بدلجي وئي آهي
تاريخ!
واچ منهنجيءَ ۾ بدلجي وئي آهي تاريخ
سوچيان ٿو ته اُها ڪالهه جا گذري به وئي
ڪيترا ڏنجَهه ڏئي، ڏنگَ هڻي، ڏنڀَ ڏئي
ڇا اُنهي ڪالهه سان ڪوئي منهنجو ناتو آهي؟
واچ منهنجي ۾ بدلجي وئي آهي تاريخ
ٻاڙ سگرٽ جي لڳي آهه، هٿو راڙيون ڏئي
آءٌ ماچيس کڻان ٿو، کڻي ڇڻڪايان ٿو
منهنجي کيسي جيان ماچيس به خالي آهي
پاڻ تي جَکَ اچن ٿا، کڻي اُڇلايان ٿو
واچ منهنجي ۾ بدلجي وئي آهي تاريخ
نِسَتو آءٌ پيو واچ جي ٽِڪ ٽِڪ کي ٻُڌان
چاهِيان جي ته ڳڻي ٿو سگهان دل جي ڌڪ. ڌڪ
پنهنجي چاهڻ سان نه چاهڻ سان ڀلا ڇا حاصل
مون ته چاهيو هو گهڻو، پوءِ به روڪي نه سگهيس
گذرندڙ ڪالهه جي چوٽيءَ ۾ ڦٻائي چنبو
پوئِتان وِگِ ڇڏي، پاڻ ڇڏائي ويئي!
واچ منهنجيءَ ۾ بدلجي وئي آهي تاريخ
TABLE TALK
وري جڏهن ملنداسين
لڙڪ لڪائي کلنداسين
چانهه چانهه تي پيئنداسين
سگريٽ پيا ڦوڪينداسين
سُورَ ادب جا رُونداسين
ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهنداسين
ٽيبل تي مُڪون هڻنداسين
ويٽر تي ڇوهه ڇنڊينداسين
پاڪن مان ناپاڪن مان
نانءُ کڻي جي ڳنهنداسين
پادر ڏاڍا کَينداسين
جانا پوءِ ڀرينداسين
مَسَ تڏهن ڇُٽنداسين
ليک کڻي جي لِکنداسين
شعر کڻي جي چُونداسين
ڏاڍا بُڇڙا ٿينداسين
لوڪان لِڪندا وتنداسين
سَچُ کڻي آکينداسين
ڪاٺ ۾ پئجي وينداسين
باس سان ته پُڄي اينداسين
چمچن مان اڙجي وينداسين!
وري جڏهن ملنداسين
ساڳي ئي بڪواس ڪنداسين!
پوءِ ڏسنداسين!
ڪجهه به ٿيندو ته پوءِ ڏسنداسين
هيءَ بهار آهه، هيءَ خزان ناهي
مان وڇوڙي جو گيت ڇو ڳايان
فصل وِصل آهه، يار وڇڙڻ جو
وقت ايندو ته پوءِ ڏسنداسين
هيتري ٿي وڃڻ کان پوءِ، به، ’پوءِ‘؟!
’پوءِ‘ جيڪا ڪڏهن اچي به نه ٿي
وصل دراصل وصل ئي آهي؟
يا رڳو لفظ آهه ڪاڳر تي!
صرف لفظي بهار آهي، يا
واقعي ڪو قرار آهي، يا
بس مڙئي لفظ لفظ آهن؟!
جي پني تي لِکي رهيو آهين؟!
تون چوين ٿو ته وقت جي ايندو
پوءِ ڏسنداسين پوءِ ڏسنداسين
ڀِت تي گهڙيال تون ڏسين ئي نه ٿو
جو ڪڏهو ڪو بِهي رهيو آهي
’ٽِڪِ ٽِڪ‘ بند ٿي چڪي آهي
۽ اُهو وقت جو ڏسڻ ٿو گهُرين
سو ڪڏهوڪو اچي هليو به وِيو
جو جهليو ڪونه ويو، پَليو نه وِيو
ڳالهه آهي ته صرف ايترڙي
وقت پوپٽ ته ڪونه آ جيڪو
بند مُٺ ۾ ڪري سگهي ڪوئي!
مُرڪندي رهج ائين!
زندگي پاڻ چئون ٿا جنهن کي
زندگي آهه اُنهيءَ کان به ڪٺن
جيتري ڀوڳيون، برداشت ڪريون
زندگي آهه انهيءَ کان به ڪٺور
لڙڪ جو آهه بظاهر هڪ لفظ
پينَ سان آهه پني تي جو لکيل
جولڙي ٿو نه سُڪي ٿو ڪڏهين
نه ٽِشوءَ ساڻ اُگهي ٿو سگهجي
ڪو اريزر سان گهُري ميسارڻ
وائٽو ساڻ مِٽائڻ چاهي
يا ته مُرڳو ئي پَني کي ڦاڙي
ڊسٽ بِن منجهه ڇڏي اُڇلائي
اُهو اڻڄاڻ ڀلا ڇا ڄاڻي
ته اُهو لڙڪ الائي ته ڪڏهن
ڪهڙي پاتال مان اُڀريو آهي
ڪهڙي اک مان اُهو ڪريو آهي
ڪهڙي ڳل تان اُهو ڳڙيو آهي
ڪهڙي ڪڪريءَ منجهان برسيو آهي
ڪهڙي سِپ لئه اُهو موتي آهي
جا ڪڏهن ڪانه اُجهامي ٿي سگهي
جندڙيءَ لئه اُها جوتي آهي!
دردِ جو آهه بظاهر هڪ لفظ
پينَ سان آهه پني تي جو لکيل
ڪيترو درد انهيءَ ۾ آهي
ڪير ڄاڻي ٿو سگهي؟ ڪير ڀلا!
(جن ڏنو، تن به نه ڄاتو هوندو!)
درد جي ڄاڻ به هڪ درد آهي
سو اُهو ڪير سهي؟ انت لهي!
دردَ جو، درد جو بي انت آهي
تنهنجي هڪ مُرڪ رڳو هڪڙي مُرڪ
درد لئه آهه دوا ۽ دارون
مُرڪندي رهج اِئين مُرڪ سواءِ
نه ته رنگ آهي نه ئي آهه سُڳنڌ
مُرڪندي رهج ائين مُرڪ سواءِ
شعر آهي ته بنا معنيٰ جي
عشق آهي ته بنا جانان جي
چنڊ آهي به ته چانڊاڻ بنا
سِڄُ آهي ته حرارت کان سواءِ
هِيرَ آهي به ته سرهاڻ سواءِ!
مُرڪندي رهج ائين مُرڪ سواءِ
نه ڪا سنڌو ۾ ڇُلي ٿي ڇولي
مُرڪندي رهج ائين مُرڪ سواءِ
عيد آهي نه ڏياري هولي
مُرڪندي رهج ائين مُرڪ سواءِ
هيءَ حياتي به حياتي ناهي
مُرڪندي رهج ائين مُرڪ سواءِ
زندگي ڪنڌ تي ڪاتي آهي!
مُرڪندي رهج ائين سنڌ سندم
مُرڪندي رهج ائين جند سندم!
سنڌڙي جندڙي
سنڌڙي جندڙي جندڙي سنڌڙي
توسان جيڪا ياري آهي
سچي سوني ساري آهي
ٻِي سڀ دنيا واري آهي.
...رهي ٿو جَڳ ۾!
هر امڪانُ رهي ٿو جڳ ۾
جو انسانُ رهي ٿو جڳ ۾
هڪڙو نرڌن هوندو آهي
ٻيو ڌنوانُ رهي ٿو جڳ ۾
ان لاءِ رهڻ جوڳو آهي
جو جانانُ رهي ٿو جڳ ۾
تضّادن تي بيٺل آهي
گيانُ اَگيانُ رهي ٿو جڳ ۾
هڪڙي تنهنجي ڪاڻ ڪري ئي
من مستان رهي ٿو جڳ ۾
نينهن ڪرڻ ۽ نينهن نڀائڻ
ڪِٿ آسانُ رهي ٿو جڳ ۾
ماڻهوءَ جو ٻوٿاڙو پائي
ڄڻ شيطانُ رهي ٿو جڳ ۾
پيار ڪرڻ لئه هڪڙو جيون
اِي ارمانُ رهي ٿو جڳ ۾
ماڻهو پاڻ ته رهندو ناهي
بس سامانُ رهي ٿو جڳ ۾!
بازار ۾....!
ڪيٽ ۽ ٻيٽ سمونڊ ۽ درياهه
اسم ۽ جسم، ضمير ۽ ويساهه
ذڪر ۽ فڪر ۽ لوئي لولي
عيد، چيٽي ۽ ڏِياري، هولي
مس، قلم، لفظ، ڪتاب ۽ ٻولي
شهر ۽ ڳوٺ، وسيون ۽ واهڻ
رَند ۽ پنڌ، گهٽيون، گهيڙَ ۽ گَسَ
ٺٺ ٺانگر ۽ ادارا، عهدا
اڄ بازار ۾ ڇا ڇا ناهي؟
شرم ناهي، ٻِيو سڀڪجهه آهي!
ته ڪو ڏاتار هجان!
مون ڪڏهن چاهِيو آهي ته ڪو ڏاتارُ هجان
سنڌ جا ڳيت جو ڳائي سو مڱڻهارُ هجان
خونِ دل سان تنهنجي تصوير ڪڍان ۽ پُوڄيان
آءٌ شاعر نه هجان ڪاش چِترڪارُ هجان
نه رِشي ۽ نه مُني ۽ نه ڪو اوتارُ هجان
ٻيو کڻي ڪجهه نه هجان تنهنجو رڳو پيارُ هجان
ميز ئي آهه، ندي ناهه اسان جي وچ ۾
پوءِ به تو لاءِ ائين ڄڻ ته پريون پارُ هجان!
ايشيا کان وٺي يورپ تائين
رات مون چنڊ جي چانڊاڻ ۾ موجون ماڻيون
جسم کي ساز سَڏي، ساز جون تندُون تاڻيون
نور جي نئن ۾ ٻئي تُڙڳياسين
جسم ۽ روح کي واڳي ساڳي!
رات مون چنڊ جي چانڊاڻ ۾ موجون ماڻيون
ريشمي طول وِهاڻي تي مزي سان ليٽي
پارڪر ٻينَ سان هڪ گيت لکي ڦاڙي ڇڏيو
پر اُنهيءَ گيت جا سُر مون کي اڃا ياد آهن
پر اُنهيءَ گيت جا سُرهاڻ جي ڳاتم ته مٿم
جُلَهه ڪندو اهڙو هجوم
ابتدا انتها جنهن جي نه ڪامون کي نه ڪا منهنجي خدا
کي معلوم
ساري ڌرتيءَ جا بُکيا نانگا اُگهاڙا وحشي
مون کان بخشش جي طلب
۽ سڄي شهر جي رستن تي اُگهاڙو ڪري، گهوڙن سان ٻڌي،
گهلي
وڏي چَوڪ تي بيهي، منهنجي
چچريل لاش کي هڻندا پٿر!
هاڻ مون سوچيو آهي ته بُکيو، نانگو، اُگهاڙو ٿي،
اُنهن ۾ ويهي
آڳ پِي گيت اُنهن جا لکندس
۽ سڄي ڀونءِ اُنهيءَ آڳ ۾ وچڙي ويندي
ايشيا کان وٺي يورپ تائين
آمريڪا کان ڪيو باتائين
آفريڪا ۽ لوممبا جي وطن تاءِ اِنهيءَ آڳ ۾ جرڪي
پوندا!
سنڌ اُها ئي ساڳي!
ساڳِيو چنڊُ، سُهائي ساڳي
ساڳيو آءٌ، جدائي ساڳي
جيئن سا سارَ وسارڻ چاهيم
تيئن سا سارَ به آئي ساڳي
لوڪ وَٽُ لُٽَ سندو مال اُهو
پاڻ وٽ قربَ ڪمائي ساڳي
تون نه آهين ته اِئين ٿو ڀاسي
زندگي آهه اجائي ساڳي
اُها شاهي نه رهي شاهن جي
پرگداگر جي گدائي ساڳي
شهر ۾ ساڳِيو مانڌاڻ متل
ڳوٺ ۾ سُڪَ نوائي ساڳي
قحط هوندي به عطا ڪِي ساقيءَ
مُرڪندي سُرڪ سَوائي ساڳي
مغل ارغونَ ۽ ترخان ڪٿي؟
سنڌ ”امداد“ اُهائي ساڳي!
روايت
ڪهاڻيڪار
شاعر آهه يا نقاد آهي
ڇا به آهي
يا نه آهي
لکي ٿو ليک جيڪو
نٿو نالو کڻي منهنجو
اِئين جنءَ
زال کڻندي ناهه
پنهنجي مُڙس جو نالو!
اي سنڌڙي!
اي سنڌڙي!
اي جندڙي!
سڀ شهر تنهنجا قهر ٿيا
ٻارڻ بڻيون ٻهراڙِيون
تنهنجون اکيون رَت ٿيون رُئن
۽ ڳل سندءِ ريڳاڙِيون
سِر تان لٿل پوتي سندءِ
چولو سندءِ چيهاڙيون!
سڀ چوڪ تنهنجا چهڪ ٿيا
سڀئي گهٽيون گهايل هيون
ڪاٿي هوائون جي هيون
ڇڙو اڳ ۽ پاڳل هيون
ٽامو ٿيل ڌرتي هئي
ٿي آڳ اوڳاڇي گگن
هرجيءُ هو جَليو پيو
۽ ڪنهن نيرڳ جيان
هر خواب هو کَليو پيو!
هو جو ڪڏهن اُوچو عَلم
سو ٿيو اڳٺ وِجهڻي قلم
تولاءِ جا رُوندي هئي
آهي ڪٿي ساچشمِ نم؟!
هڪ رات پوري ٿي وئي
ٻي رات ٿي ويئي شروع
سورج ڪڏهن ٿيندو وطلوع
سورج ڪٿان ٿيندو طلوع
اي سنڌڙي!
اي جندڙي!
ڪٿي ائين ته نه آهي!
ڪٿي اِئين ته نه آهي
ڪٿي اِئين ته نه آهي
بهاربند دريءَ مان ڏسي هلي به وَئِي
۽ شمع طاق مٿان پاڻ ۾ جلي به وَئِي
۽ آءٌ شعر چوڻ ۾ ئي محو رهجي وِيَس
پکين به ٻولِيون ٻوليون مگر خبر نه پَئِي!
ڪٿي اِئين ته نه آهي
ڪٿي اِئين ته نه آهي
ته گل کي رنگ مليو، مُکڙِين کي مُرڪ مِلي
پَڌر تي مورُ نچيو ڍار ساڻ ڊيلَ ٽِلي
۽ آءٌ گيت رچڻ ۾ ئي محو رهجي وِيَس
خبر ئي ڪانه پَئِي ڪا ته ڪا ڪلي به کِلي!
ڪٿي اِئين ته نه آهي
ڪٿي اِئين ته نه آهي
ته ٿر مٿان ڪڪر آيا به ۽ وسي به وِيا
ڀِٽن تي مينهن وساڙن جا رنگ پکڙي پيا
۽ آءٌ نظم لکڻ ۾ ئي محو رهجي وِيَسِ
۽ منزلن تي مسافر ڪَهِي رَسي به وِيا!
ڪٿي اِئين ته نه آهي
ڪٿي اِئين ته نه آهي
اي ڪاش!
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين
او شالَ جُواڻي ماڻين
جو پَل تنهنجي مُٺ ۾ آهي
سو پَل سونو آهي!
وقت ته آهي وهندو پاڻي
سدا نه رهڻي آهه جُواڻي
اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين
اوشال جُواڻي ماڻين
جو پَل تنهنجي مُٺ ۾ آهي
سو پَل سونو آهي!
هِي پل جيڪو گذري ويندو
موٽي مور نه ڪڏهين ايندو
اي ڪاش! اِهو تون ڄاڻين
اوشال جُواڻي ماڻين
جو پَل تنهنجي مُٺ ۾ آهي
سو پَل سونو آهي!
جندڙي مُٺ ۾ واري آهي
ساري پَل جي ساري آهي
اي ڪاش! اِهو تون ڄاڻين
اوشال جُواڻي ماڻين
جو پَل تنهنجي مُٺ ۾ آهي
سو پَل سونو آهي!
اُهو منظر
مٿان اڌ چنڊ، منهنجي سامُهوُن تنهنجو سڄو چهرو
نه ٿو وسري نه ٿو وسري اُهو منظر نه ٿو وسري
الائي ڪيتريون شامون ۽ راتيون ڏِينهَن گذري ويا
اُهو جو پَل اَپل توساڻ گذريو سونه ٿو گذري!
تِتي روشني ٿي!
ڪَچي ٿِي پَڪي ٿي بُري ٿِي ڀَلي ٿي!
محبت ۾ جيڪا به ٿِي سا چڱي ٿي!
جِتي پَڳ ڌريو هو، تِتي گُل ٽڙي پيو!
جِتي تو ڏٺو هو، تِتي روشني ٿي!
ٽُٽا ديسَ آهن، ٺهيا ديسَ آهن،
ڀڳي دل به آهي ڪڏهن ڪا سَڄي ٿِي!
گهڻا ڏِينهَن ٿيا جو، نه غم ڪو مِليو هو،
اوهان سان مِلي يارَ ڏاڍي خوشي ٿي!
سُگهڙ جنهن ڳجهارت، ڏني ’جَر پکيءَ‘ جي،
نه تنهن کان سَلي ٿي، نه ڪنهن کان سَلي ٿي
ڏُڪر آهه ڪيڏو نه ”امداد“ سائين،
نه ڪا آهه لب تي نه اک ۾ نَمي ٿي!
مون کان منهنجا شعر سُٺا
مون کان منهنجا شعَر سُٺا،
ها، جَن تنهنجا چَپَ چُميا!
نيڻ رُنا، هي ڪونه ڀِنا
وَڏَ ڦڙا ڪيڏا به وُٺا!
دوست ڦري دشمن ٿي پيا
لوڪ رُٺو هي ڪو نه رُٺا!
کِل کِل کِنوڻين جيئن کِليا
مون تي ڪيڏا مِينهَن اُٺا!
ڪاون تي هِيرَ گهُليا
آءٌ مُٺس، هي ڪونه مُٺا!
اڏيءَ چڙهيس، هي اَڏجي ويا
ڪاتَ ڪُٺس، هِي ڪونه ڪُٺا!
مون کان منهنجا شعرَ سُٺا
ها، جَن تنهنجا چَپَ چُميا!
لِڱن ۾ اڱر ٿا ڌڳن
کَڄي ٿا جُهڪن ۽ جهُڪي ٿا کڄن،
سڳاسيڻ هي نيڻ اي جان من!
لُريءَ ۾ به انگ انگ آهي اگَن،
لڳي ٿو لِڱن ۾ اَڱر ٿا ڌڳن!
ملي آتما سان وئي آتما
مليو ڪونه ليڪن بدن سان بدن!
رُپي سونَ سان ڀل ته رانديون رَمن،
اِجهو ڪي اِجهو ڌوڙ ۾ ٿا ملن!
اِها سِٽَ ئي مِٽَ وانگي لڳي:
”سدائين اُڀي ڳاٽ سنڌي هلن!“
مرڻ لاءِ ڪجهه ڪونه ڪرڻو پوي،
جيڻ لاءِ ڪيڏا جتن ٿا ڪجن!
وڇوڙو اچي ويو ڪندو مِينهَن واچ،
نه وعدو ڪيوسين نه ڪوئي وچن!
ٻُڌو ٿم ته مون لءِ پُڇائي پئي،
ٻڌايوس مان مست آهيان مگن!
نه آهي ٺلهو گوشت جو ڪو دَڳل،
اِها دل ته انمول آهي رتن!
وٺو وڏڦڙو هو رڳو پهر کن،
اٺئي پهر ”امداد“ اکيون ٿيون وسن!
سفر/
Suffer
وڃي پئي تيز گام
پوتيز آهه يا ناهه
سا ته هُن کي خبر نه آهي
مگر سندس ذهن ريل جي ٻن پَٽن جو محتاج ڪونه آهي
اُهو ته پَل ۾ الاءِ ڪاٿي رسي وڃي ٿو
اُتي جتي خيرپور نگر آهه
اُن ۾ هڪ مير واهه آهي
اُنهيءَ ۾ پاڻي الاءِ آهي الاءِ ناهي
اِها ته هُن کي خبر نه آهي
مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي
ته اُن جي ڪَڙ تي
اُها عمارت اڃا به آهي
مگر اُتي ناهه هاڻ تنوير يار پنهنجو
۽ يار تنوير کان سوا خيرپور لڳي اِيئَن جيئَن ڪوئي
گلاب گلدان ۾ سجايل
بغير خوشبو!
بقول تنوير يار ’خوشبو ته آهه آزاد ڪنهن به گلدان
۾ ڪڏهن قيد ڪانه رهندي!‘
ڪوي به ڪنهن ديس لاءِ خوشبو جيان جين ٿا
۽ پنهنجي ساهن جي هِيرَ ۾ ماڪ پاڪ لڙڪن سندي پين
ٿا
۽ مُرڪندا مَرڪندا تڏهن شعر هُو لکن ٿا
اُنهيءَ سمئه هانءُ هن جو هٻڪار جي وڃي ٿو
۽ کن اَکن کيس اِنءَ لڳي ٿو ته سنڌ ساري سُڳنڌ
آهي!
۽ هُن جي من جي سِتارَ جي تارَ سارَ بڻجي ڇِڙي پوي
ٿي
۽ ذهن جي آسمان تي اُن جي شڪل چوڏهينءَ جي چنڊ
وانگي
کڙي پوي ٿي!
اُنهي سُهائي اُنهي سڳنڌت سمئه کيس اِنءَ لڳي ٿو
ته هُن جو سارو وجود
ڄڻ آرسيءَ جيان آهه صاف شفاف ڍنڍنيري
۽ هُوءَ اُن ڍنڍ ۾ گلابي ڪنول جيان ئي ٽِڙي پوي
ٿي!
وڃي پئي تيزگام
۽ ڦهلبو وڃي رات دور تائين
۽ هُو ڏسي ٿو ته هُن جي پيرن ۾ آهِليل هڪ فقير
اُٿي ٿو
وَٽر سَٽر هڪ فقيرياڻي ڳڀو کڻي آئي آهه هُن لءِ
۽ چانهه وارو لنگهي وڃي ٿو
ته بوتلن وارو ٿو اچي
۽ جڏهن وڃي ٿو ته هڪڙي عورت پريان ڪٿان ٿي اچي ۽
هُن سان ٻُنڊڻ گسائي لنگهي وڃي ٿي
۽ هو به سگريٽ ٿو دُکائي (ته ڪير ماچيس ٿو گهري، ۽
وٺي ٿو سگريٽ سو دُکائي)
ٻه چار سُوٽائي مس هڻي ٿو ته ساڳي عورت وَري وَري
ٿي
ٻُندڻ گَسائي لنگهي وڃي ٿي
پريان وڃي برٿ تي چڙهي ٿي
۽ هُن ڏي هڪڙي نهار اُڇلاءِ شال اوڍي سمهي پوي ٿي.
ته جهٽ رکي کونگهرا ٿا جاڳن!
فقير مانيءَ ڳڀو ڳِهي آهِلِي پوي ٿو
فقيرياڻي پنڻ لڳي ٿي
۽ چانهه وارو وري اچي ٿو
جڏهن وڃي ٿو ته بوتلن وارو ٿو اچي.
ٽيشڻون اچن ٿيون.
لڳو پِيو آمسافرن جو لهڻ چڙهڻ ۽ چڙهڻ لهڻ
هي سفر هُئو يا
Suffer
هُئو؟
سا ته هُن کي خبر نه آهي
(اِئين به آهي ته زندگي آهه ٽرين وانگر
وڃي پئي ٽيشڻون ڇڏيندي
ڪٿي بِهي ٿي
نه ٿي بِهي ڪِٿ
جتي بِهي ٿي اُتي مسافر لهن چڙهن ٿا، چڙهن لهن ٿا
۽ زندگي ٽرين جنءَ اَڄاتي سفر/
suffer
تي روان دوان ٿي رهي سدائين!
ٽڪيٽ آهي
ٽڪيٽ ناهي
انهي جي پرواهه ڪانه آهي!
”ٽڪيٽ!“ ٽِيٽي اچي وڃي ٿو
ٽڪيٽ جنهن وٽ نه آهه سو ويل ۾ اچي ٿو
ٽڪيٽ چيڪر جي مُٺ ۾ ڏوڪڙ ڏئي ڪرائي ٿوجان آجي
”سلام!“ مخصوص مُرڪ مُرڪي فقيرياڻي مٿو کنهي ٿي-
-رئو اُرهه تان لهي وڃي ٿو.
ڀِرون وِيو تاڻجي، تڙيءَ مان ٽڪيٽ چيڪر چئيس ٿو
”اوٽڪيٽ!“
مخصوص مُرڪ مُرڪي فقيرياڻي اُرهه ڍڪي ٿي
ٽڪيٽ چيڪر هليو وڃي ٿو
فقيرياڻي به اُن جي ڪڍڪڍ هلي وڃي ٿي
فقير ويندي ڏسيس ٿو پهرين، پوءِ مُونن ۾ مُنهن
وجهي ٿو ڇڏي
۽ هلڪو ڏڪڻ لڳي ٿو
۽ پوءِ پَٽ تي ڪُرونڊڙو ٿي ڊهي پوي ٿو!
وڃي پئي تيز گام
پر تيز آهه يا ناهه
سا ته هُن کي خبر نه آهي
مگر انهي هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي
ته ٽرين جون هي تمام سيٽون
reserve
آهن
reserve
سيٽن ۾ سنڌلءِ ڪابه سيٽ ناهي
تمام پنجاب لاءِ آهن
۽ سنڌ جي لاءِ ليٽرن وٽ رڳو بِهڻ لاءِ جاءِ آهي
۽ هُو اُڀي ڳاٽ آهه بيٺو!
۽ ياد هُن کي ڪرڻ لڳي ٿو
وڃي پئي تيزگام
۽ ذهن پُٺتي ورڻ لڳي ٿو
۽ کن اَکن ۾ الاءِ ڪاٿي رسي وڃي ٿو
اُتي جتي هوءَ آهه جنهن جون اکيون سکيون ٿيون لڳن
۽ ڳالهيون ڳڻن ڀريون.
رنگ انگ ۽
انگ رنگ جنهن جا!
گلن ۾ جيڪا گلاب آهي
رُتن ۾ جيڪا بهار آهي
نشن ۾ جيڪا شراب آهي
تمام بي اعتبارين ۾ اُهائي هڪ اعتبار آهي
تمام تربي قرارين ۾ اُهائي وجھء قرار
آهي
اُها ئي ڪَوِتا
اُهائي پُوڄا
اُها ئي هُن لاءِ پيار آهي!
وڃي پئي تيزگام- سڀڪجهه پٺيان ڇڏيندي
وري به سگريٽ ٿو ڪڍي پر نه ٿو دُکائي، رڳو چپن ۾
رکي ڇڏي ٿو (ائين هجي ڄڻ
ته دانهن ڪائي!)
وڃي پئي تيزگام ٽيشڻ لنگهي وڃي ٿي-
نه ٿي بِهي تيزگام ۽ فاصلا الائي
کُٽن پيا يا وڌن پيا
يا نه ڪو کَٽن ٿا نه ڪو کُٽن ٿا
اِها ته هُن کي خبر نه آهي
مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي
ته هوءَ اکڇنڀ جيترو به هُن کان پري نه آهي
اُها ته شهه رڳ ڪنان به هُن کي قريبُ آهي
نه اپسرا ۽ نه حور آهي
چوڻ ۾ ماڻهو ته آهه ليڪن عجيب آهي!
ٽِڙن جڏهن ٽهڪڙا سندس ٻن ڀريل، لپ اسٽڪ بنا گلابي
رَسيل چپن
تي ته مڌر روپيون ٽَليون وڄن ٿيون
ته روح سان گڏ اکيون به هُن جون رَڄيو رَڄن
ٿيون......
....وڃي پئي تيزگام
وڃي پئي تيزگام........
دل جهونگارڻ تي ٿيندي آ
جڏهن به لال لِيارن جي رُت ايندي آهي
هروڀرو دل جُهونگارڻ تي ٿيندي آهي
اونداهي ڪمري ۾ چاسينگرجنءَ چمڪي
پوءِ اُها ٻِيڙي به وِسامي ويندي آهي
تارن جي آنن، پائولين، آڌيلن سان
رات چنڊ جو رپيو ڄڻ ته مٽيندي آهي
سانوڻ رُت ۾ ساڻ نه هوندي آهين سائڻ
ڏهه ڏهه ڀيرا مُند ميارون ڏيندي آهي
تيز هوا کي شايد ٻيو ڪو ڪم ناهي
مهل
ڪُمهل اچي در کُڙڪائيندي آهي
آءٌ نه ڄاڻان سَگَهه سُگهڙ فطرت جي الاءِ
ڪهڙي رڱ سان پوپٽ پَرَ رڱيندي آهي
جيون اِنءَ پيا گهاريون آڳ پيا لهرايُون
آڳ ته لهندي ناهي چڙهندي ويندي آهي
هوءَ جا مُرڪي در کوليندي هئي مون لئه، سا
ڪُرڪي کنڌي جو ڪاڳر کوليندي آهي |