چوڏهين رات جو
ساگر!
عاشقي
رَتُ
هوا ۽ خوشبو
شاعري
وقت
ندي ۽ جهَرڻا
سڀ روان
لڙڪ
نِکٽ ۽ سسئي
بي تحرڪ رڳو پٿر آهي
زندگي پاڻ چئون ٿا جنهن کي
چوڏهين رات جو ساگر آهي!
لوحَ تي لڪير
مِيرَ پِيرَ ڪونه آهيون
شاهه جا فقيرَ آهيون
تاج تخت ٺڪرايون
ايترا اميرَ آهيون
تون نه ٿو سگهين ڊاهي
لوحَ تي لڪير آهيون!
او سنڌياڻي!
تنهنجي هوڏَ ڀري آ لوڏَ لکن جي راڻي او سنڌياڻي
سِنڌو ڪيئن سُڪائي سگهندا؟ جيسين تنهنجي اک ۾
پاڻي،
او راڻي! او سنڌياڻي!
تنهنجو رُوپ سَرُوپ اُهوئي، سِڄُ ڪري جيڪو به
سڀاڻي،
او راڻي! او سنڌياڻي!
پوک پچي وئي، جهارِ اچي وئي، اُٿ، وارو ڪرکڻ
کانڀاڻي،
او راڻي! او سنڌياڻي!
لاڏُل، سونل، ٻاگِهل، مارُل، سون سريکي سُگهڙ
سياڻي،
او راڻي! او سنڌياڻي!
جنني، پورهِت، اوڏڻ، سائڻ، تون آرياڻي، تون
هارياڻي،
او راڻي! او سنڌياڻي!
جيڏي سَر تي سندءِ سِرشٽي، تون ڌرتيءَ جي ڌيءَ
ڌياڻي،
او راڻي! اوسنڌياڻي!
ليکڪ لکندا ”جندو“ تنهنجي سونن اکرن ۾ آکاڻي،
او راڻي! او سنڌياڻي!
ڪاپيءَ ۾ گُل!
منهنجي ڪاپيءَ ۾ ڪوئي گُلَ رکي ويو آهي
ڪير آهي اِها مون کي به خبر ڪانهي ڪا
ٿي سگهي ٿو ته اُها تون ئي هجين!
منهنجي ڪاپيءَ ۾ ڪوئي گُلَ رکي ويو آهي
گُلَ ها لال اڇا ڪِر مِچي نِيلا پِيلا
رنگ ئي رنگ پکيڙي ويو آهي ڪوئي
رنگ ها، انڊلَٺِي رنگ اُهي
رنگ ڪيڏا به حَسين ڇو نه هجن
توکان حَسين ڪونهن ڪو!
هِيءَ اولهه کي جا آلاکَ لڳي سا ته چُني آ تنهنجي
لهر تي لهر لڳي
سانوڻي سِنڌُو ڏسي ياد آئي اَلهڙ مست جواني تنهنجي
اَڄُ هن رنگ رتي شام جو هرڪو منظر
ايترو سُونهَن ڀريو ٻاجهه ڀريو ڇو آهي
هِيءُ مهراڻ جو ميرانجهڙو پاڻي اَمرت
سَت ئي رنگ کڻي
سَتَ ئي سُرَ کڻي
ڊوڙندو ڊوڙندو ڌُوڪيندو وڃي ساگر ڏي!
کن اَکن پَلُ اَپَلُ لاءِ اکيون بند ڪري کوليان ٿو
ته ائين ڀاسي ٿو
مورَ جو کنڀ ٿي وئي آهه سموري ڌَرتي
اورتي آءُ اڃا اور تي جيڏي سَرتي
آ ته سنڌُو سندي ميرانجهڙي پاڻيءَ مان ڀري ٻُڪُ
پِيون
آجِيون آ ته جِيون!
پَل اَپل لاءِ اکيون بند ڪري کوليان
ته نه سو آءٌ نه تون
نه ڪا سِنڌو نه ڪا شام
گُلَ ئي گُلَ هئا رنگ ئي رنگ
نه، اُهي رنگ نه هئا گُلَ نه هئا
پر اُهي لفظ هئا سُرَ- سَريءَ ۾ پوتل
هر ڪا سِٽ سانوڻي سِنڌُو جي هئي ڇوهه ڀري ڪا ڇولي
شعر ڄڻ مئي متي مهراڻ جي موج
سِٽَ سِٽ لهر لهر آهي اسان جي پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ
ڇو نه سانوڻي سِنڌو جي انهي چلولي ڇوليءَ منجهان
ڪو ٻُڪُ ڀري، پِي وٺجي
۽ امر ٿي وڃجَي!
منهنجي ڪاپيءَ ۾ ڪوئي گُلَ رکي ويو آهي
ڪير آهي اِها مون کي به خبر ڪانهي، ها
ٿي سگهي ٿو اُها تون ئي هجين
ڇو ته هڪ تو کان سوا ٻي ته سحر ڪانهي ڪا!
غزل
پاڙي واري گيٽ تي، هارن وڳو هو ڪار جو،
مرڪيو هو مون ڏي ڏسي، چهرو ٻي ڪنهن نار جو.
لوڪ انهيءَ مُنهن موڪَ کي، متان ڪڏهن ڏيکارجو،
دل تي جيڪو ڌَڪَ لڳي، ڦُوڪي ڦُوڪي ٺارجو.
ڪونهي ڪنهن جي پَرس ۾، ٽشو يا رومال ڪو،
ڀل ته وسي پيو وڏ ڦڙو، پِيتل لڙڪ نه هارجو.
جَيري لئه ٻڪري ڪُهڻ، آن تي آهِه محاورو،
هڪڙو ٻوٽو ڇا، اوهين، گلشن سارو ٻارجو.
شبد نه آهي سنڌڙي، ايءَ ته آهي جندڙي،
مرڻ گهڙيءَ تائين اهو، پيا اشلوڪ اچارجو.
جنهن به ڪنڀار گهڙيو اهو، ان جو قدر جڳاءِ ٿو،
هان جي ٿان کي دوستو، لڙڪن سان آگهارجو.
پرهه پسڻ جي آس ۾، ايئن اماس اڪارجو،
هيڪل ميڻ بتيءَ جيان، پاڻ ٻري پيا ٻارجو.
ان کي جڏهن به جنهن گهريو، پيرن هيٺ لتاڙجو،
ماڻهو هو يا هو اهو، پاڇو ڪو ديوار جو.
دل جي سودي ۾ ميان، پوءِ پوي ٽوٽو متان،
پهرين هل ته پڇون هلي، اگهه پار بازار جو.
نوجوانن لاءِ!
اوهان جي نوجوان آهيو،
زمين جا آسمان آهيو!
اڄوڪي جي سڀاڻي جو،
حسين هڪ داستان آهيو!
پري کان جو ڏسي سگهجي،
اُهو روشن نشان آهيو!
عَلم جو عِلم جو آهي،
اُنهي جا پاسبان آهيو!
اسان جيڪي ڏٺا سپنا،
انهن جي ساڀِيان آهيو!
وطن آهي چمن، اُن جي،
بهارِ بي خزان آهيو!
سِڌي جا سِينڌِ سنڌڙيءَ جي،
اُنهي جي ڪهڪشان آهيو!
زمين جا آسمان آهيو،
اوهان جي نوجوان آهيو! |