سيڪشن: شاعري

ڪتاب: زرد مِٽِي

باب:

صفحو:3 

شاعريءَ جو واسطو شعور سان آهي. ان ڪري شاعر جو رتبو اڃا مٿانهون آهي ڇو ته هو (ٺاهيندڙ) Maker آهي، “Creator” (تخليقڪار) آهي.

“He forms of world out of nothing”

شاعر ڪجهه نه هئڻ کي هئڻ ۾ بدلائي ٿو.

“In either case, he can attain perfection only by divine instinct or by a great excellence of nature, or by vast observation and experience of the world, or indeed by all these together.”

(P-265 spingarn)

اسين انهن مٿين مڙني Perfection ۽ divine instinct کي سنڌيءَ ۾ ”ڏات ۽ ڏانءُ“ چئون ٿا ڏات قدرت طرفان وديعت ٿيندي آهي. ۽ ڏانءُ شاعر کي سندس وسيع تجربو ۽ دنيا جي مشاهدي مان حاصل ٿئي ٿو. ان بنياد تي انگريزي شاعريءَ جي فن بابت لکندي پٽنهم (Puttenham) شاعر کي ڪيڏو نه اعليٰ رتبو عطا ڪري ٿو، هو چئي ٿو:

“The poets were the first priests,
prophets and legislators of the world,
the first philosophers, scientists, orators,
historians and musicians. They had been
held in the highest esteem by the greatest
men from the very first, and the nobility,
antiquity, and universality of their art
prove its preeminence and worth.”

(P:265-Ibid.)  

علم وارن جي جهان ۾، جتي شاعر علم جا صاحب هُئا. اُتي شاعر جي عزت، مان ۽ مرتبو ڏسو. اسان وٽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا چند شاعر آهن جيڪي ان رتبي تي رسيا آهن _ شاهه سائينءَ ۽ سچل سرمست جهڙا. ڪو به شاعر گهڻو لکڻ سان وڏو شاعر نٿو ٿئي. ڳالهه Quantity جي ناهي. ڳالهه Quality جي آهي. اهڙي اعليٰ، بلند مرتبه شاعر جنهن جي من ۾ مفتي هجي (مفتي منجهه ويهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿيئن! )شاهه سائين) جيڪو عالم هجي، فلسفي هجي، مورخ هجي، ميوزيشن هجي ۽ ڇا ڇا نه هجي!

امداد حسيني هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي، هن جي من ۾ هڪ موسيقار ۽ هڪ مصور به آهي. هُو هڪ شاعر _ مصور _ موسيقار آهي. هن پنهنجون ڪافيون ۽ گيت سدائين جهونگاري چيا. هُو رنگن ۽ لڪيرن ۾ شاعري ڪندو آهي_ ته ڪڏهن لفظن ۾ رنگ ڀريندو، اسٽروڪس هڻندو ۽ مصوري ڪندو آهي. هن آمريڪا جي ميري لينڊ (Maryland) ۾ Potomac نديءَ جي ڪناري تي هڪ نظم لکيو هو:

”ڪنهن جنم ۾ متان

آئون پڪاسو ته نه هوس!؟

شاعري شيڊز ۽ رنگن ۽ لڪيرن ۾ ڪندو هوس تڏهن

هاڻ لفظن جو مصور آهيان!“

اسين نيويارڪ ۾ “MOMA”  (Museum of Modern Art) ۾ پئنٽنگز جو هڪ حسين جهان ڏسي آيا هئاسين-  مصوريءَ جي انهن شهپارن کي ڏسي اسين ڍاپيو نٿي ڍاپياسين-

2018ع ۾ اسين پڪاسيو جي ملڪ بلڪ ”پڪاسو“ جي شهر ”پيرس“ مان ٿي آياسين-  289 سال پراڻو، 15 ايڪڙن تي پکڙيل The Louvre Museum جنهن ۾ 480,000 آرٽ جا شاهڪار محفوظ آهن. جتي پڪاسو جي پينٽنگز ۽ دنيا جي ٻين عظيم مصورن جا اصل شاهڪار رکيل آهن جن ۾ Leonardo da Vinci جي مشهور زمانه پينٽنگ Mona Lisa نماءُ لاءِ رکيل آهي-  ۽ سڀني کان وڌيڪ ماڻهن جو رش ان گئلريءَ ڏانهن ئي هو. ان کان علاوه Venus de Milo, Rapheel Bernini, Picaso ۽ انيڪ ٻين مصورن جا شاهڪار ڏسڻ جو موقعو مليو. ائين پئي لڳوم ڄڻ مصورن رنگن ۾ شاعري ڪئي آهي.. ائين ئي هڪ شاعر ڪڏهن ڪڏهن لفطن ۾ مصوري ڪندو آهي. اهو ئي فن جو معراج آهي.

امداد حسينيءَ جو سٺ جي ڏهاڪي جو هڪ بيحد خوبصورت نظم آهي: ”زرد مٽي“ اهو نظم مون 1970 ۾ امداد حسينيءَ تي لکيل پنهنجي پهرين ليک ۾ “Qoute” ڪيو هو، ۽ اهو خوبصورت مضمون ان دور ۾ تلڪ چاڙهيءَ تي قائم ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ تي حميد آخوند پاران ”امداد حسينيءَ سان ملهايل شام“ جي موقعي تي پڙهيو هوم  ان فنڪشن لاءِ مون کيس هڪ حسين سوکڙي به ڏني هئي  ”اجرڪ جي ٽاءِ“ جيڪا مون پنهنجن هٿن سان ٺاهي هئي. هاڻي ته اُهي ماڻهو ئي نه رهيا آهن جيڪي ان ”سُريلي سانجهه“ ۾ موجود هئا. اهو نظم ”امداد آهه رول“ جي رُلي وڃڻ جي ڪري رلي ويو هو-  ۽ پوءِ ڪنهن به مجموعي ۾ نه اچي سگهيو-  امداد جي خواهش هئي ته اهو نظم جنهن مجموعي ۾ اچي ان جو نالو به ”زرد مٽي“ هجي-  سو آگسٽ 2021 ۾ هن پنهنجو نئون مجموعو ”زرد مٽي“ پنهنجي سهڻن اکرن ۾ لکي تيار ڪيو-   انهن پنجاهه پنجونجاهه سالن جي وچ ۾ وقت ۽ حالتون ايڏيون بدلجي چڪيون هيون پُلن هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو هو، جو اهو نظم اصلوڪي صورت ۾ نه ٿي ڏيئي سگهياسين-  ۽ سائينم ان کي ايڊٽ ڪيو ۽ هاڻ هن مجموعي ۾ ان جو edited version شامل آهي. پر ان جا ڪجهه بند اڃا به ساڳيا آهن:

”اها سنڌ جي سينڌ جي زرد مٽي

ڪڏهن چنڊ آهي

ڪڏهن سِڄُ آهي

انهيءَ زرد مٽيءَ کي آديس جا پهريون-  آخري سچ آهي

اها زرد مٽي اکين منجهه الماس آهي

هڪ اَڻمُل احساس آهي

اِها زرد مِٽي پراچين اتهاس آهي!

انهيءَ زرد مٽيءَ جا سورج مُکي

ڏيهه پرڏيهه مشهور آهن

انهيءَ زرد مٽيءَ جو هر گيت آهي گلابي

انهيءَ زرد مٽيءَ کي ڳائي ته ڏس تون!“

      (زرد مٽي)

هونئن ته امداد حسيني جي سموري شاعري روشنين، خوشبوئن ۽ رنگن سان ٽٻٽار آهي. امداد 1960 کان وٺي اڄ تائين لڳاتار لکي رهيو آهي ۽ هو ”نِت نئون“ آهي. هو ڪڏهن به، ڪٿي به repeatation جو شڪار نه ٿيو آهي. هُو عام ماڻهن سان ملڻ جلڻ پسند ڪري ٿو-  ۽ عام ماڻهن کي نه صرف گهڻي عزت ڏي ٿو، پر انهن کان ٻولي، محاورا، پهاڪا، چوڻيون ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، سکي ٿو. ان ڪري ئي هُو وقت گذرڻ سان پراڻو ۽ out dated نه ٿيو آهي. 35 سال مون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو- امداد حسيني 27 سال سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، ڄامشورو ۾ ۽ ڪجهه سال سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجيءَ ۾ ڪم ڪيو. اسان جي پوري اڌ زندگي جهڙوڪر ڄام شوري ۾ گذري.

آءُ ۽ امداد يونيورسٽيءَ ۾ اڪثر ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ ٻين گهڻن فنڪشن ۾ صدر توڙي مهمان خاص جي حيثيت سان شريڪ ٿيندا هئاسين. هڪ اهڙي ئي ڏينهن ڀانيان ٿي 80 جي ڏهاڪي ۾ امداد حسينيءَ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جي هڪ فنڪشن ۾، انهن نوجوانن لاءِ لکيل پنهنجو هي نظم پڙهيو هو-   جيڪو امداد حسينيءَ پاران سنڌ جي نئين نسل کي ڀيٽا آهي. نظم آهي ”نوجوانن لاءِ“:

”اوهان جي نوجوان آهيو
زمين جا آسمان آهيو
اڄوڪي جي سڀاڻي جو
حسين هڪ داستان آهيو!
پري کان جو ڏسي سگهجي
اهو روشن نشان آهيو
 

عَلُم جو عِلم جو آهي
انهيءَ جا پاسبان آهيو!
اسان جيڪي ڏٺا سپنا
انهيءَ جي ساڀيان آهيو!“
 

امداد حسينيءَ پنهنجي کليل اکين سان جيڪي سپنا ڏٺا، نوجوانن کي انهن سپنن کي ساڀيان ڏيڻي آهي.

جناب محمد ابراهيم جويو سنڌ جو ڏاهو، عالم ۽ اڪابر منهنجي پيءُ جو سنڌ مدرسة الاسلام اسڪول ۾ ورهاڱي کان پهرين استاد رهيو-  ۽ مون سان جڏهن به ملندو هو ته اها ڳالهه وڏي خوشيءَ وچان ڪندو هو. مون سان ۽ امداد حسينيءَ سان پيار ڪندو هو. هُن ڏاهي امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي مجموعي ”ڪرڻي جهڙو پل“ ۾ امداد حسينيءَ کي مڃتا ڏيندي انگلش ۾ هڪ نوٽ لکيو آهي. اتي اصل ۾ چار نوٽ آهن-  رسول بخش پليجي صاحب جو، سراج ميمڻ جو،  غلام رباني آگرو جو ۽ سائين محمد ابراهيم جويو جو، انگلشن ۾ لکيل اهو نوٽ آءٌ چاهيان ٿي اوهين ضرور پڙهو ۽ پنهنجي شاعر جي عظمت جا ڳڻ ڳايو:

Gems of Poetry

“Tikhur on the west bank of Sindhu is known for its great poets and prose writers, Syed Imdad Husaini is the rarest gift, this town has given to Sindh in the post-Pakistan period of its history-Imdad’s contribution in free verse are the gems of his poetry, and his long poems are reflecting the soul of Sindh and the spirit of Sindhi people in their struggle for justice and national rights & his poetry will remain as a model and an ever-shining example, generation after generation, and our poets will follow-him as his contemporaries do. The people of Sindh and the Sindhi Speaking people all around the world read him, sing him & adore him, and keep his couplets in their heart.”

ان ريت محترم رسول بخش پليجو سان پڻ 1970 کان وٺي امداد سائينءَ جي دوستي رهي. هو اڪثر سنڌالاجيءَ ۾ سندس آفيس ۾ کانئس ملڻ ايندو هو. بعد وارن سالن ۾ پنهنجي سالگراهن جي فنڪشن تي پاڻ فون ڪري گهڻي پيار ۽ پاٻوهه مان دعوتون ڏيندو هو. ”هوا جي سامهون“ جي مهورت تي هن امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ عاليشان مضمون لکيو هو. جيڪو تڏهن ”ڪاوش“ ۾ ڇپيو هو: ”ڪرڻي جهڙو پل“ ۾ سندس انگلش ۾ لکيل شاندار نوٽ اوهان سان شيئر ڪريان ٿي:

Sweet Melodies

“Imdad Hussaini’s powerful patriotic poetry has inspired Sindhi nation in its long and arduous struggle for social and spiritual emancipation.

With the passage of time it gain social maturity and deeper insight. Rooted in the Socio-Economic sufferings of struggling humanity inhabiting the global village. Voicing its deep feelings and aspirations, and synthesizing the best elements of the loftiest and noblest social ideas of our epoch. It is free of the outworn similes, the over-worked poetic clich’s, and the hackneyed metaphor. His fresh, spontaneous and captivating couplets and sweet melodies enchanted a generation of lovers of Sindhi culture and poetry.”

آءٌ هڪڙو ڀيرو وري به گذارش ڪنديس ته پڙهڻ جي هير وجهو. پڙهڻ کان سواءِ، علم کان سواءِ اسان جي ڪا نجات ناهي!

شاعريءَ ۾ تجربن کي گهڻي اهميت آهي-  ائين هڪڙي شاعر کي پنهنجي Vision جي خبر پئي ٿي ۽ سندس پڙهندڙ کي شاعر جي versatility جي خبر پئي ٿي. پابند شاعري ۾ گهاڙيٽي ۽ هيئن جا تجربا به گهڻي اهميت رکن ٿا.

امداد حسيني پنهنجي شاعري ۾ انيڪ تجربا ڪيا آهن. جن ۾ سندس بي قافيا دوها ۽ ڇند تي لکيل غزل گهڻي اهميت رکن ٿا. ساڳي وقت امداد حسيني مختلف هيئتن کي هڪ ٻئي سان تخليقي سطح تي جيئن ملائي ٿو-  مثال طور هن دوها-  غزل لکيا آهن-  يعني دوهي جي format ۾ غزل. اهو تجربو هڪ خوبصورت ۽ ڪامياب تجربو آهي. سو، امداد حسيني نظم ته نظم پر غزل جي صنف ۾ به جيڪي ڪمال ڪيا آهن. سي ڳڻڻ وٽان آهن. ان ڏس ۾ تحقيق ڪندرن کي (جن کي شاعريءَ جو شعور به هجي) ريسرچ ڪرڻ کپي، ڇو ته امداد جا غزل محض ”روايتي غزل نه آهن.“ هن جي غزل ۾ ٻوليءَ جي نواڻ آهي، هُن ان جي موضوع (جيڪو محض واردات قلبيءَ هو) ۾ نواڻ آندي آهي، ان جو خيال، فڪر ۽ تخيل، قافيي ۽ رديف جي انوکائي، پيشڪش جو نرالو انداز، سندس غزل کي حسين ۽ منفرد بڻائي ٿو. سندس غزلن جا موضوع بنهه مختلف آهن-  هن نظم جي موضوعن کي غزل ۾ آندو آهي. ان ڏس ۾ سندس ڪيترن ئي غزلن جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. مثال طور: ”گهر جو خير گهرو“ جو پهريون شعر ئي آهي:

”انڌي جي هٿ ۾ لٺ آهي، شيشي جي گهر جو خير گهرو!
ڇتين ڀتين جو پَٽ پڌر جو، درين جو در جو خير گهرو!“

پهرين ڳالهه ته اڄ تائين ان رنگ ۽ انهيءَ موضوع تي غزل عام طرح نه لکيو ويو آهي. اهو ته نظم جو موضوع ۽ انداز آهي، پر ڇو ته اهو بحر وزن ۾ آهي، بلڪه طويل بحر ۾ چيل هڪ ”مردف غزل“ آهي جنهن جا قافيا پڻ منفرد آهن: ”گهر، در، ڦر، هَر، ڪاڳر“، ان هڪڙي شعر ۾ هو ”ڇو“ ۽ ”ڪنهن جو“ خير گهري ٿو؟ هو ڇتين، ڀتين، پَٽ، پڌر، در ۽ درين جو خير گهري ٿو، ڇو ته ”انڌي جي هٿ ۾ لٺ آهي“ ۽ هاڻي اوهين اهو سمجهو ۽ ڄاتو ته ”انڌو“ ۽ ”لٺ“ اهڃاڻ (Symbol) آهن. ۽ هيءُ هڪ اهڃاڻن سان ڀريل غزل آهي. ان جا ٻيا شعر به پهرين يڪا پڙهو:

”ڪانئر جي اک ۾ جَر ڪونهي ڪو، سنڌو جي جَر جو خير گهرو
ٻَنين وَنين جو، ڍور ڍڳن جو، هاريءَ جو هَر جو خير گهرو
 

اُڇ جو، ڇڇ جو، رَڇ جو، مَڇ جو، ٻيڙين جو ٻيڙياتن جو
ٻيٽن جو، ڪيٽن جو، ريٽن جو، سنڌو ساگر جو خير گهرو
 

ڍنڍن ڍورن، جهنگن، جبلن، شهرن، ڳوٺن، کيٽن، پوٺن
ڪوهستان ۽ ڪچي، ڪاڇي جو، ٿر جو، بَر جو خير گهرو
 

بم گولي جو دين ڌرم ڇا، باروٽ ڇڏي ٿو سڀ ساڙي
گُوردواري، گرجا گهر جو، مسجد مندر جو خير گهرو.“

امداد حسينيءَ جي ٻولي تي دسترس ۽ ان جو معنوي ڦهلاءُ ان جي سِٽ سِٽ، لفظ لفظ مان جهلڪي ٿو. مشاهدي، تجربي، علم ۽ ڄاڻ جو خزانو ان هڪڙي غزل مان ئي پڌرو آهي. ان غزل جي ڪئنواس کي شاعر سنڌ جي ذري ذري، چپي چپي تائين ڦهلايو آهي. ۽ ان کي انت ۾ هو عالمگيريت ڏانهن کڻي ٿو وڃي.

حسيني سائينءَ سنڌين جي گهرن، ڇتين، ڀتين، پَٽ، پڌر، درين ۽ در جو خير گهرڻ کان غزل جي شروعات ڪري ٿو. هُو ٻنين، وَنين جو، ڍورن ڍڳن جو، هاريءَ جو، هَر جو خير گهرندو: سنڌو جي جَر جو خير گهري ٿو ۽ اُتان کان اڇ جو، ڇڇ جو، رڇ جو، مڇ جو ٻيڙين جو، ٻيڙياتن جو، ٻيٽن جو ڪيٽن جو ريٽن جو خير گهرندو. سنڌو ساگر جو خير گهري ٿو. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته ڪانئر جي اک ۾ پاڻي ناهي! ان ڪري ئي هو ماءُ مُٺيءَ جو، تازي ڄاول ڦر جو به خير گهري ٿو. ڇو ته هڪ شاعر تاريخ جو گهرو شعور رکي ٿو ان ڪري ئي هو پنهنجي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي آگاهي ڏي ٿو ته تاريخ جي گذري ويل ظالم دورن کان وڌ ظالم دور آيو آهي-   ۽ انڌي جي هٿ ۾ لٺ آهي ان ڪري هو مسجد، مندر توڙي گردواري ۽ گرجا گهر جو به خير گهري ٿو-  ائين هو پنهنجي شاعريءَ جي ڪئنواس کي انسانيت ۽ عالمگيريت تائين ڦهلائي ان کي آفاقيت عطا ڪري ٿو، جيڪو ئي هڪ شاعر جي تصوريت جو معراج آهي. ان غزل ۾ استعمال ڪيل لفظ گهڻي ڀاڱي غزل جي شاعريءَ جا لفظ نه آهن. امداد جو ڪمال اهو آهي ته هڪ بحر وزن، قافيي رديف جي سخت پابندين ۾ گهيريل صنف ۾ ايڏي وشال موضوع کي هُن ڪيڏي نه سرلتا سان سمايو آهي. ۽ هڪ چئلنجنگ (Challenging) غزل تخليق ڪيو اٿس. آءُ سدائين چوندي آهيان ته ”ٻولي سندس گولي آهي.“ ان غزل ۾ سندس ٻوليءَ جي richness ڏسو، ته هو ڪيئن نه ڪيترا بامعنيٰ ۽ هم قافيه لفظ، اندروني قافيي طور آڻي ٿو ۽ سِٽ جي معنيٰ کي سوايو ڪري ٿو-  سندس خيال کي لفظن جو سٽاءُ ڪيئن ملي ٿو:

اڇ جو

ڇڇ جو

رڇ جو

مڇ جو

ٿر ٻاٻهين، هرڻن، مورن جو، ۽ ڪارونجهر جو خير گهرندڙ هي شاعر ماءُ مُٺيءَ جو خير گهرندڙ آهي-  هو جو تازي ڄاول ڦر جو به خير گهري ٿو. لکندڙ، پڙهندڙ، ڇاپيندڙ، ايتري قدر جو ”ڪلڪ“ ۽ ”ڪاڳر“ جو به خير گهري ٿو. هو جو سنڌو جي جَر جو، سنڌو ساگر جو به خير گهري ٿو ته، ساڳي وقت هو ٻيڙي ۽ ٻيڙياتن جو پڻ خير گهري ٿو. يعني ته هو ”سنڌو سڀيتا“ يعني Indus Valley Civilization جي جاگرافيائي، سماجي، معاشي، اقتصادي، ادبي ۽ تاريخي، هر پهلو کان گهري ڄاڻ رکي ٿو ۽ ان کي شاعريءَ ۾ آڻي ٿو. هن غزل جو هر شعر لاجواب آهي ۽ شاهه شعر آهي ۽ سون سان مڙهائڻ جهڙو آهي!

اسين يقيناً ڀاڳوند آهيون جو ههڙو باڪمال، باشعور مها ڪوي اسان جي ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيو، جيڪو اسان کي چيتاوني ڏي ٿو ته:

”ارغونن، ترخانن، مغلن کان، دور ڏکيو هي آيو آ
اولهه اوڀر جو خير گهرو، ڏکڻ اُتر جو خير گهرو!“

امداد حسيني پنهنجا سماجي، قومي، بين الاقوامي توڙي ذاتي ڏک سُور سدائين پنهنجي شاعريءَ جي سٽن ۾ سمايا آهن.

”دل جو به سهي ٿو، ڀوڳي ٿو
سو ته پني تي لکڻو پئي ٿو
ڇتين ڀتين سان وڻن ٽڻن سان
سُور ته آخر سلڻو پئي ٿو
لُڙڪن کي لفظن ۾ آڻڻ
”سانول سائين“ سکڻو پئي ٿو.“

شاعر تڏهن ئي شاعر ٿئي ٿو جڏهن هو “لُڙڪن کي لفطن ۾ آڻڻ” سکي ٿو-  ۽ اها ئي شاعر هئڻ جي “ڪسوٽي” آهي. ان آخري شعر ۾ ”امداد حسيني“ پاڻ کي ”سانول سائين“ لکيو آهي-  جيڪو نالو هُن کي پسند هو ڇو ته آءُ کيس ”سانول سائين“ سڏيندي هئس (گذريل صدي کان وٺي!)-  اهو نالو هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ استعمال ڪيو آهي-  ۽ ڪن ڪالمن ۾ به، جيئن ”سوجهرو“ ۾ سندس ڪالم ”ڏات نه آهي ذات تي“ سانول جي نالي سان ئي ڇپجندو هو-  ۽ سندس نئين دور جي پهرين ڪهاڻي ”سوجهرو“ مارچ 1973 ۾ ”ڳالهيون سلڻ نه جهڙيون“ جي عنوان سان ۽ ”سانول“ جي نالي سان ”سوجهري“ ۾ ئي ڇپي هئي.

ها اهو امداد جنهن جي:

 ”مُک تي مُرڪ، چشم نم آهيس!“

ها اهو امداد جو:

”ٽهڪ هِنءَ جو ٻٽا ٻٽا ڏي ٿو
ڪو نه ڪو، ڪو نه ڪو غم آهيس!
ها اُهو رول، ها اُهو امداد
مُک تي مُرڪ، چشم نم آهيس!“

ها اهو امداد جنهن جون هن ئي مجموعي ۾ ذاتي حوالي سان لکيل صرف ٻه سِٽون آهن:

”زندگي ٻي به طرح ٿِي ٿَي سگهي
جنءَ جيڻ ٿو ٿئي تنءَ جِي ٿي سگهي!“

انهن ٻن سٽن ۾ به هو گهڻو ڪجهه چئي ويو آهي، اهو ڪجهه جنهن کي هُو ڪڏهن به چئي نه سگهيو-  پر هُن اهو سڀ مون سان، صرف مون سان ئي سَليو هو.

يا سندس غزل جو هِي شعر:

”آءُ اهو ڪتاب هوس، جيڪو الاءِ ڪنهن لکيو؟
پر انهيءَ ۾ پهريون ۽ آخري باب ڪو نه هو!“

سندس دُکن سکن جي آءُ ساٿياڻي آهيان-  اسان جي ساٿ جي طويل پنجاهه سالن ۾ يعني اڌ صديءَ ۾ هو مون لاءِ سدائين کليل ڪتاب جيان هو، جنهن جي پهرين پني تي ۽ آخري پني ڄاتي/ اَڄاتي ۾ آءُ ئي هئس-  تڏهن ئي هن لکيو:

”تو سوا سڀ ڪجهه وسارڻ ٿو گهران

زندگي

هي چَند سُوٽن جيتري!

(زندگي)

سندس ان مختصر نظم ”زندگيءَ“ جو هڪ پراڻو ڦاتل پنو مون کي پنن جي سٿن مان مليو هو-  ۽ مون کيس آڻي ڏنو هو. هن پنهنجي ڪيتري ئي شاعري ائين کليل پنن تي لکي گم ڪئي هئي. ۽ آءُ جڏهن به اهڙو ڪو ڦاٽل، مرو ٿيل سرو ٿيل پنو کيس آڻي ڏيندي هئس-   ته خوش ٿيندو هو ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڊائريءَ تي اُتاري ڇڏيندو هو-   اهو پنو جنهن تي 1981/7/22 جي تاريخ به لکيل هئي-  22 جولائي 1981 ۾ سندس ٻن زرد ۽ سرد آڱرين ۾ ”زندگي“، ”اڌ دُکيل سگريٽ“ جيان هئي ۽ اهو اڌ دُکيل سگريٽ 2022/8/27 تي پورو دُکي ويو!

ڇا اِها هُن جي Prophecy هئي؟!

ڇا اهو نظم لکجڻ، ان نظم جو لڀڻ

۽ ان نظم جو ان مجموعي ۾ ڇپجڻ

محض هڪ اتفاق هو!!

يا

It was all divine!!

ڪامو جو هڪ خوبصورت ڪوٽيشن آهي ته:

“They saw without seeing
Heard without listening
Like figure in a dream!”

(Albert Camus)

هِنن بنا ڏسڻ جي ڏٺو

هنن بنا ٻڌڻ جي ٻڌو

ڄڻ ڪا خواب ۾ شبيهه!

سٺ جو ڏهاڪو امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو سهائو دور هو سندس نظم ”شرط“:

”عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا
تون نه هل تنهنجو صبا جهڙو خرام“

کان وٺي

”منهنجي راتين جي اميدن جو سحر آيو نظر!“

تائين کان وٺي 1970 ۾ لکيل سندس نظم:

”پرهه!

تنهنجي پاند ۾

ڪرمچي ڳاڙها اڇا

گُل گيت آهن پريت جا!“

تائين، ۽ ان کان به اڳتي پنجاهه سالن تائين سندس ”عشقيه ۽ جمالياتي شاعريءَ“ جو پنهنجو الڳ ۽ نرالو رنگ آهي-   جيڪو نوجوانن جي من کي موهي ٿو-   ڇو ته ان ۾ انهن جي ڀرپور جذبن جي عڪاسي ملي ٿي. ”عشقيه شاعري“ هر دور جي امر شاعري آهي-  اُها ڪڏهن به پئي پراڻي نٿي ٿئي. عشق هڪ اونهو سمنڊ آهي. شاهه سائينءَ چواڻي:

”عشق نه آهي راند جو کيڏنس ٿا ڳڀرو،
جيءَ جُسي ۽ جان جي ڀڃي جو هيڪاند
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي!“

ابتدا ۽ انتها جي سرحدن کان ماورا آهي عشق، پيار هر منطق کان مٿانهون آهي ۽ بي معنيٰ زندگيءَ کي معني ڏي ٿو. جنهن دل ۾ محبت آهي، ان دل ۾ رب واسو ڪري ٿو. پيار محض هڪ جذبو ناهي، پر زندگيءَ جي ڀرپور سچائي آهي:

”پيار ئي هڪ لفظ آهي پهريون ۽ آخري
هونءَ سڻڻ چاهين ته آهن لفظ بي معنيٰ سوين!“

پيار ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ بي معنيٰ آهي. پيار صرف پيار آهي ان ۾ واسنا ناهي! ۽ واسنا ۾ پيار ناهي! واسنا هڪ بيماري آهي، پيار ته پريرڻا آهي. پيار زندگي آهي. پيار پورنتا آهي. پيار هڪ ماورائي طاقت آهي. هڪ بهادر ئي پيار ڪري سگهي ٿو-  اهو ڪنهن ڪانئر جو ڪم ناهي. جتي عشق جي اُساٽ آهي، معجزا اتي ئي ظهور پذير ٿين ٿا. اهو پيار ئي آهي جيڪو اسان کي eternal بڻائي ٿو. اها ئي پيار جي شڪتي، عشق جي اُساٽ امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو بنيادي محور آهي:

”نينهن هڪڙو ئي ٿئي ٿو، سچ چيئي سو سيڪڙو
پر اهو هڪ نينهن ٿئي ٿو ڪيترن نينهن کانپوءِ!“

پيار، محبت، نينهن عشق هڪ ماورائي قوت آهي، جيڪا انسان کي جيئڻ، مرڻ جو اُتساهه بخشي ٿي:

”تون ڇا آهين؟ مان ڇا آهيان؟
تون ساگر مان دريا آهيان!
ٿورن لفظن منجهه چوان جي
تو بن يَرَ ! بي معنيٰ آهيان!
هونئن ته هڪ ريکا آهيان، پر
تنهنجي هٿ جي ريکا آهيان!“

 (مان ڇا آهيان)

سندس هڪ بيحد خوبصورت آزاد نظم “Suffer” جيڪو هُن ٽرين جي سفر دوران خيرپور ويندي لکيو هو-   ان نظم ۾ ڪؤڙي زندگيءَ جي جيڪا جهلڪ هو پيش ڪري ٿو-  اها پڙهڻ وٽان آهي. هيءَ هڪ حقيقي تجربو آهي، جنهن مان هو گذريو، ته ڇا وقت اسان لاءِ سڀ ڪجهه اڳواٽ ئي طئي ڪري ٿو؟! ڇو ته امداد سائين اهو ٽرين جو سفر نه ڪري ها، ته اهو Suffer هُو ڪيئن ڀوڳي ها ۽ ڪيئن نظم لکجي ها!ان نظم ۾ آءٌ ڪيئن ٿي اچان-   ان ٻڌائڻ جي هونئن ته ضرورت ناهي-  پر تڏهن به ... ائين ئي سمجهو ته اُها آءٌ نه آهيان!

”وڃي پئي تيزاگام

۽ ذهن پٺتي ورڻ لڳي ٿو

۽ کن اکن ۾ الاءِ ڪا ٿي رسي وڃي ٿو

اُتي جتي هوءَ آهه جنهن جون اکيون سکيون ٿيون لڳن ۽ ڳالهيون ڳڻن ڀريون

رنگ انگ ۾

 انگ رنگ جنهن جا!

گلن ۾ جيڪا گلاب آهي
رُتن ۾ جيڪا بهار آهي
نشن ۾ جيڪا شراب آهي

تمام بي اعتبارين ۾ اُها ئي هڪ اعتبار آهي

تمام تر بي قرارين ۾ اُها ئي وجه قرار آهي

اُها ئي ڪوتا
اُها ئي پُوجا

اُها ئي هن لاءِ پيار آهي!

(Suffer)

شاعر ان حقيقي درد مان گذرندي:

”وري به سگريٽ ٿو ڪڍي پر نه ٿو دکائي رڳو چپن ۾ رکي ڇڏي ٿو (ائين هجي ڄڻ ته دانهن ڪائي!“

 پيڙاتمڪ Suffer مان گذرندي، شاعر ان ساڳي نظم جي پڇاڙيءَ کي ڪيڏي نه خوبصورت ۽ دل کي ڇُهندڙ ڪوملتا بخشي ٿو:

”مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي

ته هوءَ اکڇنڀ جيترو به هُن کان پري نه آهي

اُها ته شهه رڳ ڪنان به هن کي قريب آهي

نه اپسرا نه حُور آهي

چوڻ ۾ ماڻهو ته آهه ليڪن عجيب آهي!

ٽِڙن جڏهن ٽهڪڙا سندس ٻن ڀريل لپ اسٽڪ بنا گلابي رسيل چپن

تي ته مڌر رُوپيون ٽليون وڄن ٿيون.

ته روح سان گڏ اکيون به هُن جون رَڄيو رَڄن ٿيون ....“

(Suffer)

اهو ئي نينهن سنيهن آهي.

اِن ئي مجموعي ۾ هڪڙو نظم آهي ”ڪاپي ۾“ جنهن ۾ هُن مون کي اِتي پريم سان ۽ شرڌا سان ياد ڪيو آهي-  اهو نظم ڀانيان ٿي ته ستر جي ڏهاڪي جو آهي-  ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو آهي-  پر هن مجموعي کي هُن پنهنجي هٿ اکرن سان 2021 آگسٽ ۾ سهيڙيو هو. اهو حسين نظم اسان جي امر يادگيرين جو حصو آهي-  اهو پورو نظم ته اوهين پاڻ پڙهو، آءُ ان جون آخري چار سٽون هتي شيئر ڪريان ٿي:

منهنجي ڪاپي ۾ ڪوئي گُل رکي ويو آهي
ڪير آهي اها مون کي به خبر ڪانهي ها
ٿي سگهي ٿو ته اُها تون ئي هجين
ڇو ته هڪ تو کان سواءِ ٻي ته سحر ڪانهي ڪا!
 

ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

ڪراچي، سنڌ

10- مارچ 2022ع

حَـــمــــدُ

منهنجي سِر تان

اُڀُ لهي ته لهي وڃي

پَر يَر!

تنهنجي مهرَ نظر

مون تان شل نه لهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org