زنجير کان سواءِ!
مخدوم، شيام، اياز ۽ تنوير کان سواءِ،
اکڙيون رُنيون ته رَتُ رُنيون نِيرَ کان سواءِ!
جنءَ رات ٿي ته هوءَ ندي، هوءَ سُوهڻي،
گَهرَ ورَ ري سَرِي، نه سَرِي سِيرَ کان سواءِ!
ڪو ٽهڪ جي ٻُريو ته ڏئي چهڪ سو وِيو،
چانڊوڪين ڏنو به ته ڇا، چِيرَ کان سواءِ!
سُرهاڻ اُداس اُداس رتوڇاڻ رنگ رنگ
هِن هِيرَ ڇا گُلن کي ڏنو جِهيرَ کان سواءِ
ري ڳَٽَ جا ڳچي هئي، ڪهڙي ڳچي هئي؟
ڪهڙو مُريو بچيل هئو زنجِيرَ کان سواءِ!
ڳل تي ڳوڙها جيئن!
پنکڙين تي اِيئَن،
موتي چمڪيا ماڪ جا-
ڳل تي ڳوڙها جِيئَن!
تون مان آهيون اِيئَن،
سورج ۽ سورج مُکي
هوندا آهن جيئن!
گُهلندي گهلندي هِيرَ،
ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي وئي-
درن درين جي سِيرَ!
هِي قاتلَ!
ٻُڍن جا ۽ ٻارن جا مايُنِ جا قاتِلَ
ڀٽائي جي بيتن ۽ وايُنِ جا قاتلَ
ڪميڻا ۽ ڪُوڙا سچايُنِ جا قاتلَ
بُراين جا راکا، ڀلايُن جا قاتلَ
هِي ٻانهين ۽ ٻايُن ۽ دايُن جا قاتلَ
هِي ڌرتيَ جي ڄاوَن ۽ ڄايُن جا قاتلَ
دليلن جا قاتلَ، مثالن جا قاتلَ
ثبوتن جا قاتل، حوالن جا قاتلَ
انڌيرن جا ايجنٽ، اُجالن جا قاتلَ
۽ سِج کان به روشن خيالن جا قاتلَ
رِشين ۽ مُنين ۽ رسولن جا قاتلَ
هِي قدرن جا قاتلَ، اصولن جا قاتلَ
سُرن جا هي قاتل، هي سازن جا قاتلَ
ادائن ۽ غمزن ۽ نازن جا قاتلَ
۽ معصوم روحن جي رازن جا قاتلَ
هِي نُورِيَن جي نِئڙت نيازن جا قاتلَ
هِي گهوٽن جا قاتل هي موڙن جا قاتلَ
هِي سيڄن، هي جوڙن سجوڙن جا قاتلَ
اڙي گهوڙا گهوڙا هِي گهوڙن جا قاتلَ
هِي معصوم ٿڃ پياڪ اصغر جا قاتلَ
هِي جوڌي جوان سال اڪبر جا قاتلَ
پري کان ئي پڌرا ڊسمبر جا قاتلَ
لِکي سَچُ جو تنهن قلم جا هي قاتلَ
جو اُوچو هجي تنهنجي عَلم جا هي قاتلَ
کڄن جي به سِرتن سِرن جا هي قاتل
نه لڄ لِيهَه جن کي سي نِرڄا هي قاتلَ
بُلها شاهه، رحمان بابا جا قاتلَ
سُهاڻي سڀاڻي جي آشا جا قاتلَ
هِي مندر، هِي مسجد، هِي گرجا جا قاتلَ
هِي منڇر جا ۽ شينهن دريا جا قاتلَ
هِي اکرن جا لفظن جا معنا جا قاتلَ
ڪلا جا هُنر جا ۽ رچنا جا قاتلَ
هِي بادل جا، بوندن جا، برکا جا قاتلَ
هِي مجنون جا قاتل هِي ليلا جا قاتلَ
هِي يوسف جا ڀائر، زليخا جا قاتلَ
هِي مُوجد صليبن جا، عيسيٰ جا قاتلَ
عبادت جا ويري ۽ پُوڄا جا قاتلَ
هزارن جي لشڪر سان تنها جا قاتلَ
رُليا روهه رانوڻ هِي سيتا جا قاتلَ
هِي سرمد جا قاتلَ، هي دارا جا قاتلَ
هِي شومبي جا پونيَر، لُممبا جا قاتلَ
نماڻين نياڻين سياڻين جا قاتلَ
سهاڳڻ جي نَٿ، نَٿ جي ڏاڻين جا قاتلَ
۽ بيبيَ جيان راڄ راڻين جا قاتلَ!
ڪچهرين جا ۽ رَس رهاڻين جا قاتلَ
هي آيت ۽ اشلوڪ، ٻاڻين جا قاتلَ
هِي قربن جي قصّن ڪهاڻين جا قاتلَ
ڌريان ئي ڌڻين ۽ ڌياڻين جا قاتلَ
ڪريون تن سان پاڻي جي پاڻين جا قاتلَ!
هِي ڌرمن، رليجننر، دينن جا قاتلَ
هِي منصف ۽ عادل امينن جا قاتلَ
اڇي سِڙهه وارن سفينن جا قاتلَ
هِي تاتيل ۽ شفاف سينن جا قاتلَ
هِي ڪاشين ۽ مَڪن مدينن جا قاتل!
خوشين جا ۽ سَت رنگ خوابن جا قاتلَ
حيائن جا قاتل، حجابن جا قاتلَ
صحيفن، رسالن، ڪتابن جا قاتلَ
نيئن نينهن وارن نصابن جا قاتلَ!
گناهن جا گهورا، ثوابن جا قاتلَ
هِي موتين ۽ مُگرن گلابن جا قاتلَ
عوامي حسابن ڪتابن جا قاتل
هي مائُن جا قاتل، هِي بابَن جا قاتل!
ڪماندن ۽ تورين، اَناجن جا قاتلَ
هِي ريتين ۽ رسمن رواجن جا قاتلَ
سنواريل سڌاريل سماجن جا قاتلَ
هِي قولن ۽ قسمن ۽ وعدن جا قاتلَ
هِي اِزمن ۽ عزمن ارادن جا قاتلَ
ڪَڙيل قرب وارن ڪلامن جا قاتلَ
ڏٽيل پِرت وارن پيامن جا قاتلَ
سچي سِڪَ وارن سلامن جا قاتل
نِيائن سان هلندڙ نظامن جا قاتلَ
۽ زوريءَ بڻايل غلامن جا قاتلَ
اُمنگن ۽ آسن اُميدن جا قاتلَ
ڏياريءَ، ڪرسمس ۽ عيدن جا قاتلَ
هِي بي ڏوهه، بي جرم اسيرن جا قاتلَ
اَمن آشتيَ جي سفيرن جا قاتلَ
اُمامن، ولين ۽ فقيرن جا قاتلَ
هِي اُجرن ۽ زندهه ضميرن جا قاتلَ
هِي جهونجهار، وينجهار وِيرَن جا قاتلَ
هِي اَڻمُلُ اَڻلَڀُ هِيرَن جا قاتلَ
هِي سوڍن سُچيتن هَميرَن جا قاتلَ
ڪبيرن جا قاتلَ، صغيرن جا قاتلَ
نماڻن جي نيڻن جي نِيرَن جا قاتلَ
هِي دهلن ڌمامن ۽ واڄن جا قاتلَ
ڏڻن جا ۽ ڪاڄن سُڪاڄن جا قاتلَ
هِي هڪڙي نه، ٻِن جا نه، راڄن جا قاتلَ
هِي عيّار، مڪّار، چالاڪ قاتلَ
هِي زهري، هِي قهري، هي سفاڪ قاتلَ
عزادار ماتم گذارن جا قاتلَ
هزارن جي اکڙين جي تارن جا قاتلَ
لکن خاندانن جي پيارن جا قاتلَ
سُريلن، سَٻاجهن اُچارن جا قاتلَ
ڳڻڻ کان مٿي جِي جيارن جا قاتلَ
هِي سرويچ، سورهيه سچارن جا قاتلَ
هِي موجن جي مستين، ڪنارن جا قاتل
ڪَمين، ڪاسبين ۽ ڪنڀارن جا قاتلَ
هِي واڍن ۽ رازن، لُهارن جا قاتلَ
هِي پِيلن ۽ ڳورن ۽ ڪارن جا قاتِلَ
نه ٻن جا، نه ٽِن جا، هزارن جا قاتلَ
جُهڙالين جيان چنڊ تارن جا قاتلَ!
هِي ٻيٽن ۽ ريٽن ۽ ڪيٽن جا قاتلَ
بُکن کان ٿيل پاهه پيٽن جا قاتلَ
ڪَتين جا هِي قاتل، هي چيٽن جا قاتلَ
لڄن جا هي قاتل، هي ننگن جا قاتلَ
اُميدن ۽ آسن اُمنگن جا قاتلَ
هِي خوشبو جا خوني ۽ رنگن جا قاتلَ
هوائن ۾ آزاد سنگن جا قاتلَ
هِي جهانگين جا قاتل هِي جهنگن جا قاتلَ
ٿرن جا هِي قاتلَ ، بَرن جا هِي قاتلَ
هِي هارين جا قاتل، هَرن جا هِي قاتلَ
هِي گهر ڀاتين جا گهرن جا هِي قاتلَ
اڱڻ جا درين جا درن جا هِي قاتلَ
لکيل اڻ لکيل ڪاڳرن جا هِي قاتلَ
هِي کوڙن جا قاتل، کرن جا هِي قاتلَ
هِي ڏونرن ۽ ڏونرن جي ڏارن جا قاتلَ
هِي پيرُن پُسين ۽ لِيارن جا قاتلَ
هِي سنڌو جي سرمست ڌارن جا قاتلَ
ڌڻن ۽ ڌڻين ۽ ڌنارن جا قاتلَ
مِهارن جا قاتل، ڳنوارن جا قاتلَ
هِي هر دَور جي اعتبارن جا قاتلَ
هِي هر نسل جي اختيارن جا قاتلَ
لکي لال لوين ۽ لولين جا قاتلَ
مُٺين مائرن جي ته جهولين جا قاتلَ
ڪرسمس ۽ عيدن ۽ هُولين جا قاتلَ
هِي ٻاٻاڻي ٻاجهاري ٻولين جا قاتلَ
هِي قاتل چڱن جي پڳن جا هِي قاتلَ
هِي قاتل ربابي رڳن جا هِي قاتلَ
۽ چهري کي چُمندڙ چڳن جا هِي قاتل
هِي ويسن جا قاتل، وَڳن جا هِي قاتل
۽ ماڳن ڏي ويندڙ دَڳن جا هِي قاتلَ
هِي ڍورن جا قاتلَ، ڍَڳن جا هِي قاتلَ
نسن جيئن نازڪ سَڳن جا هِي قاتلَ
سڏن جا هِي قاتل، پڙاڏن جا قاتلَ
هِي ڳاهن ۽ ڳيچن ۽ لاڏن جا قاتلَ
بلاول ۽ صبغت ۽ حيدر جا قاتلَ
هي ننگر جا قاتل، هي ڀوُنگر جا قاتلَ
هِي ڏکڻ جا قاتل، هِي اُتر جا قاتلَ
هِي اولهه جا قاتلَ، هِي اوڀر جا قاتلَ
هِي دولا ڀٽيءَ جي ڪبوتر جا قاتلَ
دريا خان جا روپلي جا هِي قاتلَ
هِي هوشوءَ ۽ هيمونءَ ۽ دودي جا قاتلَ
ڀُٽي، مرتضيٰ مير جوڌي جا قاتلَ
ڀڳت سنگهه جا ۽ ڪنور جا هِي قاتلَ
سدا صاف سُرهين هوائُن جا قاتلَ
هِي سچ ڏي سڏيندڙ صدائن جا قاتلَ
هِي رنگين دلڪش فضائُن جا قاتلَ
الهڙ شوخ المست ادائُن جا قاتلَ
هِي موڙن ۽ مينديءَ ۽ لائُن جا قاتلَ
رڳن ۾ لهوءَ جي روانيءَ جا قاتلَ
سچي سونَ جهڙي جوانيءَ جا قاتلَ
نئين نينهن واري نشانيءَ جا قاتلَ
بُکئي ٻار جي ڀور مانيءَ جا قاتلَ
عليءَ ۽ عليءَ جي پُٽن جا هِي قاتلَ
اَمڙ فاطمه جي چمن جا هي قاتلَ
هِي قاتل حُسين ۽ حَسن جا هِي قاتلَ
۽ بيبين جي سِر جي رَوَن جا هِي قاتل
سڳوري نبيءَ جي گُلن جا هِي قاتلَ!
ڳجهن کان وِيَل هِي، ڪُتن کان به گَهٽ هِي
ڀَٽونءَ کان به بُڇڙا، مِرونءَ کان به چَٽ هِي
نه چُهڙن، چَمارن، نه ڍيڍن جي مَٽ هِي
وري کولي ويٺا دلاليءَ جو هَٽ هِي.
اِجهو ڪِي اِجهو گونجندا حق جا نعرا
۽ هر دل ۾ جذبن جو جولانُ اُٿندو
۽ ڪک پن ٿي ويندا اهي ڪارَ مُونهان
اِجهوڪِي اِجهو تيز طوفان اُٿندو
اِجها باک
ڦٽندي، اِجها رات کُٽندي
صدين کان سُتل نيٺ انسانُ اُٿندو!
گُهلي رهيو آهيان!
ساڻ توسان هَلِي رهيو آهيان،
هِيرَ وانگي گُهلي رهيو آهيان!
چنڊ چهرو پَسِي رهيو آهيان،
اي جِيين شال جِي رهيو آهيان!
ڏينهُن ۾ ٿو ڏسانس ڏهه ڀيرا،
مان سندس آرسِي رهيو آهيان!
زهر آهي ته پِي رهيو آهيان،
زندگي پو به جِي رهيو آهيان!
مان سندس پانڌ سان ڪلپنا ۾،
اَکِ آلي اُگِهي رهيو آهيان!
جنءَ پري کان ڏسي سگهين مون کي،
لاٽَ وانگي لُڇِي رهيو آهيان!
ڪنهن حوالي سان، تنهنجي نالي سان،
آءٌ مشهور ٿِي رهيو آهيان!
هيلو ڪو وري آ
هيل به ڏاڍا سِيءَ پِياڙي
پوهَه به لاڻا لوهَه ڪِياڙي
هيلو ڪو وري آ
هيلو ڪو وري آ
ڪپاهن ۾ ٺارَ ٺَران ڙي
توريءَ آءٌ جِيان نه مَران ڙي
هيلو ڪو وري آ
هيلو ڪو وري آ
توبن ساڄن جاڙَ جِيان ڙي
ڇو نه انهي کان زهر پِيان ڙي
هيلو ڪو وري آ
هيلو ڪو وري آ
مَتان!
ڇا لِکون؟ ڇانه لکون! سو به سُڻائي ڇڏيو
متان صادر نه ڪريو ڪا به سُڀاڻي فتوا
متان هي هَٿَ ڪرائيءَ کان ڪپائي ڇڏيو
ڇا لکان؟ ڇا نه لکان! سو به سُڻائي ڇڏيو!
ڇا چوان؟ ڇانه! متان چَپَ سبائي ڇڏيو
پنهنجي مطلب جي متان پوءِ ڪڍو ڪا معنا
ڇا لکون؟ ڇا نه لکون! سو به سُڻائي ڇڏيو
متان صادر نه ڪريو ڪا به سُڀاڻي فتوا!
بارش آئي ڙي
شهر ڪراچيَ کي وهنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي،
ٻارڻ ٺارڻ ٺارڻ ٻارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي!
منهنجون پنهنجون هنجون هارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي،
دل تان دُک جي ڌوڙ ڌئارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي!
پَرَ ته وسندي مِينهَن ڀناسين ٻيئي سنڌو ساگر تي،
وسريل ڪائي ياد ڏيارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي!
بادل ڀرجي ڀرجي گرجي برسيا تِر به نه سي ترسيا،
ويدن جا اشلوڪ اُچارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي!
پاڻ به رونشي ڪوڏي ٻارن ساڻ ملي ٿي ٻار ٿئي،
ڪاغذ جي ڏس ٻيڙيءَ تارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي!
’ڪارونجهر تي مورُ ٽهوڪيو، تاڙي تاڙو تاڙ ڪئي‘،
شهر ڪراچيَ ۾ ٿر سارڻ، ڪارڻ بارش آئي ڙي!
تَون!
تون اکين هوندي به انڌو
تو ڏٺو ئي ڪونه نيرو آسمان
چنڊ جو فانوس تو ٻَرندي ڏٺو ئي ڪونه ڪو
۽ ستارن جا ڏياٽِم ٽِم ڪندي تنهنجي اکين ۾ ڪونه
ٽِمڪيا
(تنهنجي نيڻن ۾ نياڻ آهي ڪٿي؟)
چنڊ جو فانوس
تارن جا ڏيا
ڪير ٿو ٻاري
ڪڏهن ڄاتو نه تو
تو ڏٺو سورج نه ڪِي سورج مَکي!
تو ڪڏهن ٽڙندڙ ڪنول ترندي نه ڪينجهر ۾ پَسيو
تو اکين جي آرسي ناهي ڏٺي
حيف تنهنجي زندگي!
تون ڪنن هوندي به ٻوڙو
سنکَ مندر ۾ وڄن ڇا لاءِ ٿا؟
گهنڊَ گرجا ۾ گُڙن ڇالاءِ ٿا؟
ٻانگ مسجد ڏي سَڏي ڇالاءِ ٿي؟
تو ڪڏهن ڄاتو اِهو؟
ري لپ اسٽڪ، رس ڀريل ڳاڙهن چپن جو
تو ٻڌو ناهي ڪڏهن سُرٻاٽ ڪو
تو ڪڏهن اهڙو سُئو سَڏڪو نه ڪو
’جي‘ چئي جنهن کي وراڻين!
ڪُوڪ ڪو ول جي ٻُڌي تو ڪانه-
پَن پَن ۾ رکي پڙلاءُ
مَن مَن کي ڏئي هڪ گهاءُ- جيڪا ٿي وڃي!
سانوڻيءَ جي گاج جي گج گاج جي توکي ڀلا ڪهڙي خبر؟
او بي خبر!
بادلن جي گوڙ ۽ گجگوڙ کي چيري کنوڻ وانگي کنوائي
مور ڪارونجهر مٿان
ڪنءَ ٿو ٽهوڪي
سو اِهو توکي ڀلا ڪهڙو پتو؟
اوبي پِتا!
تون زبان هوندي به گونگو
تو اُچاريو
ڪونه ڪو سنڌڙيءَ جو نان!
خمار ۾ آهيان!
مان اِنهيءَ اعتبارَ ۾ آهيان،
ته اڃا تنهنجي پيارَ ۾ آهيان!
ڪنهن به ڪم ۾ نه ڪارَ ۾ آهيان،
صرف تنهنجي پچارَ ۾ آهيان!
هڪ نشيلي نهارَ ۾ آهيان،
اَڻ پيتي خمارَ ۾ آهيان.
بيقراري وڌي وئي آهي،
هاڻ ڏاڍي قرار ۾ آهيان!
نانءَ تنهنجي سُڃاپجان سنڌڙي،
نه ته ڪهڙي شمارَ ۾ آهيان!
تون ڪڏهو ڪو ملي چُڪي آهين،
مان اڃا انتظار ۾ آهيان!
گهاءَ گُل ٿي پيام ڇاتيءَ تي،
سرءُ هوندي بهارَ ۾ آهيان!
چَيل/ اَڻ چَيل!
توچيو.... (يا نه چيو!)
”عيد کان پوءِ وري ملنداسين!“
مون چيو.... (يانه چيو!)
”عيد توکان سوا ڇا عِيدَ به هُوندي منهنجي؟
مُرڪندا چَپَ پِيا، دل پَئِي رُوندي منهنجي!“
ڇا لِکان؟!
ڇا لِکان؟
ڇانه لِکان!
هر ڀيري:
رات کي رات چوڻ لاءِ پيو من چاهي
پِرهه جي لاتِ لنوڻ لاءِ پِيو من چاهي
۽ اُنهي نظم لِکڻ لاءِ پيو من چاهي
جو هيين منجهه هُريو آهه جنم جنما تر
سَڏُ پڙاڏو ٿي ٻُريو آهه جنم جنماتر!
ڇا لِکان؟
ڇا نه لکان!
جي ديوار:
اُڪرڻي آهه اَوس سِڄَ سمانُ
پر انهيءَ لاءِ کپي ميتَ! اتي ڌيانُ ۽ گيانُ
۽ اُهو سَچُ چوان آءٌ علي الاعلانُ
مارئيءَ سان عمر آزارَ لِکان شڪتي ڏي
آءٌ غدّار کي غدّار لِکان شڪتي ڏي!
حاصل!
منهنجي لاءِ ته هُن وٽ هلڪو مُشڪڻ
ختم ڪڏهو ڪو ٿي به چڪو
هونئن ٻين جي لاءِ ته هُن وٽ
کِل کِل کِل کِل کِل کنوڻ جِي هوندي آهي
هُن سان گهاريل لمحو لمحو
زخم ڪڏهو ڪو ٿي به چڪو
اڻڇٽندڙ زخم اُهو
گهاءُ ٿيڻ لءِ هوريان هوريان وڌندو رهندو
اک ۾ آيل لڙڪ لڙڻ کان اڳ ۾
نظم ڪڏهو ڪو ٿي به چڪو
ڏُکَ به ڄاڱري ٻير آهن
چاڱري ٻير جا ڪنڊا سوئي
لُڙڪن کي مون لڙڪ لڙيءَ ۾ پوئي
پني تي آندو
پوءِ پني کي ڦاڙي
کنڀ کُٿل پنڇيءَ جيئن هوا ۾ اُڇلي ڇڏيو!
|