اسين!
اسين ته آهِيُون هڪ ماءُ جا ٻه جاڙا ٻارَ!
اسان جُون هَٿَ لڪيروُن به ساڳيُون آهن
اسين ته ديس جي مُکَ تي اکين سکين وانگي
سُمهن ته ننڊ ۾ سپني سان واڳِيُون آهن
پِرين پَسن ٿِيُون جڏهين به جاڳِيُون آهن
اسين ته آهِيون هڪ ماءُ جا ٻه جاڙا ٻارَ!
دليون به ساڳئي انداز ۾ پَيُون ڌڙڪن
اسان جي نبض جي ڌڪ ڌڪ، اسان جو ساهه به هِڪ
اسان جو ساڳِيو سامي، سچل ۽ شاهه به هڪ
اسين ته آهِيُون هڪ ماءُ جا ٻه جاڙا ٻارَ!
اسان جي ديهه ڀلي ٻِي پر آتما ساڳي
اسان جا ٻُڪَ به ساڳيا، منجهن دُعا ساڳي
اسان جا شبد ۽ سُرساڳِيا ڪَٿا ساڳي
اسين ته آهيون هڪ ماءُ جا ٻه جاڙا ٻارَ!
اسان کي جند کان پياري اسان جي آٻولي
مِٺي امڙ ڏني ”امداد“ جنهن ۾ آلولي
اسين ته آهيون هڪ ماءُ جا ٻه جاڙا ٻارَ!
گهر جو خير گهرو!
انڌي جي هٿ ۾ لٺ آهي، شيشي جي گهر جو خير گهرو،
ڇِتين ڀِتين جو پَٽَ پڌرجو، درين جو دَر جو خير
گهرو!
ڪانئر جي اک ۾ جَرڪونهي ڪو، سنڌو جي جَر جو خير
گهرو
ٻنين، ونين جو، ڍور ڍڳن جو، هاريءَ جو هَر جو خير
گهرو!
ارغونن، ترخانن، مغلن کان، دور ڏکيو هي آيو آ،
اولهه اوڀر جو خير گهرو، ڏکڻ اُتر جو خير گهرو!
اَڇ جو، ڇَڇ جو، رَڇ جو، مَڇ جو، ٻيڙين جو ٻيڙياتن
جو،
ٻيٽن جو، ڪيٽن، ريٽن جو، سنڌو ساگُر جو خير گهرو!
نانوَ چُمڻ جهڙا جي هوندا، سي سڀ ٿُڪ سان ڊاٺا
ويندا،
لکندڙ، پڙهندڙ، ڇاپيندڙ جو، ڪِلڪ ۽ ڪاڳَر جو خير
گهرو!
نانگا نانگن کان زهريلا، ٿَڃ ڌائي هِي ٿڻُ ڪکيندا،
ماءُ مُٺيءَ جو خير گهرو تازي ڄاول ڦَرجو خير
گهرو!
دل جنءَ شيشا ٽوڙيا ويندا، ميءِ نالين ۾ هاري
ويندي،
مئخوارن جو ميخانن جو، ساقيءَ، ساغَر جو خير گهرو!
ڍنڍن، ڍورن، جهنگن، جبلن، شهرن، ڳوٺن، کيٽن، پوٺن،
ڪوهستان ۽ ڪچي ڪاڇي جو ٿَرجو بَرجو خير گهرو!
لُڪَ لڳي، بندوق ڇُٽي ۽ ڳرين مشينن پاهڻَ پِيٺا،
ٿر ٻاٻيهن، هرڻن، مورن جو ڪارُونجهَر جو خير گهرو!
بَم گولي جو دينُ ڌرم ڇا، بارُوت ڇڏي ٿو سڀ ساڙي،
گوردواري، گرجا گهرجو، مسجد مندر جو خير گهُرو!
سِنڌ- جِند
منهنجي سِنڌ جند تون ئي- منهنجي جِند سِنڌ تون ئي!
چئي جا لطيف مُک سين، اُها شاعري به تون ئي
جِيُون جا پيا جَڳت ۾، اُها زندگي به تون ئي
منهنجي سِنڌ جِند تون ئي- منهنجي جِند سِنڌ تون
ئي!
منهنجي سِڪَ پريت مَحبت، منهنجي عاشقي به تون ئي،
منهنجي جوڙ جيس جيڏي، سَرَتي سَکي به تون ئي
منهنجي سِنڌ جِند تون ئي، منهنجي جِند سِنڌ تون
ئي!
سُوَڙائتي سڳوري، غني ۽ سخي به تون ئي
جنين جو ڌڻي نه سائين، تنين ڌُر ڌڻي به تون ئي
منهنجي سِنڌ جِند تون، منهنجي جِند سِنڌ تون ئي!
منهنجو ٿر ملير مارُو، منهنجي مارُئي به تون ئي
سکر ۽ بکر ڪراچي، مٺي
اي مِٺي به تون ئي
منهنجي سِنڌ جِند تون ئي- منهنجي جِند سِنڌ تون
ئي.
دنيا آهي....!
دنيا آهي، اُن دنيا ۾،
ماڻهن ساڻ ته مِلڻو پئي ٿو!
۽ هرو ڀرو جي ڳالهين تي،
لُڙڪ لِڪائي کِلڻو پئي ٿو!
اِن تي به مَٺيان ٿا جي ڀانيو،
مِلڻ کِلڻ به ڇڏي ڏينداسين!
جڳ کي اَمرت آڇڻ ڪارڻ،
قاتل زهر به پِيَڻو پئي ٿو!
جيسين ساهه سِسِيءَ ۾ آهي،
تيسين تاءِ ته جِيَڻو پئي ٿو!
اِن تي به مَٺيان ٿا جي ڀانيو،
پيڻ جيڻ به ڇڏي ڏينداسين!
سنگت وانگي ڪچا پڪا،
رستا تن تي هَلڻو پئي ٿو!
ڇِتين ڀِتين سان، وڻن ٽڻن سان،
سور ته آخر سَلڻو پئي ٿو!
اِن تي به مَٺيان ٿا جي ڀانيو،
هلڻ سَلڻ به ڇڏي ڏينداسين!
دل جو به سهي ٿي، ڀوڳي ٿي،
سو ته پني تي لِکڻو پئي ٿو!
لُڙڪن کي لفظن ۾ آڻڻ،
سانول سائين سِکڻو پئي ٿو!
اِن تي به مٺيان ٿا جي ڀانيو،
لِکَڻ سِکڻ به ڇڏي ڏينداسين!
اي وطن!
ڄِڀَ ماڻهن جي ڪَپيل ڪاڪڙي کان آهه متان
سَڀُ چُپ چاپ ائين، ڄڻ ته هجن ڀِت ڪائي
سا به چاپوڙا لٿل، سا به ڪلر جي کاڌل
پوءِ اُو ٻار هجي، مُڙس هجي، يا مائي
مُکُ ليمائي سندن، کين هجي ڄڻ سائي
ڄِڻ ته سڀني جي ڪنن ۾ هجي پلٽيل سِيهو
سَڏَ تي جِيءُ ته جِي، ٻوڏ نه ڪو ڦوٽ چون
نيڻ چهرن تي چِدن جيئن بنا چُرپُر جي
نه ڪو سپنا نه ڪو آئينا اُنهن لاءِ ٺهيا
نه ڪو منظر نه ڪوئي عڪس انهن لاءِ جُڙيو
نيڻ چهري تي چِدن جيئن کڻيو هي ماڻهو
ڪنءَ نه پيا ڏينهن ڏِٺي جو به هٿوراڙيون ڏِينِ!
اي وطن! تون ئي ٻُڌائي ته ڀلا ڇا ته ڪريان؟
جتي ٻوڙا ٿا رهن آءٌ صدا ڇا ته ڪريان!
جتي ڪردار ڪشي ٿي وئي آهي ڪردار
اُتي ڪردار ڀلا آءٌ ادا ڇا ته ڪريان؟
ڇا ڪريان ڇا ته ڪريان ڇا ته ڪريان؟
منهنجا دلدار وطن اي منهنجا منٺار وطن!
جو به ڪجهه آءٌ ڪريان توکان سوا ڇا ته ڪريان؟
ڇونه ڪا لات لنوان، پرهه کي ويجهو آڻيان
بيت يا گيت رچيان رات چئي ٿي مون کي
جو سڀاڻي ٿي وڃي تنهنجي هٿن جي ميندي
ڪو ترائيل ٿئي تنهنجي نرڙ جي ريکا
ڇو نه ٽيڙو ئي کڻي ٽانڪيان وارن ۾ سندءِ
ڏات سوغات ڏيان، ڏانءُ کڻي ڀيٽ ڪريان
جو سندءِ پيرپشم پير جي جهانجهر ٿي وڃي
ڪو غزل ڇو نه چوان تنهنجي ڪنول نيڻن ل ءِ
سِٽَ اهڙي لکان تولاءِ جا ساگر ٿي وڃي
منهنجا آڌار وطن، اي منهنجا مَنهدار وطن!
يارَ تو لاءِ لکان ليکَ ته ڪهڙا ليکا!؟
ڇو نه هڪ نظم لکان آءٌ سڀاڻي جي لاءِ؟
سِڄ ورڻ تنهنجي مٿي جو اُهو جهُومر ٿي وڃي!
18 مارچ 2000
اُماوس!
هڪ اُماوس ۽ مٿان جُهڙ به جُهڙن جهڙو جُهڙ
رات ڪيڏي نه ڊگهي، ڪِٺِ ۽ ڪاري هُئِي دوست
چنڊ، تارو، نه ڪو ڏيئو ۽ نه ڪو ٽانڊاڻو
رات مس ڪُپڙي جيان اَونٿري ڪنهن ٻار پني تي کڻي
هاري هُئِي دوست
مون مگر آخري سگريٽ دُکائڻ ڪارڻ
ٻاٽ ۾ آخري تيلي به ته ٻاري هُئِي دوست
اُن سمئه ايءَ سچائي ٿي اجاڳر مون تي
جِند پياري هُئِي پر سنڌ به پياري هئي دوست
۽ تڏهن پِرهه پکيئڙن جي مِٺي لات ٻُڌم
ٻانگ مسجد ۾ ملي، سنک وڳا مندر ۾
ٻارَ سنڀرڻ لڳا اسڪول جي لاءِ گهر گهر ۾
پهرِيان هورِيان ۽ پوءِ چِٽا ٿيا آواز
ري پُڇئي پوءِ گهٽيءَ ۾ ويون گهُلنديون هِيرُون
۽ چِٽيون ٿي ويون در جون ۽ درن جون سِيرُون!
تون ڇا ڄاڻين
شعر به ڳوڙهن جيئَن ڳڙن ٿا ڪاڳر تي، تون ڇا ڄاڻين،
تيز ڌار سان ليڪو پئي ٿو پٿر تي، تون ڇا ڄاڻين!
ٻُڪ ۾ سِنڌو جي پاڻيءَ سان، جنهن به اُجهائي اُڃَ
ميان،
اَکِ نه ٻُڏي ٿي اُن جي مئي جي ساغر تي، تون ڇا
ڄاڻين!
تون ته ٺِڪر جي ڏيئي سان گڏ، جاڳيو ۽ نه جليو
آهين،
لاک لڳي وئي، باک بکي وئي، اوڀر تي، تون ڇا ڄاڻين!
ڪَوِتا به اِئين ئي وسندي آهي، ٿَربَر تي، تون
ڄاڻين،
ساڳي ماڪ گلاب ته ساڳي ٿو هَر تي، تون ڇا ڄاڻين!
ڀرجي گرجي بادل آيو، بادل جيڪو وسڻو هو،
مارُل مُرڪيو، کِنوڻ کنوايو، اُتَر تي، تون ڇا
ڄاڻين!
رنگ ۽ خوشبو ورکائيندو، هيرَ هِندورو ٿي جُهوليو،
گلاب جيڪو لڙڪيل آهي، ڪالَر تي، تون ڇا ڄاڻين!
(ق)
او وڻجاري! او وڻجاري! مان جو کاري کيڙائُو،
منهنجا ٻيڙا اَڻهئي آهن، ساگر تي، تون ڇا ڄاڻين!
او وڻجارا! او وڻجارا! تون جو کاري کيڙائُو،
روز ڏِيو مون ٻاريو تاريو، ساگر تي، تون ڇا ڄاڻين!
(1999-4-5)
پارٽِي!
ڇٻر تي گلم غاليچا وڇايل
انهن تي ڪُرسِيُون صوفا سجايل
مِڙئي مانائتا مهمانَ آيل
وڏا ودوان ۽ علاّمه، گياني
اڪابر علم جا، سقراط ثاني
جديد انداز جا باني مُباني
سڀن کان پوءِ مُک مهمان آيو
اُٿي سڀني اُنهي سان هٿ ملايو
گهڻن مِنٿون ڪري ڦوٽو ڪڍايو
سڀئي اُن جي اڳيان پويان ڦِريا پئي
ٿِڙيا ٿي ٿاٻڙيا ٿي ڪي ڪِريا پئي
هِريل هئا ڪيترا ۽ ڪي ڪِريا پئي
جڏهن سگرٽ چپن سان اُن لڳايو
ته ڪنهن ٿي لائٽر جلدي جلايو
ته ڪنهن ٿي اِش ٽري اڳتي وڌايو
اُتي هڪڙو ڪهاڻيڪار ڦاٿل
ٺلهو ڪُرسيءَ کي ڄڻ سيڙائي ويٺل
مهاپُرشن ۽ سياڻن منجهه پاڳل
اڃا تقرير ٿيندي - پوءِ ماني
انهيءَ کان پوءِ ٿيندو راڳ جاني
انهيءَ کان پوءِ مڃبي مهرباني
ڀلا تقرير جي ٿيندي ته ڪهڙي
اُهائي هُو بهُو پر سال جهڙي
وري ڦهڪاءِ هڻندو مُنهن تي اهڙي
هي موضوع ورجايل لتاڙيل
اهيئي لفظ ٿوڪاريل چٻاڙيل
گٺل پيٺل، ڇڻيل ۽ ڪنڌلاڙيل
هي جي ظاهري چهرا لڳن ٿا
ڪهاڻيڪار کي پنا لڳن ٿا
ڪفن جهڙا صفا ڪورا لڳن ٿا
ڪڙاڻ آئي ڦُٽل ڦاٽل چپن تي
ڪهاڻي هُو اَوس لکندو انهن تي
ڪفن جهڙن صفا ڪورن پنن تي!
مَتان!
ڇا لکون؟ ڇا نه لکون؟ سو به سُڻائي ڇڏيو،
متان صادر نه ڪريو، ڪابه سڀاڻي فتوا!
پوءِ هِي هَٿَ ڪرائيءَ کان ڪپائي ڇڏيو،
ڇا لکون؟ ڇا نه لکون؟ سو به سُڻائي ڇڏيو!
نه چئون ڪجهه به متان چَپَ سُبائي ڇڏيو،
پنهنجي مطلب جي ڪڍي پوءِ متان ڪا معنا!
ڇا لکون؟ ڇانه لکون؟ سو به سُڻائي ڇڏيو،
متان صادر نه ڪريو ڪابه سُڀاڻي فتوا!
جيو ٿا ائين جي
جِيو ٿا اِئين جي جِيو ساٿِيو،
مرڻ پوءِ ڇاهي اِهو ڏَس ڏِيو!
اسان راهه جو خضر جنهن کي ڪِيو،
اُنهي ئي اسان کي نِهوڙي نِيو!
جڏهن پاڻ وڇڙيا هئاسين پرين،
اُنهي ڏينهُن هو مِينهُن ڪيڏو پيو!
پِني تي لکيو رات هو جنهن غزل،
اُهو مان هُئس يا هُئو ڪو ٻيو؟
سدائين سَٺو گهاءُ سيني مٿان،
اسان کان ته بس ايترو ئي ٿيو!
وري آهه سُس پُس هو ائين ڪئي،
ڪٿي آهه شايد ٻريو ڪو ڏِيو!
ائين شعر ”امداد“ وسري وِيو،
لڪي جنءَ وڃي هوءَ پائي ليو!
سيڻ مَٽائي
سيڻَ مَٽائي ڇيڻَ تي، سُکَ کسي، ڏک ڏيئي،
سِيرَ وَهائي، چوءِ ٿو: ’هُن کان ڀُل ٿي ويئي‘!
جنءَ آءٌ ۽ تون!
زندگيءَ جي ڪنهن به حصّي ۾ ڪٿي
تون به آهين مان به آهيان
ڪنهن مُرڪ ۾
ڪنهن لڙڪ ۾
ڪنهن ٽهڪ ۾
ڪنهن چهڪ ۾
ڪنهن گيت ۾
ڪنهن نظم ۾
نظم جي ڪنهن لفظ ۾
لفظ جي معنيٰ ۾
جا معنيٰ
تلّفظ سان ٻَکيل آهي اِئين
جنءَ آءٌ ۽ تون!
سبب ڪو هوندو
منهنجي نالي نه کڻڻ جو به سبب ڪو هوندو،
’هو‘، ’سندس‘، پاڻ لکڻ جو به سبب ڪو هوندو!
ننڊ مان جاڳندي آرس ڀڳو هوندءِ کُڏ تي،
نَڀَ تي باک بَکڻ جو به سبب ڪو هوندو!
ڪاڄ ۾ تون به هُيين، مان به هئس، بُلُ به هو،
پوءِ مون سان نه ملڻ جو به سبب ڪو هوندو!
ڳالهه جيڪا پئي هان منجهه چُڀي ڇيت جيان،
سا چپن سان نه چوڻ جو به سبب ڪو هوندو!
چنڊ تون چور، نه عاشق، نه ڪو شاعر آهين،
هِنءَ سڄي رات رُلڻ جو به سبب ڪو هوندو!
ڊگهو شاور وٺي تون وار ڇنڊيندي هُونديئين،
اوچتو هير گهلڻ جو به سبب ڪو هوندو!
اَکِ ۾ ڪَکُ، نه بارش، نه ڪو دونهون آهي،
پوءِ اي ميت رئڻ جو به سبب ڪو هوندو!
اڙي ”امداد“، اڙي رولَ سُڻائي ته سهي،
پاڻ ئي پاڻ کِلڻ جو به سبب ڪو هوندو!
پوءِ اوچتو..!
ڌرتيءَ جي آخري تِھ تائين
جنهن جي پاڙَ وڃي ٿي سائين
اُن تي مهربان هر موسم
اُن تي سورج ڪِرڻا گهوري!
اُن تي ڪيڏو ٻُور لڳي
ڪيڏا ڦُل ۽ ڦَلُ جهلي ٿو؟
اُن جي گهاٽي ٿڌڙي ڇان ۾
ڍور، مسافر وسرامن ٿا!
سدا چُهچُ ساون ڏارن تي
پِرهه پکيئڙا لات لنون ٿا
پريمي ڳاڙهي رِبن ٻَڌن ٿا
واءُ لڳڻ تي پَنَ وڃن ٿا!
پوءِ -------- اوچتو
فائر جا آواز ٿين ٿا
ڏارَ ٽُٽن ٿا، پَنَ ڇڻن ٿا
پکي ڀڄن ٿا-پکي ڪِرن ٿا!
سوچڻ به منع آهي
هر اَويءَ لاءِ سَويءَ لاءِ لکي سگهجي ٿو
ڳالهه هِن هُن جي ڪري سگهجي ٿي
نانءُ جنهن تنهن جو ڳِنهي سگهجي ٿو
توکي سوچي به نه ٿو سگهجي ڇا؟
اڃا!
اڃا شهيدن جي خونِ ناحق جي حق حساب ۽ ڪتاب
جي لاءِ ڪوبه پِڙ ۾ لٿو نه آهي
اڃا ڀڀر سان ڀڀر نه آهي
اڃا مٿي تي مٿو نه آهي!
اڃا اَ ڳاتو نه ڳيت ڳاتو
اڃا ته هن راهه ۾ اسان جو ڪوئي شريڪِ سفر نه آهي!
اڃا ته ڪو ماڳ ئي چِتايل نه آهه چِت ۾
وصال ناهي وصال جي آرزو به ناهي
۽ هجر جي رات
ڪنهن مِٺيءَ اڻڏٺيءَ جي ڀنڀن جيان لڳي ٿي ڊگهي ۽
ڪاري
اڃا سندس مُکُ بي حجابيءَ سان عشق جي روبرو نه آهي
هُلي ڀلي پو به سِڄَ اُڀرڻ جي ڪا خبر معتبر نه
سمجهو
اڃا سحر کي سحر نه سمجهو!
پيرَ ۾ پدم آهيس!
ڇا ته رِد مِڪ قدم قدم آهيس
پَڪَ سان پير ۾ پَدم آهيس
زرد هٿ ۾ جهليل قلم آهيس
قلم آهيس يا عَلم آهيس!
راهه جا راهه آهه جيون جي
هُن جي زلفن جو پيچ خَم آهيس
نه ٿي وسري نڪا وساري ٿي
بس اسان تي مِڙئي ڪرم آهيس
وَرُ مومل
جـي ماءُ
آشا چاند(2)
سُندري(3) ماءُ، پيءُ اُتَم(4)
آهيس
ٽهڪ هِنءَ جو ٻِٽا ٻٽا ڏي ٿو
ڪونه ڪو، ڪو نه ڪو ته غم آهيس!
ها اُهو رول، ها اُهو ”امداد“
مُکَ تي مُرڪ، چشم نَم آهيس!
خُونَ جيڪي ٿِئا..!
سَچَ جي راهه ۾، ديسَ جي چاههَ ۾،
جي به ماريا وِئا، سي وساريا وِئا!
خُونَ جيڪي ٿِئا، ڪٿ کٿوري ٿِئا،
سَڀُ ٻوڙيا وِئا، ڪِينَ تاريا ويا!
روح رباب ڪونه هو
قربُ قلوب ڪونه هو، روح رباب ڪونه هو،
اَکَ ته مُکَ تي هئس، اَکِ ۾ آب ڪو نه هو!
سمنڊ به ديوُ پي وِيو، ڏوڪي ندي هليو وِيو،
ننڊ مان جاڳ ٿي جَڏهن، پنهنجو ڪو خواب ڪونه هو!
جو به کَسي وِيا کڻي، سو ته پِڻهن جو مال هو،
ڪو به حساب ڪونه هو، ڪو به ڪتاب ڪونه هو!
هيل بسنت رُتِ ۾، يارَ پروڪي سال جنءَ،
خارَ ئي خار هئا رڳو، ڪوبه گلاب ڪونه هو!
آءٌ اُهو ڪتاب هوس، جيڪو الاءِ ڪنهن لکيو؟
پَرَ اُنهي ۾ پهريون، آخري باب ڪونه هو!
هاڻ پيڻ جيڻ ڪٿي، دوست به ساڳيا ڪٿي،
هَٿَ ۾ جام هوس پر، اُن ۾ شراب ڪونه هو!
شخص چوانس ڪنءَ چوانس؟ ڪاٺ جي ميز هو اُهو،
اهڙو ڪو خانو ڪونه هوس، جيڪو خراب ڪونه هو!
زندگي ٻي به طرح
زندگي ٻِي به طرح ٿِي ٿي سگهي،
جِنءَ جِيڻ ٿو ٿئي تنءَ جِي ٿي سگهي!
سدا جيوين تون!
جِيوين جِيوين تُون، سدا جِيوين تُون-
سدا جِيوين تُون!
اُوچو تنهنجو اُڀُ سڀن کان، ڀَلِي تَنهنجي ڀُون.
سدا جِيوين تُون!
توسان جُڳ جُڳاندر ڀاسن، ڏِينهَن مڙوئي ڏُون.
سدا جِيوين تُون!
سنڌڙي جندڙي، جندڙي سنڌڙي، ڇا جي تُون ۽ مُون.
سدا جيوين تُون!
جِيوين جِيوين تُون، سدا جِيوين تُون،
سدا جِيوين تُون!
سِجَ جو لولو!
رُکي سُکي کائي
سمهي رهو هاڻي
سُڀاڻ ڏسنداسين
ته سِڄَ جو لولو
لِيارَ لامن تي
ٽنگيو پِيو هوندو!
زندگي!
(1981. 7. 22 جي وِهامندڙ رات جو لکيل ڪجهه سِٽون)
(1)
اڌ دُکيل سگريٽ آهي زندگي
ٿورڙو آ دُونهن ٿوري روشني
آءٌ توسان ئي گذارڻ ٿو گهران
(پاڻ ۾ توکي ۽ تو ۾ پاڻ کي
شاعريءَ وانگي وسارڻ ٿو گهران
تو سوا سڀڪجهه وسارڻ ٿو گهران)
زندگي
هيءَ چند سُوٽن جيتري!
(2)
تنهنجي اکڙين وانگيان
زندگي آهي غزل
سازکڻ آلاپ ڪر
ڇڏ اُڊوڙي ماٺ جو سئيٽر مڙهيل!
(3)
ڪالهه رات
ننڊ مان ڇرڪي پِيس
۽ وٺي ٻاهر ڀڳس
۽ ٻَهر
گهرجون ديوارُون هيون بنياد تي بيٺل
اڱڻ تي
آسمان موجود هو
چنڊ ۽ تارن سميت
اُن سمهءِ
اِنءَ لڳو پنهنجو وجود
ڄڻ حق سدا موجود هو!
|