي ڌاڌاڪَ جو!
3
اڃا وَهِي راند جي، مَسَ مُڇين جي ريهَه،
اِيندي سورهه سامُهان، ڇِڄي پيئڙن ڇيهه،
ڏَسَ ڏِينِ ٿا ڏيهَه، ڪوپي ان ڪنڌار جا!
4
بَر ۾ ببرشينهَن، اُلرن اُڀرن اِيئَن ٿا،
راتين جي پنجوڙ مان، جنءَ ٿا اُڀرن ڏينهَن،
وسندا رَت جا مِينهَن، ٿيندي ويڙهه وڏاندري!
5
پِڙ مٿي پاونگَ، تاري هئي ترار جا،
سِرَ لُڻي ٿي ايئن جنءَ، لُڻي هاري سنگَ،
ٿانوَ کڻي ڪنڀار جنءَ، مٿان چَڪَ اُچنگ،
ويريءَ کي واري اِئين، وِڄُ وجهي جنءَ ونگ،
ننگي توتي ننگَ، آهن مير حسين جا!
غزل
جو تون نه پڙهين شعر اُهو شعر لکان ڇو؟
جا سِينڌِ نه تنهنجي ٿئي سا سِٽَ سکان ڇو!
جا تون نه ٻُڌين آهَه اُها آهَه ڪيان ڇو؟
جو تون نه اُگهين لڙڪ اُهو لڙڪ رئان ڇو!
جا راهه نئين ناهه، سنئين آهه ته ڇا ٿيو،
جا راهه لتاڙيل هجي سا راهه رمان ڇو!
ڪو هَسُ نه ڪو هارُ نه دُهري نه ڳِرهاٽي،
ڳارو به ته ناهيان ته ڳچيءَ منجهه پوان ڇو!
دستور لکيل اڻ لکيل آهي ته اِهو ئي،
هُو سِيرَ وهائي ته لُڇان آءٌ ڪڇان ڇو!
توڙي جو کڻي مارئي ڪونه آهِيان آئون،
پَٽ آهه به پٽيهر ته سندءِ پَٽُ ڇُهان ڇو!
ايڏو ته وِيَل آءٌ به ڪو نه آهيان ”امداد“،
جي هُو نه سَڏي پاڻ ته هُن ڏانهن وڃان ڇو!
پرهه جي اوسيئڙي ۾!
پرهه پَسڻ جي اوسيئَڙي ۾،
لاَٽَ اُجاڳر آ ڏيئَڙي ۾.
چين کسي ويو، نند کڻي ويو،
لالڻ هڪڙي ئي ليئڙي ۾.
هلندي سوچيم: ’ڪهڙو آهي؟
سُٻنڌ پنڌ ۽ پانڌيئڙي ۾!‘
پاڻ پَسِي حيران ٿياسين،
جهاتي پاتي جنءَ جيئڙي ۾!
جيءُ جهريل کي جوڙي ويئڙو،
ڇا ته جَڙيل هو جوڳيئڙي ۾!
جيڏانهن وڃي، تيڏانهن وڃان،
ساهُه ٽِڪيل هو ساميئڙي ۾!
Roots
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ماڻهو ڪيڏا ڏُکَ ڏسي ٿو
جيڪو ماڻهو هوندو آهي
ڏُکُ اُنهي کي ملندو آهي
جيڪو ماڻهو هوندو ناهي
ڏُکُ اُنهي کي ملندو ناهي!
ڏُکُ ته ڏونگر کي ڏاري ٿو
ڏُکُ ته تار منجهان تاري ٿو
لوڙهي ڪونه ڪڏهن لهوارو
اوڀاري ڏي اوڀاري ٿو
ڏُکُ ته رُڪ کي ميڻ ڪري ٿو
ڏُکُ ميڻ کي رُڪ ڪري ٿو
ڏُکُ ته آهي دينِ خدا جي
ڏُکُ ته آ وردانُ ايشور جو
ڏُک ته آهي پارس ڪوئي
جنهن سان ماڻهو سونُ ٿئي ٿو
جيئڻ جيئڻ ڪاڻ جِئي ٿو
سَچُ چوي ٿو زهر پِئي ٿو
ايٿنز جو سقراط ٿئي ٿو
صليب لاءِ مسيح ٿئي ٿو
يزيد لاءِ حُسينُ ٿئي ٿو
سوريءَ لاءِ منصور ٿئي ٿو
سرمد ترار لاءِ ٿئي ٿو
دودو، دريا خان ٿئي ٿو
سنڌڙيءَ تان قربان ٿئي ٿو
ڇِني غلاميءَ جون زنجيرون
آزاديءَ اعلان ٿئي ٿو
گهاڻي لاءِ بلاول ٿئي ٿو
حيدر، شاهه عنايت ٿئي ٿو
’جوکيڙي سوکائي‘ چئي ٿو
حق سچ لاءِ ويڙهاند ڪري ٿو
۽ پِڙ تي پرزا ٿي پئي ٿو
سِر ۽ ڌڙ کي ڌار ڌري ٿو
ڄاڻِي ڄيري منجهه ڄَري ٿو
ڦاهي لاءِ پاڳارو ٿئي ٿو
”وطن/ڪفن“ جو نعرو ڏي ٿو
آزاديءَ اهڃاڻ اُهيئي
الله بخش، ڪنور، غزالا
بختاور ۽ مائي جِندو
سورهيه سڄڻ سيڻ به سيئي!
هوشو گوليءَ لاءِ ٿئي ٿو
هيمون ڦاهيءَ لاءِ ٿئي ٿو
مارٽن لوٿر ڪنگ ٿئي ٿو
تنهن مقصد جي ڪاڻ مري ٿو
جنهن مقصد جي ڪاڻ جِئي ٿو!
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
هر ماڻهو ڄڻ ڪو وڻ آهي
ڌرتيءَ جي پاتالن تائين
جنهن جي اُونهي پاڙ وڃي ٿي
جنهن جا ڏار آڪاس ڇُهن ٿا
جن تي ڦُلَ ۽ ڦَلَ ٿين ٿا
پرهه پکيئڙا لات لنون ٿا
دين ڌرم جا ڀيد ڀُلائي
ذات ۽ پات جا فرق مِٽائي
سڀني کي هڪجهڙو ڀانئي
پانڌيئڙن کي ڇانوَ ڏين ٿا!
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ڏک جي ڏات ملي ٿي جنهن کي
ڪڏهن نه مات ملي ٿي تنهن کي!
ڏک ئي رت هاڻن لفظن سان
اڇي پني تي لفظ لکي ٿو
ڏک سان ڪوي ڪوي بڻجي ٿو
نيتي نيات سڀيتا جيڪو
ماڻهوئڙن کي سيکاري ٿو
۽ ماڻهن کان پاڻ سِکي ٿو
’قالو بليٰ“ جو قول ڪري ٿو
ساري سَڀُ ڄمار اُهو ئي
وچن ويڙهيچن سان پاري ٿو
اُن جي گهري وشال من ۾
سِڪ جو اٿاهه ساگر ٿئي ٿو
ڏاتر جنهن کي ڏاتِ ڏئي ٿو
ورجل ٿئي ٿو، هو مَر ٿئي ٿو
وِرهه سنديون وايون ورلاپي
گَيڙو رتڙا بيت آلاپي
لالئون لال لطيف ٿئي ٿو
تنبوري جي تتد تپائي
جاڳي سارو جڳ جاڳائي
سچا سونا سُر سَرجي ٿو
ڏکڻ اُتر اولهه اوڀر
امرت رس جو بادل بڻجي
ٿربر تي سنڌو، ساگر تي
تِرِ نه هڪڙو پوءِ ترسي ٿو
بِرجي گرجي، گرجي ڀرجي
واڄن وڄڙين سان برسي ٿو!
سَرجڻهارڪ شڪتي اُن ۾
ڪا اڻڄاتل هستي اُن ۾
سچل جي سرمستي اُن ۾
۽ پوءِ ”ايجها ڪم ڪريجي
جنهن وچ الله آپ بڻيجي!“
جهڙيون اَمر سِٽون سرجي ٿو!
ڏک جي ڏات ملي جنهن کي سو
هيءَ سوغات ملي جنهن کي سو
سامي
۽ ٽئگور(2) ٿئي
ٿو
مجلس جو سو مور ٿئي ٿو
قاسم
مصري(2) شاهه ٿئي ٿو
سانگي(3)، قليچ(4) حامد(5)
۽ گل(6)
بيوس(7) ۽ دلگير(8) ٿئي ٿو
سُک سپني کي سَچُ ڪرڻ لءِ
رُت ۾ ريٽي رنگ ڀرڻ لءِ
مينديءَ رتڙا گيت رچي ٿو
وَر وَر وانگين ڪاڻ اچي ٿو
ڪَچ جي ڱڱريل اونداهين ۾
سورهيه سچ جو مَچُ مچي ٿو
ڪانئرتا جي ڪُوڙ ڪُپت ۾
سورهيائيءَ جي پَت سُپت ٿي
شيام(9) ۽ شيخ اياز ٿئي ٿو
ذوالفقار(10)، مخدوم(11)
ٿئي ٿو
تنوير(12)، استاد(13)، نياز(14)
ٿئي ٿو.
صدين جو سناٽو ٽوڙي
گونگن لءِ آواز ٿئي ٿو
هر ڏاڍي جي پيڙهه اُکوڙي
وقت جون لوهيون واڳون موڙي
ويرين ڪارڻ وَڍُ ٿئي ٿو
ڏوٿيڙن لءِ ڏَڍُ ٿئي ٿو
ڏک جا ڏُوڻا ڏاڻ ملڻ تي
ماڌو لال حُسين ٿئي ٿو
فريد، شڪر گنجِ ٿئي ٿو
پکين ۾ جنءَ هنجُ ٿئي ٿو
باهُو،
بُلها شاهه ٿئي
ٿو
نانڪ(2) ۽ خوشحال(3) ٿئي ٿو
منزل ڏانهن وڃي ٿي جا، سا
سِڌي سنواٽي راهه اهيئي
جيئڻ جو ويساهه به سيئي!
شيڪسپئر، رومي، حافظ،
عمر خيام، ڪبير ٿئي ٿو
ڪوي ڪاليداس ٿئي ٿو
ڪيڏي ڪاري رات هجي پر
ڪڏهين ڪِينَ نراس ٿئي ٿو!
قرةالعين(4)، اَمرتا(5)
تائين
۽ سيفو کان ميران(6) تائين
جوٺي ڄڳ سان ناتا ٽوڙي
سارا سَڱ سياڪا ٽوڙي
پريت ربت جو ڌاڳو جوڙي
جڳ ڪُلجڳ کي سپنو ڄاڻي
ڪنهن ڪوڙي جي ڪُوڙ ڪهاڻي
جيون مٿيا مايا ڄاڻي
مايا ۽ ڇَل ڇايا سمجهي
ميران ٻائي جوڳڻ بڻڄي
يڪتاري جي تند تپائي
هري نام، جا ڀڄن سُڻائي
مُلڪي حد بندين مان نڪري
سمئه جي سيمائن مان اُڪري
جُوٺي جڳ ۾ سچي ساڻيهه
سنڌڙي لاءِ سا سحر
ٿئي ٿي!
رُوٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ڏُکُ به آهي ڄڻ ڪو ڏيئو
جنهن ۾ رت جو تيل ٻري ٿو
سنڌ به آهي ڄڻ ڏک ڪوئي
ان ڏک ۾ آڄڻ سُک ڪوئي
سُک آ جوئي ڏک آ سوئي
ڏک آ جوئي سُک آ سوئي
ڀِٽ ڌڻيءَ آهي فرمايو:
”ڏُکَ سُکن جي سُونهَن سدائين
گهوريا سُک ڏُکن ري سائين!“
سُک جهڙي انِ ڏک ڪارڻ
ڏک جهڙي ان سُک ڪارڻ
چار ڏسائون تاڻيل آهي
لاک رتي مارُل جي لوئي!
توڙي لِيڙُون ليڙُون لوئي
پوءِ به اُن جو رنگ اُهو ئي
لال گلال اُهو ساڳيو ئي
ويتر اُجريو روئي ڌوئي
جنمن جو اتهاس اُنهي کي
پيرن هيٺان ڀُوري ڌرتي
سِر ڇٽ نيل آڪاس انهيءُ کي
صدين جي تاريخ انهي کي
پولارن ۾ چيخ انهي کي
اُن جي بند پنن کولڻ سان
آڱرين تي رت لڳي ٿو
مظلومن جون رڙيون دانهون
سرڪش گهوڙن جون هڻڪارون
سنبن جا آواز اچن ٿا
”گهوڙا گهوڙا“ هُلَ ٿين ٿا
ڪپيل ٿڻ کي چڳڙون ڏيندڙ
ابهم ٻارن جون ٻاڪارون
پني پني مان اُڀرن ٿيون
تاريخن جي هر صفحي تي
لفظ نه رت جا ڇنڊا آهن
سِٽُون ڄڻ سنگينون آهن
هر جملي ۾ ڄڻ جيل آهن
پئرائن ۾ گهاڻا آهن
فٽ نوٽن ۾ ٿاڻا آهن
تن ۾ ننگا اونڌا ٽنگيل
هِيرن جا ڪي رانجها آهن
ڪنهن مومل جا راڻا آهن!
باب هجن يا هجن حوالا
فتوائن جو وات کُليل آ
جلادن جو ڪات کليل آ
بي رحميءَ سان، بي درديءَ سان
انسانن جو ڪوس ٿيل آ
ڏانڊيءَ تي جو گُلَ جيان هو
سو سِر ڌڙ کان ڌار ٿيل آ
جوٽ مٿان جو ڪنڌ ڌريل هو
ڌوڙ ڌُڌُڙ ۾ پَٽَ پِيَل آ!
بغداد هجي يا واشنگٽن
لنڊن، پيرس يا برلن
لينن گراڊ هجي يا ٺٽو
کرڙي توڙي رُوپا ماڙي
ڌرتي رَتو رتُ ٿيل آ
شعلا شعلا نيل گگن آ
چچريل چهرو، تُنَ تُنَ تن آ!
ڀورا ڀورا ماڻهوءَ من آ
پوءِ به ڪهاڙي ساڳيو ڳن آ!
چوڌاري بارود هوائون
سُڏڪا سُڏڪا سَڀُ صدائون
دونهون دونهون چار ڏسائون
ساري ڌرتي رت ۾ وهنتَل
اُن جي رت هاڻي چهري کي
لڙڪن جا درياهه وهائي
مون هر جُڳَ ۾ ڌوتو آهي!
ها، مان جو سَرجڻهار آهيان
سمئه سمان اپرم پار آهيان
ماضي، حال ۽ مستقبل جي
سيمائن کان مُڪت آهيان
سنڌڙيءَ جو ڪلونت آهيان!
’ڪنگر ڪ لوٽي، پاڻيءَ ڦوٽي‘
’اِرچڪ مِرچڪ، ڌاڻا ڌِرچڪ‘
ٻول رچيا مون آهن سارا
سڀ رانديون مون ٺاهيون آهن
سڀ رانديون مون کيڏيون آهن!
ساگر منهنجا سنگتي آهن
نديون، نئيُون جيڏيون آهن
ٻيلا منهنجا ٻيلي آهن
صحرا ڄڻ ته سُٻيلي آهن
ڇَل ڇَل دريا، جَهرجَهر جَهرڻا
منهنجا آهن جيڏا سَرتا!
هونءَ ته هِن ڌرتيءَ سر تيءَ تي
منهنجو ديس و ديس نه ڪوئي
پوءِ به انت آتما تائين
آهيان سنڌڙيءَ جندڙيءَ جوئي
هونءَ ته ننگي فطرت وانگي
منهنجو آهي ويس نه ڪوئي
هر وستر کان اُتم ڀانيان
پوءِ به لاک رتاڻي لوئي
هر جُگ ان سنڌڙيءَ جندڙيءَ جي
سچي سُر ۾ مهما ڳايان
لُڙڪ- لفظ جي مالها پوئي
اُن جي ڪُونج ڳچيءَ ۾ پايان
سرڳ ڪنان سُندر سنڌڙيءَ تي
سانجهيءَ ٽاڻي تارو تارو
اکيون مهٽي جاڳي ٿي پيو
رات جڏهن ٿي پَکَ پکيڙيا
لِتل اڱڻ تي چنڊ چڙهيو ٿي
۽ ڏاڏيءَ ٿي کنئي ڪهاڻي
”جُڙيا رهو شل، وڏا پريا ٿيو!“
ڏَسڻي آڱر سڃي چنڊ ڏي
ٻاجهه سٻاجهه سين ٿي ٻوليائين
ٻارن کي ٿي هِنءَ آکيائين
”اوهو مانڊيءَ مَنڊُ ڏسو ٿا
نيري نَڀ تي چنڊ پَسو ٿا!“
ٻار سڀئي اوڏانهن ڏسن ٿا
”هائو“! هڪ آواز چون ٿا
”مانڊيءَ جو اُو مَنڊُ ڏسون ٿا
ڪچي پڪي مانيءَ جهڙو
نيري نَڀ تي چنڊ پَسون ٿا!“
اِئين چئي سڀ ٽهڪ ڏين ٿا
ڏاڏي مُرڪي ڳالهه اُميري
پائي جوڙي ٿي:
”ڪَچي پَڪي مانيَ جهڙو
نيري نَڀ تي چنڊ آهي جو
اُن جي سِجِل سُهائي مُک تي
اُو جو پاڇي جيئن پَسو ٿا
سو ڪو پاڇو ٻاڇو ناهي
سا هڪ جُهور پوڙڙهي آهي...“
”ڇا تو جهڙي؟“ ٻارَ پُڇن ٿا
ڏاڏيءَ جي مُک جي گهنجن مان
ٻاجهاري هڪ مُرڪ کِڙي ٿي
ڏور آکاڻيءَ جي پڪڙي ٿي:
”ها ته اُها ئي جُهورِ پوڙڙهي
پُوڻيَ جهڙن وارن واري
ڪُوڻيَ جهڙي هِردي واري
۽ برفاني ڪپڙن واري
چندن عاج جو چرخو چوري
چانديءَ جهڙي تند لساري
چانڊڪيءَ جو ويس اُڻي ٿي....!“
اُتاولا ٿي ٻارَ پُڇن ٿا:
”ڏاڏي! ڪنهن جي لاءِ اُڻي ٿي؟“
”ٻارن لاءِ!“ چوي ٿي ڏاڏي
”ڪارن ڪَڪن وارن واري
نِيرين ڪارين اکڙين واري
ساري دنيا جي ٻارن لءِ
ڀُورا، ڪڻڪاوان يا هيڊا
توڙي هُونِ ڀلي سي ڪارا
هُن کي آهن سارا پيارا.....!“
هوريان هوريان ٻار سمورا
ننڊ- هندوري منجهه لُڏن ٿا
خواب- پريَ جي آڱر پڪڙي
چانڊوڪيءَ جي چاري تان
چنڊ-نگر ڏي اُسهن ٿا!
پوءِ اوچتو هڻڪارن جا
رڙين دانهن ٻاڪارن جا
سنبن جا آواز اچن ٿا
”گهوڙا گهوڙا“ هُلَ ٿين ٿا
نيري نڀ مان چانڊوڪيَ
بدران ڀاري بَمَ وسن ٿا
تارا ٿي ڦلهار ڇڻن ٿا
هيرو شيما - ناگا ساڪي
هِن ڌرتيءَ تان ناس ٿين
وسندين ۾ راڪاسَ اچن ٿا
شهه رڳ تي اُو وَڄَ کُپائي
ڪوسو ريٽو رَتُ پين ٿا
هر مسجد ۽ مندر ۾
گُردواري هر گرجاگهر ۾
بُوٽن سوڌو گِهڙي پون ٿا
۽ سَت قراني نياڻيءَ جي
مائن آڏو لَڄَ لُٽن ٿا
اُرهه ڪپي ۽ چَڏا چيري
سيني ۾ سنگين هڻن ٿا!
پاپي پيٽرول ڇٽڪاري
پو اُن کي تيلي ڏيکاري
”سنڌالاجيون“ ساڙي ٻاري
ناچ نچن ٿا رَکَ اُڏاري
خواب - پريءَ جي آڱر ڪپجي
ٻارن جي هٿ ۾ رهجي ٿي
چنڊ گرهجي گُلُ ٿئي ٿو
پُورنماس اُماس ٿئي ٿي
سنڌ جند جي آئيندي جي
هر ڪا آس نراس ٿئي ٿي!
سنڌڙيَ تي هِن راتاهي ۾
ڌاريان پٺيان پٺيان آهن
پنهنجا اڳيان اڳيان آهن
سَتَ بَگهاڙيَ سان جنءَ ڪُتا!
اوءِ مورخ! او درٻاري!
جنهن کي تون تاريخ چوين ٿو
ڇو نه اِنهيءَ کي چيخ چوين ٿو
جيڪا اَڌُ نڙيءَ جي اندر
جيڪا اَڌُ نڙيءَ کان ٻاهر
رهجي وئي آ، ڇونه لکين ٿو!
رُوٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
جندڙي ڄڻ ڪو جنجير آهي
جنهن کان گاٺِ مُري تي آهي
يا ڪو ڳٽَ ڳچيءَ جو آهي
جيڪو شهه رڳ ويجهو آهي
پر اُن تائين پهتو ناهي!
رُوٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ماڻهو نيٺ به ماڻهو آهي
ڪَکُ پَن ٺِڪر ڀتر ناهي
ڪائي وَٿِ يا ٽولُ نه آهي
ماڻهوءَ جو ڪو مولُ نه آهي!
هِن جي ڇاتيءَ جي ڌرتيءَ مان
اونهاري يا سانوڻ سياري
ٻارهو وهندڙ دل - دريا مان
ڪوسو ريٽو رَتُ روان آ!
ريٽي رت جي ڦڙي ڦڙي ۾
ڳاڙها گُلَ گلاب ٽڙن ٿا
ڪنهن ٻالڪ جي ڦرموٽيءَ جنءَ
ڌرتيءَ جي هِن ڦرندڙ گولي تي
سونَ وَرن سَو سِڄَ کِڙن ٿا!
ريٽي رت جو رنگ اُهوئي
ڪاري ۾ گوري ۾ سوئي
آمريڪا ۾ آفريڪا ۾
لِنڪن ۽ لوممبا بڻجي
ذات پات جا فرق مِٽائي
اوچ نيچ جا ڀير ڀُلائي
گوليءَ سامهون سينو تاڻي
وڏي واڪ شهادت ماڻي
ماڻهوءَ مانُ مٿاهون ڪن ٿا
هٿن کي هٿيار بڻائي
اُوچو ڳاٽو جهنڊو ڪن ٿا
ڪاڻي اک لاءِ ڪنڊو ڪن ٿا!
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
جن ڪاري چمڙي جيڏي
تن جو مَن آ اُجرو ڪيڏو
جيجل جي ٿَڃ جهڙو اُجرو!
جن جي گوري چمڙي جيڏي
تن جو مَن آ ڪارو ڪيڏو
دانگيءَ ڪنان به ڪِٺ ۽ ڪارو
انڌي جي اکين کان انڌو
بلئڪ وارنٽ کان به بلئڪ
ڪارنهن جي ٽِڪي کان ڪارو!
رُوٽس ڏسان ٿو ۽ سوچان ٿو
کامان پچان ۽ پڄران ٿو
لنءَ لنءَ اندر مان لوچان ٿو
ڪهڙو قدر مشترڪ آهي
سنڌڙي جندڙيءَ جي سِنڌين ۾
۽ امريڪا جي شيندين ۾
جي شينهن جا ته شڪاري هئا
سي ته غلاميءَ جي پنجوڙن ۾
ڦاٿا هئا، ڏاڍو ڦٿڪيا هئا
جيئري ئي جي ساڙيا ويا هئا
تو مون جهڙا ماڻهو هئا پر
ڍورن وانگي واڙيا ويا هئا
تاڙ رکي جي تاڙيا ويا هئا
چِچريا چيريا ڦاڙيا ويا ها
ديس ڪنان ڀل دُور هُئا سي
محڪوم ۽ مجبُور هُئا سي
آزاديءَ لاءِ پو به وڙهيا هئا
رَتُ ڏئي هو پَتِ پڙيا هئا!
رُوٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
هِيءُ غلاميءَ کان آزاديءَ
تائين جيڪو رستو آهي
سو ڪو ايڏو سستو ناهي
اُن رستي جي وِک وِک ويري
قدم قدم بارودي سُرنگون!
اُن ۾ جيڪي موڙ اچن ٿا
سي ڄڻ ڌاڙيوال هجن ٿا
يا ڄڻ دهشتگرد هجن ٿا
شهه رڳ تي اُو وَڄَ کُپائي
ڪوسو ريٽو رَتُ پين ٿا
ٻئي کي ماري پاڻ جين ٿا!
اُن رستي جي ٻن پاسن تي
جيڪي ننگا وَڻَ هجن ٿا
سي ته رڳو تابوت ٿين ٿا
يا پيرن لءِ ڪاٺ ٿين ٿا
عيسيٰ لاءِ صليب ٿين ٿا
چِکيا لاءِ ڪاٺيون بڻجن ٿا!
پوءِ به پوءِ به پوءِ به پوءِ به
آزاديءَ جي پِرهه پَسڻ لءِ
ٻن اکڙين جي آس وڌي ٿي
کِيرن گُوهن کي پيئَڻ لءِ
ڦُٽل چپن جي پياس وڌي ٿي
سورج جي ڪنوارن ڪرڻن لءِ
تاسيل تن جي تاسَ وڌي ٿي!
|